Saturday, November 16, 2013

سنڌي لفظن جي اوسر - ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

سنڌي لفظن جي اوسر

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي
اسانجي سنڌي ٻولي، ڀارتيه آريه ڀاشائن (Indo Aryan Languages) جي سٿ ۾ اهم درجو ولاري  ٿي. اُن جي بنيادي بيهڪ انهن ٻولين جي بناوت وانگر ئي آهي. جيتوڻيڪ اوسر جي سلسلي ۾ سنڌيءَ ۾ ڪجھ نراليون خاصيتون به پيدا ٿيون آهن. ساڳيءَ طرح، سنڌيءَ ۾ ڪتب ايندڙ گهڻا لفظ اُهي آهن، جيڪي سنسڪرت، پالي، پراڪرت ۽ اپڀرنش منزلن کي پار ڪري اسان جي ٻوليءَ ۾ پهتا آهن. انهن کان سواءِ عربي، فارسي، انگريزي ۽ ٻين ڪن ٻولين جا ڪيترا ئي لفظ به سنڌيءَ جذب ڪري، پنهنجا بڻائي ڇڏيا آهن. جهڙيءَ طرح هر قوم، هر ملڪ کي پنهنجي تاريخ آهي، تهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي گهڻن ئي لفظن جو به پنهنجو دلچسپ داستان آهي. وڪاس جي سلسلي ۾ ڪي لفظ پنهنجي صورت ايتري قدر بدلائي ٿا ڇڏين، جو انهن جو اصل روپ سڃاڻڻ ئي مشڪل ٿيو پوي. ڪي وري پنهنجيءَ معنيٰ ۾ به چڱي تبديل آڻيو ڇڏين. اچو ته هتي چونڊ سنڌي لفطن جي بڻ- بنيادي ۽ اوسر جي ڄاڻ حاصل ڪريون.

’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ تي هڪ نظر - آفتاب ابڙو

’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ تي هڪ نظر
آفتاب ابڙو
آ ڪو ايڏو اديب يا نقاد نه آهيان، نڪو وري ٻوليءَ تي عبور هجڻ جي دعوا اٿم، نه وري هرڀور ڪنهن جون وڏون ڪڍڻ جو شوق اٿم. بس، ادب جو هڪ ادنيٰ شاگرد آهيان. پنهنجو قومي فرض ڄاڻندي، سنڌي ٻوليءَ جي صحت، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ وت آهر ويچاريندو رهندو آهيان. مان انتهائي ٿورائتو آهيان، خاص طور جناب ڊاڪٽر بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، سراج الحق ميمڻ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، جناب عبدالڪريم سنديلي ۽ پنهنجي سائين صفدر علي شاھ جو، جن منهنجي تنقيدي مضمونن ’سچل جو سنيهو‘ (پيغام فيبروري- مارچ ۱۹۸۵ع) ۽ ’درسي ڪتابن جو جائزو‘ (پيغام، آڪٽوبر- نومبر ۱۹۸۶ع) کي ساراهيو ۽ مونکي وڌيڪ لکڻ لاءِ همٿايو.

Friday, November 15, 2013

ٻوليءَ ۾ پھاڪا چوڻيون ۽ محاورا - ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

ٻوليءَ ۾ پھاڪا، چوڻيون ۽ محاورا
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي



انسان، ٻوليءَ ذريعي جڏھن پنهنجي جذبات ۽ ويچارن جون اظھار ڪري ٿو، تڏھن ھو گھربل لفظ چونڊي، پنهنجي مرضيءَ مطابق جدا جدا نمونن ۾ انهن کي ڪتب آڻي سگھي ٿو. ھن تي فقط اھا پابندي آھي ته ٻوليءَ جي وياڪرڻي (گرامر) سرشتي جي ڀڃڪڙي نه ڪري. مثال طور، جيڪڏھن ڪنهن کي ڪو ڪتاب گھرجي، ته ھو الڳ الڳ جملن ذريعي پنهنجي خواھش ظاھر ڪري سگھي ٿو.مون کي ھيءُ ڪتاب کپي، ھيءُ ڪتاب گھرجيم، ھن ڪتاب جي گھڻي ضرورت اٿم، مان ھيءُ ڪتاب خريد ڪندس، مونکي هي ڪتاب هٿ ڪرڻو آهي. وغيره.
ھنن جملن جي بيھڪ چاھي ھڪ ٻئي کان بدليل آھي، پر انهن ذريعي جيڪا خواھش ظاھر ڪئي ويئي آھي، اھا گھڻي قدر ھڪ جھڙي آھي. ٻوليءَ جي اھڙن جملن کي “آزاد استعمال” (Free Expressions) چئجي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن جي ڪتب آڻڻ وقت ڳالھائيندڙ کي آزادي آھي ته، ھو پنهنجي مرضيءَ مطابق لفظن جي چونڊ ڪري، انهن کي جدا جدا بيھڪ وارن جملن ۾ ڪتب آڻي سگھي ٿو.

Thursday, November 14, 2013

معاشي ۽ اقتصادي پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح - عبدالڪريم پٺاڻ

معاشي ۽ اقتصادي پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح

عبدالڪريم پٺاڻ


ڪنھن قوم جي سماجي تاريخ ۾ رڳو واقعاتي حقيقتون نه پر سماجي سچايون (Social Realities) به موجود هونديون آهن. ”حقيقت“ (Fact) ۽ ”سچ“ (Truth)، ان طرح سماجي اڀياس جي خيال کان ٻه جدا شيون آهن. حقيقت جو تعلق واقعي حقيقت سان آهي ۽ سچائيءَ جي انهيءَ تصور سان آهي، جنهن کي ڪنهن سماج جي اندر چئلينج ڪري نه ٿو سگهجي. واقعات جن کي تاريخ ۾ حقيقت جي حيثيت حاصل ٿئي ٿي، سي هر طرح سان قابل اعتبار نه ٿا ٿي سگهن، پر سچايون هر طرح سان قابل اعتبار ٿين ٿيون. مثال طور سنڌ ۾ چاليهي جي ڏينهن ۾ درياھ تي چڙھ يا چاڙھ (Rise) ٿئي ٿو. واقعات جي خيال سان اسان جو هي بيان (Statement) هر طرح سچو آهي، پر سچ جي اعليٰ معيار جي لحاظ کان بيان کي ”غير موزون“ به سڏي سگهجي ٿو. ڇو ته اهو ضروري ناهي ته درياھ کي چاڙھ فقط چاليهي جي ڏينهن واري مقرر مدي اندر ٿئي. ائين به ٿيو آهي، ته برساتن ۾ ٻين طبعي حقيقتن جي ڪري دريا کي چاڙھ اچي ٿو، جنهن لاءِ ڪو به وقت مقرر نه آهي. ان طرح ”چاليهي جو چاڙھ“ هڪ واقعاتي حقيقت آهي پر چاڙھ هڪ سچ آهي؛ توڙي جو ٻنهي ڳالهين جو واسطو درياھ جي ڪارڪردگيءَ سان آهي. اهڙيءَ طرح هر سماج ۾ ڪي واقعاتي حقيقتون رونما ٿين ٿيون ۽ ڪي سچايون موجود هونديون آهن. واقعاتي حقيقتون هڪ خاص قسم ۽ خاص صورت حال جي پيداوار ٿينديون آهن. ”چاليهي جو چاڙھ“ هڪ خاص صورتحال جي طرف اشارو ڪري ٿو، ٻي حالت ۾ چاڙھ يا اٿل (Inundation) هڪ عام صورتحال آهي ۽ ڪنهن خاص عرصي سان ٻڌل ناهي.

Saturday, November 2, 2013

سنڌي لوڪ ادب ۾ پهاڪا، چوڻيون ۽ محاورا - ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

سنڌي لوڪ ادب ۾ پهاڪا، چوڻيون ۽ محاورا


ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

ڪنهن به ٻوليءَ ۽ اُنهيءُ جي اَدب ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن کي گهڻي اهميت حاصل ٿيل آهي. انهن جي استعمال ڪرڻ سان ٻولي اثرائتي ۽ نزاڪت واري بڻجي پوي ٿي. سماجي لحاظ کان به اهم آهن، ڇاڪاڻ جو اُنهن ۾ اسين عوامي زندگيءَ جي جدا جدا پهلوئن ۾ صاف عڪس پسي سگهون ٿا.
پهاڪا، چوڻيون ۽ محاورا لوڪ اَدب جو هڪ اهم حصو آهن. سنڌي لوڪ اَدب جو هڪ اهم حصو آهن. سنڌي لوڪ اَدب تي سنڌ ۽ هند ۾ گهڻيئي ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا شايع ٿيا آهن، جن ۾ سنڌي لوڪ اَدب جي جدا جدا صنفن تي گهرائيءَ سان ويچار ڪيو ويو آهي، پر اُنهن ۾ پهاڪان، چوڻين ۽ محاورن جي اهميت تي خير ڪو ڌيان ڏنو ويو آهي. “فوڪ لور” يعني عوامي تهذيب، تمدن جا ڪهڙا بنيادي عناصر آهن، انهن ۾ لوڪ اَدب جي ڪهڙي جاءِ آهي، لوڪ اَدب جون مکيه صنفون گهڻيون آهن، اُنهن ۾ پهاڪا چوڻيون ۽ محاورا ڪهڙيءَ شاخ هيٺ اچن ٿا، ٻوليءَ جي بناوٽ ۾ اُنهن جي ڪهڙي اهميت آهي، اهڙن سوالن تي تفصيلوار بحث مون پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڪيو آهي، جيڪو زير اشاعت آهي. هن مضمون ۾ انهن مان ڪجھ موضوع کڻي، اُنهن تي مختصر طور ويچار پيش ڪجن ٿا.

Sunday, October 13, 2013

پس منظر تي مشتمل پهاڪا ـ چوڻيون ـ محاورا ـ ورجيسون - ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“

پس منظر تي مشتمل
پهاڪا ـ چوڻيون ـ محاورا ـ ورجيسون
ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“
سنڌي ٻولي دنيا جي انهن خوش نصيب ٻولين منجھان هڪ آهي، جنهن کي اسان هڪ اعلى ورجيسي ٻولي چئي سگھون ٿا. سنڌي ٻولي ۾ هونءَ ته ڪيترا ئي پهاڪا، چوڻيون، محاورا ۽ ورجيسون موجود آهن، جن جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي پر انهن مان ڪن جو دلچسپ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ پس منظر انهن جي اهميت کي ويتر وڌائي ڇڏي ٿو. هن مضمون ۾ مون اهڙن پس منظر وارن ڪجھ اهم پهاڪن، چوڻين، محاورن ۽ ورجيسن تي ٻه اکر لکيا آهن، جن مان ڪن جي عام مقبول هجڻ باوجود ٿورن ماڻهن کي سندن پس منظر جي ڄاڻ هوندي آهي.

Tuesday, October 1, 2013

انساني عضون سان منسوب اصطلاح - ڊاڪٽر بشير احمد شاد

انساني عضون سان منسوب اصطلاح
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
ٻولي جي ذريعي ئي هڪ انسان ٻئي انسان آڏو پنهنجي مدعا ۽ مقصد بيان ڪري ٿو. جڏهن ڪو انسان اهڙو اظهار عام لفظن ۾ ڪري ٿو ته اهڙي اظهار کي عام ٻولي سڏيو وڃي ٿو، پر ادبي ۽ شسته زبان لاءِ ناليواري اديب حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي ڪتاب ”آفتابِ ادب“ ۾ هڪ سڌريل ۽ معياري ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪي معيار ٻُڌايا آهن سي هن ريت آهن.
Û ٻوليءَ ۾ ڪراهت يا گراني نه هجي. يعني لفظن جا آواز ٻڌندڙ جي ڪنن ۽ دل تي بار جو باعث نه بڻجن.
Û دنيا جي هر هڪ شيءِ جا نالا ۽ هر هڪ معنيٰ لاءِ وٽس لفظ موجود هجن، کوٽ جي صورت ۾ ٻين ٻولين مان لفظ وٺي به پورائوو ڪري.
Û وٽس هڪ معنيٰ لاءِ گهڻا لفظ ۽ هڪ لفظ جون گهڻيون معنائون هئڻ گهرجن.
Û هم قافيه، تُڪ بندي ۽ تجينس حرفي وارا لفظ پڻ ادبي ٻوليءَ جي اهڃاڻن مان ليکيا وڃن ٿا.
Û ٻولي ٻين ٻولين مان لفظ وٺي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هجي.
Û ٻين ٻولين کي پڻ پنهنجي لفظن جي خزاني مان کُلي دل سان لفظ آڇيندي هجي.
Û نئين ايجادات سان گڏ انهن لاءِ نوان لفظ گهڙي سگهي يا ٻين ٻولين مان حاصل ڪري پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي سگهه رکندي هجي.
Û منجهس اهڙي صلاحيت هجي جو انسائيڪلوپيڊيا تيار ڪري سگهجي.
Û گرامر مطابق هجي.
Û علم بديع و بيان ۽ علم معاني جي خزاني سان مالا مال هجي.
Û منجهس اصطلاح ۽ محاورا، تشبيهون ۽ ڪنايا، مثال ۽ پهاڪا ملڪ جي رسم و رواج ۽ ماڻهن جي سڀاءَ ۽ طبيعت مطابق جڙيل هجن.

Friday, September 27, 2013

سنڌي ٻوليءَ جا ڪجھ منفرد ۽ غير معمولي پهاڪا - ڊاڪٽر بشير احمد شاد

سنڌي ٻوليءَ جا ڪجھ منفرد ۽ غير معمولي پهاڪا
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
پهاڪا ڪنهن به سڌريل ۽ ادبي ٻوليءَ جي سونهن ليکجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي پهاڪن متعلق ڪجھ لکڻ کان اڳ بهتر ٿيندو ته لفظ پهاڪو جي معنى ۽ مفهوم بابت ڪجھ ويچار ونڊجن.
مرليڌر جيٽلي پهاڪي جي لفظي ۽ معنوي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي پنهنجي ڪتاب ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا‘ ۾ لکي ٿو؛ ”سنڌي ۾ هڪ مصدر آهي ’پهڻ‘. ان جون مکيه معنائون آهن خيال ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، صلاح وٺڻ يا ڏيڻ، ملڻ، سرچڻ، نبرڻ. لطيف سائين جي سٽ آهي ته ”پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ“.
پهاڪو لفظ جي اکري معنى آهي اهو نُڪتو يا گفتو، جنهن ۾ ڪو اونهو خيال يا ويچار سمايل هجي. عام ماڻهن جي روزاني جيوت ۾ اهو گفتو، صلاح يا هدايت طور ڪتب آندو وڃي ٿو، جن مان ٻين کي اڪثر صحيح واٽ تي هلڻ جو اشارو ملي ٿو.

Monday, August 19, 2013

آفريڪي ملڪن جي پهاڪن جي سنڌي پهاڪن سان ڀيٽ - س ب کوسو

آفريڪي ملڪن جي پهاڪن جي سنڌي پهاڪن سان ڀيٽ
س ب کوسو
هر سماج ۾ چوڻيون، پهاڪا رائج آهن پوءِ اولهه هجي يا اوڀر، ڪارڙن جو ديس آفريقا هجي يا گورن جو شهر برطانيه، يا خوشبوئن جو شهر فرانس هجي، هر سماج ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن. رڳو ٻولين جو فرق آهي پر معنيٰ ۽ مفهوم ٺهڪندڙ هوندا آهن.
ساڃاهه-وند داناءَ ماڻهو پنهنجي تجربي مشاهدي ۽ دور انديشي جي آڌار تي اهڙا گفتا چئي ويا آهن، جن کي چوڻيون يا پهاڪا چيو وڃي ٿو. اهي پهاڪا ۽ چوڻيون سماج جو اولڙو ٿين ٿيون. اسان وٽ به محفلن ۽ ڪچهرين ۾ موقعي مهل اهي چوڻيون پيش ڪيون وينديون آهن. تازو سائين الطاف شيخ جو هڪ مضمون ”دنيا ۾ چيا ويندڙ پهاڪا“ نظر مان گذريو. سائين الطاف شيخ، آفريقي ملڪن، صوماليه، ماريطانيه، موراڪو، سوڊان، بينگال ۽ نائجيريا جا پهاڪا لکيا آهن. آفريقي سماج جون چوڻيون اسان جي سنڌي چوڻين سان ٺهڪندڙ آهن. جيڪي پيش ڪجن ٿيون.

Saturday, August 10, 2013

شوق جو ڪو مُلهه ناهي هوندو - اَنيلا جوکيو

شوق جو ڪو مُلهه ناهي هوندو
شوق سلامت هُجي
اَنيلا جوکيو/قاسم آباد (حيدرآباد)

شوق به عجيب قسمن جا ٿين ٿا، ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪبوتر پالڻ جوشوق، ته ڪنهن کي ڪُڪڙيون، ڪنهن کي ڪُتن جو ڪريز، ته ڪو تِترن جو ديوانو. دراصل اهو شوق ئي آهي، جنهن ۾ ماڻهو جنون جي حد تائين (Involve) هوندو آهي. شوق جي شدت جي پورائيءَ لاءِ آخري حد تائين به وڃڻ لاءِ تيار هوندو آهي. ان ئي شوق جي خفت جي خَفي سبب، انهن ماڻهن لاءِ سندن ”قيمتي وقت“ جي به ڪا اهميت ناهي رهندي.

Tuesday, August 6, 2013

ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي.

ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي.
استاد شاگردن کي چيو: ”ھن عبارت؛ ’ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي‘ جا سبب لکو.
ھر شاگرد، پنھنجي نوعيت سان ان جي توضيح لکي. نموني طور ڪجھ ھيٺ لکجن ٿيون.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا ھر وقت کانئس اڳتي نڪرڻ لاءِ جُھد ڪندي آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، پوءِ به ھو وڏو ماڻھو ٿي ويندو آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن جي پويان ھڪ ننڍڙو مرد ھوندو آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن کان ھوشيار رھڻ بيحد ضروري آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا کيس ننڍڙو ڪرڻ جي ھڻ وٺ ۾ رڌل ھوندي آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا سندس متيون منجھائيندي آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا سندس وڏي ٿيڻ جي پويان بيٺي ھوندي آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا کيس ياد ڏياريندي آھي ته اتي رسڻ ۾ ابي جو ٿورو اٿئي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن کي سڌ نه ھوندي آھي ته سندس آڏو وڏو ماڻھو بيٺل آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا کانئس گھر جو خرچو/ليکو پئي گھرندي آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن جي پويان ننڍڙا ٻچڙا ھوندا آھن.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن جي ڪوتاھ قد سبب مرد وڏو نطر ايندو آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن کيس اڳيان ڪيو ھوندو آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن جو ھٿ سندس کيسي ۾ ھوندو آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا ٻين عورتن کي سندس ويجھو اچڻ نه ڏيندي آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن جي ھٿ ۾ سوٽي ھوندي آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا کيس ڪن ۾ چوندي آھي ته مون کان سواءِ ڪجھ به ناھين.

Saturday, July 13, 2013

نِج سنڌي لفظن جي اُپٽار - گرڏنه لعل سچڏيو

نِج سنڌي لفظن جي اُپٽار
گرڏنه لعل سچڏيو/لاڙڪاڻو
دوست خير محمد ٻرڙو سيوهاڻيءَ جو هڪ خط ۵ جولاءِ ۲۰۱۳ع جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن لفظ ”ڪهرام“ جي معنى ۽ مطلب واضح ڪيو آهي، ان سان منهنجي علم ۾ به اضافو ٿيو آهي. البته منهنجو مقصد پنهنجي نِج سنڌي ٻوليءَ جي لفظن کي نروار ڪرڻ آهي. اسانجا گهڻا دوست مختلف ٻولين جي لفظن کي استعمال ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن ۽ پنهنجي ماءُ جي لوليءَ واري ٻوليءَ جي لفظن کي اُچارڻ ۾ عار محسوس ڪندا آهن. صوفي بزرگ لطيف سرڪار جي ٻولي ۽ ڊاڪٽر گربجشاڻيءَ جي لکڻي، جنهن ۾ شاهه جو رسالو ترتيب ڏنل آهي، کي ڪيئن ٿو نظر انداز ڪري سگهجي. اها پڻ حقيقت آهي ته، سنڌي ٻوليءَ جي جُڙڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ کان اڳ يا پوءِ ايجاد ٿيل شين جا نالا، ٻوليءَ مان خارج نٿا ڪري سگهجن، ليڪن ان جو ترجمو ڪري سگهجي ٿو. جهڙوڪ؛
ٽيليفون = دُورگو.
ٽيليويزن = ڏورنما.
سائنس = تجرباتي علم.
بِلُ = حسابي فردي.
سائيڪل = پيرڙي.
گلاس = بلوري برتن.
بئروميٽر = هوا پيما.
مشين = ڪَلَ.
بلب = قمقمو.
ريفريجريٽر = سرد خانه.
بئنڪ = ساهوڪاري. وغيره.
جيڪڏهن مروج سنڌي لفظن کي اصل شڪل ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي، ته نئين نسل کي اُن جي ڄاڻ رهندي. مثال طور، اگر ھيٺ ڄاڻايل لفظن کي ھيئن لکيو ۽ پڙهيو وڃي ته بهتر ٿيندو.
بوٽ = جُوتو.
سُوٽ = جوڙو.
بونس = ساليانو انعام.
بينر = جَهنڊو.
بزنس = ڪارونهوار.
بيگ = ٿيلهو.
ٽئڪس = محصول.
بئراج = بند.
قميص جي بٽڻ = ٻِيڙو.
فيشن = رواج.
ماڊل = نمونو.
لَنچ = مانجهاندو.
وارنٽ = اجازت نامه.
نوٽيس = اطلاع.
بيلٽ = راءِ شماري.

بونٽ = مشين جو ڍڪڻ.

Thursday, June 13, 2013

بيضي جي ڇا مجال جو پٿرن سان وڙهي - الطاف شيخ

بيضي جي ڇا مجال جو پٿرن سان وڙهي
الطاف شيخ
پهاڪا ٻڌڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو شوق مونکي اسڪول جي ڏينهن کان وٺي رهيو آهي. اڄ کان ويهه سال اڳ، منهنجو ملئي، چيني ۽ جپاني زبانن جي پهاڪن جو انگريزي ڪتاب ڪوالالمپور ۾ ۽ سنڌي ڪتاب ”رُٺي آهي گهوٽ سان“ ڪراچيءَ ۾ ڇپيو. سئيڊن ۾ ڪجهه سال رهڻ دوران اتي جي زبان جا پهاڪا ته گڏ ڪري نه سگهيس پر دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل پنهنجي ڪلاس ميٽن سان يونيورسٽي توڙي هاسٽل ۽ ان جي ميس ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي ۽ انهن واتان ٻڌل پهاڪا ضرور نوٽ ڪندو ويس.سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ مون سان گڏ هڪ سئو کان مٿي ملڪن جا اسٽوڊنٽس هئا، جن جون مختلف زبانون، مذهب ۽ ڪلچرل پسمنظر هئا. هتي ڪجهه نوٽ ڪيل پهاڪا پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان، جيڪي آفريڪا جي شاگردن، خاص ڪري صوماليا، ماريطانيا، موراڪو، سوڊان، گهانا، سينيگال ۽ نائيجيريا جي ڪلاس ميٽن کان معلوم ڪري لکيا هئم.

Monday, June 3, 2013

عورت مخالف جوڙيل پهاڪا - زبير سومرو

عورت مخالف جوڙيل پهاڪا

زبير سومرو



آد جڳاد کان سماج، مثبت توڙي صنفي لاڙن، ٻنهي کي گڏگڏ کڻي هلندو آيو آهي. اها نه رڳو تاريخ جي چٽي حقيقت ئي آهي بلڪ فطرت جو قانون پڻ آهي ته سچ جو تصور بلڪ اهميت ڪوڙ جي وجود کان سواءِ بي معنيٰ آهي. نيڪي جو ٻيو نالو ”عدم برائي“ آهي، يعني برائيءَ جي وجود کان سواءِ نيڪي جو وجود اڻپورو آهي. پر هتي انهيءَ مان اهو اخذ نه ڪرڻ گهرجي ته ڪوڙ، برائي يا ڪنهن به منفي لاڙن جي وجود جي اهميت جي ڪري، انهن کي همٿائجي يا حمايت ڪجي، ڇوته تاريخ جي ٻين حقيقتن سان گڏ اها به همه گير حقيقت آهي ته هر دور جي سماج ڪوڙ ۽ برائيءَ کي ننديو آهي ۽ حق سچ جي پرچار ڪئي آهي.

Wednesday, March 27, 2013

سنڌي اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا - نور افروز خواجه


سنڌي اصطلاح چوڻيون ۽ پهاڪا
نور افروز خواجه


هر قوم جي سماجي تاريخ ۾ واقعاتي حقيقتون ۽ سماجي سچايون موجود هونديون آهن. پر حقيقت ۽ سچ، سماجي اڀياس جي لحاظ کان، الڳ شيون آهن. جيئن ته حقيقت جو تعلق واقعي حقيقت سان ۽ سچائيءَ جو تعلق سماج جي اندر موجود سچائيءَ سان هوندو آهي، تنهنڪري سماجي سچائي هر طرح، اعتبار جي قابل هوندي آهي.
ڪي واقعاتي حقيقتون ۽ ڪي سچايون، جيڪي هر سماج ۾ عملي طور ظاهر ٿينديون رهن ٿيون؛ سي واقعاتي حقيقتن جو هڪ قسم آهن. جيڪي خاص صورتحال ۾ پيدا ٿينديون آهن، ۽ ڪن خاص مقرر ڏينهن جي مقرر عرصي اندر جنم وٺن ٿيون، ۽ اهڙيءَ طرح سماج ۾ رونما ٿينديون رهن ٿيون. انهن مان هر هڪ حقيقت ۽ سچائيءَ جي صورتحال، هڪ واقعي جهڙي هوندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ سماج اندر ٻولي به پاڻ منجھ تبديلي آڻي ٿي ۽ هر صورتحال کي ڪنهن نه ڪنهن نالي/ وصف ڏيڻ يا بيان ڪرڻ لاءِ نوان لفظ، اصطلاح، محاورا، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود ڪري ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته؛ سماجي سچائي ۽ حقيقت نگاري، جيڪا حقيقت ۽ سچائيءَ جي روپ ۾ جنم وٺي ٿي، سا سماج جي ٻوليءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان تبديلي ۽ واڌارو پيدا ڪري ٿي. جنهن ڪري هر دور ۾ اصطلاح، پهاڪا، محاورا ۽ چوڻيون جيڪي ماحول ۽ حالتن جي اثر ڪري حقيقت ۽ سچ کي پيش ڪن ٿيون، سي حالتن، حقيقتن، سچاين، تهذيبن، تمدنن کي سمائينديون رهن ٿيون.

Friday, March 22, 2013

ساھتي پرڳڻي جا اصطلاح ۽ پھاڪا - ڀيرومل مھرچند آڏواڻي

ساھتي پرڳڻي جا اصطلاح ۽ پھاڪا
ڀيرومل مھرچند آڏواڻي

ساهتيءَ جا خاص اصطلاح ۽ ورجيسون

(الف) ‘ڊڀري جو ڪمي’ معنيٰ بيگر ۾ وهندڙ يا مفت ۾ ڪم ڪندڙ. ’ڊڀرو‘ جنهن کي ’درٻيلو‘ به چون، سو ڪنڊيارو تعلقي ۾ آهي.
(ب) ‘پنجوءَ جي پَڻ ساڻ هڻڻ’ معنيٰ “واجبيءَ کان وڌيڪ طلبڻ، يا ڊگهي ڳالهه ڪرڻ”. ساهتي پرڳڻي ۾ پنجوءَ نالي هڪ واڻئي وٽ هڪ وڏو پڻ (اَن جو ماپو) هو، تنهن تان اهو اصطلاح ٺهيو.
 (ج) ‘پنج پنجوءَ جا کُٽا ئي پيا آهن’، يعني ‘ٻارهوئي کوٽ اٿس (پئسو کپيس)’.

Thursday, March 21, 2013

گڏهه بطور انتخابي نشان - نويد اڄڻ


گڏهه بطور انتخابي نشان!
نويد اڄڻ - کهڙا (گمبٽ)
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”سونٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوھي ئي نه ڪري“. ظاهري طور گڏهه هڪ سادو سودو ۽ عام جانور آهي. اسان روزانو زندگيءَ ۾ گڏهن کان ڪيئي ڪم وٺندا آهيون. گڏهه ماڻهن جي ايترو ته چوڻ ۾ هوندا آهن، جو هو انهن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائيندا آهن. اگر ڪو ماڻهو جيڪڏهن ڏهن گڏهن کي هلائي مٽي ڍوئي ٿو ته ڀلي هو آخري گڏهه تي ويٺل ڇو نه هجي پر پوءِ به مجال آهي جو پهريان ۹ گڏهه، ان جي حڪم کانسواءِ رستي تان ٿِڙن. ان کان علاوه ڪافي ماڻهو پنهنجي پيٽ گذر لاءِ گڏهه گاڏو هلائيندا آهن، هو انهن کي گاڏين طور استعمال ڪندا آهن. بهرحال گڏهن جي اسان جي زندگي ۾ تمام گهڻي اهميت آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته، ڪجهه ماڻهن ۽ گڏهن ۾ ڪا نه ڪا مشابهت ضرور هوندي آهي. ڪجهه ماڻهو ايترا ته سادا هوندا آهن، جو ڀلي ڪير انهن تي ڪيترو به تشدد ڪري، پر مجال آهي جو هو ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍن. بلڪل گڏهه وانگر خاموش رهي، تشدد برداشت ڪندا رهندا آهن. ارسطو به شايد تڏهن ئي چيو هوندو ته، ”انسان هڪ سماجي جانور آهي“. گذريل چند سال پهريان گڏهه جي ايتري ته عزت ٿي هئي جو آمريڪا جهڙي سپر پاور ملڪ ۾ گڏهه اليڪشن جي نشان طور استعمال ٿيڻ لڳو.

Tuesday, February 19, 2013

اُهو ڪجي، جو مينهَن وَسندي ڪم اچي. پروفيسر مدد علي جهتيال


اُهو ڪجي، جو مينهَن وَسندي ڪم اچي.
پروفيسر مدد علي جهتيال/ قاسم آباد (حيدرآباد)
مون هڪ شخص کان سوال ڪيو؛ ”چاچا! اوهان جي هن وقت عمر ڪيتري ٿيندي؟“
جواب ڏنائين؛ ”۵۰ يا ۵۵ سال هوندي.“
وري مون سوال ڪيومانس؛ ”۵۰ يا ۵۵ سالن جي عمر ۾، اوهان پاڻ لاءِ، پنهنجي اولاد لاءِ ۽ هن سماج لاءِ ڇا ڪيو آهي؟“
سندس جواب هو؛ ”آئون ڇا ڪيان؟ مون کي والدين نه پڙهايو ۽ نه ئي ڪو هُنر سيکاريو. هاڻي آئون ريڙهو هلائي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو پيٽ پاليان پيو.“

Monday, February 18, 2013

موڳيون مُرليون، جوڳي ڄَٽَ - حسام ميمڻ


موڳيون مُرليون، جوڳي ڄَٽَ
ٻولي ڏهاڙي تي لکيل اداريو

حسام ميمڻ
پهاڪو، چوڻي، ڳجهارت، محاورو، اصطلاح، ترڪيب ۽ ورجيس، هي سڀ ٻوليءَ جي سونهن آهن، پر انهن شين تي سوچڻ وارا تمام گهٽ آهن. ياد ٿو پويم ته سنڌ ۾ ڪي اڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن، جن انهن تي ڏينهن رات سوچيو، لوچيو، لکيو ۽ پوءِ سهيڙي ڪجهه ڪتاب يا ڪتابڙا ڇپرايا، نه ته اسان وٽ ته بنهه ڀينگ هجي ها، جي اسان وٽ مرزا قليچ بيگ، پرمانند ميوارام، عبد الڪريم سنديلو، مرليڌر جيٽلي، ڪاڪو ڀيرو مل، نبي بخش بلوچ ۽ جديد دور ۾ انجنيئر عبدالوهاب سهتو، خالد ڀٽي، نقش ناياب منگي، عزيز ڪنگراڻي ۽ اهڙا ڪجهه ٻيا ملوڪ ماڻهو پيدا نه ٿين ها ته پوءِ سوچيو ته اسانجو ته جُهڳو ئي جهڻ هجي ها نه!

Wednesday, February 13, 2013

”اڪ جي ماکي“ جو اصطلاح استعمال ڪٿي ڪجي؟ - نويد ناز اڄڻ

”اڪ جي ماکي“ جو اصطلاح استعمال ڪٿي ڪجي؟
نويد ناز اڄڻ/کهڙا
ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اصطلاح جو هجڻ، ان ٻوليءَ جو سينگار هوندو آهي. اصطلاحن ذريعي، وسيع معنيٰ کي، مُختصر لفظن ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. اصطلاح ڪنهن به ٻوليءَ جو هجي، ان جي ايجاد جي پٺيان ڪو نه ڪو واقعو ضرور هوندو آهي. انگريزي ٻوليءَ ۾ موجود اصطلاحن پٺيان به ڪا نه ڪا تاريخ آهي، جن جي بنياد تي اهي اصطلاح جڙيا.
انهن مان ٻن اصطلاحن جي وضاحت ڪجي ٿي.
انگريزي ٻوليءَ جو هڪ مشهور اصطلاح آهي؛ (An Apple of discord) جنهن جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ اسان، ”تڪرار جي نشاني“ ڪڍي سگهون ٿا. (جھيڙي جي پاڙ يا تنازعي جو سبب به آھن- مرتب)
هن اصطلاح جي ٺهڻ لاءِ، انگريزي گرامر جي ڪتابن ۾ هيئن اچي ٿو ته؛ ’برطانيا جي راڻيءَ جڏهن شاديءَ جو اعلان ڪيو ته، هزارين ماڻهو ان سان شاديءَ جا طَلبگار ٿيا. هاڻي راڻيءَ سان مسئلو پيدا ٿيو ته، هيڏن سارن ماڻهن مان آخر ڪهڙي خوشنصيب سان هو شادي ڪري؟ ان ڪري هن اعلان ڪيو ته؛ هوءَ هڪ صوف اُڇلائيندي، جنهن اهو صوف کنيو، اهو سندس جيون ساٿي ٿيندو. جڏهن صوف اڇلايو ويو ته، هر هڪ صوف کڻڻ لاءِ ڀڄڻ لڳو. ائين صوف ماڻهن جي پيرن ۾ اچي ڦِسي پيو ۽ ماڻهو هڪٻئي سان وڙهڻ لڳا. ائين هي اصطلاح (An Apple of discord) يعني تڪرار جي نشاني جڙيو.