Sunday, October 25, 2026

ٿر جي راڄن ڀاڳن ۾ فيصلن جا ڏاھا ۽ سُڃاڻپ جا پارکُو - ڀارومل امراڻي

ٿر جي راڄن ڀاڳن ۾ فيصلن جا ڏاھا ۽ سُڃاڻپ جا پارکُو

ڀارومل امراڻي



ٿر ۾ هاڻي چئن گهرن جي ڍاڻي، وانڍ ۽ وانڊيئي جو رواج وڌي رهيو آهي پر اڳ ۾ وڏو ڳوٺ ٻڌي مختلف ڪڙمن قبيلن جي ماڻهن جو گڏجي ويهڻ جو رواج گهڻو هوندو هو. وڏن ستن راڄن يعني ستن ڳوٺن گڏجي ست راڄي ‘راڄ ڀاڳ’ جوڙيو، ڪٿي ڪٿي ٻارنهن تڙن يعني ۱۲ ڳوٺن جو گڏيل راڄ ڀاڳ رهيو آهي. گڏيل راڄ ڀاڳ ۾ وسندڙ ماڻهن جا اٿڻ ويهڻ، ريتون رسمون، مرڻا پرڻا، ڏک سک سڀ گڏيل رهيا آهن. هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ سمورين بردارين جو گڏيل پنچائتي نظام يا ڳوٺاڻو راڄوڻي نظام هوندو هو. جنهن ۾ سڀ گڏجي ويهندا هئا. سمورن جي راءِ جي اهميت هوندي هئي. ڪير به ڪنهن کان ننڍو وڏو نه هوندو نه هو. لوڪ ڏاهپ جي چوڻي ۾ چيو ويندو آهي ته ‘مڱ جو ڪڻ مڱ جي ڪڻ کان موٽو (وڏو) نه آهي’. پر وقت گذرڻ سان هڪڙي اڳواڻ جو رواج پيو، گهر جي اڳواڻي کان وٺي پاڙي، ڳوٺ، ست راڄي ۽ ٻارنهن تڙن تائين جڙيل گڏيل نظام ۾ مختلف لقبن جا ڌڻي سامهون آيا. انگريز دور ۾ لفظ ‘پٽيل’ پروان چڙهيو، پٽيل جي معني آهي ٻني جي مالڪاڻي حق وارو پٽو کندڙ، جنهن کي ٻنين جي مالڪاڻي حق وارا وڌيڪ پٽا مليا، اهو ٿيو وڏو پٽيل. مکي ۽ ٽيلات بردارين جا اڳواڻ هوندا آهن. اهڙي طرح وڏيرو به ڳوٺ ۾ وڏي حيثيت رکندڙ کي چيو ويندو آهي. انهن سان گڏ راڄ ڀاڳ ۾ نيڪ مرد جي ناموس رهي آهي. ڳوٺ جي نيڪ مرد کي اڄ به ‘ساک پت’ وارو به چوندا آهن. جنهن جي ڳالهه تي اعتبار ڪيو ويندو آهي. هن جي ڳالهه، قسم جي برابر هوندي آهي. ڪنهن معاملي تي چار چڱا مڙس لنگهي ويا يا ڪنهن وٽ منٿ ميڙ ڪئي ته معاملو در گذر ڪيو ويندو آهي. فيصلي دوران يا اڳ ۾ جوابدار ڌر جي وڏي يا ان جي پاران ڪنهن نيڪ مرد، منٿ جي لاءِ پٽڪو لاٿو ته به ڏوهه معاف ٿي ويندو آهي. نياڻين جي ميڙ کي وڏو مان ڏنو ويندو آ هي.

Thursday, September 10, 2026

ڪڏهن ماٽي مٽ تي، ڪڏهن ماٽيءَ مٿان مٽ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڪڏهن ماٽي مٽ تي، ڪڏهن ماٽيءَ مٿان مٽ.

(سنڌ، پهاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



مٽ: ٺڪر جو مٽ يا دلو، جيڪو پڻ ترڻ جي ڪم ايندو آهي.

ماٽي: جيڪو ماڻهو پلن جي مند ۾، پيٽ ڀر مٽ تي چڙهي پلا ماري.

Saturday, September 5, 2026

سنڌيءَ ۾ جانورن سان لاڳاپيل نشانين، علامتن ۽ تمثيلن جو سماجي لسانياتي اڀياس - مشتاق راھو

سنڌيءَ ۾ جانورن سان لاڳاپيل نشانين، علامتن ۽ تمثيلن جو سماجي لسانياتي اڀياس

ڊاڪٽر نذير احمد کوکر جي ڪتاب جو تبصرو

مشتاق راھو



ڊاڪٽر نذير احمد کوکر جو لکيل هي ڪتاب هڪ اهم تحقيقي ڪم آهي. هي ڪتاب تازو ئي سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران شايع ڪيو ويو آهي. مون ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ جانورن سان لاڳاپيل نشانين، تشبيهن ۽ استعارن بابت اهڙو تفصيلي ۽ تحقيق تي ٻڌل مطالعو اڳ ڪڏهن به نه پڙهيو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف سنڌي ٻولي ۽ سماج ۾ جانورن سان لاڳاپيل نشانين، علامتن ۽ اصطلاحن جي استعمال جو ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب اهو به واضح ڪري ٿو ته سنڌي ثقافت، روزمره جي گفتگو ۽ ادب ۾ جانورن جون علامتون مختلف معنائن ۽ خيالن جي اظهار لاءِ ڪيئن استعمال ٿين ٿيون. ان سان گڏ اها پڻ تحقيق ڪئي وئي آهي ته ٻوليءَ ۾ جانورن جون علامتون ڇو استعمال ڪيون وڃن ٿيون.

لساني علامتون عام طور تي ٻن قسمن جون هونديون آهن.

Wednesday, September 2, 2026

ڪلر تي مينھن جو پاڻي، ڪھڙا سلا پيدا ڪندو؟ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڪلر تي مينھن جو پاڻي، ڪھڙا سلا پيدا ڪندو؟

(سنڌ، پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ڪلر؛ ڪلراٺي زمين، سيڪ وتي زمين، ساڻي زمين.

مينھن جو پاڻي؛ مينھاڻي، برساتي پاڻي.

ڪلر تي، يعني ڪلراٺي پٽ تي يا ڪلراٺي زمين ۾، مينھن پوندو به، ٻج پيل به ھوندو يا ڇٽبو بہ، ڪلر سبب ڦٽندو ڪو نه. اھا ھڪ عام زرعي صورت آ.

مينھن جو پاڻي، عام مٺي زمين ۾، بھترين ڦُٽل فصل به سڪايو ڇڏي! ان ڪري ئي ته سياڻا آبادگار، برسات کان پوءِ، تڪڙ ڪري، برسات جي گپ ھوندي به، آبپاشي جو پاڻي ڏيندا آھن. جڏھن ته تيزابي برساتن جو خطرناڪ اثر ته ھر جاندار تي به ٿيندو آھي! اھو ئي سبب آھي جو پھرين برسات ۾ وھنجڻ کان وڏڙا منع ڪندا آھن.

ھٿ-ڦاڙ ٿي، پشيمان ٿيڻ کان، منڍئون ڪڇي ڦاڙجي. - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ھٿ-ڦاڙ ٿي، پشيمان ٿيڻ کان، منڍئون ڪڇي ڦاڙجي.

(سنڌ، پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھٿ-ڦاڙ؛ وڏو خرچائو، اجايا خرچ ڪندڙ، بنا تور تڪ جي ضايع ڪندڙ.

ڪڇي ڦاڙڻ؛ مئي يا ماپي ڪپڙو ڪٽجي ته جيئن منجھانئس لٽا پورا پنا ٺھن. نه کرن، نه وڏا ٿي وڃن.

ڪپڙو ائين ڪٽجي جيئن ڪپڙو اجايو ضايع نه ٿئي. باقي بچيل ڪپڙي مان ٻيو ڪارج سري سگھي. نه ئي لُنڊا ٺاھجن جو موراڳو، ڪم اچڻ بجاءِ اڇلڻا پئجي وڃن. سوچي سمجھي قدم کڻجي. ان ۾ ڀلائي آھي.

Tuesday, August 25, 2026

ھڪڙي ٽپي سان کوھ ۾ ڪربو آ، سؤ ٽپا ڏبا ته به نڪري ڪو نه سگھبو آ. - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ھڪڙي ٽپي سان کوھ ۾ ڪربو آ،

سؤ ٽپا ڏبا ته به نڪري ڪو نه سگھبو آ.

(پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



کوھ اندر ڪِرڻ جي لاءِ، ٽپ ڏيڻ جي به ضرورت ناھي. فقط پاڻُ ڇڏڻ جي دير آھي. ڇو جو ھيٺ وٺي وڃڻ لاءِ، زمين جي ڪشش ثقل ئي ڪافي آ. ڪو زور يا طاقت لڳائڻ جي ضرورت ڪا نه ٿي پوي. ان جي ڀيٽ ۾ ھيٺان کان مٿي وڃڻ لاءِ، ٻن شين جي خلاف زور آزمائي ٿي ڪرڻي پوي. ھڪڙو پنھنجي جان جو وزن، جيڪو ھيٺان کان مٿي پاڻ سان نيڻو آھي. ٻيو ڪشش ثقل جي مخالفت ۾ وڃڻ لاءِ، مقابلي وارو زور لڳائڻو آھي. کوھ جي اونھائي، ٽپي ڏيڻ سان پار پوڻ اوکي ٿيو پوي. ان ڪري کوھ مان نڪرڻ لاءِ سوين ٽپا ڏيڻ به ايترا مددگار نه ٿا ٿين. منجھانئن ڪنھن ھڪ اڌ ۾ ڪاميابي ملي ته واھ، نه ته ٽپا ڏيڻ ئي بيسود ٿي ويندا.

وڏيرو ويساھي وڙھي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

وڏيرو ويساھي وڙھي.

(ٿر، چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ويساھي وڙھڻ؛ ويساھ ويھاري ڌڪ ھڻڻ، بي خبرو ڌڪ ھڻڻ، اڻڄاتي ۾ ڇاپڙ ھڻڻ.

ھر ھڪ وٽ وڙھڻ لاءِ پنھنجو گر، ھٿيار ۽ ڏانءُ آھي. جھڙوڪ؛ دوبدو وڙھڻ وارن ۾ ڏاند، سڱن سان، ھاٿي سونڍ سان، سوئر وڄ سان، ماڇي ڏڦي سان، گڏھ اٽ سان، گھوڙو دو-لتي يا پستيءَ سان وغيرھ وغيرھ. انھن جي اڳواٽ ڄاڻ ھوندي آھي. ان ڪري اھڙو بچاءُ پڻ ڳولي رکبو آھي.