Wednesday, October 31, 2012

جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي - ظھور احمد سولنگي

جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي
ظھور احمد سولنگي
ڪنھن وقت جي ڳالھه آھي ته ھڪ سوداگر پنھنجو سامان وڪرو ڪرڻ لاءِ ڏورانھين ڏيھ ڏانھن وڃي رھيو ھو. ھن جي ٻيڙو ھر قسم جي سامان جھڙوڪ روغن، ماکي، گرم مصالحا، پستا، بادام ۽ قيمي ڪپڙن وغيره سان ڀريل ھو. وڏي ڳالھ ته سوداگر وٽ ناياب قسمن جي ھيرن جي ھڪ ھڙ ھئي، جيڪا ھن کي پيٽ سان ٻڌل ھئي، جيئن ڪو ڏسي ڦري نه وڃي، ٻيڙو ھلندو رھيو، پر ھنن جي منزل ڪيترائي ميل ڏور ھئي. ھو جڏھن ٿڪبا ھئا ته، ڪنھن ٻيٽ تي لنگر ھڻندا ھئا ۽ پوءِ اڳتي وڌندا ھئا.

خدا جي قدرت ڏسو، ھڪ ڏينھن طوفان آيو ۽ ٻيڙو ھاڻ طوفان جي رحم و ڪرم تي ھو، اچتو ٻيڙو سمونڊ ۾ ھڪ ٽڪر سان ٽڪرايو.
ٻيڙو ٽڪر ٽڪر ٿي ويو، ھر ڪوئي جان بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. سوداگر کي به ھڪ تختو ھٿ اچي ويو، سوداگر کي ھاڻي خدا ياد اچي ويو ۽ خدا کي ٻاڏائڻ لڳو. آخر ڪار ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ڪناري سان لڳو.
سوداگر خدا جو شڪر ادا ڪيو، جنھن سندس جان بچائي ھئي.
ھاڻي سوداگر ھڪ طرف ھلڻ لڳو، سندس ھيرن جي ھڙ ساڻ ھئي. ھو ھڪ ڳوٺ وٽ اچي پھتو، جتان جو باشندا قبائلي ھئا. ھن ھيرو ھڙ مان ڪڍي ھڪ شخص کي ڏيندي کاڌو گھريائين، اھو شخص اھڙو ھيرو ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ ھن جي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪيائين ۽ چيائين ته؛ ”اوھان پرديسي پيا ڏسجو، سو اسان وٽ اڄ رات رھي پؤ.“
رات ٿي سوداگر سمھي پيو، کيس ھيرن جو ڏاڍو فڪر ھو.
رات ٿي انھن ماڻھن جي نيت خراب ٿيڻ لڳي ته، ڇو نه سوداگر کي ماري سندس ھيرن جي ھڙ پنھنجي قبضي ۾ ڪريون. اڌ رات جو ڪجھھ ھمراھ آيا ۽ اچي ھڪ ٻاري کن جي مفاصلي تي ھڪ کڏ کوٽڻ شروع ڪيائون ٿوري آواز تي سوداگر جي اک کلي ۽ ھن محسوس ڪيو، ته ڪجھ ماڻھو، ھن لاءِ قبر کوٽي رھيا آھن. ھن پنھنجو بسترو ڇڏيو ۽ پري ھليو ويو. خدا جي قدرت سان انھن ماڻھن جو، جيڪي کڏ کوٽي رھيا ھئا، ھڪ ھمراھ ڪنھن ڪم سانگي ڀرواري ڳوٺ ڏانھن ويل ھو ۽ اتفاق سان ان وقت آيو، جنھن وقت ھمراھ کڏ کوٽي رھيا ھئا. ھمراھ خالي بسترو ڏسي ليٽي پيو ۽ ھن کي گھري ننڊ اچي ويئي. ھوڏانھن ھنن ھمراھن به کڏ کوٽي تيار ڪئي ۽ ستل ھمراھ کي، سوداگر سمجھي، اچي ڪھاڙين سان ورتائون. کيس ننڊ ۾ ننڊ ڏيئي ڇڏيائون. بستري سميت کڻي اچي کڏ ۾ ڦٽو ڪيائونس.
”اڙي ھڙ ته کوليو!“ ھڪڙ شخص چيو. کڻي جو پيٽ کي ھٿ ھڻن ته ان تي ڪا شيءِ ڪا نه ھئي. اڙي ھڙ ڪيڏانھن ويئي. تيلي جو ٻاري ڏسن ته اھو سوداگر نه، پر سندن گھر جو ڀاتي ھئو. ھمراھن کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر ڇا پيا ڪري سگھن.
ٻارو! سچ چيو اٿن ته؛ ”جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي.

2 comments:

  1. سائين تصوير به ته ظھور صاحب جي ھڻو.
    :)

    ReplyDelete
    Replies
    1. سائين منھنجا تصوير موڪلڻ جي عنايت ڪندا. اھا به لڳي ويندي.


      انجنيئر عبدالوھاب سھتو

      Delete