ساھتي پرڳڻي جا
اصطلاح ۽ پھاڪا
ڀيرومل مھرچند آڏواڻي
ساهتيءَ جا خاص اصطلاح ۽ ورجيسون
(الف) ‘ڊڀري جو ڪمي’ معنيٰ بيگر ۾ وهندڙ يا مفت ۾ ڪم ڪندڙ. ’ڊڀرو‘
جنهن کي ’درٻيلو‘ به چون، سو ڪنڊيارو تعلقي ۾ آهي.
(ب) ‘پنجوءَ جي پَڻ ساڻ هڻڻ’ معنيٰ “واجبيءَ کان وڌيڪ طلبڻ، يا
ڊگهي ڳالهه ڪرڻ”. ساهتي پرڳڻي ۾ پنجوءَ نالي هڪ واڻئي وٽ هڪ وڏو پڻ (اَن جو ماپو)
هو، تنهن تان اهو اصطلاح ٺهيو.
(ج) ‘پنج پنجوءَ جا کُٽا ئي
پيا آهن’، يعني ‘ٻارهوئي کوٽ اٿس (پئسو کپيس)’.
ساهتيءَ جا پھاڪا ۽ چوڻيون
ساهتي پرڳڻي مان اسان کي پهاڪا به مليا آهن: جهڙوڪ:
(۱) اول پيٽ پنجوءَ جو ٻار ٻچا سڀ پوءِ.
(۲) ’چَٽي چنيجن جي، پرڻ تي پيئي’. چنيجا ۽ پرڻ نالي ٻه ڳوٺ موري
تعلقي ۾ هڪٻئي جي آمهون سامهون، ٻن وڏن شاهي دڙن تي ٻڌل آهن. اصل ٻنهي ڳوٺن وارا
هڪٻئي کي گهڻو ويجهو رهندا هئا. هڪ لڱا ڪي ڌاڙيلا ڪن چنيجاين کي ڌاڙو هڻڻ ٿي ويا
پر رات جي وڳڙي ۾ ڀلجي وڃي پرڻ کي ڌاڙو هنيائون. هاڻ جڏهن هڪ جي
بدران ٻيو آهيءَ ۾ اچي وڃي، يا هڪ جو ڏوهه ٻئي تي پوي، تڏهن ائين چون.
(۳) ڦلوءَ واڻي رات وهاڻي، ڳالهين ڪندي ڳوٽي کاڻي. ڦلوءَ نالي هڪ
واڻيو ڳوٺ ڀريا تعلقي نوشهري ۾ ٿي گذريو آهي، جنهن بابت هڪ گيت به ٺهيل آهي ته
‘ڦلو هڪ ڳوٺاڻو هو، مزي جهڙو واڻيو هو’.
(۴) ’اهڙي جٺ ڪيائينس، جهڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان’. ٻرڙن جي ذات وارا
نوشهري، ڪنڊياري ۽ (قنبر) تعلقن ۾ گهڻا آهن. هڪ ڳوٺ سندن نالي پٺيان ‘ٻرڙا’ سڏجي
ٿو. هن پهاڪي جو بنياد هن طرح آهي: هڪ لڱا ڪي ٻرڙا پنهنجا ٻار پنهنجي ڪنهن
ذاتڀائيءَ جي سنڀال هيٺ ڇڏي، پاڻ لاباري تي ويا. پٺيان ٻارن گهڻو هلاک ڪيس، ته
ٻرڙي اهڙو ڪم ڪيو، جو ٻارن کي اَن جي گنديءَ ۾ بند ڪري، سندن مائٽن کي وڃي
چتايائين ته پنهنجا ٻار وڃي پاڻ سنڀاليو. مون کان سنڀاليا نٿا ٿين. انهيءَ تان اهو
پهاڪو پيو.
(۵) ‘ٻرڙي پوي نه ٻاجهه، ڀر ۾ ٿو ڀاءُ مري’. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي
ڪنهن غريب ڀاءُ پرائي جو قياس نه ڪندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.
(۶) ’ٻيو هر ڪو اچڻو وڃڻو، پمو ٿانائي’. پمون (پمن) نالي ساهتيءَ جو هڪ واڻيو
لڳڻي ٻيڙي هو، تنهنڪري جڏهن ڪو ماڻهو هڪ هنڌ گهڻو وقت کپ کوڙي ويهندو آهي، تڏهن هن
لاءِ ائين چئبو آهي.
(سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تان کنيل)
No comments:
Post a Comment