Wednesday, June 10, 2015

انبن جون سِڪون، انبڙيون ناهن لاهينديون - مٺل جسڪاڻي

انبن جون سِڪون، انبڙيون ناهن لاهينديون

مٺل جسڪاڻي



هر چوڻي جي پٺيان ڪا نه ڪا تاريخ هوندي آهي، پر ان تاريخ ۽ جاگرافي جي خبر انهن کي، جن جي آس پاس چوڻي جو بنياد پيو هوندو آهي.

”انبن جون سِڪون انبڙيون ناهن لاهينديون“ پڻ تمام گهڻي پراڻي چوڻي آهي. ان جو بنياد ڪيئن پيو؟ تنهن جي، پاڻ ماڻهن کي، جيڪي واندا نه هوندي به واندا لڳندا آهن، انهن کي خبر نه آهي ۽ ڀلي ته موجوده سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ لغتون ۽ ٻي معلومات انٽرنيٽ تي دستياب هجي، پر ٻين چوڻين وانگر هن چوڻي جي به تاڃي پيٽي تي پهچي سگهجي، سو نه ضروري ۽ نه ئي غير ضروري آهي، نه ممڪن ۽ نه ئي ناممڪن آهي.


آئون آهيان آلو ڀولو، بنيادي طور ٻهراڙي جو، مرداڻي سماج جو، ٿور پڙهيو، سو مون کي خبر نه آهي، پر...جيئن اوهان سوچڻ سمجهڻ جي سگهه ساريو ٿا، اهڙي سنڀار آئون به ڪندو آهيان، پر جيئن اوهان عقلمند هجڻ جي خوش فهمي ۾ مبتلا هوندا آهيو، ائين آئون تصور به نه ٿو ڪري سگهان.

آئون اڪثر فضول سوچيندو آهيان، ڳالهين جو ابتو مطلب ڪڍندو آهيان، سبتي سيبتي خيال جا به ڌاڻا ڪڍي ڇڏيندو آهيان، ڇو ته آئون پنهنجي مرضي موجب مقصد ڪڍندو، وٺندو آهيان. اوهان پاڻ کي ڀلي ڇا به سمجهو ۽ پاڻ کي ڀلي ڇا به متعارف ڪرايو، پر آئون بس اهڙو آهيان، جهڙو اوهان سمجهو، ڀلي سمجهو.

منهنجي سمجهه آهي به الاءِ ته ناهي، جهڙي به آهي، اوهان جي آڏو آهي. ان باوجود به، جيڪڏهن اوهان چاهيو ته اوهان کي آئون ”انبن جون سِڪون انبڙيون ناهن لاهينديون“ چوڻي سمجهايان...

جيڪي مون کي سڃاڻن ٿا، مون کي سمجهن ٿا، اهي ته منهنجو نالو پڙهي به اڳتي نه پڙهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏين ٿا، پر جن لاءِ آئون نئون آهيان، اهي چڱائي جي آس، اميد ۾، مون کي پڙهڻ جي ڀُل ڪن ٿا.

جيڪو اڄ پهريون دفعو ڀلجي، مون کي ڏاهو سمجهي، منهنجا هي ٻه اکر ان نيت سان پڙهي پيو، ته پڪ سان آئون ڪا چڱي ڳالهه لکڻ وڃي رهيو آهيان، ته اها ان پڙهندڙ جي سندي ناقص سوچ هوندي، اهڙو پڙهندڙ طبيعت ۾ بخيل هجي، ته بخيلي مون تي نه، سڀ ڇوهه پنهنجي پاڻ تي ڇنڊي ۽ آرام ڪري.

چون ٿا، اجائي ڊيگهه کان پاسو ڪجي، ان ڪري آئون ڪنهن به واندي کي وڌيڪ سيڙهائڻ جي حق ۾ قطعي ڪونه آهيان. اوهان مان هر پڙهندڙ جي انتظار جون گهڙيون ختم ڪري، ”انبن جون سِڪون انبڙيون ناهن لاهينديون“ جي تاڃي پيٽي تائين نه، ان جو ڪجهه مطلب ۽ مقصد سمجهڻ جي ڪوشش ۾ ڪجهه لکي، موڪلائڻ بنا موڪلائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان.

اوهان فرض ڪريو ته ڪو پوڙهو، ڪا پوڙهي، ڪنهن ننڍي نيٽي، نوجوان سان ويٺي، اوٻاسيون ڏي، پڪ سمجهو ته... اوهان ان پوڙهي، پوڙهِي کان پڇندا، هو ڊگهو ۽ ٿڌو ساهه کڻي وراڻيندو، وراڻيندي ”انبن جون سِڪون انبڙيون ناهن لاهينديون“...

ڪنهن ڏاهي ڏاڍي ڀلي ڳالهه ڪئي ته انبڙيون انبن جي سڪ نه لاهينديون آهن، پر انب به انبڙين جهڙا نه هوندا آهن. انبڙي يعني ڪچو انب ذائقي ۾ کٽو ٿئي ٿو، انبڙي چٽڻي ۽ آچار (سانڌاڻو) ٺاهڻ جي ڪم اچي ٿي. جڏهن ته انب، انبڙي پچڻ کان پوءِ ٿيندو آهي. انب رسدار هوندو آهي. انب جون ڪي جنسون مٺيون، ڪي کٽيون، ڪي کٽيون مٺيون، ڪي ڦڪيون، ڪي ڪساريون، ڪي انب چکيا ڄڻ ته گاسليٽ وات ۾ پيو!

انبڙي توڙي انب جي شڪل صورت ۽ ذائقو دراصل جنهن علائقي ۾ ٿئي، ان جي آبهوا، زمين ۽ پاڻي جي خاصيت توڙي ان انبڙي يا انب جي پنهنجي جنس جي خاصيت پٽاندر هڪ ٻئي کان مختلف ٿئي ٿي. سچ ته نه انبڙيون انبن جون سڪون ٿيون لاهين ۽ نه ئي انب انبڙي جي سڪ لاهيندو آهي.

No comments:

Post a Comment