Thursday, September 6, 2012

ناھيون ذات متعلق پھاڪا ۽ چوڻيون - غلام مصطفي ناھيون

ناھيون ذات متعلق پھاڪا ۽ چوڻيون
غلام مصطفي ناھيون
پھاڪا ۽ چوڻيون معاشري جون آئينه دار ھوندا آھن. پوءِ ڪي چوڻيون صحيح ۽ صاف عڪس ڏيکارنديون آھن، جن تي قومون ناز ڪرڻ لڳنديون آھن ته ڪي وري ابتو عڪس پسائينديون آھن، جن تي قومون شرمندگي ظاھر ڪنديون رھنديون آھن. سنڌ ۾ تقريبًا ھر ذات ۽ قوم لاءِ جدا جدا علائقن ۾ جدا جدا چوڻيون ۽ پھاڪا آھن، جن پٺيان يا ته سچيون حقيقتون ڇپيل آھن يا وري ڪوڙيون ڪٿائون ڏنل آھن. ناھيون ذات لاءِ پڻ، مختلف علائقن ۾ مختلف چوڻيون چيل آھن. جن مان ڪن جو حقيقت سان گھرو واسطو آھي ته ڪي ھٿ ٺوڪيون آھن. جيڪي ملي سگھيون آھن سي ھيٺئين ريت آھن:

1.                ناھيان نبيءَ جي سڏ تي ڪو نه آيا.
ھن چوڻي لاءِ روايت آھي ته حضور اڪرم ﷺ (ولادت ۵۷۱ع) جن، مختلف قومن جي ماڻھن کي پاڻ وٽ گھرايو. ڪافي ويا ۽ مسلمان ٿيا. باقي جيڪي نه ويا سي ’نه آيا‘، ’نايا‘ يا ’ناھيان‘ بنجي ويا.
اصل ۾ ھيءَ ھڪ جڙتو ڳالھ آھي، جنھنجو حقيقت سان ڪو به واسطو ناھي. جيئن ته ناھيون ذات جا ماڻھو، صرف برصغير بالخصوص سنڌ ۾ ٿا رھن ۽ ڪجھ روايتن موجب ته نبي ﷺ جن جي خواھش جي باوجود به سنڌ يا برصغير مان نه آيا، انڪري ناھيون ذات جي ماڻھن جو يا ٻين ذاتين جو ھتان کان وڏي تعداد ۾ عربستان وڃڻ ناممڪن آھي. نڪي وري ڪنھن تاريخي يا اسلامي ڪتاب ۾ ئي اھڙي ڪا گواھي آيل آھي.
اھا روايت ائين آھي جيئن؛ خشڪن ۽ پُسين لاءِ چيو ويندو آھي. اھي ٻئي درياءَ جي ڪپ تي ملھ وڙھيا ۽ جڏھن ھڪڙو پاڻي ۾ ۽ ٻيو سڪيءَ تي ڪريو ته اھو ۽ انجا پويان ان نسبت سان خشڪ ۽ پُسيو بنجي پيا.

2.                ناھين جي سنجھي جي صلاح ڪانه بيھندي:
اصل ۾ ھيءَ چوڻي مٿي ذڪر ڪيل ڪلڪان جادوگرياڻيءَ جو ناھين لاءِ چيل ھڪ پاراتو آھي، جيڪو اڄ جي ڪمپيوٽر واري دؤر ۾ سائنس جي پوئلڳن لاءِ صرف ھڪ ھٿ ٺوڪي ڳالھ، وھم يا انڌو عقيدو ھوندي. پر پوءِ به ناھيون ذات جي ڪافي ڳوٺن جا ماڻھو، ھن تي چڱيءَ طرح عمل پيرا آھن. ھو ڪنھن ڪم جو ارادو، ڪو فيصلو، آئيندي جو پروگرام يا ايتري قدر جو سج لٿي کان سانجھيءَ تائين شاديءَ جو ’ونواه‘ يا ٻي تقريب ڪو نه ڪن. ڪافي قدر ڏٺو ويو آھي ته اھڙي وقت دؤران عمل ۾ ايندڙ ڪا ڳالھ يا ايندڙ ڏينھن جو پروگرام صبح ٿيڻ سان ڪنھن نه ڪنھن سبب ڪري، عملدرآمد کان رڪجيو وڃي. انڪري ڪنھن حد تائين چئي سگھجي ٿو ته اھا چوڻي پنھنجي اصلوب ۽ پس منظر ۾ صحيح آھي.

3.                ناھيون ۽ نانگ، جتي ڏِس اتي مار
4.                نانگ ڇڏي، ناھيون مار
ھيءَ چوڻي پاڪستان جي تقريبًا ھر خطي ۾ ساڳئي مفھوم سان، لفظن جي ٿورڙي فرق سان، مختلف قومن لاءِ چئي وڃي ٿي. ضلعي حيدرآباد ۾ ھن چوڻيءَ جو مؤجد يا راوي نواب محمد علي خان لغاري تاجپور يا نواب نور احمد لغاري خانپوري چيو وڃي ٿو. اصل ۾ اھا حقيقت آھي ته ناھيون ذات جا ماڻھو جتي به آباد ٿيا آھن، اتي پنھنجي مڙسي ۽ ھمت سان، بغير ڪنھن ٻئي جي ڪاڻ ڪڍڻ جي، پنھنجي جداگانه حيثيت سان سينو ساھي رھيا آھن. ان کان علاوه اِھا به ھن ذات جي ماڻھن جي خوبي رھي آھي ته ھنن جي پاڻ ۾ ڪيڏي به عداوت ھوندي پر جڏھن ڌارئين سندن ڪنھن ڀاءُ جو حق ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھڪدم متحد ٿي ويندا ۽ سوڀ حاصل ڪرڻ تائين ھر محاذ تان وڙھندا رھندا. اھو ئي سبب ھو جو ھي مالي طرح ڪمزور ھوندي به تاجپور ۽ خانپور جي نوابن جي، ھتان جي ٻين ذاتين جيان آنڪي نه ڀرڻ ڪري ھميشه سندن ناراضگي جو نشانو بنجندا رھيا.
ھيءَ چيل چوڻي پڻ اھڙي ئي خلش جو اظھار آھي. 

5.                ست ناھيان ھڪ لنڊيءَ جا کاڌل.
جيئن مٿي ذڪر اچي چڪو آھي ته ناھيون ذات جي ماڻھن جي ھڪڙي وڏي خامي اھا آھي جو ھي پاڻ ۾ ھڪٻئي جا بدخواه ۽ آپت جا کوٽا آھن. اھڙي ئي حقيقت جي پس منظر ۾ مٿين چيل چوڻي پڻ آھي. جنھن لاءِ چون ٿا ته ھڪ ڀيري ڪنھن ھنڌان ستن ناھين جو قطار ٺاھي ھڪ ٻئي پٺيان گڏوگڏ گذر ٿيو. رستي تي ڪکن جي ڍڪ ۾ ’لنڊي‘ بلا ويٺي هئي. جنھن اول پھرئين گذرندڙ کي ڏنگيو. ھُن ڏنگ محسوس ڪيو، بلا به ڏٺي پر پوين کي ڪو نه ڏسيو ته جيئن ھو خبردار ٿي وڃن، بلڪ چپ رھيو. اھڙي طرح ٻئي کي به ساڳئي بلا ڏنگيو پر ھو به چپ رھيو. ائين ستن مان ھر ھڪ کي بلا ڏنگيو. آخر ۾ ستين جڏھن دانھن ڪئي ته باقي ڇھن مان ھر ڪنھن چيو ته؛ ان بلا ته مونکي به ڏنگيو. اھڙيءَ طرح ست ئي ھڪ ٻئي جي خيرخواھي ڪرڻ بجاءِ بدخواھي ڪندي مري ويا.

6.                ناھين جي پيٽ ۾، ڳالھ رھي نه سگھندي. 
ھي چوڻي به ڪا مصدقہ ۽ ھر حالت ۾ سچ نه ٿي سمجھي سگھجي. بھرحال چون ٿا ته ھڪ دفعي ناھين مان ڪنھن مٿي ذڪر ڪيل ’جيئي شاه‘ جو گھيٽو ڪھي رڌي کائي ڇڏيو. جنھن جو اطلاع ڪنھن اچي ’جيئي شاه‘ کي ڪيو. پاڻ ان ناھين کان پڇيائون. ڪنھن نه مڃيو. پوءِ پاڻ چيائون؛ ’اندر گھيٽو، ٻاھر اسين. پاڻهي گھيٽو پيٽ اندر ھجڻ جي تصديق ڪندو‘. ناھيون ڪجھ وقت رکي خوف جي ماريي وڃي جيئي شاه وٽ ڀري ڪچھري ۾ اقراري ٿيو.
ان کان پوءِ مٿين چوڻيءَ کي شھداد فقير واري ڳوٺ مان نڪتل ناھين لاءِ ان پاراتي سان لاڳاپيو ويندو آھي.

7.                سمن جي سيراندي ۽ ناھين جي پيراندي
ھڪ روايت موجب؛ ھڪ شام جو سمان قوم جي ڪجھ ماڻھن ڪٿان سفر ڪري رات پوڻ سبب اچي درياھ ڪنڌيءَ تي ٻيڙين جا پڳھ کوليا ۽ اتي ئي رات گذارڻ جو فيصلو ڪيائون.
جتي پڙاءُ ڪيائون اتي ڀر ۾ بزرگ شاه الياس صاحب پنھنجي آستاني ۾ باھ ٻاريو ويٺو ھو. انڪري سمن مان ڪو ٽانڊو کڻڻ لاءِ وٽس لنگھي آيو. بزرگ، ٽانڊو ان شرط تي ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو ته ’اوھين ھميشه لاءِ اتي ئي رھندا‘. ان شخص عرض ڪيو؛ ’قبلا اسين وڻجارا آھيون ۽ جيئن ته ھتي اسانجي ڪا به واقفيت ڪانھي، ان لاءِ ھتي ھميشه رھڻ کان قاصر آھيون“. انھي جواب تي شاه صاحب ٽانڊي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ سمون موٽي ويو.
آخرڪار سمن پاڻ ۾ صلاح ڪئي؛ ’رھنداسين پاڻ ھونئن ئي ڪو نه پر بزرگ سان ھائوڪار ڪري في الحال ٽانڊو کڻجي‘. ان صلاح تحت ھنن ٽانڊو حاصل ڪيو ۽ رات پيٽ ۾ ھلڻ جو ارادو ڪيو، پر ٻيڙا ھليا ئي ڪو نه. 
ڪن روايتن موجب ڪافي سفر ڪيائون، پر صبح جو ڏسن ته اتي جو اتي!!
اھا ڳالھ ٽن ڏينھن تائين جاري رھي ۽ پوءِ آخرڪار سمن جي ھن قافلي ۾ موجود ھڪ عورت، جا به اللھ لوڪ دورويش ھئي، تنھن سمن کي سمجھايو. ان طرح سمان جيئي شاه بادشاھ وٽ ئي رھي پيا.
ڪافي عرصي کان پوءِ ھڪ ڏينھن سمان شاه صاحب وٽ عرضي ٿي آيا ته ’ھتي اسانکي زمين ڏياريو ته جيئن اسين پنھنجو گذر آسانيءَ سان ڪري سگھون. جنھن تي بزرگ ناھين کي، جيڪي آسپاس جي زمينن جا مالڪ ھئا، انھن کي اڌ زمين ڏيڻ لاءِ چيو. پر ناھين انڪار ڪري ڇڏيو. چون ٿا ته انهن ناھين ۾ به ڪا عورت ’اللھ لوڪ درويش‘ ھئي، ان جي سمجھائڻ تي ناھيان ان شرط تي زمين ڏيڻ لاءِ تيار ٿيا ته ’بيٺل فصل کي ھڪڙي پاسان سمان لڻن ۽ ٻئي پاسان ناھيان، پوءِ ٻئي ڌريون جتي اچي رسنديون، اتي ٻنو ڏئي، زمينون کين ڏنيون وينديون‘.
باوجود جو ناھيان سمن کان اڪثريت ۾ ھئا، پوءِ به سمان ناھين جي توقعات کان وڌيڪ فصل لڻي ويا ۽ زمين جي دنگ جو ٻنو ناھين جي ڳوٺ جي بلڪل ڀر ۾ ڏنو ويو. اھڙيءَ طرح سمان اتي ھميشه لاءِ ڳوٺ ٻڌي ويھي رھيا، جي اڄ به موجود آھن.
روايت ۾ اھو به شامل آھي ته شاه صاحب جي انھيءَ ڳالھ مڃڻ کان پوءِ پاڻ ناھين توڙي سمن کي مختلف دعائون ڪيون ۽ چيو ته اگر سمن کي ڪا ڏکي پوي ته منھنجي سيراندي کان دعا گھرن ۽ اگر ناھين کي دعا گھرڻي ھجي ته منھنجي پيراندي کان دعا گھرن‘. انڪري اڄ به ھتي اِھا چوڻي عام آھي ته؛
”سمن جي سيراندي ۽ ناھين جي پيراندي“.

8.                ٺريو وڃي ٻريو، ستابي جو ڀاڳ وريو
’پساھيو‘ نالي ناھيون جي مرڻ بعد، سندس رياست جو مالڪ ’ٺريو‘ ناھيون کي بنايو ويو. کيس راڄ جي پڳ ٻڌرائي’ارباب‘ جو لقب ڏنو ويو.
انھن ڏينھن ۾ سندن ڳوٺ کان ڏکڻ اوڀر طرف ڪجھ فاصلي تي سيد ابڙو سنگھار، ڪاني ڪرامت جو صاحب ۽ وڏو مالوند ماڻھو ھو. سنگھار جو لقب پڻ انهيءَ پس منظر ۾ آھي ۽ سندس مزار تعلقي حيدرآباد جي ديھ ڪنر ۾ موجوده ڳوٺ حاجي درياءَ خان ناھيون کان ھڪ ڪلوميٽر پري اولھ طرف آھي.
روايت مطابق ته سيد ابڙي سنگھار جو مال، ھميشه ارباب ٺريي جي پوک ڀيلي ويندو ھو ۽ ارباب ٺريي جي ڪافي چوڻ جي باوجود، پاڻ ان طرف ڪو ڌيان نه ڌريائين. ھڪ ڀيري پوک ڀيلڻ تي ارباب ٺريي، سندس مال ڪاھي، ڍڪ ۾ ڏئي ڇڏيو. جنھن بعد ارباب ٺريي جي ڀاڻيجي ارباب ستابي، اھو مال ڪاھي وڃي سيد ابڙي سنگھار حوالي ڪيو. جنھن تان سيد ابڙي سنگھار، ارباب ٺريي کي پاراتو ۽ ارباب ستابي کي ھيٺين ريت دعا ڪئي:
’ٺريو وڃي ٻريو، ستابي جو ڀاڳ وريو‘.
ارباب ٺريي جي بي اولاد مري وڃڻ بعد، ارباب ستابي کي راڄ جي پڳ پارائي، رياست جو مالڪ بنايو ويو.  

9.                ’ساه اچين ته اچ، وڃين ته وڃ، نه ته ڪانھي ڪاڻ ڪمال کي.‘
ڪمال نالي ذات جو ناھيون مڙس وڏو زاڪي وارو ڌاڙيل ٿي گذريو آھي. اھو ڪنھن طرف ڌاڙي تي ويو. جتي جھلجي پيو ۽ ڀاڳين کيس خوب ماريو ڪـٽيو. آخر ۾ قميص لھرائي، سندس ڇاتيءَ تي باھ منجھان تتل ڪوڏر رکي ويئي. ان عذاب کيس جھوري وڌو ۽ پاڻ دل جي جذبات طور ھڪ شعر چيائين:
’ساه اچين ته اچ، وڃين ته وڃ،
نه ته ڪانھي ڪاڻ ڪمال کي.‘

10.          ’اڀريو ائيٿ تارو، لقاپور مٿان، ستر گز سمونڊ ۾، سوسي ڪڍي ساه، گھوٽاڻا اٿئي گھاءُ، پھرين سٽ پڙ ۾‘.
نصرپور جي ميون شاه عنايت رضوي جو شاعريءَ جي دنيا ۾ هڪ وڏو نالو هو، جيڪو پڻ في البديہ شعر چوندو هو. هر ڳالھ ۽ ڪاني ڪرامت، پڻ شعر ذريعي ڪندو هو. پاڻ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو همعصر شاعر هئو، جيڪو ڪلهوڙا دؤر ۾ شاعر رهيو.
هڪ ڀيري ميون شاه عنايت نصرپوري، ناھيان ذات جي ٻن شاعرن؛ گھوٽاڻو ۽ جيئندو جو نالو ٻڌي، ساڻن شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ خاطر، وٽن مهمان ٿي آيو. پهريائين پاڻ گهوٽاڻي وٽ ويو، جيڪو نهايت معذور هو. شاه عنايت کيس شعر ٻڌائڻ لاءِ چيو.
گھوٽاڻي چيو؛ ’پهرين اوهين شعر ٻڌايو.‘
جنهن تي شاه عنايت گهوٽاڻي کان پڇيو ته؛ ’تون ڪير آهين؟‘
ان تي گھوٽاڻي فخر مان چيو. ’آئون ائيٿ تارو آھيان.‘
شاھ عنايت ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ ھيٺيون شعر چيائين:
’اڀريو ائيٿ تارو، لقاپور مٿان،
ستر گز سمونڊ ۾، سوسي ڪڍي ساه،
گھوٽاڻا اٿئي گھاءُ، پھرين سٽ پڙ ۾‘.
روايت مطابق ته اھو شعر ٻڌڻ سان ئي گھوٽاڻو پڙيءَ تي مري ويو. اتي گھوٽاڻي جي ماءُ ڊوڙي آئي ۽ شاه عنايت کي چيائين ته؛ ”تون ائين منھنجي پٽ کي ڪو نه مارين ھا. پر جيئن ته صرف ھڪ دفعو ان کي بنا مسح جي کير پياريو ھئم، ان ڪري تون ھن تي اھو وار ڪري سگھيو آھين.“
ان کان پوءِ شاه عنايت، فقير جيئندي ناھيون ڏانھن رخ ڪيو. جيئندي کي گھوٽاڻي بابت اڳيئي خبر پئجي چڪي ھئي ۽ پاڻ ڊڄي گھر ۾ ان جي گنديءَ اندر گھڙي ويھي رھيو. شاھ عنايت کيس اعتماد ۾ ورتو ۽ پوءِ کيس شعر پڙھڻ لاءِ چيو.
جيئندي چيو؛ ’قبلا پھرين اوھين شعر پڙھو.‘
شاه عنايت جي اصرار ۽ زور ڀرڻ تي، فقير جيئندي ڊڄندي ڊڄندي نماڻائي مان ھي شعر پڙھيو.
’ٻني سڀ شاه جي، ٻني سڀ شاه جي،
لاھيارو لڻي ڪھڙي ڪندو ريس راه سان.‘
شاه صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دعا طور سمورن ناھين لاءِ ھي بيت چيائين؛
’ناهيان سڀ نوازيئي، ڪري ڀلايون ڀال،
جنھن لڳ اللھ، وار نه ونگو تن جو.‘
ائين چئي، پوءِ ميون شاه عنايت، موڪلائي ھليو ويو.



No comments:

Post a Comment