ساھتي پرڳڻي جا
اصطلاح ۽ پھاڪا
ڀيرومل مھرچند آڏواڻي
ساهتيءَ جا خاص اصطلاح ۽ ورجيسون
(الف) ‘ڊڀري جو ڪمي’ معنيٰ بيگر ۾ وهندڙ يا مفت ۾ ڪم ڪندڙ. ’ڊڀرو‘
جنهن کي ’درٻيلو‘ به چون، سو ڪنڊيارو تعلقي ۾ آهي.
(ب) ‘پنجوءَ جي پَڻ ساڻ هڻڻ’ معنيٰ “واجبيءَ کان وڌيڪ طلبڻ، يا
ڊگهي ڳالهه ڪرڻ”. ساهتي پرڳڻي ۾ پنجوءَ نالي هڪ واڻئي وٽ هڪ وڏو پڻ (اَن جو ماپو)
هو، تنهن تان اهو اصطلاح ٺهيو.
(ج) ‘پنج پنجوءَ جا کُٽا ئي
پيا آهن’، يعني ‘ٻارهوئي کوٽ اٿس (پئسو کپيس)’.
