اُهو ڪجي، جو مينهَن وَسندي
ڪم اچي.
پروفيسر
مدد علي جهتيال/ قاسم آباد (حيدرآباد)
مون هڪ شخص کان سوال ڪيو؛ ”چاچا! اوهان جي هن وقت عمر ڪيتري ٿيندي؟“
جواب ڏنائين؛ ”۵۰ يا ۵۵ سال هوندي.“
وري مون سوال ڪيومانس؛ ”۵۰ يا ۵۵ سالن جي عمر ۾، اوهان پاڻ لاءِ، پنهنجي
اولاد لاءِ ۽ هن سماج لاءِ ڇا ڪيو آهي؟“
سندس جواب هو؛ ”آئون ڇا ڪيان؟ مون کي والدين نه پڙهايو ۽ نه ئي ڪو هُنر
سيکاريو. هاڻي آئون ريڙهو هلائي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو پيٽ پاليان پيو.“
وري مون سوال ڪيو؛ ”توهان کي اولاد ڪيترو آهي؟“
چيائين؛ ”مون کي 5 پٽ ۽ 6 نياڻيون آهن.“
مون کانئس پڇيو؛ ”توهان پنهنجي ٻارن لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ انهن کي تعليم يا
هنر سيکاريو آهي جو هو پنهنجي زندگي سٺي گذاري سگهن؟“
جواب ڏنائين؛ ”آئون به انهن کي پڙهائي ڪو نه سگهيس. نه ئي ڪو هُنر ڏياري
سگهيس.“
مون پڇيس؛ ”چاچا! جيئن توهان سان توهان جي والدين ڪيو، توهان به پنهنجي
اولاد سان ساڳيو ورتاءُ ڪيو آهي.“
جواب ڏنائين؛ ”بس! غفلت ۾ خبر ناهي، ڪيئن وقت گذري ويو، جو خبر ئي ڪا
نه پئي. هاڻي ڏاڍو پريشان آهيان.“
مطلب: ڪو به معاشرو، علم جي روشنيءَ کانسواءِ، ترقيءَ جي منزلن تائين،
نه ٿو پهچي سگهي. ان لاءِ ضروري اهو آهي ته اسان پنهنجن ٻارڙن جي تعليم ڏانهن وڌ کان
وڌ توجهه ڏيون ۽ کين سُٺي تعليم ڏياريون ۽ کين قابل انسان بڻايون. اهو هرگز نه هجڻ
کپي ته، جيڪڏهن اسين ڪن سببن جي ڪري تعليم جهڙي زيور کان محروم رهياسين ته اسان جو
ايندڙ مستقبل به علم جي روشنيءَ کان محروم رهي.
No comments:
Post a Comment