آفريڪي ملڪن جي پهاڪن جي سنڌي پهاڪن سان ڀيٽ
س ب کوسو
هر سماج ۾ چوڻيون، پهاڪا رائج آهن پوءِ اولهه هجي يا
اوڀر، ڪارڙن جو ديس آفريقا هجي يا گورن جو شهر برطانيه، يا خوشبوئن جو شهر فرانس هجي،
هر سماج ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن. رڳو ٻولين جو فرق آهي پر معنيٰ ۽ مفهوم ٺهڪندڙ
هوندا آهن.
ساڃاهه-وند داناءَ ماڻهو پنهنجي تجربي مشاهدي ۽ دور
انديشي جي آڌار تي اهڙا گفتا چئي ويا آهن، جن کي چوڻيون يا پهاڪا چيو وڃي ٿو. اهي پهاڪا
۽ چوڻيون سماج جو اولڙو ٿين ٿيون. اسان وٽ به محفلن ۽ ڪچهرين ۾ موقعي مهل اهي چوڻيون
پيش ڪيون وينديون آهن. تازو سائين الطاف شيخ جو هڪ مضمون ”دنيا ۾ چيا ويندڙ پهاڪا“
نظر مان گذريو. سائين الطاف شيخ، آفريقي ملڪن، صوماليه، ماريطانيه، موراڪو، سوڊان،
بينگال ۽ نائجيريا جا پهاڪا لکيا آهن. آفريقي سماج جون چوڻيون اسان جي سنڌي چوڻين سان
ٺهڪندڙ آهن. جيڪي پيش ڪجن ٿيون.
1.
ڪنهن ڪتي سان دوستي ٿي
وڃڻ جو مطلب اهو ناهي ته لٺ ڀڃي ڇڏجي.
لٺ علامت آهي؛ حفاظت جي. جيڪڏهن ڪنهن دشمن سان دوستي
ٿي به وڃي ته به پنهنجي حفاظت کان غافل نه رهجي. اسان جي سنڌي سماج ۾ چوڻي آهي؛
·
دشمن هيڻو ته به ڄاڻ ٻيڻو.
·
لنڊي/کپر پنهنجي مرشد
کي به ڏنگيو هيو.
2.
ماکيءَ ۾ هٿ وجهڻ وارو،
آڱريون چٽڻ تي مجبور ٿئي ٿو.
حرص ۽ حوص کي مٺاس سان تشبيھ ڏني وئي آهي ۽ حرص حوص
جي مٺاس ڪو چکي ٿو ته ھرکجي پوي ٿو. اسان وٽ پڻ اصطلاحن چئبو آهي.
·
چکي چريو ٿيڻ.
3.
بيوقوف کي دل وات ۾، عقلمند
جو وات دل ۾ آھن.
بيوقوف ماڻهو کي جيڪو دل ۾ ايندو چئي ڏيندو. پر عقلمندر
ماڻهو سوچي سمجهي ڳالهه ڪندو. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي.
·
پهرين سوچجي پوءِ ڳالهائجي.
·
چريو ڳالهه ڪري، سياڻو
ويچار ڪري.
·
پهلي تولو، پهر بولو.
(اردو ۾ چوندا آهن)
4.
ڀاڄوڪڙ ڪتي کي ڏنڊو وهائي
ڪڍڻ سولو آهي.
اسان جي سماج ۾ چوڻي آهي؛
·
ٻڌل چور کي ڪٽڻ/مارڻ مڙسي
نه آهي.
5.
پيٽ ڀرڻ کان پوءِ به جيڪو
کائي ٿو سو پنهنجي قبر ڏندن سان کوٽي ٿو.
ضرورت کان وڌيڪ کائڻ سان مرضن کي دعوت ڏيڻ برابر آهي.
مرضن جو رستو موت ڏانهن وڃي ٿو.
سنڌي سماج ۾ پهاڪو ڏيندا آهن؛
·
کائجي زنده رهڻ لاءِ.
·
پيٽ، نڪ کان هيٺ آهي.
·
ماني ڀل پرائي هجي پر
پيٽ ته پنهنجو آهي.
·
(Excess of every things is bad). انگريزيءَ ۾ چوندا آهن.
6.
دولتمند ڪتو به صاحب سڏجي
ٿو.
پيسو، حيوان مثل ماڻهو کي مان ڏياريو ڇڏي. اسان وٽ
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي؛
·
ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.
·
هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو.
·
جنهن جي گنديءَ ۾ داڻا
ان جا چريا به سياڻا.
7.
ان کان وڌيڪ بدنصيب ڪهڙو
هوندو جنهن کي سندس پاليل جانور به ڏاڙهين؟
اسان جي سماج ۾ پهاڪو آهي؛
·
ڌوٻي جو ڪتو نه گهر جو
نه گهاٽ جو.
·
منهنجو ڪتو مون تي ڀونڪي
يا مون کي ڏاڙهي.
8.
جن پکين کي ڦاسائڻ چاهيو
ٿا تن کي نه ڊيچاريو.
سنڌي ۾ چوڻي آهي؛
·
ڦاٿي کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو؟
9.
ان ڪنجوس جهڙا نه ٿيو
جنهن جي بچايل مال تي پويان عيش ڪن.
بخيل نه ٿيو. پاڻ تي خرچ ڪيو نه ته پويان مال جي ڀيل
ڪندا. سنڌي ۾ چوڻي آهي؛
·
جيڪو کاڌئين سو تن کي
لڳو ۽ باقي ٻوڙي ويو.
·
جن ميڙيو، سي مُٺا.
·
جو کا ڳيا ته لا ڳيا،
جو ڇوڙ ڳيا سو ٻوڙ ڳيا. (سرائيڪي ۾ چوڻي آهي.)
10.بيضي جي ڇا مجال ته پٿر سان اٽڪائي؟
سنڌي ۾ پهاڪو آهي؛
·
هيڻي جي ڇا مجال ڏاڍي
سان اٽڪائي.
·
جبل سان مٿو ٽڪرائڻ واري
جو مٿو ڦاٽندو آهي.
11.اهو ڪتو جيڪو هڏو نه ٿو وٺي پڪ ستل آهي.
ڪتو ۽ هڏو ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن. هڏو لالچ جي
نشاني سمجهيو ويندو آهي. اسان جي سماج ۾ پهاڪو آهي؛
·
جيئرو ساهه، مانيءَ ڳڀو
گهرندو آهي.
12.پنهنجي گهر ۾، ٻليءَ کي شينهن جا ڏند ٿين.
اسان وٽ چوڻي آهي؛
·
گهر ۾ ٻلي به شينهن هوندي
آهي
·
پنهنجي در تي گدڙ به شنيهن
هوندو آهي.
13.حاڪم ڏينهن تتي رات ھئڻ جو اعلان ڪري ته عوام کي تارن جي تعريف ڪرڻ کپي.
ھڪڙو مثل مشھور آھي.
هڪڙو بادشاهه سلامت موڊ ۾ويٺو هيو. پنهنجي وزير کي
چيائين ته ڳجهارت ڏي. وزير ويچارو ٻڏتر ۾ پئجي ويو. نيٺ چيائين؛ بادشاهه سلامت آوي.
بادشاهه وراڻيو؛ آوي آوي. وزير ٻجهارت ڏيندي چيو. کير پيندي اي، ميائون ميائون ڪريندي
اي. بادشاهه سلامت مٿي تي هٿ ڏيئي ويهي رهيو. ور ور ڪري ورجائڻ لڳو. ميائون ميائون
ڪريندي اي. بادشاهه سلامت ٿوري دير کان پوءِ رڙ ڪندي چيو؛ وئي وئي. ”ٻڌاءِ“ وزير چيو.
بادشاهه وراڻيو؛ ”لسي.“ وزير چيو؛ سائين تيڪون ڪنهن ”ڏسي.“ بادشاهه وراڻيو؛ ”اپڻي دماغ
دي دوڙ اي.“ وزير سوچيو جيڪڏهن نه ٿو ڪيان ته سسي ڌڙ کان ڌار ٿي ويندي. پوءِ ڪرڻ لڳو؛
”واهه واهه!“
اھڙيءَ طرح اسان وٽ سنڌي سماج ۾ چوڻي آهي؛
·
ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.
14.جيڪڏهن ڪتن جون دعائون قبول ٿين ته آسمان مان روز هڏن جو مينهن وسي.
سائين الطاف شيخ پهاڪو ڏنو آهي ته
·
ڳجهن جي پٽڻ سان ڪڏهن
ڍور مئا؟
15.اڇي پڳ مان ماڻهوءَ جي وڏ-ماڻهپي جو اندازو نه لڳايو. ڇو جو صابڻ اوڌر
تي به ملي سگهي ٿو.
اسان وٽ پهاڪو يا چوڻي آهي.
·
اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ٻين
جي ليکي ملڪ جو والي.
·
اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙيئي
اڳڙيون.
16.ڪانگ جي پٺ وٺي هلڻ وارو ڍونڍ تي پهچي ٿو.
اسان وٽ سنڌي ۾ چوڻي آهي؛
·
گندي ڪم جو نتيجو گندو.
17.ڳوٺ جو دروازو بند ڪري سگهجي ٿو پر بيوقوف جو وات هرگز نه.
بيوقوف کي سمجهائڻ بيڪار آهي. کيس ڪا ڳالهه سمجهه
۾ نه ايندي آهي. سندس وات پيو هلندو. سنڌي ۾ چوڻي آهي؛
·
رڍن اڳيان رباب وڄائيندي
ورهيه گذري ويا.
·
ماڻهن جا وات ۽ کوهن جا
منهن، نه ٿا ٻڌي سگهجن.
·
ڍينگرن تي اٽو هارڻ.
18.نهٺائيءَ سان شينهن جون مڇون به پٽي سگهجن.
هيٺين واٽ وٺڻ سان سخت گير کي به مڃائي سگهجي ٿو. شينهن
هڪ طاقتور دهشت جي علامت آهي. نماڻائي ۽ نهٺائي سان سخت ماڻهو کان به ڪم وٺي سگهجي
ٿو.
19.هر ڪتو پنهنجي جسم تي چنبڙيل ٻگھن کي، هرڻين جهڙو سمجهي ٿو.
سنڌي پهاڪو آهي؛
·
هر ڪو پنهنجي دل جو بادشاهه
آهي.
20.اٺ جي خريدار کي پنهنجي گهر جو دروازو مٿانهون ڪرڻ گهرجي.
پير ڊگهيرڻ کان اڳ، چادر به ويڪري هجي. سنڌي ۾ پهاڪو
آهي؛
·
جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
·
جيڪون ڪانئچون پائيندا
آھن، سي اڳٺ وجھڻ جي جاءِ به ٺاھيندا آھن.
·
جيڪي ھاٿي ڌاريندا
آھن، سي سر در مٿي ڪندا آھن.
21.سڀاڳي کي نيل نديءَ ۾ اڇلائبو ته به نه ٻڏندو. سلامت ته نڪرندو پر مڇي
به وات ۾ هوندس.
سچي ماڻهو جي ٻيڙي ٻڏندي ڪا نه. سچو ماڻهو هميشه سرخرو
رهندو آهي. فتح سندس آڌر ڀاءُ ڪندي آهي، سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي؛
·
سچ جي ٻيڙي لڏندي ٻڏندي
ڪا نه.
22.عرب جو اقرار، سندس اکين مان پڙهي سگهو ٿا.
اکين مان ڪنهن ماڻهو جي پرک ٿي ويندي آهي. عرب سڳورن
لاءِ غير عرب جا ويچار سٺا نه آهن. سنڌي ۾ چوڻي آهي؛
·
اکيون، آرسيون آهن.
23.سج جي غير حاضريءَ ۾ ئي چنڊ چمڪي ٿو.
سمجهدار ماڻهو جي غير موجوگي ۾ ڪم عقل ماڻهو ٻٽاڪ هڻي
چمڪيو وڃي. سنڌي ۾ پهاڪو آهي؛
·
انڌن ۾ ڪاڻو بادشاهه
·
جتي وڻ نه هجي ته اتي
ڪانڊيرو به وڻ ٿيندو آهي
24.مڇي ڄار ۾ ڦاسڻ کان پوءِ سوچڻ شروع ڪري ٿي.
سوچڻ کان اڳ ۾، ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم ۾ هٿ وجهي ٿو ته ڦاسي
ٿو پوي. جڏهن ڦاسندو آهي تڏهن سوچيندو آهي.
سنڌي ۾ پهاڪو آهي؛
·
ڦاٿل کي ڦٿڪڻ ڪهڙو؟
25.گڏهه لاءِ هيرن جي ٻن ڀرين کان ڪاٺين جي هڪ لڏ بهتر آهي.
گڏهه بار بردار جانور ڄاتو وڃي ٿو، ان کي هيرن جي حيثيت
جي ڪهڙي ڄاڻ؟ گڏهه تي ڪتابن جي ڀري رکڻ سان گڏهه ڪو عالم نه ٿو ٿئي. سنڌي ۾ چوڻي آهي؛
·
ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ
مان.
26.وڇونءَ جي پٺي ٺپرڻ واري کي ڏنگ نصيب ٿئي ٿو.
وڇونءَ جو ڪم ئي آهي ڏنگ هڻڻ. بي خير ماڻهو کان خير
جي اميد بيڪار آهي. سنڌي ۾ پهاڪو آهي؛
·
ٻٻرن کان ٻير نه گهرجن.
·
نانگ جي ٻرن ۾ هٿ وجهڻ
وارو ڪيئن بچي سگهندو؟
27.ٻليون ڪو قدرت کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪوئا نٿيون پڪڙن.
سنڌي ۾ پهاڪو آهي؛
·
جو وڙ سونهين جن سين،
سو وڙ سي وئي ڪن.
·
هر ڪنهن کي پنهنجي پيٽ
جو سور هوندو آهي.
28.ماڪوڙي جڏهن عقل جي ڳالهه ڪري ته سمجهه؛ پاڻيءَ ڀريل ٿالهه ۾ ڪري آهي.
ماڪوڙيءَ کي ٿالهه جو پاڻي به سمنڊ لڳي ٿو. سنڌي ۾
چوڻي آهي؛
·
ڳالهه مان ڳالهوڙو نه
ڪجي.
29.جنهن گهر ۾ مالڪ هڏا چٻاڙي، پاليل ڪتن کي ڇا نصيب ٿيندو.
سنڌي ۾ چوڻي آهي؛
·
سڃا ويا بکين وٽ عيد ڪرڻ.
·
پاڻ نه پالي ڪتا ڌاري.
·
مرشد لاءِ دال خليفي لاءِ
دانگي.
30.گدڙ کان پڇيو ويو؛ تنهنجو شاهد ڪير؟ وراڻيائين؛ منھنجو پڇ.
سنڌي ۾ چوڻي آهي؛
·
گوڏي کان اڳتي ڪجهه نظر
نه ايندو آھي.
31.ڪاڪروچ اهو ڪيس ڪئين کٽي سگهندو جنهن جو جج ڪڪڙ هجي.
سنڌي ۾ چوڻي آهي؛
·
جو ڍيري گڏهه رکپال
·
ڪانون چيو؛ اسين مري ويا
آهيون جو لولو حَجَ تي ويندو.
No comments:
Post a Comment