Saturday, September 5, 2026

سنڌيءَ ۾ جانورن سان لاڳاپيل نشانين، علامتن ۽ تمثيلن جو سماجي لسانياتي اڀياس - مشتاق راھو

سنڌيءَ ۾ جانورن سان لاڳاپيل نشانين، علامتن ۽ تمثيلن جو سماجي لسانياتي اڀياس

ڊاڪٽر نذير احمد کوکر جي ڪتاب جو تبصرو

مشتاق راھو



ڊاڪٽر نذير احمد کوکر جو لکيل هي ڪتاب هڪ اهم تحقيقي ڪم آهي. هي ڪتاب تازو ئي سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران شايع ڪيو ويو آهي. مون ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ جانورن سان لاڳاپيل نشانين، تشبيهن ۽ استعارن بابت اهڙو تفصيلي ۽ تحقيق تي ٻڌل مطالعو اڳ ڪڏهن به نه پڙهيو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف سنڌي ٻولي ۽ سماج ۾ جانورن سان لاڳاپيل نشانين، علامتن ۽ اصطلاحن جي استعمال جو ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب اهو به واضح ڪري ٿو ته سنڌي ثقافت، روزمره جي گفتگو ۽ ادب ۾ جانورن جون علامتون مختلف معنائن ۽ خيالن جي اظهار لاءِ ڪيئن استعمال ٿين ٿيون. ان سان گڏ اها پڻ تحقيق ڪئي وئي آهي ته ٻوليءَ ۾ جانورن جون علامتون ڇو استعمال ڪيون وڃن ٿيون.

لساني علامتون عام طور تي ٻن قسمن جون هونديون آهن.

Wednesday, September 2, 2026

ڪلر تي مينھن جو پاڻي، ڪھڙا سلا پيدا ڪندو؟ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڪلر تي مينھن جو پاڻي، ڪھڙا سلا پيدا ڪندو؟

(سنڌ، پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ڪلر؛ ڪلراٺي زمين، سيڪ وتي زمين، ساڻي زمين.

مينھن جو پاڻي؛ مينھاڻي، برساتي پاڻي.

ڪلر تي، يعني ڪلراٺي پٽ تي يا ڪلراٺي زمين ۾، مينھن پوندو به، ٻج پيل به ھوندو يا ڇٽبو بہ، ڪلر سبب ڦٽندو ڪو نه. اھا ھڪ عام زرعي صورت آ.

مينھن جو پاڻي، عام مٺي زمين ۾، بھترين ڦُٽل فصل به سڪايو ڇڏي! ان ڪري ئي ته سياڻا آبادگار، برسات کان پوءِ، تڪڙ ڪري، برسات جي گپ ھوندي به، آبپاشي جو پاڻي ڏيندا آھن. جڏھن ته تيزابي برساتن جو خطرناڪ اثر ته ھر جاندار تي به ٿيندو آھي! اھو ئي سبب آھي جو پھرين برسات ۾ وھنجڻ کان وڏڙا منع ڪندا آھن.

ھٿ-ڦاڙ ٿي، پشيمان ٿيڻ کان، منڍئون ڪڇي ڦاڙجي. - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ھٿ-ڦاڙ ٿي، پشيمان ٿيڻ کان، منڍئون ڪڇي ڦاڙجي.

(سنڌ، پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھٿ-ڦاڙ؛ وڏو خرچائو، اجايا خرچ ڪندڙ، بنا تور تڪ جي ضايع ڪندڙ.

ڪڇي ڦاڙڻ؛ مئي يا ماپي ڪپڙو ڪٽجي ته جيئن منجھانئس لٽا پورا پنا ٺھن. نه کرن، نه وڏا ٿي وڃن.

ڪپڙو ائين ڪٽجي جيئن ڪپڙو اجايو ضايع نه ٿئي. باقي بچيل ڪپڙي مان ٻيو ڪارج سري سگھي. نه ئي لُنڊا ٺاھجن جو موراڳو، ڪم اچڻ بجاءِ اڇلڻا پئجي وڃن. سوچي سمجھي قدم کڻجي. ان ۾ ڀلائي آھي.

Tuesday, August 25, 2026

ھڪڙي ٽپي سان کوھ ۾ ڪربو آ، سؤ ٽپا ڏبا ته به نڪري ڪو نه سگھبو آ. - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ھڪڙي ٽپي سان کوھ ۾ ڪربو آ،

سؤ ٽپا ڏبا ته به نڪري ڪو نه سگھبو آ.

(پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



کوھ اندر ڪِرڻ جي لاءِ، ٽپ ڏيڻ جي به ضرورت ناھي. فقط پاڻُ ڇڏڻ جي دير آھي. ڇو جو ھيٺ وٺي وڃڻ لاءِ، زمين جي ڪشش ثقل ئي ڪافي آ. ڪو زور يا طاقت لڳائڻ جي ضرورت ڪا نه ٿي پوي. ان جي ڀيٽ ۾ ھيٺان کان مٿي وڃڻ لاءِ، ٻن شين جي خلاف زور آزمائي ٿي ڪرڻي پوي. ھڪڙو پنھنجي جان جو وزن، جيڪو ھيٺان کان مٿي پاڻ سان نيڻو آھي. ٻيو ڪشش ثقل جي مخالفت ۾ وڃڻ لاءِ، مقابلي وارو زور لڳائڻو آھي. کوھ جي اونھائي، ٽپي ڏيڻ سان پار پوڻ اوکي ٿيو پوي. ان ڪري کوھ مان نڪرڻ لاءِ سوين ٽپا ڏيڻ به ايترا مددگار نه ٿا ٿين. منجھانئن ڪنھن ھڪ اڌ ۾ ڪاميابي ملي ته واھ، نه ته ٽپا ڏيڻ ئي بيسود ٿي ويندا.

وڏيرو ويساھي وڙھي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

وڏيرو ويساھي وڙھي.

(ٿر، چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ويساھي وڙھڻ؛ ويساھ ويھاري ڌڪ ھڻڻ، بي خبرو ڌڪ ھڻڻ، اڻڄاتي ۾ ڇاپڙ ھڻڻ.

ھر ھڪ وٽ وڙھڻ لاءِ پنھنجو گر، ھٿيار ۽ ڏانءُ آھي. جھڙوڪ؛ دوبدو وڙھڻ وارن ۾ ڏاند، سڱن سان، ھاٿي سونڍ سان، سوئر وڄ سان، ماڇي ڏڦي سان، گڏھ اٽ سان، گھوڙو دو-لتي يا پستيءَ سان وغيرھ وغيرھ. انھن جي اڳواٽ ڄاڻ ھوندي آھي. ان ڪري اھڙو بچاءُ پڻ ڳولي رکبو آھي.

Monday, August 17, 2026

نئين کدڙي؛ طبلي جو زيان

نئين کدڙي؛ طبلي جو زيان.

(سرو، پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



کدڙي کي جسماني طور، ٻانھن توڙي ڄنگھن ۾، عورت توڙي مرد کان سگھ، وڌيڪ ھوندي آ. جڏھن نچڻ بيھندو آ ته نه ٻانھن ۾ ٿڪبو آ ۽ نه وري جنگھن ۾. طبلائيءَ جون کنڀڙون پيون سور ڪنديون. ھڪڙو طبلائي مٽجي، ٻيو طبلائي پيو طبلو وڄائيندو. ڪٽجي ڪٽجي، طبلو ڇڄي پوندو، پر نئون کدڙو مجال آ جو ٿڪجي. ڇو جو نئون نچڻ جو جيڪو شونق اٿس، سو کيس ٿڪجڻ نه ڏيندو آ.

Thursday, August 6, 2026

لاک وڪامي سون برابر - يوسف جميل

 

لاک وڪامي سون برابر

(سنڌ، چوڻي)

يوسف جميل



لاک مان مراد لک (Lac) آهي، جيڪو هڪ قدرتي رال (Resin) آهي. اها هڪ ننڍڙي جيت (Lac insect) وڻن جي ٽارين تي پيدا ڪري ٿي. هن مان شيون جهڙوڪ شيلاک (Shellac)، وارنش، رنگ ۽ سينگار جون ڪجهه شيون تيار ڪيون وينديون آهن.