Showing posts with label سنڌي، لوڪ، ادب، پهاڪا، چوڻيون، محاورا، ڊاڪٽر، مرليڌر، جيٽلي،. Show all posts
Showing posts with label سنڌي، لوڪ، ادب، پهاڪا، چوڻيون، محاورا، ڊاڪٽر، مرليڌر، جيٽلي،. Show all posts

Saturday, November 2, 2013

سنڌي لوڪ ادب ۾ پهاڪا، چوڻيون ۽ محاورا - ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

سنڌي لوڪ ادب ۾ پهاڪا، چوڻيون ۽ محاورا


ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

ڪنهن به ٻوليءَ ۽ اُنهيءُ جي اَدب ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن کي گهڻي اهميت حاصل ٿيل آهي. انهن جي استعمال ڪرڻ سان ٻولي اثرائتي ۽ نزاڪت واري بڻجي پوي ٿي. سماجي لحاظ کان به اهم آهن، ڇاڪاڻ جو اُنهن ۾ اسين عوامي زندگيءَ جي جدا جدا پهلوئن ۾ صاف عڪس پسي سگهون ٿا.
پهاڪا، چوڻيون ۽ محاورا لوڪ اَدب جو هڪ اهم حصو آهن. سنڌي لوڪ اَدب جو هڪ اهم حصو آهن. سنڌي لوڪ اَدب تي سنڌ ۽ هند ۾ گهڻيئي ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا شايع ٿيا آهن، جن ۾ سنڌي لوڪ اَدب جي جدا جدا صنفن تي گهرائيءَ سان ويچار ڪيو ويو آهي، پر اُنهن ۾ پهاڪان، چوڻين ۽ محاورن جي اهميت تي خير ڪو ڌيان ڏنو ويو آهي. “فوڪ لور” يعني عوامي تهذيب، تمدن جا ڪهڙا بنيادي عناصر آهن، انهن ۾ لوڪ اَدب جي ڪهڙي جاءِ آهي، لوڪ اَدب جون مکيه صنفون گهڻيون آهن، اُنهن ۾ پهاڪا چوڻيون ۽ محاورا ڪهڙيءَ شاخ هيٺ اچن ٿا، ٻوليءَ جي بناوٽ ۾ اُنهن جي ڪهڙي اهميت آهي، اهڙن سوالن تي تفصيلوار بحث مون پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڪيو آهي، جيڪو زير اشاعت آهي. هن مضمون ۾ انهن مان ڪجھ موضوع کڻي، اُنهن تي مختصر طور ويچار پيش ڪجن ٿا.