Sunday, October 9, 2016

لڙڪ نه لکڻ ڏين - ج ع منگهاڻي

لڙڪ نه لکڻ ڏين ...
ج ع منگهاڻي
سنڌ جي سورن جا طويل داستان اورڻ لاءِ وڏيون همٿون کپن، اهڙي دل کپي، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ شاڪ پروف ته ضرور هجي، جيڪا لاشڪ ته مون وٽ ڪانهي، سو مُٺي به ماٺ ته مٺي به ماٺ.
شڪر آهي ڌڻيءَ جو  جنهن لطيف رح ڏانهن مهاڙ ڏيئي ڇڏي اٿم جنهن ۾ ونڌري_ جيئري آهيان.
سنڌ جي سورن جا ذميدار ڪير آهن؟ ٻڌائڻ جي ضرورت ڪانهي هر ڪو ڄاڻي سمجهي ٿو؛ ”نڪ ۾ گراهه ڪير به نه هڻي.“
(سنڌ پهاڪو)


اها ٻي ڳالهه آهي ته غريب مجبوري ڪري ۽ امير مصلحيتن ڪري ماٺ آهن. سچ به اهو آهي ته عام جي هٿ ۾ ڪجهه ڪونهي ۽ خاص کي پنهنجا ئي مفاد ۽ فڪر آهن.
هن مضمون جي لکڻ جو مطلب اهو ڪونهي ته سنڌ جي بدحالين جا قصا ٻڌائڻ چاهيان ٿي. ”اهڙا گهڻا ئي ڀت ڀتين تان اڇلائي ڇڏيم.“
(ڪوهستاني پهاڪو)
پنهنجن سان سور سلڻ تان ارواح کڄي ويا اٿم، نه ڪو فون، نه ڪو ميسج، نه ڪو نيٽ، نه ڪو فيس بوڪ ... بس، جي روئان ته به لطيف رح جي کلان ته به لطيف رح، اها ئي پناهه گاهه اٿم اهائي عافيت، ان ۾ ئي رڌل آهيان.
باقي اها ڳالهه ضرور ڳالهه آهي ته محبتون ورهائڻ وارن وٽ محبتن جي کوٽ رهندي ناهي.
مان به ماٺ آهيان ته مون کي ساري سنڀاري لهڻ وارا به آهن، اهڙا سيڻ سڌير واقعي به لڀڻا ناهن.
ڀاڳن ڀري آهيان جيڪي مون کي ساريندا آهن يعنى جن جون سيڻ لهن سارون تن تان ڏکندو ڏور ٿئي.(لطيف رح)
اهي ڏاها، اهي عالم، اهي سنڌ جا گهڻ گُهرا، ڊاڪٽر لال بخش نائچ صاحب، در محمد ڀٽي صاحب، تاج بلوچ صاحب ۽ هڪ ٻه ٻيا جيڪي سنڌي روايتن جا پوئلڳ آهن، اهي سارون لهندا آهن.
ڊاڪٽر لال بخش نائچ صاحب کي ته الله سائين سنڌ ۾ جنم ئي ان ڪري ڏياريو آهي ته هو سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهو جو اونو رکي ۽ انهن جون همٿون وڌائي.
ڊاڪٽر نائچ صاحب مون سميت گهڻن انهن ماڻهن کي قيمتي ڪتاب ۽ تاريخي معلومات فراهم ڪئي آهي، جيڪا انهن کي گهربل هئي، اهو وڏ وڙو انسان  انهي ڪم لاءِ سدائين مستعد آهي.
ڊاڪٽر لال بخش صاحب جي دوستيءَ جو دائرو وسيع آهي، هو چاهيندو آهي ته هن خطي جا عالم ۽ ڏاها پاڻ ۾ رابطي ۾ رهن، هو سدائين انهن کي هڪٻئي سان متعارف ڪرائيندو آهي،
ايئن هن منهنجي اجازت سان پنجاب جي ڪن ڏاهن ۽ عالمن کي منهنجو فون نمبر ڏنو، جن مونسان ڳالهايو، جن ۾ خاص طور تي سيالڪوٽ جو ڏاهو اديب احسان باجوه صاحب، ڊاڪٽر الطاف لنگڙيال صاحب ۽ هڪ ٻه ٻيا به آهن. احسان باجوا صاحب پنجابي ادب جو وڏو نالو آهي ۽ پنجابي لوڪ ادب تي سندس وڏو ڪم ڪيل آهي. سندس ڪيئي ضخيم ڪتاب ميدان تي آيا آهن، جن ۾”هير رانجهي“ تي تحقيق ڪيل نئون منظوم داستان ”سچ ٻاني“، پورن ڀڳت راجا رسالو تي ڪيل سندس تحقيقي ڪتاب ”پورن باني“ ۽ پنجابي پهاڪن تي ڪيل سندس وڏو ڪم ”آکن لوڪ سياني“ جنهن جي ضخامت هزارن صفحن تي آهي، جنهن جا پنج جلد ڇپجي منظر تي اچي ويا آهن ۽ ٻين به گهڻن ڪتابن جو مصنف آهي.
ڊاڪٽر الطاف لنگڙيال صاحب بهاءَالدين ذڪريا يونيورسٽي ۾ اسلاميات جو پروفيسر آهي، جنهن ”مادري ٻولين جي ڏينهن“ تي مون کان فون وسيلي پنهنجي يونيورسٽي ڪيمپس ۾ ڪرايل تقريب ۾ ليڪچر ڪرايو هو، جيڪو مون سنڌيءَ ۽ اردو ۾ ڏنو هو. جنهن جو پنجابي ۾ ترجمو ڪيو هو.
احسان باجوا صاحب سنڌ جي حالتن بابت سنجيده ۽ دلچسپي رکندو آهي ۽ موٽ ۾ مون کان تلخ ٻڌندو آهي ۽ جواب ۾ اهو صابر انسان ”هون، هان“ ۾ منهنجي حمايت ڪندو آهي. هو ڪڏهن به سنڌ ۾ آيو ناهي. البته سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ گهڻا سال اڳ هڪ ٻن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هو. جتي کيس ڪو به سنڌي نظر نه آيو هو.
مون سان ڪيل بحثن کان پوءِ کيس سنڌ ڏسڻ جو شوق جاڳيو ۽ ڊاڪٽر لال بخش نائچ صاحب سان واسطن ۽ رابطن جي ڪري هو سنڌ لاءِ سنبريو، سنڌ پهتو. اڃا ٻه  ڏينهن رهيو ته کيس پويان سڏ ٿيو ۽ هو موٽي پنجاب ويو .سنڌ ۾ گهاريل ٻه ڏينهن هن مون سان شيئر ڪيا، انهن ٻن ڏينهن سندس ڪپاٽ ته کولي ڇڏيا هئا پر منهنجا به ڪپاٽ کولي ڇڏيائين، هو بي حد افسرده ۽ سخت ڏکارو هو.
چيائين، توهان سان ڳالهائڻ کان پوءِ سنڌ ڏسڻ جو پروگرام بڻايم، هڪ دوست سان گڏ ڪار ۾ سنڌ ڏسڻ ۽ گهمڻ نڪتاسين، ڏاڍي سڪ، ڏاڍي اُڪير هيم. سنڌ جي سرحد تي پهتاسون ته بورڊ لڳل هو: ”سنڌ صوبو“
اوٻاوڙي ۾ سنڌ پوليس وارن روڪيو، گاڏيءَ جا ڪاغذ ۽ شناختي ڪارڊ گهريائون. جيڪي اسان کين ڏنا ته پڇيائيون؛ ”گاڏي جي انشورنس ٿيل آهي؟ اسان دوستن هڪ ٻئي ڏانهن حيراني مان ڏٺو، ۽ کين جواب ڏنو ”نه!“ ته چيائيون، پندرنهن سئو رپيا ڏنڊ ڏيو! پڇيوسين ڇا جو ڏنڊ؟ چيائيون گاڏي انشورنس نه ڪرائڻ جو. هڻي ڳني هزار تي راضي ٿيا ۽ اسان جي جند ڇٽي. کلي چوڻ لڳو، اوهان سنڌي زور آهيو. اسان جو پوليس وارو سوَ تي به راضي ٿيو وڃي.
سنڌ جا روڊ ڏسي، سندس تاڪ لڳي ويا. ڏهرڪي جو اسڪول جنهن کي شايد هاڻي ڪاليج جو درجو ڏنو ويو آهي، اتي پهچڻ واري روڊ لاءِ چيائين، جتان شاگرد اسڪول ايندا آهن انهن کان ته پنجاب جي مال مويشي جون واٽون سٺيون آهن. اسڪول جي هيڊ ماستر جنهن جو نالو شايد پنهل خان ٻڌايو هئائين، ان جي تعريف ڪندي چيائين ته سندس گهر کان سندس لائبريري شاهوڪار هئي، جنهن مان سندس عملي شوق جو پتو پئجي رهيو هو. پوءِ هو سکر، خيرپور ميرس ۽ موهن جو دڙو ڏسڻ ويو ۽ خاص متاثر نه ٿيو.
لاڙڪاڻي لاءِ چيائين، ٻڌو هيوسين ته پئرس آهي پر هن کان ته پنجاب جا ننڍا قصبا سٺا آهن.
سندس ڳالهيون ٻڌي ٻڌي نيٺ ڇلڪي پيس، ”هاڻي ته خبر پئي ته پنجاب، سنڌ سان ڪيڏا ڪلور ڪيا آهن!
هو ڏک ۾ ٻڏي ويو. ”ٿيا هوندا، ضرور ٿيا هوندا.... پر سنڌ حڪومت، سنڌي وزير، سنڌي ميمبر، سنڌي آفيسر ڪٿي آهن؟ سنڌ جو اربين کربين جو بجيٽ ڪٿي ٿو خرچ ٿئي، مون انهن ٻن ڏينهن ۾ جيڪا سنڌ ڏٺي، تنهن مون کي حيران ڪري ڇڏيو ته ڪا قوم ايڏي به بي حس ٿيندي آهي؟ هر زميندار ماڻهو پنهنجي ذات لاءِ ميڙي رهيو آهي مون اتي وڏيون جاگيرون ۽ وڏا محلن جهڙا گهر به ڏٺا ۽ حيران ٿي ويس ته اهي پنهنجن محلن ۾ پنهنجي لگزري گاڏين ۾ ڪيئن پهچندا جتي ڪو روڊ ئي ناهي!
انهن ٻن ڏينهن ۾ ٿيل سندس مشاهدو حيرت جهڙو هو، تعليمي ادارن بابت پڻ هو ڏکارو هو ڄڻ هو سنڌي ماڻهن کان مايوس هيو، چيائين سنڌي ماڻهن کان پنهنجا حق گهرڻ به وسري ويا آهن نه ته جيڪر ضرور پنهنجي حڪومت کان گهرن.
جڏهن ته هو ڊاڪٽر لال بخش نائچ صاحب جا ڳڻ ۽ وڙ ڳائي رهيو هو ۽ ٻين انهن ماڻهن جون به تعريفون ڪري رهيو هيو جيڪي ساڻس مليا هئا، کيس ڀٽ شاهه به وڃڻو هو ۽ گهڻو ڪجهه ڏسڻو هو، پر کيس جلدي واپس وڃڻو پيو، ڇو جو کيس ڊاڪٽر الطاف لنگڙيال صاحب خانيوال ۾ ٿيندڙ مشاعري لاءِ سڏائي ورتو هو. احسان باجوه صاحب ڳالهائي رهيو هيو ۽ منهنجو هانءُ ڀر ڀري مٽيءَ جيان ڀري رهيو هو پوءِ ڄڻ ته منهنجو ضبط جواب ڏئي ويو هو. اٻهرائيءَ مان ٻول ٻري ويا، ”احسان بھائی مجھی ذرا کام ہے پھر بات کرینگے!
هن سيبتي انسان واراڻيو ”جی ضرور جی کام کروجم جم کام کرو“ ڄڻ هو واندو هجي ۽ مان دنيا ۾ اڪيلي مصروف هجان.
ڏک وارو ٻاتاڙجڻ وري به مون لئه کورو بڻجي ويو.
سسئي ۽ سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾......


No comments:

Post a Comment