Friday, December 16, 2016

سنڌي لوڪ ادب جو ڏهاڙو - ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو


سنڌي لوڪ ادب جو ڏهاڙو

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

اڄ سڄيءَ سنڌ ۾ سنڌي لوڪ ادب جو ڏهاڙو پھريون ڀيرو ملهايو پيو وڃي. اِن سلسلي ۾ مُختلف تقريبون رِٿيون ويون آهن. اِنهن تقريبن ۽ اڄوڪي ڏينھن بابت مُختصر تفصيل هِتي پيش ڪجن ٿا. هِن ڏينھن ملهائڻ جو وڏو سبب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لوڪ ادب ۾ ڪيل خذمتن کي مڃتا ڏيڻ، لوڪ ادب جي لاوارثي ختم ڪرڻ، اهميت اُجاڳر ڪرائڻ ۽ اِن کي ترقي ڏيارڻ وغيرهه آهي.


ڊسمبر مھيني ۾ سنڌي ميڊيا پاران سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ۽ هفتو ملهايو ويندو آهي جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي. سنڌي ثقافت ۾ توڙي جو لوڪ ادب به شامل هُوندو آهي ۽ ثقافتي ڏينھن دوران خاص ڪري مچ ڪچھريون ڪري سُگهڙن کان فن جو مظاهرو پڻ ڪرايو ويندو آهي. تنھن هُوندي به لوڪ ادب جي پارکُن ۽ سُگهڙن سنڌي لوڪ ادب جي ڌار ڏينھن ملهائڻ جي تمام گهڻي ضرورت محسوس ڪئي. اِن سلسلي ۾ ١٦هين ڊسمبر کي سنڌي لوڪ ادب جو ڏينھن مُقرر ڪيو ويو. هِن سال کان ان جي شروعات ڪئي وئي آهي. بُنيادي طور اهو ڏينھن سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي تمام وڏي مُحسن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ڀيٽا ۽ مڃتا ڏيڻ لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. ١٦هين ڊسمبر ٢٠١٦ع تي ڊاڪٽر صاحب جي نوانويھين سالگرهه آهي. اِنهيءَ تاريخ (١٦هين ڊسمبر) کي مانُ بخشڻ لاءِ لوڪ ادب جو ڏينھن هر سال ملهايو ويندو. پھرئين سال مجموعي سنڌي لوڪ ادب ۽ ڊاڪٽر صاحب جي خدمتن کي موضوع بڻائي (Theme) مُقرر ڪيو ويندو.

اِن ڏينھن کي ملهائڻ جو مرڪزي خيال عاجز رحمت الله لاشاريءَ، مُنھنجو، سُگهڙ رحمان ڏني مھيسر، گُل حسن گُل ملڪ ۽ ڪِن ٻين ساٿين جو آهي. ڏينھن ملهائڻ جي تجويز جو پس منظر هِن ريت آهي ته هِن سال نائين اپريل تي سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي ڊاڪٽر نبي بخش خان هال ۾ ”ڊاڪٽر بلوچ گريجوئيٽ سُگهڙ ڪانفرنس“ ڪرائي وئي جنھن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سُگهڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان ئي ڪانفرنس جي پُڄاڻيءَ کان اڳ ۾ مُنھنجي صدارت دوران عاجز رحمت الله لاشاريءَ مُختلف مُطالبا پيش ڪيا جن ۾ هڪ مُطالبو اهو هو ته ”سُگهڙن جي تنظيم سلات پاڻ به ملهائيندي ۽ ٻين ادارن کان به گهُر ڪري ٿي ته هر سال ١٦هين ڊسمبر تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي جنم ڏهاڙي کي لوڪ ادب جي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي.“

ڪانفرنس ۾ موجود سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي تڏهوڪي چيئرمين سرفراز راڄڙ پنھنجيءَ تقرير دوران اِهو مُطالبو مڃيندي اعلان ڪيو هو ته اسان به لوڪ ادب جو ڏينھن ملهائينداسين. ساڳي ئي اعلان کي مانُ ڏيندي اٿارٽيءَ جو هاڻوڪو چيئرمين ڊاڪٽر غفُور ميمڻ به سلات سان سھڪار ڪري پيو ۽ هِن ڏينھن ملهائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي. اسان سندس اِن عمل جي آجيان ڪريون ٿا. سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، سُرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي، سنڌ ۽ ٻيا ادارا پڻ سنڌي لوڪ ادب جو ڏينھن ملهائن پيا.

هِن ڏينھن کي ملهائڻ ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي مڃتا کان سواءِ سنڌي لوڪ ادب جي ترقي، سُگهڙن جي پرگهور لھڻ، لوڪ ادب کي ميڙي سيڙي شايع ڪرائڻ، اخبارُن، رِسالن، ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي وڌيڪ جاءِ ڏيارڻ، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ڪچھريون ڪرائڻ، لوڪ ڏاهپ مان رهنمائي حاصل ڪرڻ، لوڪ ادب تي تحقيق کي هٿي وٺرائڻ، سنڌي لوڪ ادب بابت ڪم ڪندڙ سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۽ تنظيمن کي سرگرم ڪرائڻ ۽ مُلڪي توڙي بين الاقوامي لوڪ ادب جي مُطالعي، مُشاهدي، ڀيٽ ڪرڻ ۽ رابطي لاءِ جاکوڙڻ وغيرهه شامل آهي. اِن ڏَس ۾ سھڪار ڪندڙن جا ٿورائتا

رهنداسين ۽ تجويزن جي دل جي گھراين سان آجيان ڪنداسين. اڄوڪي ڏينھن جي مُناسبت سان ڪُجهه تقريبن جو وچور اوهان آڏو پيش ڪجي ٿو. اُميد ته تقريبن ۾ شرڪت ڪري لوڪ ادب جي مُحققن، پارکن ۽ سُگهڙن کي همٿائيندا. اِن سلسلي جون مُک تقريبون سلات ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران رِٿيون ويون آهن. ڏينھن جي شروعات سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مزار تي گُلن جون چادرون چاڙهي ڪئي ويندي. ان کان پوءِ لوڪ ادب جاڳرتا ريلي به ڪڍي ويندي. سلات پاران صوبائي لوڪ ادب ڪنوينشن جو پروگرام به جوڙيو ويو آهي جنھن ۾ سڄيءَ سنڌ کان سواءِ بلوچستان جا سُگهڙ به شرڪت ڪندا. ان کان پوءِ اٿارٽيءَ جي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال ۾ بلوچ صاحب جي خدمتن ۽ لوڪ ادب ڏهاڙي بابت تقريري نشست چئين وڳي ٿيندي جنھن جي صدارت پروفيسر قلندر شاهه لڪياري ڪندو. اٿارٽيءَ جو چيئرمين ڊاڪٽر غفور ميمڻ آجياڻو ڏيندو. بلوچ صاحب جو پُٽ محمد شريف بلوچ خاص مھمان هُوندو جڏهن ته تاج جويو، اسد جمال پلي ۽ نياز پنھور اعزازي مھمان هُوندا. اِن موقعي تي ٽن ڪتابن جي مھورت به ڪئي ويندي. ٻي ويھڪ رات جو اَٺين وڳي ٿيندي جنھن جي صدارت ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ڪندو جڏهن ته خاص مھمان انعام شيخ هُوندو. اعزازي مھمانن ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ظھير ميراڻي، رئيس علي ڏنو نظاماڻي ۽ سڪندر رند شامل آهن. هِن ويھڪ ۾ سُگهڙ سنڌي لوڪ ادب جُون مُختلف صنفون پيش ڪندا. جھڙوڪ لشڪر جا بيت، پھاڪا، سينگار، ڏَهس، سُرائتا بيت، مناظرو، ٽيھه اکري وغيرهه. ٽين نشست ڳُجهارت ڪچھريءَ تي ٻڌل هُوندي جيڪا رات جو يارهين وڳي ٿيندي. ڳُجهارت ڪچھريءَ جي صدارت سليم ڀُٽو لطيفي ڪندو. خاص مھمانن ۾ عبدالستار ميراڻي، ارشاد علي عرضائي، محمد قاسم ڪلوَڙ، علي گُل رند ۽ بدرالدين ڪيھر شامل آهن. چوٿين نشست رات جو ٻارهين وڳي ڏور بيت ڪچھريءَ جي ٿيندي جنھن جي صدارت رئيس علي ڏنو نظاماڻي ڪندو. خاص مھمان گُل حسن گُل ملڪ هُوندو ۽ اعزازي مھمان مُختيار علي شاهه، الھڏنو هانڀي ۽ پٺاڻ فقير مھر هُوندا.

سُرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ پاران لوڪ ادب ڏهاڙي جي تقريب سُرهاڻ ماڊل ايليمينٽري اسڪول ڳوٺ علي نواز ڄامڙي ۾ ٿيندي جنھن ۾ شاگردن کي لوڪ ادب جي پارکُن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ۽ ٻين بابت ڄاڻ ڏني ويندي.

اسان جو سنڌ حڪومت کان مُطالبو آهي ته لوڪ ادب لاءِ الڳ ادارو قائم ڪيو وڃي ۽ لوڪ ڏاهپ ۽ ادب کي نصاب ۾ هر سطح تي شامل ڪيو وڃي. سڀني پڙهندڙن کي لوڪ ادب جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏجي ٿي ۽ ريڊئي ۽ ٽي وي چينلن کي گُذارش ڪجي ٿي ته لوڪ ادب بابت خاص پروگرام ڪيا وڃن.

No comments:

Post a Comment