Saturday, November 13, 2021

شيءِ جو قدر، اصل جاءِ تي آھي - مير قائم خان ٽالپر

شيءِ جو قدر، اصل جاءِ تي آھي

مير قائم خان ٽالپر



”هڪ دفعي هڪڙي ماڻهوءَ ڪنهن ڏاهي کان سوال ڪيو ته منهنجي زندگيءَ جي اصل قيمت ڇا آهي؟ مون کي حقيقي شعور ۽ عقل عطا ڪر.“

اهو سوال ٻڌي ڏاهي هن کي پٿر ڏنو ۽ چيو ته؛ ”هن پٿر جي تون قيمت دريافت ڪر.“


پوءِ اهو شخص انهيءَ پٿر کي کڻي، هڪڙي ڪنڀار وٽ آيو ۽ انهيءَ پٿر جي قيمت پڇيائين. ڪنڀار پٿر هن کان وٺي، هٿ ۾ کڻي چوڻ لڳو ته؛ ”جيڪڏهن تون هيءُ پٿر مون کي مفت ۾ به ڏين، تڏھن به آئون ڪو نه وٺندس. ڇو ته هي هڪڙو پٿر آهي ۽ اسان ته نرم مٽيءَ جا خريدار آهيون، جنهن مان اسان شيون ٺاهي وڪڻندا آهيون.“

اهو جواب ٻڌي اهو همراه انهيءَ پٿر کي کڻي هڪڙي دڪاندار وٽ آيو ته ان دڪاندار هن کي چند روپين جي پيشڪش ڪئي ۽ چيو ته؛ ”منهنجو هڪڙو وٽ ٽُٽي پيو آهي. انهيءَ جي جڳهه تي آئون ان پٿر کي ماپ تور جي لاءِ استعمال ڪري ڇڏيندس.“

ليڪن هو چند روپين کان وڌيڪ قيمت ڏيڻ تي بلڪل به راضي نه ٿيو.

آخرڪار انهيءَ پٿر کي تراشيو ويو. جنهن سان ان پٿر کي هڪڙي شڪل ملي وئي.

پوءِ هُو انهيءَ تراشيل پٿر کي بازار ۾ کڻي آيو ته هُو حيران رهجي ويو. انهيءَ ڪري جو ساڳئي پٿر جي قيمت هاڻ هزارن ۾ ٿي وئي ھئي.

ليڪن انهيءَ شخص، ان قيمتي پٿر کي زمين تي هڻي ٽوڙي ڇڏيو. جيئن ئي پٿر زمين تي لڳو ته ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. تڏهن هن ڏٺو ته انهيءَ پٿر جي اندران هڪڙو موتي نڪتو ۽ هيءُ اهو موتي کڻي بازار ۾ ھڪ جوهريءَ وٽ آيو. جوهريءَ ان پٿر جي قيمت لکن ۾ لڳائي.

اهو پٿر جنهن جي معمولي قيمت هئي، ان جي قيمت هاڻ لکن تائين وڃي پهتي هئي. اهو ڏسي اهو همراه حيران ۽ پريشان ٿي ويو ته؛ ’هڪڙي ئي شيءِ جي قيمت ۾ ايترو فرق ڪيئن ٿو اچي؟‘

 

(ڪالم؛ ”اوهان منفرد ۽ يڪتا آهيو“، ڇپيل ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۳ نومبر ۲۰۲۱ع تان کنيل.)

No comments:

Post a Comment