Monday, February 18, 2013

موڳيون مُرليون، جوڳي ڄَٽَ - حسام ميمڻ


موڳيون مُرليون، جوڳي ڄَٽَ
ٻولي ڏهاڙي تي لکيل اداريو

حسام ميمڻ
پهاڪو، چوڻي، ڳجهارت، محاورو، اصطلاح، ترڪيب ۽ ورجيس، هي سڀ ٻوليءَ جي سونهن آهن، پر انهن شين تي سوچڻ وارا تمام گهٽ آهن. ياد ٿو پويم ته سنڌ ۾ ڪي اڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن، جن انهن تي ڏينهن رات سوچيو، لوچيو، لکيو ۽ پوءِ سهيڙي ڪجهه ڪتاب يا ڪتابڙا ڇپرايا، نه ته اسان وٽ ته بنهه ڀينگ هجي ها، جي اسان وٽ مرزا قليچ بيگ، پرمانند ميوارام، عبد الڪريم سنديلو، مرليڌر جيٽلي، ڪاڪو ڀيرو مل، نبي بخش بلوچ ۽ جديد دور ۾ انجنيئر عبدالوهاب سهتو، خالد ڀٽي، نقش ناياب منگي، عزيز ڪنگراڻي ۽ اهڙا ڪجهه ٻيا ملوڪ ماڻهو پيدا نه ٿين ها ته پوءِ سوچيو ته اسانجو ته جُهڳو ئي جهڻ هجي ها نه!

پر هاڻي ته پنهنجي محسنن کي ياد ڪرڻ وارو وقت ويو، هاڻي شخصيتن جو دور ناهي، هاڻي اشوز جو دور آهي، هاڻي ادب ويو موڪلائي، هاڻي ته بس سياست آهي، حقيقت ۾ اسان وٽ ته سياست جيڪا پهريان عبادت جي مترادف هئي، هاڻي هيراڦيريءَ جي برابر آهي. جيڪڏهن ڪير هيرا ڦيري ڪندو آهي ته هاڻي اصطلاحن اهو چيو ويندو آهي ته ”سياست پيو ڪرين!“ اهو جملو سنڌ ڇا پر پوري محبوب پاڪستان ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. وقت جي گذرڻ سان گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي، اسانجون ريتون رسمون، قدر، اخلاق ۽ ذهن ڦري ويو آهي، هاڻي نظرياتي سياست دم ٽوڙي چڪي آهي، هاڻي پارٽي بازي آهي. ان پارٽي بازيءَ جي دور ۾ ٻولي، ڪلچر، قدر ۽ اخلاق واري ڳالهه گهٽ پر ”علي شير، پٽ پير“ ۽ ”پير منهنجي پڄاءِ“ واري فيلسوفي عام آهي.
انڪري ئي مون پنهنجي ليک جو عنوان ”موڳيون مرليون، جوڳي ڄٽَ“ رکيو آهي، اهو استاد بخاريءَ جو شعر آهي ته:
موڳيون مرليون، جوڳي ڄٽ،
ڳلي ڳلي کي، سوگها ڳٽ.
ٻوليءَ جو ڏهاڙو هر سال ملهايو پيو وڃي، هر قوم پهنجي ٻوليءَ جو ڏهاڙو ملهائي پئي، ڇو ته ٻولي به هڪ بنيادي حق آهي، اقوام متحده اهو تسليم ڪيو آهي، ان ئي اهو رونشو ڇڏيو آهي، جيئن ڪجهه وقت اڳ ٽوپيءَ وارو شوشو انهن ماڻهن ڇڏيو، جن سنڌي ڪلچر کي کٽ کان جديد بيڊ تائين پهچائي ڇڏيو آهي، جن سنڌي عورت کي ڏاڍا نازڪ ڪپڙا پهرائڻ سيکاريو آهي، جن ڌاڙيل ۽ قاتل کي هيرو ڪري پيش ڪيو آهي، جيڪي ڳوٺ خوني تڪرارن ۾ اڳ ئي ڳاڙها لڳا پيا آهن، تن جي غيرت وڌيڪ پروان چڙهي آهي. سڄي سنڌ الائي ڪهڙي ڪلچر جي لپيٽ ۾ اچي وئي آهي. سمجهه ۾ ئي نٿو اچي. انڪري پاڻ ڪلچري ترويج ۽ توضيح کي رونشي وارو ڪلچر چئون ٿا. اهڙو رونشو اقوام متحده 1947 کان پوءِ UDHR يعني انساني حقن جو عالمي پڌرنامو جي سري هيٺ ڏنو، جيڪو اڃا تائين جاري ۽ ساري آهي، بلڪه سوشل سيڪٽر جي سري هيٺ متحده ڪلچر (اسانجي مراد اقوام متحده آهي) اين جي اوز معرفت وڌي رهيو آهي. اسان جا گهڻا تڻا تخليقي ذهن متحده ڪلچر جو شڪار ٿي ويا آهن، ڇو ته هو پئسا ڏوڪڙ جام پيا ڏين.
اهڙي صورتحال کي ڏسي، مونکي لطيف سائينءَ جي بيت جي هڪ سٽ ٿي ياد اچي ته:
جي تو فارسي سکيو، گولي تون غلام
جڏهن لطيف سائينءَ اهو بيت چيو هيو ته هن جو مقصد اهو بنهه نه هو ته ڪو فارسي نه سکو، پر فارسي جيئن ته سرڪاري ٻولي هئي، اسان جو عام ماڻهو به فارسي زده هو ته شاعر حضرات به اها صورتحال ڏسي لطيف سائينءَ جهڙو آفاقي ۽ ڪلاسيڪل شاعر چوڻ لڳو ته اها بنيادي طور غلامن جي ٻولي ۽ اها بنيادي طوري سنڌ جي اصلي ٻولي نه آهي پر اها سامراج جي ٻولي آهي، سامراجي تسلط کي روڪڻ لاءِ سائينءَ اهڙا سخت لفظ چيا، نه ته لطيف ته اهو آهي جيڪو چوي ٿو:
هو چوني تون مَ چئهءُ، واتان ورائي،
مان اهو پڪ سان چوان ٿو، لطيف جي دور ۾ ڪا عالمي جنگ نه ٿي هئي، ۽ نڪا ليگ ٺهي هئي، ۽ نڪا اقوام متحده، پر سامراج جا پير پختا هيا، ان سڄي صورتحال کي ڏسي لطيف سائين پيار سان به احتجاجن به، فطري طور به ۽ مقابلي لاءِ به پنهنجي سنڌي ٻوليءِ کي ڍال بڻايو ۽ گفتو گفتو اهڙو چيو، جيڪو اڄ ۽ ايندڙ وقت تائين اهو وکر ثابت ٿيو جيڪو پئي پراڻو نه ٿيندو. ان کي ئي ڪلاسيڪيت چئبو آهي.
ٻوليءَ کان سواءِ ڪا قوم ٺهي ئي نٿي سگهي، ٻولي بنياد آهي ڪلچر ۽ تهذيب جو، انڪري ٻوليءَ کي وڌائڻ ويجهائڻ، تاتڻ ۽ پالڻ سان گڏ ان جي سنڀال به ضروري آهي نه ته ٻولي به دريا وانگر ئي ٿئي ٿي، جيڪا پنهنجا رخ مٽائي ٿي، ڪجهه شيون پاڻ ڇڪي کڻي ٿي، ڪي شيون هن سان پاڻ ڇڪجيو اچن.
21 فيبروري مادري زبان جو عالمي ڏهاڙو آهي، ڇو ته اهو قانون متحدو پاس ڪيو آهي، متحدو جو ڪردار سڀني ڏٺو آهي، انڪري ان تي اعتماد نه ڪيو، پاڻ تي ڀروسو ڪيو، پاڻ پنهنجي ٻوليءَ کي پاڻ سنڀالڻ گهرجي، ڪير ٿو چئي ته فيشني ڏينهن نه ملهائڻ گهرجن، ڀلا ڪير اهو ته ٻڌائي ته ڇا عورتن جو عالمي ڏهاڙو سالن کان نه پيو ملهايو وڃي ، ڪير ٻڌائي ته عورت خلاف تششدد ۽ ظلم ۾ ڪا جوڳي گهٽتائي آئي آهي، طلاقون، ٻٽيون ٻٽيون شاديون، ٽٽيون ٽٽيون شاديون، هروڀرو عورت مٿان عورت اچڻ کي ڪير روڪي سگهيو آهي ڇا، ڪير ٻڌائي ته اولاد نه ٿيڻ ڪري، يا ڌيئاڻو اولاد ڪري عورت نفرت جي نگاهه سان اسان وٽ نه ڏٺي ويندي آهي، پوءِ به هر سال عورتن جو عالمي ڏينهن وڏي طمراق سان ملهايو ويندو آهي.
اسان جي چوڻ جو مقصد صاف ۽ سولو آهي ته هر سال اهي ڏهاڙا ڀلي ملهائجن پر اهي ڪم روز جا آهي، روز روز جي ها، هر روز اهي ڏهاڙا ملهائڻ گهرجن ، روزي ائين سمجهجي ته اڄ عورتن جي حقن جو عالمي ڏينهن آهي، اڄ ٻارن جي حقن جو عالمي ڏينهن آهي، اڄ ٻوليءَ جي حق جو عالمي ڏينهن آهي. مان سمجهان ٿو اهي ڏهاڙا ملهايا ئي انڪري ٿا وڃن جو ماڻهن انهن شين جو احترام ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، جي هر ماڻهو انهن شين کي صحيح سمجهي ٿو ته پوءِ اڄ کان شروعات ڪرڻ گهرجي نڪي سال کان پوءِ وري سال کان پوءِ.
آغا سليم پنهنجي کوڙ سارن ليکن ۾ چيخوف جو هڪ جملو ورجائيندو رهيو آهي ته ”مان سڄي عمر پنهنجي اندر جي حيوان کي مارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان“ رڳو پنهنجي اندر جي حيوان کي مارڻ جي ضرورت آهي، جي اندر جو حيوان وس ۾ اچي ويو ته ڪلچر به ٺيڪ ٿي ويندو، ٻولي به، اخلاق به، هر شيءِ ٺيڪ ٿي ويندي، باقي رڳو ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي ڪم آهن جو ماڻهوءَ جي زندگي ڪم ڪري ڪري ڳريو وڃي، پر اهو ڪم ڪهڙي ڪم جو، جيڪو ڪم جو نه هجي. منهنجي مشاهدي ۾ اها شيءِ آيل آهي ته ڪجهه اسان جا سنڌي دوست وڏا وڏا سنڌيءَ ٻوليءِ ۽ قومي ٻوليءَ تي ڊگها ڊگها ليک لکندا رهيا آهن، گهر ۾ وري اردو ڳالهائيندا آهن، ٻارن کي اردو سيکاريندا آهن، اردوءَ کي ترجيع ڏيندا آهن، ڪي وري صفا اڳتي هلي ويندا آهن، اهي وري ڊائريڪٽ انگريزي سيکاريندا آهن .
اسان سڀني جي اڳيان هڪ عام مثال آهي، موبائيل جي ميسيجز وارو، سنڌي ماڻهو هڪٻئي ڏي موبائيل تي پيغام به اردوءَ ۾ لکن ٿا، جي پڇون ته بابا سنڌيءَ ۾ ڇو نه ته لکو، چوندا اردوءَ هٿ ٺهي ويو آهي يا وري چوندا ته اردو ۾ لکڻ آسان آهي، ساڳي ڪار ياهو تي چيٽ ڪرن واري آهي. مان سمجهان ٿو اڄڪلهه هر ماڻهو ونڊوز ايڪس پي پيو هلائي، وڏي آسانيءَ سان ان ۾ ايم بي سنڌي سافٽ ويئر انسٽال ٿي ٿو وڃي، ڪيئي ماڻهو انسٽال به ڪرن ٿا، پر جيئن ته هر نئين شيءِ ٿورو وقت گهرندي آهي، پوءِ اسان جي دوست جيئن ته ”تِريءَ تي بهشت“ جا قائل آهن، انڪري چوندا، ادا ٽائپنگ جو مسئلو آهي، بلڪل ائين جيئن ماڻهو چوندا آهن ته رياضي ڏکي آهي، پر جيستائين رياضيِءَ جي مشق نه ڪبي تيستائين ته ضرور ڏکي ئي هوندي نه!
انڪري ڪري اسان واري مرلي موڳي انڪري آهي، جو اسين جيڪي جو ڳي آهيون اسين مرلي چڱي طرح وڄائڻ سکون ئي ڪونه ٿا، پوءِ ظاهر آهي، رڳو ڏهاڙا نه ملهائبا ته ٻيو ڇا ڪبو.. ..!

۲۱ فيبروري ۲۰۱۰ع

3 comments:

  1. تمام بهترين حسام ميمڻ سائين

    ReplyDelete
  2. سهمت آهيان اوهان سان حسام ميمڻ سائين
    عزيز ڪنگراڻي

    ReplyDelete