Saturday, July 11, 2015

لاجواب تمثيل - منظور ڪوھيار

لاجواب تمثيل
منظور ڪوھيار
منهجو دوست عيد محمد الحديدي ۽ مان موڪل واري ڏينهن تي ملير (ڪراچي) جي پهاڙين تي چڪر چاڙي ڏيندي، ڪنهن نه ڪنهن تمثيل يا چوڻيءَکي بنياد بڻائي پيا احوال ڪٽيندا آهيون. هو تمثيل جي حوالي سان مولانا روم جي گس تي هلندڙ ۽ مان گوتم ٻڌ جي واٽ تي. پوءِ ڪڏهن هو حاجي ته مان قاضي، ڪڏهن مان حاجي ته هو قاضي.


گذريل آچرتي اسان پهاڙين تي هلندي هلندي هيٺ لهي وياسين. ائين ڪٿي کڏن، ته ڪٿي کوٻن کي پار ڪرڻو پيو. ڪٿي ديوين، ته ڪٿي ڪنڊين مان گذرڻو پيو. ٻئي ڳالهين جا ڳهير. ڳالهيون جلد ٿين، پر پنڌ پنهنجي ٽور سان نبري. جڏهن سج کي لهندي ٻڏندي ڏٺوسين، ته موٽڻ جي ڪئي ۽ وڪڙ کان بچڻ جو سوچيوسين.
شارٽ ڪٽ رستو اختيار ڪندي، اُڀ ڪپري پهاڙيءَ تي چڙهڻ لڳاسين، ته اوچتو پهاڙيءَ جي هڪ ڏر مان ڀؤنڪڻ جو آواز آيو. اڃا اڳتي وڌياسين، ته هڪ ڀوري ناسي رنگ جو ڪتو نڪري نروار ٿيو ۽ ڏاڙهڻ لڳو. اتي عيد محمد الحديدي، مون کي چيو، ته؛ ”سائين! موٽو ته ساڳئي رستي تان واپس هلون!“
مون تمثيلي انداز ۾ کيس جواب ڏنو؛ ”ڪتي کان ڪهڙو ڊڄڻ؟.. ٻڌو نه ٿي ته ڪتو ڀؤنڪندو رهي ۽ فقير رمندا رهن.
عيد محمد الحديدي وراڻيو؛ ”اهو ته صحيح آهي، پر سنڌيءَ ۾اها به چوڻي مشهور آهي، ته گدڙ به پنهجي ڏر ۾ شينهن هوندو آهي. پر هي ڪتو، ته خطرناڪ واگھ واري ڏِک پيو ڏي. توهان روميءَ جي ان تمثيل کان ته واقف هوندءُ؟“
هن روميءَ جي ڏنل هڪ تمثيل طرف اشارو ڪندي چيو. جنهن ۾ رومي چيو هيو:
بر درِ خود سگ بوَد ، شيرِ مهيب. فارسي
پنهنجي درَ تي ڪتو به خوفناڪ شينهن هوندو آهي. سنڌي
ڳالھ دل سان لڳي، مون مڃيندي چيو؛ ”تنهنجي تمثيل، ڀلي!..حال في الحال مون وٽ ان جي موٽ ڪونهي“.
اسان ٻئي ڄڻا هيٺ لٿاسي، انهن ئي گسن تان واپس ٿيڻ لڳاسين، جتان آيا هياسين. چوندا آهن ته ميلي جي موٽ بڇڙي هوندي آهي. ٿڪاوٽ ۽ بيزاري جا آثار ٻنهي جي چهرن ۽ ڳالهائڻ مان نمايان هيا. اوچتو عيد محمد حديدي سوال ڪيو؛ ”سائين ڪتي واري تمثيل جي تناظر ۾ ڪا ٻوڌي ڪٿائن مان ٿي وڃي؟“
مان سمجھي ويس، ته اڄ هو مون کي پنهنجي ٻڌايل تمثيل آڏو بنھ لاجواب ڪرڻ چاهي ٿو. مون کان الائي ڪيئن از خود نڪري ويو؛ ”حديدي صاحب، ٻوڌي ڪٿائن مان ڪهڙي تمثيل ٻڌايانءِ. بس ائين سمجھه، ته اسان اهي شينهن آهيون، جيڪي پنهنجي ڏر ۾ به ان ڪري ڪنبندا آهيون، ته متان گدڙ نه کائي وڃن.“
عيد محمد الحديدي کان بي ساخته نڪري ويو؛ ”واه، واه!... لاجواب تمثيل آ“
خبر ناهي ته منهنجي تمثيل ۾ دم هيو يا هن دل رکڻ لاءِ چيو.


No comments:

Post a Comment