Saturday, November 22, 2014

هٿ جي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب - مٺل جسڪاڻي

هٿ جي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب

مٺل جسڪاڻي



پردو کڄي ٿو.

هڪ طرف ڀت تي بورڊ لڳل آهي، جنهن تي اڌڙوٽ عمر جو شخص لکي پيو؛ ’هٿ جي وڍئي جو ويڄ نه طبيب‘.

بورڊ جي سامهون ڪرسين تي مختلف عمر جا ڪي ڏاڙهي مڇ ڪوڙيل، ڪن کي صرف شهپر، ڪن جي ڏاڙهي مڇ رکيل، ڪنهن کي ٽوپي، ڪو مٿي اگهاڙو، ڪنهن جي مٿي تي پوتڙو ويڙهيل آهي. ڪي صاف سٿرا، ڪي ميرا گدلا، مرد ويٺل آهن. بالغن جي تعليم وارو ماحول آهي، شاگرد هڪ ٻئي کي ٺونٺ هڻي يا ٻيا اشارا ڪري، بورڊ تي لکيل اکرن بابت پڇن ٿا.


استاد واندو ٿي چئي ٿو؛ ”اڄ پاڻ بورڊ تي لکيل چوڻي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اوهان مان سڀ واري واري سان مثال ڏئي، هن جي تشريح ڪري، وضاحت سان هن جو مطلب سمجهائين“.

ويٺل شاگردن مان عمر ۾ سڀني کان ننڍو، ڌوتل پوتل ڪپڙن وارو، پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ بنا، شرارتي انداز ۾ چئي ٿو: ”هائو سائين، ’هٿ جي وڍئي جو ويڄ نه طبيب‘. هڪ ڏينهن دوست جي موبائيل تان فون ڪيومانس، هاڻي ان جي ٿي وئي آهي. نه ٻئي جو موبائيل استعمال ڪريان ها، نه ٻئي جي ٿئي ها“.

ڪلاس مان مختلف ماڻهو مختلف تاثر ڏيندي ڪو کلي ٿو، ڪو ڪاوڙجي ٿو. استاد شايد ان شاگرد جي گذريل ڪارڪردگي کان گهڻو واقف آهي، ان ڪري منهن خراب ڪندي وراڻي ٿو ”تو کي ڪيترا دفعا چيو اٿم ته ڪلاس ٻارن جو هجي يا وڏن جو، اخلاق جي دائري ۾ رهڻ گهرجي“...  ان کان پوءِ سڀني شاگردن سان مخاطب ٿي چوي ٿو ”ڪير ڪهڙو به جواب ڏي، اوهان جو ردعمل سانت ۾ هجڻ گهرجي“...  کن پل ماٺ رهي، وري پڇي ٿو ”ٻيو ڪير سمجهائيندو“.

مٿي تي پوتڙو ويڙهيل هڪ اڌڙوٽ اٿي بيهي ٿو ۽ لوڻا هڻندي ڳالهه ڪري ٿو ”گذريل هفتي جي ڳالهه آهي. رات جو پاڻي جو وارو هو. پاڻي کولي، ٻني تي ليٽيس، ته ننڊ وٺي وئي. صبح جو ڪمدار اچي جاڳايو. هڪ طرف پاڻي ٻئي جي ٻني ۾ لڙهي ويو ۽ ٻئي طرف گهران ايندي کڙهه وارو ڍنگر جو نه رکيو هئم، سو ڍڳو ڇنائي الاءِ ته ڪيڏانهن هليو ويو؟ اڃا نه مليو اٿم. لاپرواهي نه ڪريان ها ته ٻه ٻه نقصان نه ٿين ها“.

اوچتو ڪلاس ۾ کل ڀوڳ مان ماٺ ۽ پشيماني جو ماحول جڙي پيو. هڪ ڏاڙهي مڇ رکيل همراهه چيو ”ها ڀائو، واقع، ’هٿ جي وڍئي جو ويڄ نه طبيب‘، پهرين هوشياري ڪرين ها ته ڇو نقصان ۾ پوين ها. نا اميد نه ٿي، اميد ته سڻائي ٿيندي“.

استاد هڪ ٻئي اڌڙوٽ کي مخاطب ٿي چيو ”پيارل تون ڏي خبر، خير ته آهي، اڄ ماٺ ۾ آهين؟“

پيارل آهستي اٿي، آهستي آهستي ورندي ڏني ”استاد اوهان ڳالهه ئي اهڙي لکي... سوچيان پيو ته آئون به ٻين ڳوٺ وارن وانگر ننڍي هوندي ڏي وٺ ڪري سڱ بند ڪري ڇڏيان ها، ته اڄ نه ڇورن جو فڪر هجي ها، نه ئي نياڻين جي ڳڻتي، پر ڇا ڪجي، ابل ’هٿ جي وڍئي جو ويڄ نه طبيب‘“...

ڪلاس جو ماحول ويتر سنجيدو ٿي ويو. تنهن هوندي به استاد ماٺ ڪري، يا ڏنل مثالن تي ڳالهائي، ان بدران وري ڪنهن ٻئي کي ٿو چوي ”تون سمجهاءِ“.

استاد جي اصرار تي همراهه اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو؛ ”سائين، اوهان کي ته خبر آهي، ٻن ماڻهن ۾ ماٺ ويهڻ ڪو نه پڄي. هڪ ڀت ۾ ويٺو هئس. اڪيلو هئس، سو مزو ئي نه پئي آيو. منهنجي ڀر ۾ همراهن جو هڪ ٽولو ويٺل هو. ان ٽولي ۾ ٽي چار چرچائي به هئا، پر مون سمجهيو اڄ به ملهه ماري اٿندس، سو هڪ چرچو ڪري ڦاسي پيس. سڄي رات هجن همراهن جا هوڪريا. مون کي ته وارو ئي نه ڏنائون. هاڻي جڏهن بل ڏيندا، هر هڪ کان ڳائي وڄائي پلاند ڪندس“...

ڪلاس مان هڪ ٻيو همراهه اٿي بيهي ٿو، کيس اڳ ۾ بيٺل همراهه به ويهڻ جو اشارو ڪيو، استاد به ويهڻ لاءِ چيس، پر هو نه مڙيو. چيائين؛ ”سائين، هي اجائي ڊيگهه نه ڇڏيندو. ڪم واري ڳالهه ڪري ورتائين. مون کي مس وڃي سمجهاڻي مٿي ۾ ويٺي آهي. هاڻي پهرين منهنجي ڳالهه ٻڌو، پوءِ پيا سڀني کان پڇجو“... ان تي استاد اڳ ۾ اٿي بيٺل همراهه کي ويهڻ جو اشارو ڪري، کيس چيو ”ها، ڀلا تون ٻڌاءِ“...

همراهه چيو؛ ”گهر ۾ ٺڪر پيا کڙڪندا آهن. رن مون واري کي چيم وڃ پنهنجي مائٽن ۾، ڪو ڄائو، ڪو مڱيو، ڪو پرڻيو، ڪو ڀُريو، سڀني کان ڀيرو به ڀڃي اچ، نئين پراڻي به ٿي آءُ“... کن پل جي خاموشي کان پوءِ چيائين ”اڄ ڇهون سج لهڻ وارو آهي، پر لڳي ٿو وٺڻ نه ويندس ته پاڻهي هو به نه ايندي. ماني ٽڪي، چانهن پاڻي، هنڌ پاٿاري ۾ ته قابو آهيان، پر جيڪي ٻه ٽي پهرو ڌاريل آهن، سوچيان پيو ته کڻي کپايان“...

ڪلاس جو ماحول معمول کان گهڻو بدليل هو. پڙهائي گهٽ، ڪچهري ججهي پئي محسوس ٿي. اوچتو ٻاهران ڪو همراهه آيو، نه دعا نه سلام، چيائين؛ ”ماستر، همراهن کي ڇڏ ته هلن اوطاق تي. سيءَ وڌي ويا آهن. ڪو ڪاٺي بنڊي جو بندوبست ڪن. آئندي اوهان جي پڙهائي مچ تي ٿيندي“...

استاد جي ورندي کان اڳي سڀ اٿيا ۽ روانا ٿيڻ لڳا...

پردو ڪري ٿو.

No comments:

Post a Comment