Monday, July 17, 2023

سخي، سرنھن ۽ چڻو، جيئن ڀيلِ، تيئن گهڻو. (سرو، چوڻي)

سخي، سرنھن ۽ چڻو،

جيئن ڀيلِ، تيئن گهڻو. 

(سرو، چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھر شيءِ کپائڻ سان کٽندي آھي. ڪي شيون اڃا وڌنديون آھن. غير مادي شين منجهان علم به ھڪ اھڙي آھي، جيڪو کپائڻ يا ونڊڻ سان وڌندو آھي.

اھڙيءَ طرح مادي شين ۾ پڻ ٽي شيون اھڙيون آھن، جيڪي جيتريون واپراءِ، اوترو منجھن برڪت پوندي آھي. سي آھن؛


سخي؛ سخاوت ڪندڙ، رب جي نالي تي مال لٽائيندڙ.

سرنھن جو فصل،

۽ چڻن جو فصل.

سخين جا ڀانڊا، سدائين ڀرپور ھوندا آھن.

سرنھن جي فصل کي ٻج تي ڇڏڻ کان اڳ، ساڳ جي صورت ۾ پٽي جيستائين ھلڪو نه ڪو، تيستائين واڌ نه ڪندو.

اھڙيءَ طرح چڻي جو فصل آھي. ٻج تي چاڙھڻ کان اڳ ان جي به پلي پٽڻ/ لڻڻ جي صورت ۾ ڇانڊ ڪئي ويندي آھي، جنھن سان اڃا ماچ ڪري گوشا ڪڍندو آھي ۽ ٻج تي چڙھندو آھي. ان ڏس ۾ پنجابيءَ اندر پڻ ھڪ چوڻي آھي؛ ”ياري ھي ڪه ڇوليان دا وڍ.“

ھيئن به چوندا آھن؛

سخي، مٽر ۽ چڻو، جيئن ڀيل تيئن گھڻو. (سرو)

أَنفِق، يُنفَق عليڪ. (عربي، چوڻي)

No comments:

Post a Comment