Saturday, April 9, 2016

ڪھاوتون - علامه نياز فتحپوري/ انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڪھاوتون
علامه نياز فتحپوري
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
دنيا منجھ، ڪا به اھڙي ٻولي ناھي، جنھن ۾ ڪھاوتون يا چوڻيون نه ھجن ۽ ان ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ، اھي استعمال نه ڪندا ھجن. جڏھن ته نه رڳو ڳاڻيٽي جي حساب سان بلڪ نوعيت جي لحاظ کان به ايترو ته ججھي انداز ۾ ملن ٿيون جو انساني زندگيءَ جو ڪو اھڙو پاسو نه ٿو رھي جنھن تي حاوي نه ھجن. عورتن جون چوڻيون، ٻارن لاءِ پھاڪا، ڪمين ڪاسبين بابت ضرب الامثال. اھڙيءَ طرح امير ۽ فقير، جاھل ۽ عالم، شاھ ۽ گدا، ڏاھو ۽ بيوقوف، مڙني طبقن جون ڪھاوتون اسان کي ادب ۾ ملن ٿيون. حيرت ان ڳالھ تي وٺيو ٿي وڃي ته ايڏو وڏو ذخيرو ڪيئن وسريل رھيو آھي. ھاڻي اسان ان کي، ادب جي ڪھڙي صنف ۾ جاءِ ڏيون.


ڪھاوت، ڍيڪ، ٺٺول، محاورو ۽ ورجيس وغيرھ، سموري جا سمورا، ھڪ ئي خاندان جو وکر آھن، جن جو تعلق تاريخ يا علم ۽ ڏاھپ سان ته يقينًا ناھي. ليڪن اگر اسان ٻوليءَ ۽ محاورن، لطيف ادب يا صنايع ۽ بدايع جي سري ھيٺ انھن جو تذڪرو ڪيون ته غالبًا بي جاءِ نه ٿيندو.
ڪھاوتون، شعر ته يقينًا ناھن. ليڪن شعر وارو لطف ۽ مٺاس منجھن ضرور ملي ٿو. اھي خود تاريخي داستان يا ڪھاڻيون ناھن ليڪن انھن منجھان گھڻن جو ماخذ تاريخ جي ڦٽل ٽٽل واقعن ۽ عوام جا قصا ڪھاڻيون ضرور آھن، جن کي لوڪ ادب (Folklore) چئجي ٿو.
ڪھاوتون ڪنھن ادب جي آڳاٽي دور جو وکر نه ٿو ٿي سگھي، بلڪ انھن جو تعلق انھيءَ دور سان آھي جڏھن تمدن سان گڏ ٻولي به وسعت اختيار ڪرڻ لڳندي آھي. جڏھن خيالن جي اظھار ۾ رنگيني ۽ نفسياتي دلڪشي پيدا ٿيندي آھي ۽ جڏھن اسان جي اندر منجھ، دلفريب ۽ وڻندڙ منطقي شعور نشو و نما پائي وٺندو آھي.
ائين ته ادب ۽ ادبي ھر صنف، زندگيءَ سان تعلق رکي ٿي. ليڪن ڪھاوتن ۾ زندگيءَ کي سمجھڻ جا جيڪي پڪا پختا اشارا ملن ٿا، تن ۾ ھڪ اھڙي ادب آموز ڪيفيت به ملي ٿي جيڪا کيس تنقيدي ادب ڏانھن وٺي وڃي ٿي. ادب جي ترقي، گھڻو ڪري، زندگيءَ جي تجربن تي منحصر آھي. اگر اھي تجربا نالا آھن فقط اسان جي حماقتن جا ته پوءِ ڪھاوتون به پڪ سان نالا آھن انھن حماقتن تي طنزيه تنقيد جا، جن کان قدرتي طور اسان کي متاثر ٿيڻ گھرجي. ڪھاوتن جو اگر تجزيو يا ڇيد ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته انھن جو تعلق محض اُپڙڻ يا ذھني تخليق سان ناھي بلڪ انھن جو پس منظر اھڙين حقيقتن تي مشتمل آھي جن جي حيثيت اقليدس جي اصول موضوعه(axillary)  کان گھٽ ناھي. ۽ جيڪي پاڻ ئي پنھنجي صداقت جون ضامن آھن.
نمونا/ نوعيتون
ڪھاوتن جا گھڻي ئي نمونا/ قسم آھن. منجھانئن ڪي ته اھي آھن جيڪي ڪنھن خاص وقت يا واقعي جي پيداوار آھن. ليڪن ھاڻي انھن جي اھا تاريخي حيثيت ختم ٿي، فقط نصيحت آموز واري مقرر ٿي وئي آھي.
۱
جان ہے، جہان ہے
جيءُ آ ته جھان آ.
۲
آپ سے گيا جھان سے گيا
جان کان ويو، جھان کان ويو. ۲. مئي پڄاڻان، مري وئي دنيا.
۳
آتما ميں پڑے تو پرماتما کی سوجھے
پيٽ ۾ ناھي روٽي، نيت آھي کوٽي.
ان نوعيت جا نصيحت آموز ٻول/ مقولا، اخلاقي يا مذھبي ادب ۾ شامل ڪري سگھجن ٿا. ڇو جو اھي اصل ۾ اخلاقي يا مذھبي ادب مان ئي ورتا ويا ھوندا. جيئن بائيبل جا حضرت سليمان عليہ السلام جا پھاڪا يا ايسپ جون آکاڻيون، ساڳئي نوع جي اخلاقي ادب سان تعلق رکن ٿيون. ائين اسان وٽ به ڪن قومن جي سرواڻن جا قول بلڪل ساڳيو رنگ رکن ٿا. مثال طور؛ گرو نانڪ جو اھو قول، جنھن ۾ سوال ڪرڻ جي مذمت ڪيل آھي، ڏاڍو مشھور آھي.
- آپ سے ملے سو دودھ برابر، مانگے ملے سو پانی. (گرو نانک)
- پاڻئون ملي سو کير برابر، پنيي ملي سو نير برابر. (ترجمو)
يا وقت تي ڪم نه ڪرڻ ۽ پوءِ ويھي افسوس ڪرڻ. اھڙيءَ حماقت کي ڪبير، ھيئن ظاھر ڪيو آھي؛
- آگے کے دن پيچھے گئے، کہو نہ ہر سے ميت.
اب پچھتاوے کا ھووت، جب چڑياں چگ گئيں کھيت. (ڪبير)
- ويا ڏينھن مور نه موٽن، قسمت تي نه ھڻ يار!
پوءِ پڇتائڻ مان ڪين وري، جڏھن ٻار چُڳي وئي جھار. (ترجمو) 
ايسپ جي آکاڻين وانگر، اسان وٽ به لوڪ ڪھاڻين جو وڏو ذخيرو موجود آھي، جن منجھان گھڻي ئي چوڻيون ۽ پھاڪا جڙي پيا آھن. مثال طور؛
۱
آنکھوں  کی سوئیاں نکالنا رہ گئی ہیں.
اکين منجھان سُيون ڪڍڻ رھجي ويون آھن.
۲
پنچ کہیں بلّی تو بلّی ہی سہی  
پئنچ چوندا ٻلي ته پوءِ ٻيا به چوندا؛ ٻلي.
۳
دال میں  کالا
دال ۾ ڪارو ڪارو؛ يا مرچ، يا مک.
۴
تھالی کا بینگن
ٿالھيءَ جو واڱڻ/ چٽيو واڱڻ.
۵
کرگھا چھوڑے تماشا جائے ناحق چوٹ جولاھا کھائے.
چرخو ڇڏي تماشو ڏسڻ لاءِ ڀڳو، اجايو ڪوريءَ کي ڌڪ لڳو.
۶
آڻا دال الو بھی ھے.
اٽو، دال ۽ اُلو به آھي.
۷
شيخ کيا جانے صابن کا بھائو
ساڌن جو ڇا سواد سان؟
مٿي ڄاڻايل سموريون ڪھاوتون، لوڪ ڪھاڻين سان تعلق رکن ٿيون. جن جو تفصيل، ھتي ڏيڻ جو موقعو يا مناسبت ناھي.
ٻين ڪھاوتن جو قسم اھو آھي جن جو تعلق گھڻو تڻو انھن محاورن /اصطلاحن يا تجربن سان آھي، جن ھلي آخر ھڪ استعاري جي صورت اختيار ڪئي آھي. جيئن؛
۱
پرانی لکير کا فقير.
لڪير جو فقير.
۲
پتھر ميں جوک نھيں لگتی  
پٿر ۾ ڪوڪو ٺوڪي نه سگھبو.
۳
پھول وھی جو مہيسر چڑھيں
گل اھي جي مند تي ٽڙن.
۴
اکيلي لکڑی بھی نھيں جلتی
اڪيلي ڪاٺي دود ڪري.
۵
اپنا پيٹ تو کتا بھی پالتا ھے
پيٽ ته ڪتا به پيا پالين.
۶
چيل کے گھونسلے ميں ماس کہاں
ماريءَ جي گھر، ھڏن جو ڍير.
۷
خربوزه کو ديکھ کر خربوزه رنگ پکڑتا ھے.
گدرو، گدري کي ڏسي رنگ پڪڙيندو آھي.
اھي ۽ انھن جھڙا سوين ٻول اھڙا آھن، جيڪي ڪھاوتون بڻجي چڪا آھن. ... ليڪن منجھانئن ته ڪيترا اھڙا به آھن جيڪي فقط خيال جي گھرائيءَ سان تعلق رکن ٿا ۽ ڪيترا ته صرف روزمره يا محاوره/ اصطلاح يا ورجيسون آھن.... ان قسم جون ڪجھ چوڻيون اھي آھن، جيڪي گھڻيون تڻيون عورتن ۽ سندن دنيا سان تعلق رکن ٿيون. رسمن ۽ رواجن جي نيڪي يا برائي بيان ڪرڻ لاءِ جوڙيل آھن.
۱
آنکھ ميں آنسو ايک نهيں، کليجه ٹوک ٹوک  
ٻوڪٽ گھڻا، اک ۾ ڳوڙھو نه لھ.
۲
آنکھ پھوٹي، بلا سے پيڑ گئی  
سدا ڏکندڙ اک، ڪڍائي چڱي. ۲. ڪني آڱر، وڍي ڀلي.
۳
آنکھ نه ناک، بنو چاند سی
نه اک، نه نڪ؛ ڪنوار چنڊ جھڙي.
۴
آئو پڑوسن لڑيں
پاڙيرا، ڌوترا، ڌڳريا. ۲. جتي پاڙا، اتي ڍيڍ واڙا. ۳. اچو پاڙيواريون ته ڪيون جھيڙي جي پچار.
۵
اپنی پهير، پرائی باتيں
پنھنجي سر تي آئي ته مصيبت، ٻئي جي سر تي آئي ته ڳالھ.
۶
اٹھائو ميرا مکنا، ميں گھر سنبھالون اپنا.
جڏھن نئين نويل ڪنوار، ساھرين ايندي آھي ۽ اچڻ سان پاڻمرادو گھر جي ڪمن ۾ لڳي ويندي آھي ته کيس رسم و رواج جي لحاظ کان بيشرم سمجھيو ويندو آھي ۽ ٽوڪ طور چئبو اٿس؛ ”سنڀاليو وڃي پنھنجا پيڪا، مان ٿي سنڀاليان پنھنجو گھر.“
ٽيون قسم ڪھاوتن جو اھو آھي جن جي لفظن مان اھو ته پتو پوي ٿو ته سندن پٺيءَ پاڳئون ڪو نه ڪو واقعو ضرور آھي، ليڪن ان جي ڄاڻ اسان کي ناھي. مثال طور ھڪڙو پھاڪو آھي. ناچ نہ جانے، آنگن ٹيڑھا. (نچڻ نه اچي، آکي؛ ڀونءِ سوڙھي.) يقينًا آڳاٽي دور جي ڪنھن ناچوءَ تي نڪته چيني ٿيل آھي، جنھن پنھنجو عيب لڪائڻ لاءِ اھو جواب ڏنو ھوندو ته؛ ”ڇا ڪريان؟ ڇيڄ ته ڀلا وجھان پر توھان نچڻ لاءِ ٽِڪري ئي نه ڇڏي آھي.“ انھيءَ وقت کان پوءِ فضول ۽ بيجا عذر تي ھيءَ ڪھاوت استعمال ڪئي ويندي آھي. ان قسم جو ھڪڙو مثال ٻيو به آھي. اندھا گائے، بہرا بجائے. (انڌو ڳائي، ٻوڙو وڄائي). اھو ته پڌرو آھي ته ٻئي، پنھنجي پنھنجي بيسرائپ پيا ڏيکاريندا.
ٽيڏي کيرڻي: اوھان ٽيڏي کيرڻي وارو ٽوٽڪو ته ٻڌو ھوندو. ڪنھن انڌي کان پڇيائون؛ ”کيرڻي کائيندين؟“ انڌي پڇيو؛ ”کيرڻي ڪيئن ٿيندي آھي؟“ جواب مليس؛ ”ٻگھ وانگر اڇي.“ تنھن تي پڇيائين؛ ” ٻگھ ڪيئن ھوندو آھي.“ جواب ڏيندڙ، ٻگھ جي ڊگھي ڳچيءَ وانگر، پنھنجي ھٿ کي ڪارائيءَ ۽ ٺونٺ سميت ٽيڏو ڪري، سندس آڏو جھليو. انڌي ھٿوراڙيون ڏئي ھٿ کي ڏٺس ۽ رڙ ڪري چيائينس؛ ”اڙي اھا ته وڏي ٽيڏي کيرڻي آھي.“
ان طرح جون ڪيتريون ئي ڪھاوتون آھن جن جو بنياد يا ته لوڪ ڪھاڻين تي قائم آھي يا ڪنھن نه ڪنھن خاص واقعي تي آھي، جنھن جي ڄاڻ اسان کي حاصل ناھي. منجھانئن چند ھيٺ ڏجن ٿيون.
۱
چور کی داڑھی میں  تنکا  
چور جي ڏاڙھيءَ ۾ ڪک.
۲
دیکھئے اونٹ کس کرو ٹ بیٹھتا ہے
ڏسئون ته اٺ ڪھڙيءَ ڪڙيءَ ٿو ويھي.
۳
طویلے کی بلا، بندر کے سر.
طنبيلي جي سزا، باندر کي.
۴
ہم بھی ہیں پانچوں سواروں ميں
مان به پنجن سوارن منجھان آھيان.
۵
وہی مرغے کی ایک ٹانگ 
اھي ئي سيھڙ ٽنگون ٽي، چوٿون پڇ.
۶
کچھ بسنت کی بھی خبر ہے؟  
اک پٽ، انب ڏس.
۷
یہ منہ اور مسور کی دال 
ھيءُ وات ۽ مسور جي دال. (ھن ڪھاوت متعلق مولانا اشرف علي ٿانوي مرحوم ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته اھو پھاڪو در اصل ھيئن آھي؛ ”یہ منہ اور منصور کی دار“ يعني ھيءُ چھرو ۽ منصور جو تخته دار.
ڪھاوتن جو ھڪ قسم ٻيو به آھي جن کي اسان تلميحي/ ورجيسي چئي سگھون ٿا. يعني انھن جو تعلق ڪنھن نه ڪنھن تاريخي روايت سان آھي. مثال طور؛ ۱. گھر جو ڀيدي، لنڪا ڊاھي. ان ڪھاوت ۾ اشارو ان روايت ڏانھن آھي ته جڏھن رامچندر جيءَ، راوڻ تي چڙھائي ڪئي ته راوڻ جي ڀاءُ، ڪي ڳجھيون ڳالھيون رامچندر سان وڃي ڳرھيون. جنھن جي ڪري حملي ۾ جلد ئي ڪامياب ٿيو. ۲. ھڪڙي ٻي ڪھاوت آھي؛ ”ھٿ ۾ سٽ جي ڍيري، ڪري ٿي يوسف جي خريداري.“ انھيءَ ۾ ان ڪراڙيءَ ڏانھن اشارو آھي، جيڪا مصر جي بازار ۾ سٽ جي ڍيري کنيو، يوسف سودڻ پئي وئي. ۳. اھڙي اڃا ٻي به ڪھاوت مشھور آھي؛ ”ڪاٿي راجا ڀوڄ، ڪاٿي گنگو تيلي.“ ھن ڪھاوت ۾ ان روايت ڏانھن اشارو آھي ته مالوه ۽ گجرات جي راجا ڀوڄ، پنھنجي ڌيءُ، گنگو تيليءَ جي پٽ سان پرڻائي ڏني ھئي، سا صرف ان لاءِ جو ھڪ دفعي ان ديپڪ راڳ ڳائي محل جو ڏيئو روشن ڪيو ھيو. ۴. ھڪڙي ڪھاوت ته اڃا به وڌيڪ مشھور آھي؛ ”انڌير نگري، چرٻٽ راجا؛ ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.“ ان جي متعلق جيڪا روايت بيان ڪئي ٿي وڃي، سا ھڪ لوڪ ڪھاڻي آھي. ان جي تاريخي حيثيت ڪانھي.
دلي دور: ان سلسلي ۾ ”دھلي دور آ“ واري ڪھاوت، خاص طور تي چئي ويندي آھي. ٻڌايو ويندو آھي ته؛ ھڪ دفعي جھانگير، لاھور کان پنھنجي پياري زال نورجھان ڏي قاصد موڪليو. قاصد جي دعوى ھئي ته ھو ڏينھڪ دھليءَ پڄي ويندو. شام ڌاري جڏھن ھو، نِسَتي حالت ۾، دھليءَ ويجھو پھتو ته ھڪڙيءَ ڪراڙيءَ کان پڇيائين؛ ”آيا دھلي دور آ؟“ ھن چيس؛ ”نوج دلي دور است.“ قاصد نوج کي ھنوز سمجھيو ۽ مايوس ٿي ڪري دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. جھانگير کي خبر پئي ته ڏاڍو افسوس ڪيائين ۽ سندس قبر مٿان ھڪڙي عمارت اڏرائي ڇڏيائين. جنھن کي پيڪ جو مقبرو سڏين ٿا. دھليءَ کان پنجن ڪوھن جي فاصلي تي اڄ به موجود آھي. ان جو سن تعمير ۱۱۳۲ھ آھي، جيڪو جھانگير جو زمانو آھي.
اڳي، ڪھاوتن جو استعمال، تمام گھڻو ۽ عام ھيو. شاعر به پنھنجي ڪلام ۾ زور پيدا ڪرڻ لاءِ، ان جو استعمال ڪندا ھيا. اسان ھتي ڪي شعر نقل ڪيون ٿا، جن منجھان ڪھاوت جي اھميت ۽ مقبوليت جو اندازو چڱيءَ طرح ٿي سگھي ٿو.
داغ جو شعر آھي؛
پڑا ھوں سنگ راہ دوست بن کر کو ئے دشمن ميں
سنا ہے آدمی کچھ ٹھوکريں کھا کر سنبھلتا ھے.
مير فرمائي ٿو؛
اس ستانے سے تو دے صاف جواب
آنکھ پھوٹي بلا سے پير گئی
بيخود جو شعر آھي
يہ مثل وہ ہے، بدی آنکھ کی بھول کے آگے
تجھ سے کرتی ہيں شکايت تری اے يار آنکھيں

ساڳئي مفھوم واري ڪھاوت آھي، جنھن کي آغا ھجو ھيئن منظوم ڪيو آھي.
تير جاناں جو لگا دل ميں نہ کرنا شکوه
آگے آنکھوں کے نہيں کرتے بدی پالکوں کی.
آنکھوں کے آگے ناک، سوجھے کيا خاک“ جھڙي چوڻي مشھور آھي. ان کي وري ناسخ ھيئن نظم بند ڪيو آھي.
ہے عياں جلوه خدا کا ان بتان ہند ميں
سوجھے کيا زاھد تجھے آنکھوں کے آگے ناک
” آنکھوں  کی سوئیاں نکالنا رہ گئی ہیں“ ھيءَ ڪھاوت لوڪ ڪٿا سان تعلق رکي ٿي. داغ ان جو استعمال ھيئن ڪيو آھي.
جو بيٹھيں آنکھيں تو پلکيں بھی کوئی پل کی ہيں
رہی ہيں بس يہی آنکھون کی سوئياں باقی.
”دال ميں کالا ھے“. انھيءَ ڪھاوت کي جان صاحب پنھنجي مخصوص رنگ ۾ ھن نموني استعمال ڪيو آھي.
بال ہيں بکھرے، بند ہين ٹوٹے، ٹيڑھا کان کا بالا ہے،
تاڑ ليا بس ہم نے بھی، کچھ دال ميں کالا ہے.
ذوق جو ھڪ شعر به ملاحظي خاطر عرض رکجي ٿو.
دکھانے کو نہيں ہم مضطرب حالت ہی ايسی ہے،
مثل ہے؛ روتے ہو کيون؟ کہا؛ صورت ہی ايسی ہے.
اھڙيءَ طرح مير به پنھنجي ھڪ شعر ۾ پوري ڪھاوت نظم بند ڪري ڇڏي آھي. چوي ٿو؛
گردش دنوں کی کم نه ھوئی کچھ کڑے ہو ئے
روزے رکھے غريب نے تو دن بڑے ہو ئے.
حاصل مطلب ته آڳاٽن استادن جو ڪلام، ڪھاوتن ۽ محاورن سان ڀريو پيو آھي. ليڪن ھاڻي، ايڏانھن ڄاڻي واڻي توجہ نه ٿو ڏنو وڃي. جنھن جو نتيجو ھيءُ نڪتو آھي جو ھاڻي شاعري فقط خيال جي رھجي وئي آھي. ٻوليءَ جي ڄاڻ سان، ان جو ڪو تعلق ئي ناھي. يعني انھيءَ ۾ ائين ته وزن، قافيو ۽ سنجيدگي، فلسفو ۽ سياست، زور زندگي برائي زندگي، سڀ ڪجھ آھي ليڪن ٻولي ناھي. اھا ڳالھ جڏھن جديد رنگ جي شاعرن سان ڪجي ٿي ته چون ٿا؛ ”زبان درازي ٿا ڪيو.“


(ماھنامه نگار، جلد نمبر ۶۶، شمارو نمبر اول جولاءِ ۱۹۵۴ع تان ٿورن سان کنيل)

2 comments:

  1. wah wah sindhi language is rich in terms of its usage of words there are several meaning of single word there is need of exploring words and its meaning which are not used commonly in sindhi now days you are trying best for promoting sindhi langusge cogtratulation

    ReplyDelete
  2. Thanks for real admiration of the elaboration endeavored by the blogger.

    ReplyDelete