Thursday, March 21, 2013

گڏهه بطور انتخابي نشان - نويد اڄڻ


گڏهه بطور انتخابي نشان!
نويد اڄڻ - کهڙا (گمبٽ)
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”سونٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوھي ئي نه ڪري“. ظاهري طور گڏهه هڪ سادو سودو ۽ عام جانور آهي. اسان روزانو زندگيءَ ۾ گڏهن کان ڪيئي ڪم وٺندا آهيون. گڏهه ماڻهن جي ايترو ته چوڻ ۾ هوندا آهن، جو هو انهن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائيندا آهن. اگر ڪو ماڻهو جيڪڏهن ڏهن گڏهن کي هلائي مٽي ڍوئي ٿو ته ڀلي هو آخري گڏهه تي ويٺل ڇو نه هجي پر پوءِ به مجال آهي جو پهريان ۹ گڏهه، ان جي حڪم کانسواءِ رستي تان ٿِڙن. ان کان علاوه ڪافي ماڻهو پنهنجي پيٽ گذر لاءِ گڏهه گاڏو هلائيندا آهن، هو انهن کي گاڏين طور استعمال ڪندا آهن. بهرحال گڏهن جي اسان جي زندگي ۾ تمام گهڻي اهميت آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته، ڪجهه ماڻهن ۽ گڏهن ۾ ڪا نه ڪا مشابهت ضرور هوندي آهي. ڪجهه ماڻهو ايترا ته سادا هوندا آهن، جو ڀلي ڪير انهن تي ڪيترو به تشدد ڪري، پر مجال آهي جو هو ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍن. بلڪل گڏهه وانگر خاموش رهي، تشدد برداشت ڪندا رهندا آهن. ارسطو به شايد تڏهن ئي چيو هوندو ته، ”انسان هڪ سماجي جانور آهي“. گذريل چند سال پهريان گڏهه جي ايتري ته عزت ٿي هئي جو آمريڪا جهڙي سپر پاور ملڪ ۾ گڏهه اليڪشن جي نشان طور استعمال ٿيڻ لڳو.

اسان جي همراهن جا به اچي وارا نيارا ٿيا، ”ڀاڳ ڏئي ڀيڙو ته دال مان سيرو“، واري چوڻيءَ مطابق هر ڪو گڏهه پالڻ لڳو. ڪيترن ئي ماڻهن جو اچي روزگار کليو. هنن گڏهه پالي آمريڪا وڪرو ڪرڻ لاءِ موڪلڻ شروع ڪيا. گڏهه به ڏاڍي مستي ڪرڻ لڳا. پر اسان واري ديس ۾ ته گڏهه فرش کان عرش تائين پهچي ويا، اسان جي ڌرتيءَ تي هر ماڻهو پڙهي ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ اسان وٽ شايد تعليم ۱۰۰ سيڪڙو کان به مٿي ٿي وئي آهي. ان ڪري اسان جا چند مانوارا استاد، تعليم مان هٿ ڪڍي پنهنجي ٻني ٻاري جو ڪم ڪار ڪندا رهيا. ان ڪري اسان جا اسڪول خالي ٿي ويا، جيڪا ڳالهه اسانجي سرمائيدارن، جاگيردارن، وڏيرن ۽ چند حڪمرانن کي به ڏاڍي خراب لڳي. سو انهن سوچيو ته ڇو نه گڏهه جهڙي قيمتي جانور کي پڙهائي لکائي ڪنهن ڪم سان لڳايون. ان ڳالهه مان فائدو وٺڻ لاءِ ڪجهه گڏهه اسڪول ۾ داخل ڪرايا ويا. ان سان هڪ طرف ته اسڪول به بند ٿيڻ کان بچي ويا، ٻئي طرف اسانجو قيمتي ۽ ڪارائتو جانور به پڙهڻ لکڻ جهڙو ٿي ويو، اسان ته اهڙو رڪارڊ قائم ڪيو آهي، جو اسانجو نالو گنيز بڪ ۾ سنهري اکرن سان لکي سگهجي ٿو. ڪجهه سال پهريان هڪ دوست ڪچهريءَ ۾ چيو هو ته اسانجي ملڪ جا سياستدان به جانورن وانگرن آهن، حقيقت اها آهي ته، اها ڳالهه مون کي صرف هڪ چرچو لڳي. ان وقت مونکي سياست ۾ ڪا گهڻي دلچسپي ڪانه هئي. آهستي آهستي جڏهن اخبارن ۾ سياسي تبصرا پڙهڻ لڳس ۽ ٽي وي چئنلن تي به تبصرا ڏسڻ لڳس ته مٿين ڳالهه سمجهه ۾ ويٺي. جانورن جو ڪم رڳو کائڻ پيئڻ آهي شينهن، هرڻ، بگهڙ ۽ ٻين جانورن جو شڪار ڪندو آهي. هو صرف شڪار ڪندو آهي پر ٻين مظلوم جانورن تي هن کي ڪابه ڪهل نه ايندي آهي. هو جائز يا ناجائز طريقي سان صرف پنهنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پورو هوندو آهي. اسانجا حڪمران به ٺيڪ ان طرح شينهن بڻجي غريب عوام جي مٿان ظلم ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهن. اوهانکي ضرور ياد  هوندو ته، اسان جي ڪيترن ئي حڪمرانن کي تعليمي سندون ڪوڙيون هيون، جنهن جو اعلى عدالت نوٽيس به ورتو هو ۽ ڪيترا ئي سياستدان پنهنجي وزارتن ۽ اسيمبلي جي سيٽن تان به هٿ ڌوئي ويٺا هئا، جنهن لاءِ ان وقت جي بلوچستان جي وڏي وزير اسلم رئيساڻي اهو به چيو هو ته، عوام پاڳل آهي، ڊگري ته ڊگري هوندي آهي پوءِ اصل هجي يا نقل. پر اهڙن عام فهم حڪمرانن جي مهرباني سان اسان جا جانور به تعليم يافته ٿي ويا، جتي گلڙن جهڙا ٻار تعليم حاصل ڪري نه سگهيا. اتي جانورن کي تعليم ملي. اسان ڪيڏي نه ترقي ڪئي آهي! شايد اهو ئي سبب آهي جو هن سال جانور به انتخابي نشان طور استعمال ٿيڻ لڳا آهن، جنهن مان شينهن، اٺ ۽ گهوڙو عام آهن. اهو ته سٺو قدم آهي پر آخر ڪهڙي سبب جي ڪري مَس، قلم ۽ بند ڪتاب نشان طور نامزد ڪيا ويا آهن. بند ڪتاب ته اڃا به ڪجهه سمجهه ۾ اچي ٿو، ڇو ته اهو آهي ئي بند، نه کلي ٿو نه ئي اسان کي تعليم ملي ٿي، باقي قلم ۽ مَس ڇا جي لاءِ؟ جڏهن اسان جي ملڪ ۾ تعليم جو ڪو قدر ئي ڪونهي، ان ملڪ ۾ تعليمي شيون انتخابي نشان طور استعمال ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اسان جون ٻنيون به غير آباد ۽ بنجر آهن، ته پوءِ ٽريڪٽر جو ڪهڙو ڪارج انتخابي نشان طور؟ پر اسان حڪومت جي ڪم ۾ ڪا به مداخلت ڪو نه ٿا ڪريون ۽ اسان جا هٿ ڪنن تي آهن، پر اليڪشن ڪميشن کان هڪ مطالبو ڪرڻ جي اجازت ضرور گهرنداسين ته جتي اسان جي ملڪ ۾ جانورن جو ملهه وڌي رهيو آهي، اتي انتخابي نشان طور هڪ جانور جو اضافو ڪيو وڃي. ڪنهن سياسي جماعت، اليڪشن ڪميشن کان اهو نشان گهريو به هو پر خبر ناهي ڇو اليڪشن ڪميشن اهو نشان ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اوهان سمجهي ويا هوندا ته اهو جانور گڏهه ئي آهي. منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن اهو جانور انتخابي نشان طور استعمال ٿئي ته ان مان ڪجهه فائدا به ٿي سگهن ٿا. مثال طور، ماڻهو ججهي تعداد ۾ جانور خريد ڪندا ۽ انهن کي پالي روزي ڪمائيندا. جيئن ته اهي جانور تعليم حاصل ڪندا، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي انهن کي ڪا نوڪري به ملي سگهي. وڏي مان وڏو فائدو ته اهو ٿيندو جو عوام کي گڏهه تي ٺپو هڻڻ ڏاڍو آسان لڳندو ۽ جنهن جماعت کي هي جانور انتخابي نشان طور ملي ٿو، اها آسانيءَ سان کَٽي حڪومت جون واڳون سنڀاليندي.

No comments:

Post a Comment