Saturday, November 2, 2013

سنڌي لوڪ ادب ۾ پهاڪا، چوڻيون ۽ محاورا - ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

سنڌي لوڪ ادب ۾ پهاڪا، چوڻيون ۽ محاورا


ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

ڪنهن به ٻوليءَ ۽ اُنهيءُ جي اَدب ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن کي گهڻي اهميت حاصل ٿيل آهي. انهن جي استعمال ڪرڻ سان ٻولي اثرائتي ۽ نزاڪت واري بڻجي پوي ٿي. سماجي لحاظ کان به اهم آهن، ڇاڪاڻ جو اُنهن ۾ اسين عوامي زندگيءَ جي جدا جدا پهلوئن ۾ صاف عڪس پسي سگهون ٿا.
پهاڪا، چوڻيون ۽ محاورا لوڪ اَدب جو هڪ اهم حصو آهن. سنڌي لوڪ اَدب جو هڪ اهم حصو آهن. سنڌي لوڪ اَدب تي سنڌ ۽ هند ۾ گهڻيئي ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا شايع ٿيا آهن، جن ۾ سنڌي لوڪ اَدب جي جدا جدا صنفن تي گهرائيءَ سان ويچار ڪيو ويو آهي، پر اُنهن ۾ پهاڪان، چوڻين ۽ محاورن جي اهميت تي خير ڪو ڌيان ڏنو ويو آهي. “فوڪ لور” يعني عوامي تهذيب، تمدن جا ڪهڙا بنيادي عناصر آهن، انهن ۾ لوڪ اَدب جي ڪهڙي جاءِ آهي، لوڪ اَدب جون مکيه صنفون گهڻيون آهن، اُنهن ۾ پهاڪا چوڻيون ۽ محاورا ڪهڙيءَ شاخ هيٺ اچن ٿا، ٻوليءَ جي بناوٽ ۾ اُنهن جي ڪهڙي اهميت آهي، اهڙن سوالن تي تفصيلوار بحث مون پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڪيو آهي، جيڪو زير اشاعت آهي. هن مضمون ۾ انهن مان ڪجھ موضوع کڻي، اُنهن تي مختصر طور ويچار پيش ڪجن ٿا.

لوڪ ادب ۽ فوڪ لور

‘لوڪ اَدب’ يا ‘لوڪ ساهتيه’ هڪ مرڪب لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي ‘لوڪ جو اَدب’ يا ‘لوڪ جو ساهتيه’. ‘لوڪ’ اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جون جدا جدا معنائون آهن، پر انهيءَ لفظ جو جدا جدا معنائون آهن. پر انهيءَ لفظ جو استعمال جڏهن مرڪب لفظن لوڪ اَدب، لوڪ ساهتيه، لوڪ گيت، لوڪ ڪهاڻي وغيره ۾ ڪجي ٿو، تڏهن لوڪ جي معنيٰ محدود ٿي وڃي ٿي. ڪن عالمن اهڙن مرڪب لفظن ۾ ‘لوڪ’ جو مطلب ڄاڻايو آهي. “ڳوٺاڻا ماڻهو، ((، اڻپڙهيل، ڳنوار”. منهنجي ويچار موجب اهڙن ۾ ‘لوڪ’ جو اهو مطلب کڻڻ صحيح نه آهي. لوڪ گيت ڳائيندڙ ڳوٺن ۾ رهن  ٿا ته اڄ ڪلھ شهرن ۾ به نظر اچن ٿا. کين ‘اڻپڙهيل، ڳنوار’ سڏڻ به ٺيڪ نه آهي، ڇاڪاڻ ته سندن گيتن ۾ اونها ويچار آهن ته جذبات جو نزاڪت ڀريو اظهار به آهي. اهڙن عوامي شاعرن ۽ ڳائڻ جي رچيل پرولين، ڳجهارتن ۽ هنرن ۾، جيڪي ٻوليءَ ۽ معنيٰ جون خوبيون نظر اچن ٿيون، اُهي اعليٰ اديبن جي معياري اَدب ۾ به مشڪل ملنديون. حقيقت ۾ اهڙن مرڪب لفطن ۾ ڪتب آيل ‘لوڪ’ لفظ جو مطلب آهي، اُهي ماڻهو جن جو پنهنجي ورثي ۾ مليل روايتون، رسمن، رواجن، پرمز، سنسن، ٽوڻن، ڦيڻن وغيره ۾ پورو پورو عقيدو آهي ۽ اُنهن مطابق هو پنهنجي زندگي به گذارين ٿا. سندن علم جو بنيادي دستوري تعليم ۽ ڪتاب نه آهن، پر وهنواري زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل اهي شخصي آزمودا آهن، جن ئي سندن اباڻي ورثي جو به گهرو اثر آهي. اهڙن لوڪن جو تخليق ڪيل اَدب آهي “لوڪ ادب”.
لوڪ اَدب جو رچيندڙ اڪثر نامعلوم شخص هوندو آهي. انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته لوڪ اَدب جي ڪنهن به رچنا جو سرجڻ اَصل ۾ ڪنهن هڪ شخص ڪيو آهي، پر اُنهيءَ رچنا ۾ لوڪن، جڏهن پنهنجن جذبن ۽ ويچارن جي جهل ڏٺي ۽ اظهار جي انوکي ادا پسي، تڏهن اُنهيءَ کي هڪدم پنهنجو بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هڪ شخص جي تخليق، عوام ۾ مروج ٿي، لوڪ جي تلخيق بڻجي ويئي. وقت گذرندي اصلوڪي رچيندڙ جو نالو نشان ئي گم ٿي ويو.
لوڪ اَدب، ‘فوڪ لور’ جو هڪ حصو آهي، ‘فوڪ لور’ جو مطلب آهي فوڪ ڪلچر يعني ‘لوڪن (عوامي ماڻهن) جي تهذيب ۽ تمدن’. انهيءَ کي هنديءَ ۾ ڪن عالمن ‘لوڪ سنسڪرتي’ سڏيو آهي. ڪلچر يا سنسڪرتي لفظ پنهنجيءَ وسيع معنيٰ ۾ انساني زندگيءَ جي طبعي ۽  باطني پهلن ۽ ترقيءَ جي حالتن کي ڄاڻائي ٿو. انهيءَ ۾ لوڪ جي رهڻ ڪهڻيءَ ۽ اظهار جا سڀ طريقا اچي وڃن ٿا. فوڪ لور يا لوڪ- سنسڪرتيءَ جي اَڏن ۾، جيڪي بنيادي جزا ڪتب اچن ٿا، اُنهن کي هتي ڏنل چارٽ ذريعي سمجهائي سگهجي ٿو. لوڪ اَدب اُنهن ۾ هڪ اهم جزو آهي.
هتي ڏيکاريل هڪ هڪ ڀاڱي کي وڌيڪ شاخن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو. پهاڪا، چوڻيون ۽ محاورا لوڪ- سخنن ۽ ننڍڙن ٻولن جي ڀاڱي هيٺ اچن ٿا.
لوڪ سنسڪرتيءَ جا مکيه ٻه ڀاڱا آهن: ڪهڻيءَ جيون يعني لوڪن جي رهڻي- ڪهڻيءَ جا طريقا (Folk ways of living) (۲) لوڪ اظهار جا طريقا (Folk ways of Expression) هر هڪ ڀاڱي جا اهم قسم هن ريت آهن:

لوڪ جيون جا طريقا

(الف) لوڪ وشواس يعني عوامي

عقيدا (Folk Beliefs)

سنسار جي پيدائش، خلقڻهار جي هستي، وڻ، ٽڻ، پسون، پکي، ديو- پريون، جن- ڀوت، جادو- ٽوڻا، سوڻ- اَپسوڻ، جهاڙ- ڦوڪ، لوڪ- پرولوڪ وغيره بابت لوڪن جا وشواس يعني عوامي عقيدا هن ڀاڱي هيٺ اچن ٿا.

(ب) لوڪ ريتيون (Folk customs)

کيتي ٻاري شروع ڪرڻ وقت ڌرتيءَ جي پوڄا، سامونڊي سفر تي اُسهڻ وقت پاڻيءَ جي پوڄا، قدرت جي عناصرن جي عبادت، مذهبي پوڄا، قدرت جي عناصرن جي عبادت، مذهبي، ڏڻ- وار ملهائڻ. انسانن جي ڄم کان وٺي مرڻ تائين جدا جدا موقعن تي ريتيون رسمون، درگاهن، عبادتگاهن، مندرن، ٺڪاڻن ۾ وڃي سکائون ڪرڻ ۽ دعائون گهرڻ، اوجهڻ ۽ ڀوتن کان جهاڙ ڦوڪ ذريعي بيمارين جو علام ڪرائڻ، تعويز ٺهرائڻ، اِهي لوڪ ريتين ۽ رسمن جا ڪجھ مثال آهي.

(ڀ) لوڪ- وندر (Folk ways of Entertainment)

جيئن ته ميلا- ملاکڙا، ملھ- ڪشتيون، ڪڪڙن، تترن، سانن جي ويڙه، وڏن ڏينهن تي عوامي رانديون ۽ شغل، بازيگرن جا کيل، ڪٺپتليءَ جا ناچ ۽ ڳوٺاڻيون ڪچهريون.

لوڪ جا اظهار جا طريقا

لوڪ پنهنجي اُمنگن ۽ ويچارن جو اظهار جدا جدا طريقن سان ڪري ٿو. اُنهيءَ جا مکيه ٻه قسم آهن: ٻوليءَ ذريعي اظهار (Language Medium) ۽ ٻوليءَ کان سواءِ ٻيا ذريعا (Non, Lingual Medium) استعمال ڪرڻ. هن ٻئي قسم هيٺ لوڪ ڪلائون ۽ لوڪن جا هنر- ڌنڌا اچي وڃن ٿا.

(الف) لوڪ ڪلائون (Folk arts)

جيئن ته، روايتي نموني جي عمارت سازي (Traditional architecture) مورتي- ڪلا (Sculpture) پتلا ۽ بت ٺاهڻ، مٽيءَ يا ڪاٺ جا رانديڪا ٺاهڻ، ڪپڙن مان گڏا- گڏيون ٺاهڻ، وغيره، وغيره): عڪاسي يا چترا ڪلا (Painting) مثال طور، رنگن سان ديواريون، ڌرتيءَ سرن، ڪاٺ، ڪاغذ، ڪپڙي وغيره تي چٽ چٽڻ)؛ ناچ يا نرته ڪلا (مثال طور، ڇيڄ، ٺپو، چيڪلي، ڏونڪن جو ناچ، گهڙي جو ناچ، جهمر، مغز سان، دلدل نچائڻ)؛ سنگيت ڪلا (سازن جي وڄت سان ڳائڻ ۽ نچڻ).

(ب) لوڪ هنر ۽ ڌنڌا (Folk crafts)

هن قسم هيٺ لوڪن جا اُهي هنر ۽ ڌنڌا اچن ٿا، جيڪي پيڙهي در پيڙهيءَ هلندا پيا اچن. جيئن ته واڍن جو جنڊيءَ جو ڪم، سونارن جو زيورن تي مينا ڪاري ڪرڻ، ٺاٺارڪو هنر، لهارڪو هنر، ڪنڀر جو مٽيءَ سان ٿانوءَ ۽ رانديڪا ٺاهڻ، زالن جو ڀرت ۽ سبڻ جو هنر.

ٻوليءَ ذريعي اظهار (لوڪ ادب)

لوڪ جڏهن ٻوليءَ ذريعي پنهنجن اُمنگن ۽ ويچارن جو اظهار ڪن ٿا، تڏهن لوڪ ادب سرجي ٿو. لوڪ ادب جا مکيه قسم هن ريت آهن:

(الف) لوڪ شاعري (Folk Poetry)

انهيءَ ۾ شعر جا سڀ قسم اچي وڃن ٿا. انهن مڙني جي مکيه خاصيت اها آهي ته اُنهن کي سر، تال ۽ لئه ۾ ڳائي سگهجي ٿو. انهن لاءِ نظم جي بحر، وزن جي پابندي لازمي نه آهي. لوڪ شاعريءَ جا مکيه به ڀاڱا آهن: (۱) (Folk Songs, Lyrics) انهن ۾ ڪنهن ڪهاڻيءَ با سلسيوار قصي جو عنصر نه هوندو آهي. منجهن فقط نفيس جذبن جو نزاڪت ڀريو اظهار هوندو آهي. (۲) نظمي قصا ۽ داستانن (Folk Narratives Poetry) اهڙن شعرن ۾ ڪنهن قصي يا داستانن جو بيان اهم هوندو آهي.

(ب) لوڪ ڪهاڻيون (Folk tales)

ديون- پرين، بادشاهن- شهزادن، پسن- پکين، ٺڳن- چورن جون آکاڻيون، تاريخي ۽ نيم- تاريخي ڏنل ڪٿائون، ٻارن جون آکاڻيو

ماهوار پيغام ڪراچي، جلد ۱۲، شمارو-۱۱، رمضان ۱۴۰۸ھ/ مئي ۱۹۸۸ع

No comments:

Post a Comment