موڳيون مُرليون، جوڳي
ڄَٽَ
ٻولي ڏهاڙي تي لکيل اداريو
حسام ميمڻ
پهاڪو، چوڻي، ڳجهارت، محاورو، اصطلاح، ترڪيب ۽ ورجيس، هي سڀ ٻوليءَ جي
سونهن آهن، پر انهن شين تي سوچڻ وارا تمام گهٽ آهن. ياد ٿو پويم ته سنڌ ۾ ڪي اڱرين
تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن، جن انهن تي ڏينهن رات سوچيو، لوچيو، لکيو ۽ پوءِ سهيڙي ڪجهه
ڪتاب يا ڪتابڙا ڇپرايا، نه ته اسان وٽ ته بنهه ڀينگ هجي ها، جي اسان وٽ مرزا قليچ بيگ،
پرمانند ميوارام، عبد الڪريم سنديلو، مرليڌر جيٽلي، ڪاڪو ڀيرو مل، نبي بخش بلوچ ۽ جديد
دور ۾ انجنيئر عبدالوهاب سهتو، خالد ڀٽي، نقش ناياب منگي، عزيز ڪنگراڻي ۽ اهڙا ڪجهه
ٻيا ملوڪ ماڻهو پيدا نه ٿين ها ته پوءِ سوچيو ته اسانجو ته جُهڳو ئي جهڻ هجي ها نه!
