معاشي ۽ اقتصادي پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح
عبدالڪريم
پٺاڻ
ڪنھن قوم جي سماجي تاريخ ۾ رڳو واقعاتي حقيقتون نه پر سماجي سچايون (Social Realities) به موجود
هونديون آهن. ”حقيقت“ (Fact) ۽ ”سچ“ (Truth)، ان طرح سماجي اڀياس جي خيال کان ٻه جدا شيون آهن. حقيقت جو تعلق
واقعي حقيقت سان آهي ۽ سچائيءَ جي انهيءَ تصور سان آهي، جنهن کي ڪنهن سماج جي اندر
چئلينج ڪري نه ٿو سگهجي. واقعات جن کي تاريخ ۾ حقيقت جي حيثيت حاصل ٿئي ٿي، سي هر
طرح سان قابل اعتبار نه ٿا ٿي سگهن، پر سچايون هر طرح سان قابل اعتبار ٿين ٿيون.
مثال طور سنڌ ۾ چاليهي جي ڏينهن ۾ درياھ تي چڙھ يا چاڙھ (Rise) ٿئي ٿو. واقعات جي خيال سان
اسان جو هي بيان (Statement) هر طرح سچو آهي، پر سچ جي اعليٰ معيار جي لحاظ کان بيان کي ”غير
موزون“ به سڏي سگهجي ٿو. ڇو ته اهو ضروري ناهي ته درياھ کي چاڙھ فقط چاليهي جي
ڏينهن واري مقرر مدي اندر ٿئي. ائين به ٿيو آهي، ته برساتن ۾ ٻين طبعي حقيقتن جي
ڪري دريا کي چاڙھ اچي ٿو، جنهن لاءِ ڪو به وقت مقرر نه آهي. ان طرح ”چاليهي جو چاڙھ“ هڪ واقعاتي حقيقت آهي پر چاڙھ هڪ سچ
آهي؛ توڙي جو ٻنهي ڳالهين جو واسطو درياھ جي ڪارڪردگيءَ سان آهي. اهڙيءَ طرح هر
سماج ۾ ڪي واقعاتي حقيقتون رونما ٿين ٿيون ۽ ڪي سچايون موجود هونديون آهن. واقعاتي
حقيقتون هڪ خاص قسم ۽ خاص صورت حال جي پيداوار ٿينديون آهن. ”چاليهي جو چاڙھ“ هڪ خاص صورتحال جي طرف اشارو ڪري ٿو، ٻي
حالت ۾ چاڙھ يا اٿل (Inundation) هڪ عام صورتحال آهي ۽ ڪنهن خاص عرصي سان ٻڌل ناهي.
اهڙيءَ ريت، سماجي اڀياس جي خيال کان اهڙيون ڪيئي خاص حالتون هڪ ئي سماج ۾
رونما ٿينديون رهن ٿيون. انهن مان هر هڪ صورتحال هڪ واقعي جهڙي آهي. اهڙيءَ حالت ۾
هر سماج ۾ موجود ٻولي، اهڙي هر صورتحال کي سانڍڻ لاءِ پهاڪو، چوڻي يا محاورو موجود
ڪري ڏئي ٿي. پهاڪا ۽ چوڻيون اهڙي حالت ۾ انهن واقعاتي حقيقتن جي نالن جهڙيون آهن،
جن کي سماج ۾ رڳو سکڻو شان ۽ مان (Glory) نه پر سچو پچو رفاهي مقام يا رتبو حاصل ٿئي ٿو. ان طرح پهاڪو
ٻوليءَ جو اهو نمونو آهي، جيڪو ڪنهن واقعاتي حقيقت کي بيان ڪرڻ يا انکي نالي ڏيڻ
لاءِ ڪم اچي ٿو. واقعاتي حقيقتن سان گڏ سماج ۾ ڪي ازلي ۽ ابدي سچايون به موجود ٿين
ٿيون ۽ ڪي سماجي حقيقتون اهڙيون به ٿين ٿيون جو انهن جي سچائي تي شڪ ڪري نٿو
سگهجي. ان ڪري ڪي پهاڪا انهن حالتن جي بيان ڪرڻ لاءِ به جڙن ٿا، جن جو تعلق اهڙين
سچاين يا سماجي سچاين سان ٿئي ٿو. پهاڪا اسان جي سماجي اعتقاد جي عڪاسي ڪن ٿا.
”ڪينٿ برڪ“ پهاڪن جي باري ۾ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، ”هر پهاڪو هڪڙي (Strategy) يا پاليسي جهڙو آهي، جيڪو
ڪنهن نه ڪنهن واقعاتي حقيقت کي ملائڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. هر واقعاتي حقيقت کي منهن
ڏيڻ لاءِ سماج ۾ وسيلا ۽ پالسيون ڪم آڻين ٿا. اهڙي حالت ۾ پاليسيءَ جي لفظ جي جاءِ
تي وڌ ۾ وڌ رغبت يا لاڙي (Attitude) جو لفظ ڪم آڻي سگهجي ٿو.“ برڪ جو خيال آهي ته؛ واقعاتي حقيقتون
به تحريڪن جهڙيون ٿين ٿيون ۽ انهن جي طاقت به فوجي حملي جي طاقت جهڙي ٿئي ٿي. اهي
واقعاتي حقيقتون قومن جون تقديرون ڦيرائي سگهن ٿيون. ان ڪري انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ
اهڙي پاليسي جي ضرورت پوي ٿي، جهڙي جنگي حالتن ۾ اختيار ڪرڻي پوندي آهي. ان ڪري ’برڪ‘
جي چوڻ مطابق ته لفظ جنگي پاليسي (War-Strategy) ڪم آندو وڃي، هن قسم جي
پاليسيءَ جي مدد سان واقعاتي حقيتن کي منظم ڪري سگهجي ٿو. ان طرح ٻوليءَ ۾ بندوبست
ڪرڻ جو تصور قائم ٿئي ٿو ۽ بندوبست ڪرڻ هڪ فن آهي. اهڙي ريت پهاڪن جو تعلق ٻوليءَ
جي ان فن سان آهي. جنهن جي مدد سان ٻولي سماجي حقيقتن کي بيان ڪري ۽ انهن کي منهن
ڏيئي سگهي ٿي.
سنڌي پهاڪو اسان ماڻهن جي ڪنهن خصوصي صلاحيت جي پيداوار آهي. سنڌي سماج جي
هر دور ۾ نيون نيون سماجي حقيقتون رونما ٿينديون رهيون آهن. اهڙي ريت هر دور جي
عام ماڻهوءَ کي پنهنجي دور جي سماجي حقيقتن کي منهن ڏيڻ يا انهن کي بيان ڪرڻ لاءِ
ٻوليءَ کان مدد وٺڻي پئي آهي ۽ انهيءَ طرح اسانجو پهاڪو ٺهندو رهيو آهي. پهاڪو ۽
چوڻي، هڪ ئي شيءِ جا ٻه نالا آهن. پهاڪو اصل سنسڪرت جو لفظ آهي، سندس ڌاتو آهي پٿ
+ ڪو، جيڪو پوءِ ڏيهي پراڪرتن ۾ پُھ + ڪو ٿيو. شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه به اهو
بنياد ٻڌايو آهي. سندس شعر آهي ته: ”پتنگن پھ ڪيو، مڙيا مٿي مچ.“
پهاڪي جي لفظي معنيٰ آهي: عقل، سياڻپ، دانائي ۽ نصيحت آميز گفتا. چوڻي مان
مراد به ساڳي آهي يعني ته چوڻي به انهيءَ گفتي کي چيو وڃي ٿو. جنهن ۾ عقل ڏاهپ
سياڻپ، دانائي ۽ حڪمت وارا نڪتا سمايل هجن. فرق فقط ايترو آهي ته پهاڪن جي اصل
موجد جي خبر نه هوندي آهي، جڏهن ته چوڻين جي چوڻ واري جي خبر ۽ ڄاڻ هوندي آهي. بلڪ
ڪڏهن اها چوڻ واري جي نالي سان منسوب هوندي آهي. جئين پهاڪو آهي ته ”اڇي ڏاڙهي اٽو خراب“ يا ”پاڻي
ولوڙڻ مان، نڪي هڙ نه ڪي حاصل.“ اهي پهاڪا ڪنهن چيا هوندا ان باري ۾ ڪا به
خبر نه ناهي؟ هن جي ڀيٽ ۾ چوڻين جي اصل چوڻ واري جي خبر هوندي آهي. جيئن ته چوڻي
آهي:
”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مون.“
”ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجھ.“
مٿي ڏنل شاھ لطيف رح جي بيت جون مصرائون، چوڻي طور ڪتب اچن ٿيون ۽ ان چوڻيءَ
جي اصل چوڻ واري جي پڻ خبر آهي. ان مان معلوم ٿيو ته پهاڪن ۾ مختلف دورن جي ساڃھ
سمايل هوندي آهي. ان جي برعڪس چوڻي هڪ داناءَ، ڏاهي جي عقل، حڪمت ۽ تجربي جو نچوڙ
هوندي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين کان علاوه اصطلاحن جو تعلق به عقل ۽ دانائيءَ وارن گفتن
سان آهي. مصدر سان شامل لفظن جو مجموعو جيڪو محاوري طور ڳالهايو وڃي انهيءَ کي اصطلاح
يا (Idiom) چئبو آهي. اصطلاح جو
دارومدار ان لفظ جي پوئين معنيٰ تي آهي جيڪا سندس حقيقي معنيٰ آهي.
مثال:- ۱- سوال
ڪرڻ = پڇڻ. مثال ۲- سوال ڪرڻ = پنڻ يا گهرڻ.
مثال:- ۱- جواب
ڏيڻ= ورندي ڏيڻ. ۲- جواب ڏيڻ= انڪار ڪرڻ.
پهرئين مثال ۾ جيڪا معنيٰ ڪئي وئي آهي، اها لفظي معنيٰ آهي. پر ٻئي مثال ۾
اصطلاحي معنيٰ لکي ويئي آهي، جيڪا حقيقي ۽ سچي معنيٰ آهي.
پهاڪن کي مختلف قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. مثال طور ۱- تاريخي پهاڪا ۲- سماجي پهاڪا ۳- معاشي يا اقتصادي پهاڪا ۴- اڳڪٿي وارا پهاڪا ۵- عدل ۽ انصاف وارا پهاڪا
وغيره.
تاريخي پهاڪا:
تاريخي پهاڪن جو تعلق ڪنهن تاريخي واقعي يا حادثي سان هوندو آهي. جيئن ته ”پارسي گهوڙي چاڙهي“ يا ”لکين
ليلائون چنيسر جي راڄ ۾.“
سماجي يا معاشرتي پهاڪا:
سماجي پهاڪن ۾ سماج جي ڪنهن خاص پهلو، ڪرَت ۽ معاشرتي اصولن جي عڪاسي ڪيل
هوندي آهي. جيئن ”اٺ کي لاڻو، گهوڙي داڻو، مرد کي ناڻو
محبوب کي ماڻو.“ يا ”عورت ته گهر، مرد ته هر.“
معاشي پهاڪا:
هنن پهاڪن جو تعلق، معاشي پهلوءَ سان هوندو آهي. جيئن ته ”بک بڇڙو ٽُول، دانا ديوانا ڪري“، ”ڪڏهن ڀري ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾.“
اڳڪٿي وارا پهاڪا:
ڪنهن به ڪم شيءِ جي باري ۾ پهرين راءِ قائم ڪرڻ. جيئن ته ”سج لٿي کان پوءِ اويل ڪانهي“، ”اهو
ڪي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي.“
عدل ۽ انصاف وارا پهاڪا:
جنهن ۾ عدل انصاف جي باري ۾ ذڪر شامل هجي. ”وڙهن
سانھ لتاڙجن ٻوڙا.“ ”نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار“،
”گڏھ تي گلاب، هاريندي حيف ٿيو“، ”قاضي ڄاڻي، قيام ڄاڻي.“
معاشي يا اقتصادي پهاڪا:
جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، ته معاشي پهاڪن جو تعلق ڏيتي ليتي، حساب ڪتاب
۽ ناڻي واري نظام سان هوندو آهي. هنن پهاڪن مان، ڪنهن به سماج جي هلت چلت، ليکي چوکي،
معاشي ترقي، سماجي سڀاءَ، عام وهنوار ۽ عدل/ انصاف ۽ اقتصادي ابتري جي خبر پوي ٿي.
هيٺ سنڌي ٻوليءَ جي اڻکٽ خزاني مان چند مثال پيش ڪريان ٿو.
(۱) کيتي؛ سِر سيتي.
مطلب ته ٻين تي ڀاڙڻ کان بهتر آهي ته پنهنجو ڪم پاڻ ڪجي ته لاڀ ٿئي.
(۲) ان پلي، ذات ڀلي.
پلي، ان رکڻ جي جاءِ آهي، جنهن ۾ ٻهراڙين جا ماڻهو فصل لهڻ کان پوءِ
آئيندي جي اوني خاطر ان رکندا آهن. مطلب هي آهي ته جنهن ماڻهو جي گهر، ان سان ڀريل
پلي آهي، سو سکيو سڏبو آهي.
(۳) اگھ کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه
کائجي.
واپار ۾ اگھ مهانگو يا سگهانگو وڪڻڻ، واپارين جي وس جي ڳالھ آهي، پر
سهانگو ٻولي تور ۾ گهٽ ڏيڻ بي ايماني آهي. اهو ڪم هر گز نه ڪجي. يا ”اگھ کٽيو کائجي، تور کٽيو نه کائجي“. ان لاءِ قرآن پاڪ ۾
ارشاد خداوندي آھي ته؛ ”اقيموا الوزن بالقسط ولا تخسرو الميزان.“ يعني ته سڌي طرح
توريو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪيو.
(۴) ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.
مطلب ته وهنوار توڙي سڳي ڀاءُ سان هجي ته به وهنوار آهي، ان ڪري ان سان به
حساب ڪتاب سڌو هئڻ گهرجي.
(۵) سؤ وڃائجي، ساءُ نه وڃائجي.
سنڌي سماج ۾ هروڀرو ايترو نه آهي ته هر ڪنهن سان حساب مطابق هلجي، پر جتي
پت ۽ پريت جي ڳالھ هجي اتي ڌن کان وڌيڪ دوستي جو دم ڀرجي ۽ پيسن کان وڌيڪ پريم کي
اهميت ڏيڻ گهرجي.
(۶) اڌ کي ڇڏي سڄي پٺيان ڊوڙي، تنهنجو اڌ به وڃي.
اهو پهاڪو لالچي ماڻهن لاءِ چيل آهي ته ماڻهو لالچ ۾ اچي جيڪو اڌ کي ڇڏي
سڄي جي پٺيان ويندو ته ان کي سڄي ته مشڪل ملي، پر اڌ کان محروم ٿي ويندو.
(۷) ٿوري کٽئي، گهڻي برڪت.
ڪفايت شعار ماڻهو گهٽ ڪمائڻ جي باوجود به سکيو رهندو آهي. ايمانداري جي
گهٽ ڪمائيءَ ۾ به برڪت آهي.
(۸) ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ.
مطلب ته ٿورو ٿورو گڏ ڪبو ته گهڻو ٿي پوندو فارسي ۾ چوندا آهن ته ”قطره قطره دريا مي شود“.
(۹) اڇو ڏجي، اڇو وٺجي.
هميشه چڱي شيءِ ڏجي، چڱي شيءِ وٺجي.
(۱۰) بيڪار کان بيگار ڀلي.
نڪمو ٿي ويهڻ کان ڪم ڪرڻ بهتر آهي.
ڪنهن سان ونگار ئي وهجي. ڪنهن نه ڪنهن وقت، اهو ماڻهو ڪم ايندو.
(۱۱) ڀائيواريءَ جو ڀت ئي گهوريو.
ڀائيواري ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. ڪنهن به ڌنڌي ۾ ڀائيواري هوندي ته فائدي جي
بجاءِ نقصان جو امڪان آهي. ان لاءِ چيو اٿن ته؛ ”ٻه ڀائر؛ ٽيون ليکو.“
(۱۲) کاڌي، کوھ به کٽي وڃن.
کائڻ سان وڏو خزانو به کٽي ويندو آهي. ڪم ڪار نه ڪبو، رڳو رکيل پئسا
کپائبا ته نيٺ اهي ختم ٿي ويندا. تنهن ڪري ڪمائجي ته کائجي.
(۱۳) پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لٽائي.
قرض ڪنهن کان به کڻڻ چڱو نه آهي. پر هن پهاڪي مان مطلب آهي ته پوءِ ڍائي
يعني ڪميڻي کان اڌار نه گهرجي.
(۱۴) اهڙو سون ئي گهوريو، جو ڪن ڇني.
مطلب ته اهڙي مايا ئي گهوري جو الٽو نقصان پهچائي.
(۱۵) سَخي کان شوم ڀلو، جو ترت ڏي جواب.
ڪم نه ٿي سگهي ته جواب ڏجي. سخي کان ڪم نه ٿئي ۽ رڳو رلائي يا اجايا دلاسا ڏيئي ته انهي
کان بخيل چڱو آهي، جيڪو ڪم نه ڪندو ته رلائيندو ته ڪو نه.
(۱۶) چيريءَ آهر، پير ڊگهيرجي.
چيري يعني رات کي مٿي پائڻ جو ڪپڙو يعني سوڙ. سياري ۾، مٿان سوڙ هوندي ۽
پير کانئس ڊگها پکيڙبا ته سيءُ ٿيندو. تنهن وانگي جو ماڻهو، پنهنجي ڪمائي کان وڌ
خرچ ڪندو ته ڏکيا ڏينهن ڏسندو.
(۱۷) ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾.
ڀريءَ ۾ ۽ ڀاڪر ۾، هي اصطلاح آهن. جن جي معنيٰ گهڻو ۽ ٿورو آهي. پهاڪي جي
معنيٰ هي آهي؛ مايا جو ڌنڌو ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي روپ ۾ رهي ٿو.
(۱۸) ناڻو ڏجي آڪرو، ته گيھ ڇو وٺجي ٻاڪرو.
مطلب ته ڪنهن شيءِ لاءِ کرو پيسو ڏجي، ته پوءِ کوٽي شيءِ ڇو وٺجي.
(۱۹) اڄ جو ڪم، سڀاڻي ته نه وجهجي.
جيڪو ڪم هينئر ٿي سگهي ته ڪجي. پر سستي ڪري آئيندي لاءِ نه ڇڏجي. ڇاڪاڻ ته
انهيءَ مان نقصان آهي. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
“Tomorrow comes never”
(۲۰) پاڻي ولوڙڻ مان، نڪي هڙ نڪي حاصل.
اجائي محنت مان ڪو به فائدو ڪو نه ٿيندو. ڪم ڪرڻ کان اڳ اهو ڏسجي ته ان
مان ڪهڙي اپت ٿيندي.
(۲۱) وڇ کير ڏئي، ته مينهن ڇو ڌارجي.
مطلب ته ٿوري خرچ سان ڪو ڪم ٿئي ته گهڻو خرچ ڇو ڪجي. يا ٻين لفظن ۾ ”جا ننهن سان ڇڄي، ان کي ڪاتي نه ڏيکارجي“.
(۲۲) هڙ سکڻي، لوڏ گهڻي.
مطلب ته گهٽ شاهوڪار ماڻهو، وڌيڪ ٻٽاڪ هڻي ٿو. يا ٻين لفظن ۾؛ ”هڪ سڃو، ٻيو سيٽ گهڻي.“
(۲۳) هارئي کان پيتو ڀلو آهي.
مطلب ته پيسو گڏ ڪري رکڻ کان بهتر آهي ته ان کي صحيح استعمال ڪجي. يا
اجائي وڃائڻ کان ڀلو آهي ته ان کي هٿيڪو رکجي.
(۲۴) کُٽو واڻيو، پراڻيون وهي ساري.
جڏهن ڪنهن کي ناڻي جي سخت ضرورت ٿئي ٿي، تڏهن هو ويهي پراڻا ڪاغذ جاچيندو
ته متان ڀل چڪ ڪري، ڪا رقم نڪري اچي.
(۲۵) مڙس آڻي ٻڪي چڪي، زال وڃائي هڪڙي ڇڪي.
مطلب ته مڙس پائي پائي ڪري گڏ ڪري، زال وري هڪ ئي ڀيري رقم لٽائي ناس ڪري
ڇڏي.
(۲۶) عيسيٰ نه موسيٰ، وڏا پير پيسا.
مطلب هي آهي ته اگر ماڻهوءَ وٽ ڌن دولت آهي ته سڀ معاشي پريشانيون پاڻ ئي
گهٽجي وينديون.
(۲۷) ٻاليتو؛ نه ماليتو.
وڏي عيال وارو ماڻهو مشڪل سان وڃي شاهوڪار ٿيندو آهي.
(۲۸) وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي، ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.
ماڻهو پنهنجي شيءِ سنڀالي رکي ته بهتر آهي. اگر پنهنجي مال جي سنڀال ڪري نه
ٿو سگهي ته پوءِ ان کي وڪڻي ڇڏي.
(۲۹) دال روٽي کاڌي، ڌن کٽي ته کٽڻ ڏي.
مطلب ته پيٽ سان ڪهڙا حساب ڪتاب.
(۳۰) جيڪو ڪري گيھ، سو نه ڪري ماءُ نه پيءُ.
مطلب هي آهي ته گيھ، انسان کي طاقتور بنائي ٿو. صحت بنائڻ ۾ جيترو مفيد
اهو گيھ رهي ٿو، اوترو ماءُ يا پيءُ نه ٿا رهن.
(۳۱) بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.
ڌڻي شال پيٽَ جي بک ڪنهن کي نه ڏئي. بک سڀ کان بڇڙي ڏاور آهي. جهڙو ڪنهن
کي مرض غالب ٿي پوي ته حواس باختا ٿي وڃن. تنهن وانگي، جنهن کي بک زور پوي تنهن جو
عقل ختم ٿي وڃي ٿو، ان ڪري ڪنهن سياڻي چيو آهي ته؛ ”ڀلي
بک ڀرم جي شال نه وڃي شان، الله ڏئي ايمان، گوڏا ڏئي گذارجي.“
(۳۲) پنڻ وچان، پڙهڻ ياد نه آهي.
پهاڪي جو مطلب هي آهي ته جنهن کي بک هوندي تنهن کي پڙهڻ يا عبادت يا ٻيو
ڪم ڪٿان ياد پوندو.
(۳۳) ڀري ڇنيءَ کان، ڀيري ڇنو چڱو.
هڪڙي هنڌان ڪنهن مزدور کي چار مڻ بار جا کڻي ڪٿي پهچائڻا هئا. سو ان سوچيو
ته جيڪڏهن هڪ ڀيري اهو سڀ ڀري کڻندس ته چيلھ يا گاڏو ڀڄي پوندو. پر جي هڪڙو مڻ چار
ڀيرا ڪري کڻندس ته پنڌ ته ضرور گهڻو ٿيندو، پر زيان نه ٿيندو.
(۳۴) اهو ڪر، جو مينهن وسندي ڪم اچيئي.
مطلب ته پنهنجي ڪمائي مان ڪجھ بچاءِ ته ڏکئي وقت ڪم اچيئي ۽ ٻين جي اڳيان
هٿ ٽنگڻو نه پوي.
(۳۵) پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري.
مطلب ته گهٽ ڪمائيندڙ ماڻهو، جڏهن
فضول خرچي ڪندو آهي ته اهو پهاڪو ڪتب آڻيندا آهن.
(۳۶) پيٽ ڀر، پٺي لڏ.
مطلب ته نوڪر يا مزدور کي چڱيءَ طرح کارائجي ته هو اطمينان سان ڪم ڪري.
(۳۷) پرائي ماڙي ڏسي، پنهنجو ڀُنگو نه ڊاهجي.
مطلب هي آهي ته ماڻهوءَ وٽ جيترو پئسو هجي ان مطابق خرچ ڪجي يا ائين کڻي
چئجي ته حيثيت مطابق خرچ ڪرڻ گهرجي. نه ڪي ٻين سان ريس يا حسد ڪري پنهنجو جهڳو جهڻ
ڪجي.
(۳۸) جيڪي هوندو ڀاڳ ۾، سو وهي پوندو پاڳ ۾.
مطلب ته انسان جي نصيب ۾ جيڪي لکيل هوندو سو ان کي ضرور ملندو.
(۳۹) جنهن ساھ ڏنو آهي، سو گراھ به
ڏيندو.
گراھ معنيٰ آهي کاڌي جو گرھ. جنهن خلقيو آهي سو ضرور سار سنڀال به لهندو.
(۴۰) پلا ڇڏي پاپي، ڪو کٽل کڳا کائي.
پلو مٺي درياءَ جي هڪ سوادي مڇي آهي. کڳو هڪڙي سادي مڇي آهي. مطلب هي آهي،
جو جيڪڏهن ڌڻي تعاليٰ گيھ مليدو کائڻ لاءِ ڏئي ته پوءِ بدنصيب هوندو جو بدسوادي
ڀاڄي کائيندو.
(۴۱) دولت، نهن کان ماس وڇوڙي.
نهن کان ماس وڇوڙي، هي اصطلاحي ڳالھ آهي! يعني پيءُ کان پٽ، ڀاءُ کان ڀاءُ
وڇڙي پري ٿئي. مطلب جو دولت اهڙي نازڪ وٿ آهي جو سندس ڏيتي ليتي، مائٽن کان مائٽ ۽
دوستن کان دوست وڇوڙي ٿي. تنهن لاءِ مٿي ڏنل پهاڪو ڪم آندو ويو آهي.
(۴۲) ماريءَ جي گهر، هڏن جو ڍير.
ماري يعني پکين يا پرندن کي ڦاسائڻ وارو. مطلب ته اهڙي ڪمائي واري گهر ۾
هڏن ڌاران ٻيو ڇا هوندو؟ تنهن وانگي جو پاپ ڪري ناڻو ميڙيندو، سو سائو ڪٿان ٿيندو.
(۴۳) ڏٿ نه کٽو، ڏوٿي کٽا.
ڏٿ: جهنگلي ان ۽ ٻيون شيون، جهڙوڪ؛ ساوڙي، ڳم، مکڻي، مريڙو لوڙھ، بھ وغيره.
ڏوٿي يعني ڏٿ تي گذران ڪندڙ؛ غريب ماڻهو.
(۴۴) هڪ سج؛ ٻه پاڇا.
هي پهاڪو دنيا جي غير دائميت ڏيکاري ٿو. جو جهڙو سج جو پاڇو ڪڏهن وڻ جي
هڪڙي پاسي ته ڪڏهن وڻ جي ٻئي پاسي. تنهن وانگي دنيا به ڪڏهن ڪنهن وٽ ته ڪڏهن ڪنهن
وٽ.
(۴۵) جڙيءَ کي جس.
جس يعنيٰ شاباس. مطلب ته جيڪو ڌڻيءَ جي پاران ملي تنهن کي شاباس چئو يعني
جيڪو مليو اهو چڱو آهي.
حوالو
۱- ڊاڪٽر سنديلو عبدالڪريم؛
پهاڪن جي پاڙ.
۲- ديوان ڪيولرام سلامت راءِ؛ گل
شڪر.
۳- مرزا قليچ بيگ؛ پهاڪن جي
حڪمت.
۴- نظاماڻي الھ بخش؛ سنڌي لوڪ
ادب جي ارتقائي تاريخ.
۵- ڊاڪٽر ٻوهيو الهداد؛ سنڌي
ٻوليءَ جو سماجي ڪارج.
۶- ڊاڪٽر سنديلو عبدالڪريم؛
تحقيق اللغات سنڌي.
۷- بلوچ علي محمد؛ سنڌي رهبر.
۸- سيوهاڻي فتح محمد؛ آفتاب
ادب.
ماهوار پيغام
ڪراچي، جلد ۹، شمارو ۸-۹، رجب ۱۴۰۸ھ/ فيبروري- مارچ ۱۹۸۵ع
No comments:
Post a Comment