Saturday, August 10, 2013

شوق جو ڪو مُلهه ناهي هوندو - اَنيلا جوکيو

شوق جو ڪو مُلهه ناهي هوندو
شوق سلامت هُجي
اَنيلا جوکيو/قاسم آباد (حيدرآباد)

شوق به عجيب قسمن جا ٿين ٿا، ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪبوتر پالڻ جوشوق، ته ڪنهن کي ڪُڪڙيون، ڪنهن کي ڪُتن جو ڪريز، ته ڪو تِترن جو ديوانو. دراصل اهو شوق ئي آهي، جنهن ۾ ماڻهو جنون جي حد تائين (Involve) هوندو آهي. شوق جي شدت جي پورائيءَ لاءِ آخري حد تائين به وڃڻ لاءِ تيار هوندو آهي. ان ئي شوق جي خفت جي خَفي سبب، انهن ماڻهن لاءِ سندن ”قيمتي وقت“ جي به ڪا اهميت ناهي رهندي.

اها ڳالهه به چِٽي ڪري ڇڏجي ته، شوق هر ڪنهن جي وَس جي ڳالهه ناهي. اهي ماڻهو، جيڪي هن مهانگائيءَ واري دور ۾ ٻه ويلا ماني به مُشڪل سان ٿا کائي سگهن، انهن جي ”شوق“ سان شناسائي ناهي رهندي. شوق ته شاهاڻو مشغلو آهي. شوق ته مِيرن، پِيرن ۽ بادشاهن جي مِيراث آهي. چيو ويندو آهي ته ”شوق جو ڪو مُلهه ناهي هوندو.
جيئن ماڻهو شوق خاطر ڪبوتر، ڪُڪڙ، تِتر ۽ ڪُتا ڌارين ٿا. ائين ئي ڪجهه ماڻهو پنهنجي زَنگيل دونالين تان سالن جو زَنگ لاهڻ لاءِ موسم جو مزاج ڏسي، فور ويل گاڏين جي مدد سان پنهنجي ”شوق“ جي پورائيءَ خاطر نڪري پوندا آهن ۽ ان شوق جي شُغل خاطر اهي ”شِڪاري“ ڌرتيءَ تي بي خوف ٿي گهمندڙ خوبصورت ۽ ناياب نسلن جي جانورن مٿان، پنهنجي دونالين جا دروازا کولي، وڏي بيرحميءَ سان سندن جِسمن کي پروڻ ڪندا آهن. يقيناً انهن ماڻهن پاران اهو لتاڙيل لِيڪو ڪنهن ”شوق“ جي زَمري ۾نٿو اچي، پر ٻيڻو انسانيت جي دائري کان به ٻاهر نڪريو وڃي. ڇو ته ڪنهن جاندار جي مارڻ کي شوق چوڻ ڪم عقلي چئبي!
پاڻ وٽ به تازو ئي اهڙي وارتا ورجائي وئي آهي. کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ ناياب نسل جي ٻن گڍن (Ibex) جو ”شوق“ خاطر شڪار ڪري، کين اهو به سَنيهو ڏنو ويو آهي، ته ”ان ديس ۾ توهان جي جان ايتري قيمتي ناهي، جيترو اسان جو شوق قيمتي آهي!“ نه صرف ايترو، پر ان عمل ۽ شوق ۾ انهن ئي ناياب نسلن جي جانورن جي حفاظت خاطر جوڙيل اداري جا ماڻهو به پيش پيش رهيا! جنهن ديس ۾ قانون فقط غريبن لاءِ هجي، اتي اهڙا واقعا يقيناً حيرت جو سبب ناهن بڻجندا، ڇو ته شوق شاهاڻو مشغلو آهي ۽ شوق جي پورائيءَ لاءِ اسين ڪجهه به ڪري سگهون ٿا!!


No comments:

Post a Comment