Sunday, October 13, 2013

پس منظر تي مشتمل پهاڪا ـ چوڻيون ـ محاورا ـ ورجيسون - ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“

پس منظر تي مشتمل
پهاڪا ـ چوڻيون ـ محاورا ـ ورجيسون
ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“
سنڌي ٻولي دنيا جي انهن خوش نصيب ٻولين منجھان هڪ آهي، جنهن کي اسان هڪ اعلى ورجيسي ٻولي چئي سگھون ٿا. سنڌي ٻولي ۾ هونءَ ته ڪيترا ئي پهاڪا، چوڻيون، محاورا ۽ ورجيسون موجود آهن، جن جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي پر انهن مان ڪن جو دلچسپ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ پس منظر انهن جي اهميت کي ويتر وڌائي ڇڏي ٿو. هن مضمون ۾ مون اهڙن پس منظر وارن ڪجھ اهم پهاڪن، چوڻين، محاورن ۽ ورجيسن تي ٻه اکر لکيا آهن، جن مان ڪن جي عام مقبول هجڻ باوجود ٿورن ماڻهن کي سندن پس منظر جي ڄاڻ هوندي آهي.


1.   اهڙي ڪندوسانءِ جھڙي ٻُرڙي ڪئي ٻارن سان.
چيو وڃي ٿو ته ٻرڙن جي هڪ ڳوٺ ۾ ٻارن سان اها جٺ ٿي. صبح جو ڳوٺ جون عورتون پنهنجن مردن سان ٻني ٻاري تي وڃڻ کان اڳ پنهنجا ڪجهه ٻارڙا گھر جي جھوني مڙس جي حوالي ڪري ويون ته سندن خيال رکي. ڪجهه دير کان پوءِ ٻارن اچي گوڙ مچايو. جھونو مڙس جيڪو حُقو ٽيڪيون ويٺو هو تنهن کي انهيءَ گوڙ ۽ شور پريشان ڪري رکيو، سو ڇا ڪيائين جو گھر جي وڏي گنديءَ جو ڍڪ کولي هڪ هڪ ڪري ٻارن کي کڻي انهيءَ ۾ ڦٽو ڪيائين ۽ گنديءَ جو ڍڪ بند ڪري ڇڏيائين.
عورتون جڏهن ٻنيءَ تان موٽيون ۽ پنهنجا ٻار سنڀاليائون ته جھوني چين اهي گنديءَ ۾ پيا اٿَو منهنجو ته مغز ئي چٽي ويا هئا. آخر ٻارن کي نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو اتان اها چوڻي عام ٿي وئي.
ان حوالي سان هڪ ٻي روايت اها به آهي ته ٻرڙا ۽ ٻارا ٻئي ذاتيون آهن جن جو ڪنهن دور ۾ اٽڪاءُ ٿي پيو ۽ آخر جھيڙو گھڻو مچي ويو ۽ ان ۾ ٻرڙن ٻارن کي حيرتناڪ شڪست ڏني.

2.   جتي لوڀي هجن اتي ٺوڳي بک نه مرن.
لوڀي ۽ ٺوڳي يعنى لالچي ۽ ٺڳ اسانجي معاشري جا ٻه ڪردارا آهن. چون ٿا ته هڪ پاڙي ۾ هڪ ماڻهوءَ پاڙيسريءَ جو وڃي در کڙڪايو. گھر مالڪُ ٻاهر اچي ڏسي ته پاڙي جو ماڻهو بيٺو آهي، کانئس پڇيائين ته ادا ڪيئن تڪليف ڪئي اٿوَ؟ هن وراڻيو: ”ڀائو! اسان وٽ اوچتو مهمان اچي نڪتا آهن چانورن رڌڻ لاءِ اسانجي گھر ۾ وڏو ديڳڙو ڪونهي ڀلائي ڪري ديڳڙو ڏيو سڀاڻي ئي واپس ڪري ويندس. گھر مالڪ پاڙي جو لحاظ رکي گھر ۾ پيل وڏو ديڳڙو کڻي کيس ڏنو. پاڙيسري ٿورا مڃيندو ديڳڙو کڻي راهي ٿيو.
واعدي مطابق ٻئي ڏينهن شام جو ديڳڙو واپس ڪرڻ آيو گھر مالڪ ديڳڙو وٺي ڏٺو ته ان ۾ اندر هڪ ٻيو ننڍو ديڳڙو پيل هو. هن حيرت وچان پاڙيسري کي چيو ادا! ڀُل ۾ پنهنجي گھر جو ديڳڙو به هن ۾ وجھي آيو آهين ڇا؟ هي پنهنجو واپس کڻي وڃ. پاڙيسري جيڪو اصل ۾ ٺڳ هو تنهن نماڻو منهن ٺاهي وراڻيو نه ادا نه هي اسانجو ديڳڙو نه آهي اهو ننڍو ديڳڙو ته تنهنجي وڏي ديڳڙي صبح اسانوٽ ڄڻيو آهي. سو اها تنهنجي امانت آهي. گھر مالڪ خوشي خوشي ٻئي ديڳڙا کڻي گھر ويو.
 ڪجهه ڏينهن بعد وري ساڳيو پاڙيسري وٽس آيو ۽ ساڳيو سبب بيان ڪري گھر مالڪ کان پهرئين کان به وڏو ديڳڙو وٺي ويو. گھر مالڪ لالچي هو تنهن سوچيو ته اڳئين ڀيري اسانجو ديڳڙو ويامي آيو هو ۽ هڪ جي بجاءِ ٻه ديڳڙا مليا هئا. هن ڀيري کيس اڃا وڏو ديڳڙو ڏيانس جيئن اهو به ويامي پاڻ سان ٻيا ديڳڙا کڻي اچي.
ڪافي ڏينهن گذري ويا پر ديڳڙو واپس ڪونه ٿيو سو گھر مالڪ وڃي ان ٺڳ جو در کڙڪايو ٺڳ ٻاهر نڪتو. هن کانئس ديڳڙي واپس نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي. ٺڳ روئڻهارڪو مُنهن ڪري چيو: ڀائو! معاف ڪجانءِ ڏاڍي ڏک جي خبر آهي تنهنجو ديڳڙو ته ٻئي ڏينهن تي ئي گذاري ويو.
گھر مالڪ ڪاوڙ مان چيو بيوقوف ديڳڙو به ڪڏهن مُئو آهي!؟ ٺڳ وراڻيو ڀائو! ديڳڙا جي مرندا ناهن ته پوءِ ڀلا ويامندا به آهن ڇا!؟

3.   جيڪي ڪُلهو ڏيندا، سي توڙ به پهچائيندا.
هڪڙو ڳوٺاڻو پوئين عصر پنهنجي بيمار گھر واريءَ کي بيل گاڏي جوٽي علاج لاءِ شهر ڏانهن روانو ٿيو. هلندي هلندي ڪنهن مهل ڳوٺاڻي کي اک لڳي وئي. اوچتو سندس گھر واريءَ جي اک کُلي وئي. ڏسي ته مار! گاڏيءَ جي پاڃاريءَ ۾ هڪ پاسي کان ڏاند ته ٻئي پاسي هڪ شخص پاڻ کي ڍُڪايون پيو هلي. دراصل زال ۽ مڙس جي ننڊ جو فائدو وٺي ٻن چورن مان هڪ ڍڳو ڪاهي روانو ٿي ويو ۽ ٻئي ان ڍڳي جي جاءِ تي پاڻ کي کڻي جوٽيو هو.
عورت آهستگيءَ سان پنهنجي مڙس کي هوشيار ڪندي چيو ميان! اٿ جو چور هڪ ڏاند ڪاهي ويو ۽ ان جي جاءِ تي ٻيو شخص ڪلهو ڏيون ٿو هلي. تنهن تي مڙسهنس آهستگيءَ سان جواب ڏنس چري! جيڪي ڪلهو ڏيندا سي توڙ به پهچائيندا.
ائين چور شهر پهچڻ تي پڪڙجي به پيو ۽ ٻيو ڏاند به کيس واپس مليو سندس زال جو علاج به ٿيو. ڏسو ته ڳوٺاڻي ڪيڏي نه عقلمندي جو مظاهرو ڪيو.

4.   ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو.
هڪڙي پتڻ تان ٻيڙيءَ ۾ مسافر چڙهيا. ناکئين لالچ ۾ اچي وڌيڪ ماڻهو کڻي کنيان. جڏهن ٻيڙي درياهه جي وچ سيرَ ۾ پهتي ته گھڻي وزن سبب لڏڻ لڳي. ناکئين مسافرن کي چيو ته جي ٻيڙيءَ مان بار هلڪو نه ٿيو ته سڀئي ٻڏندا سين تنهن ڪري پاڻ ۾ جلدي فيصلو ڪريو ته ڪير درياهه ۾ ٽپو ڏئي ٻيڙيءَ کي ٻڏڻ کان بچائيندو.
سڀني هڪ ٻئي ڏي ڏٺو ۽ پوءِ ٻيڙيءَ ۾ سوار هڪ ٿلهي متاري واڻيي سيٺ کي چيو ته ديوان! تون گھڻو ڳورو آهين تنهن ڪري تون درياهه ۾ ٽپو ڏي ته ٻيا ٻڏڻ کان بچي وڃن. تنهن تي واڻيي سيٺ وراڻيو ٻيلي مار! ڀري ٻيڙيءَ ۾ به واڻيو ڳورو ٿيو!

5.   چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪَکُ.
هڪ هندو سيٺ جي گھر مان چورُ چوري ڪري ويو. صبح جو سيٺ پوليس اسٽيشن تي چور خلاف رپورٽ لکرائي ۽ پوليس جي مٿان زور ڀريو ته ڪنهن به ريت منهنجي چوري ورائي ڏيو. صوبيدار سيٺ کي چيو ته ڇا تون چور کي سڃاڻندين؟ سيٺ هائو ڪئي ٻي ڏينهن تي تَر جي چورن کي ٿاڻي تي سڃاڻپ لاءِ آندو ويو ۽ قطار ۾ بيهاري صوبيدار سيٺ کي چيو ته سيٺ صاحب چور کي سڃاڻ ڀلا.
سيٺ ڏٺو ته سڀئي ڏاڙهي ڪوڙ هئا البته انهن ۾ هڪڙو ڏاڙهي سان هو. سيٺ اصل ۾ چور ته ڏٺو ئي ڪونه هو پر اهو سوچي ته من به ڌُڪو لڳي وڃي سو چيائين ته صوبيدار صاحب! مون واري چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک نظر آيو هو.
ڏاڙهيءَ واري چور کي اچي ڦِڦڙي لڳي ۽ کيس دل ۾ خيال آيو ته چور ته واقعي مان آهيان متان منهنجي ڏاڙهي ۾ ڪو ڪک اٽڪي پيو هجي سو وٺي ڏاڙهيءَ تي هٿ گھمايائين. سيٺ هڪدم چيو سائين اهو ئي منهنجو چور آهي. ائين سيٺ کي پنهنجي چوري واپس ملي ۽ چور کي به سزا ملي.

6.   اڌ رات ئي کڏ ۾.
ڪنهن ٺيڪيدار کڏ کوٽڻ جو ڪم دايَن جي حوالي ڪيو. داين ڪم ته شروع ڪيو پر پوءِ پاڻ سنڀاليائون ته هن ڪم ۾ ته پاڻ کي ڪَسُ لڳندي، تنهن ڪري ڏينهن جو ٻي ڪم تي ويندا هئا ۽ رات جو ٺيڪي وارو ڪم ڪندا هئا. جيڪو يقيناً ٿورو ٿيندو هو.
ٻن ڏينهن بعد ٺيڪيدار کانئن پڇيو ڀلا ڪيترو ڪم ڪيو اٿوَ؟ دايَن وراڻيو سائين! اڌ رات تائين ڪم ڪندا آهيون جڏهن ٺيڪيدار کڏ تي پهتو ته ڪم نالي ماتر ٿيل ڏسي چيائين اڙي نڀاڳئو! توهانجي ته اڌ رات ئي کڏ ۾ آهي.
دل سان ڪم نه ڪرڻ جو مثال مٿئين چوڻيءَ سان ڏنو ويندو آهي.

7.   الله ڏيوَئي، ميان ڏيوَئي صحبت نه ڏيوَئي.
چون ٿا ته ڪلهوڙن جي دور ۾ حڪومت طرفان چانڊڪا پرڳڻي جي هڪ حصي جو صحبت خان نالي هڪ ڪاردار (مختيارڪار) هو. هو ايترو ڪنجوس هو جو ڪنهن کي دمڙي به ڪونه ڏيندو هو.
هڪ ڀيري ڪو فقير صحبت خان وٽ سوالي بڻجي آيو ۽ کانئس خيرات گھريائين پر صحبت خان کيس بيهڻ ئي ڪونه ڏنو. فقير مايوس ٿي وقت جي حاڪم ڏانهن ويو ۽ کيس سوال ڪيائين جنهن سندس ضرورت پوري ڪئي. فقير عرض ڪيو ته ”سائين! صحبت خان ڏانهن به ٻه اکر لکي ڏيو ته اهو به مون مسڪين ٻچڙيوال جي مدد ڪري.“
ميان صاحب فقير کي صحبت خان ڏانهن اهڙو سفارشي خط لکي ڏنو. صحبت خان خط پڙهي پوءِ به فقير کي ڪا مدد نه ڪئي ۽ کيس چيو ”ڀل تو کي الله ڏيوئي، ميان ڏيوئي پر صحبت خان صفا نه ڏيوئي.“

8.    ڀاڳ ڏئي ڀيڙو ته دال مان سيرو.
يعنى ڪڏهن ڪڏهن بخت سڃائيءَ مان انسان کي آسودو بڻائي ڇڏيندو آهي. ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن پوليس عملدار سان سندس وڏو آفيسر ايترو ته ناراض هو جو کيس ٿاڻي تي ويٺو به نه سهندو هو. اڃا هڪڙي پاسي کان ڊيوٽي ڏئي ٿاڻي تي مس پهچندو هو ته سندس آفيسر کيس وري ڪنهن بيگر پٺيان موڪلي ڇڏيندو هو ۽ ويچاري جو سڄو مهينو ائين گذرندو هو.
 هڪڙي دفعي اهو ننڍو عملدار رات جي وقت اڃا ٿاڻي تي پهتو ئي مس ۽ پورو ٿڪ به نه ڀڳو هئائين ته وڏي عملدار گھرائي چيس ته ”فلاڻو ماڻهو ڪنهن ڏوهه ۾ گھربل آهي وڃي کيس پڪڙي اچ.“ ويچارو حڪم جو بندو ’حاضر سائين‘ چئي گھوڙي تي لانگ ورائي روانو ٿيو. بيگاهه وقت جي ڪري پڪي سڙڪ ڇڏي جھنگ مان هڪڙي ڦٽل ڪڙيي جو ڪپ ڏئي ان ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو، جنهن ڳوٺ ۾ گھربل ماڻهوءَ جو ڏَسُ مليل هيس. اوچتو گھوڙي جو سُنب ڪنهن اهڙي سخت شيءِ سان لڳو ۽ اهڙو آواز ٿيو جھڙو ڪنهن ٽامي جي ٿانون کي ڌڪ لڳڻ سان ٿيندو آهي. هو هڪدم گھوڙي تان لهي پيو ۽ اُتان هٿن سان مٽي هٽائڻ لڳو ته کيس هڪڙي ديڳ نظر آئي جيڪا سموري سونين مهرن سان ڀريل هئي. خُرزين ۽ توٻرو ڀريائين کيسا به پُر ڪيائين ۽ بچي پيل مهرون هڙ ۾ ڪري ٻَڌائين ۽ خوشي خوشي گھر ڏانهن موٽيو. هاڻي کيس نوڪريءَ جي ڪا پرواهه ئي ڪانه هئي. کيس غيبي خزانو ملي ويو جنهن مان هن زمين ۽ ٻي ملڪيت خريد ڪئي ۽ امير بڻجي ويو. ماڻهن ۾ چوپچو شروع ٿي ته هيءُ اڳ ۾ هڪ رواجي سپاهي هو هينئر امير بڻجي ويو آهي! تنهن تي ڪنهن سالڪ چيو ادا!  ”جي ڀاڳ ڏئي ڀيڙو ته دال مان سيرو.“

9.   پئسا ئي پاڻيءَ ۾.
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙو واڻيو گھوڙي تي چڙهي ٻهراڙي مان واپار لاءِ مکڻ وٺڻ لاءِ نڪتو. واٽ تي هڪڙو واهه هو جنهن مان لنگھڻو پيس. جڏهن گھوڙو واهه جي ٻيءَ ڀَر تي آيو تڏهن گپ ۾ گچي پيو. واڻئي ويچاري گھوڙي کي گھڻو ئي ڪُٽيو پر گپ کان ٻاهر گھوڙو نڪري ئي نه! واٽ ويندي هڪ ڌنار کي چيائين ته: ”گھوڙي کي پويان ٻه چار لڪڻ هڻ.“
ڌنار گھوڙي کي اهڙا لڪڻ هنيان جو گھوڙو اڳتي اڇل ڏئي ڪناري تي ته پهتو پر گھوڙي جو تنگ ڇڏي پيو جنهن ڪري واڻيو ويچارو سامان سوڌو پوئتي وڃي ڪريو. واڻيو ته نڪتو پر ويچاري جي هَڙ جنهن ۾ پئسا پڻ ٻڌل هئا، سا وڃي پاڻيءَ ۾ پئي. انهيءَ تان اها چوڻي جُڙي ته ”پئسا ئي پاڻيءَ ۾.“

10.                    پيرَ کي ڪم ٺڪاءَ سان.
هڪڙي ماڻهوءَ ڪنهن پيرَ تي باس باسي ته پير سائين جيڪڏهن منهنجي دل جي مراد پوري ٿي ته تنهنجي در تي اچي ٺڪاءُ ڪڍندس.
جڏهن ان شخص جي من جي مراد پوري ٿي تڏهن پٻڻ جو ڏوڏو کڻي اچي پير جي در تي ٺڪاءُ ڪڍيائين. ڪنهن چيس ته نامراد! پيرن سان به ائين ٺڳي! تنهن تي وراڻيائين ادا پير جو ڪم ٺڪاءَ سان.

11.                    ڄٽيءَ سُٽ پُسايو، واڻئي وِڌَس وَٽي،
ڄٽيءَ ليکي واڻيو مُٺو، واڻيي ليکي ڄٽي.
پراڻي وقت ۾ دستور هوندو هو ته زالون ائٽ تي سُٽ ڪَتي وڃي دڪانن تي وڪڻنديون هيون.
ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن ٻهراڙيءَ جي اڻ پڙهيل عورت سٽ ڪتي پاڻيءَ ۾ پسائي رکيو. جڏهن سُٽ ٿورو سُڪو تڏهن دڪان تي کڻي وئي.
واڻيي هڪدم سهي ڪري ورتو ته سٽ ۾ کوٽ آهي تنهن ڪري مقرر وزن بدران ڳري وزن وارو وٽ ٻي پڙ ۾ وڌائين. ڄٽي ويچاري خوش ٿي ته واڻيي کي ڦُري آيس. جڏهن پئسا وٺي گھر موٽي تڏهن ڪنهن سياڻي سان اها ڳالهه ڪيائين ته مان واڻيي کي ڦُري آئي آهيان. اهو سياڻو واڻيي جي حرفت کان اڳ ۾ ئي واقف هو سو کِلي چيائين:
”ڄٽيءَ سُٽ پُسايو، واڻيي وڌس وٽي،
ڄٽيءَ ليکي واڻيو مُٺو، واڻيي ليکي ڄٽي“

12.                    چورَن مٿان مورَ.
چون ٿا ته چورَ چوري ڪري اچي جھنگ ۾ گڏ ٿيا ۽ مال ورهائڻ خاطر کولي کڻي ميدان تي رکيائون، ان سامان ۾ هڪڙو سونو هار به هيو.
وڻ تي هڪڙو مور ويٺو هو، چيو وڃي ٿو ته مور سونَ جي چمڪ تي عاشق آهي سو مور لامارو ڏئي اهو سونو هار کڻي اڏامي ويو، تنهن تي هڪڙي چور چيو مار! چورن مٿان مور!

13.                    ڇَتَي ڪوريءَ واري ڊيگھ.
مٿئين چوڻيءَ مان مراد آهي گھڻو يا بيجا ڳالهائڻ. ڇتو ڪوري، رامڻ ڪوريءَ جو شاگرد هو، جيڪو پنهنجي استاد رامڻ ڪوريءَ وٽ اُڻت جو ڪم به سکندو هو. ڇتو جڏهن به ڳالهائيندو هو ته وڏي ڊيگھ ڪندو هو.
هڪ دفعي رامڻ پٽڪو لاهي پاسي ۾ رکيو. ڀر ۾ رکيل حقي مان چڻنگ وڃي پٽڪي تي پئي. ڇتي اهو ويٺي ڏٺو ۽ باهه وسائڻ بجاءِ رامڻ جو ڌيان اينگھ ڪري هن ريت ڇڪائڻ لڳو:
جناب حضرت استاد رامڻ جِي! حقي مان هڪڙي چڻنگ اڏامي وڃي سائين جن جي دستار مبارڪ تي پئي آهي سو پنهنجو پٽڪو سنڀاليو.
جيسين ڇتي پنهنجي ڊيگھ پوري ڪئي تيسين رامڻ جي پٽڪي جو ڳچ حصو سڙي چڪو هو.
رامڻ جڏهن جوڙيون کڻي وڪڻڻ ويندو هو ته ٻيا ڪوري پنج پنج جوڙيون کپائي ايندا هئا پر هن مڙس کان هڪ جوڙي مس کپندي هئي، ڇاڪاڻ ته ڊيگھ ڪرڻ سندس عادت ٿي وئي هئي. جوڙي وڪڻندي وٺي پنهنجي اڻيل ڪپڙي جي تعريف ڪندو هو. چي ”هيءَ جوڙي مضبوط آهي سندس ٺِڪري پڪي آهي ڌاڳو پڪو اٿس، گھاٽي اڻيل آهي، تمام گھڻو چوڙ ڏيندي، ڏاڍي سستي آهي، بَرُ به وڏو اٿس ۽ کار ۾ سڳو به ڪونه ڳرندس وغيره.“
ڀلا جيڪڏهن هر هڪ گراهڪ سان ايڏي بڪ شڪ ڪبي ته ڪم جلدي ڪيئن اُڪلندو! سندس انهيءَ عادت تي مٿئين چوڻي مشهور ٿي وئي.

14.                    ڌيءَ پاڙي، اندر ساڙي، ڌيءَ دور کائي چُور.
ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڌيءَ پاڙي ۾ پرڻائي ڏني ته جيئن اکين آڏو هجي. پهريائين ته گھوٽ ڪنوار پاڻ ۾ کير کنڊ هئا پر پوءِ دنيا جي دستور مطابق جيئن چيو ويندو آهي ته ٻه ٺِڪر به پاڻ ۾ به پيا ٺهڪندا آهن. تيئن گھوٽ ڪنوار ۾ به اڻبڻت شروع ٿي.
هڪڙي پاڙي واري عورت وڃي ڇوڪريءَ جي ماءُ کي ٻڌايو ته ”تنهنجي ڌيءَ کي مڙسهنس ڏاڍو ماريو آهي.“ مطلب ته ڳالهه هجي يا نه پر پاڙي ۾ ڪا شرارتي عورت ضرور هوندي آهي جيڪا ڪنوار ماءُ جا ڪنَ ڀريندي رهندي آهي. ويتر جڏهن ڪنوار پيڪي ويندي آهي ته اها ڳالهه لڪي هونئن به نه سگھندي آهي. ماءُ جا آنڊا سڙڻ لڳندا آهن. انهيءَ تي سياڻن مٿيون پهاڪو جوڙيو؛ ڌيءَ پاڙي، اندر ساڙي، ڌيءَ دور کائي چُور (چوري).
مطلب ته پاڙي ۾ پرڻيل ڌيءَ جي ٿوري گھڻي ڳالهه ٻڌي به پيءُ ماءُ کي پيو ڏک ٿيندو پر ڏور پنڌ سبب جھڙي تهڙي ڳالهه ٻڌڻ ۾ ئي ڪو نه ايندي آهي.

15.                    ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏِي هڻي تيرنهن.
راڻو مومل سان ملڻ لاءِ ڀلي ڏاچيءَ تي چڙهي روزانو وڃي مومل جو مهمان ٿيندو هو ۽ رات اتي گذاري، صبح جو موٽي ماڳ ايندو هو. اهو ڳجھ ڳوهه وارو قصو آخر کلي پيو جنهن ڪري، همير سومري کي مٺيان لڳي، سو راڻي جي ڏاچيءَ کي پيرن ۾ ڪِيرَ هڻائي منڊو ڪرائي ڇڏيائين.
هاڻي راڻي لاءِ زندگي زهر ٿي پئي هئي سو لڳو ڪاڪ وڃڻ لاءِ گھاٽ گھڙڻ. آخر ڏاچيءَ واري جت کي گھرائي کيس ٻي ڪنهن اهڙي ڀلي ڏاچي يا اٺ لاءِ چيائين. جت عرض ڪيو ته ”سائين! اوهان واري ڏاچيءَ جي هڪ توڏي آهي، جنهن ۾ ماءُ جهڙا ئي پاڻي آهن.“ راڻي چيس ته جلد وڃي بندو بست ڪر پر تو واري توڏي ڪٿي وچ تي ويلو ته ڪونه وجھندي. جت وراڻيو ”سائين اوهان دلجاءِ ڪريو، توڏي ننڍي ضرور آهي پر پنڌ ۾ ماءُ کان به ٻه وکون وڌيڪ آهي. ڏاچي جي ڏهه هڻندي هئي ته توڏي تيرنهن هڻندي. پوءِ راڻو روزانو انهيءَ توڏيءَ تي سوار ٿي، مومل سان ملڻ ويندو هو.
لطيف سائين سُر مومل راڻو ۾ اهڙو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
ننڍو تان ڪوهه، پر وکين آهي وترو،
اچو ڪاڪ ڪنڌين ۾، پهس پکيءَ جان پوءِ.
ان ڪُر منجھان ڪوءِ، ميو ماٺو نه ٿئي.


16.                    لاهي لنگها ويههُ، آريجن مان آسرو،
پِني پرائو ڏيههُ، اچي کاءُ آريجن ۾.
آريجا هڪ ذات آهي جنهن جي نالي سان تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڳوٺ خير محمد آريجا منسوب ٿيل آهي، انهيءَ ڳوٺ ۾ مخدوم شهاب الدين نالي هڪ بزرگ، ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ رهندو هو، جيڪو پنهنجي وقت جو ڪامل ولي هو.
مخدوم صاحب آريجا ۾ غير شرعي ڪمن جي پاڙ ئي پٽي ڪڍي، ايتري قدر جو اُتي شاديءَ تي به نه دُهل وڄندو هو ۽ نه وري محفل ۾ ڪو ناچ گانو ٿيندو هو. ڳوٺ ۾ هندن جو هڪ ٽڪاڻو به هو پر اتي به نغارا ۽ ڌُڪڙ وغيره نه وڄايا ويندا هئا.
اتفاق سان اتي هڪڙو لنگھن جو گھر اچي ويٺو جن کي اها حقيقت معلوم ڪانه هئي ته هتي ڪا اهڙي منع ٿيل آهي. انهن رات جو دهل ۽ شرنائن جو واڄو ڪيو. قدرتاً سندن شرناءِ ڀڄي پئي ۽ دهل به ڦاٽي پيو! جڏهن کين بزرگ جي اهڙي منع جي خبر پئي ته مخدوم صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿي کانئن معافي ورتائون. ان موقعي تي اتي بيٺل ماڻهن مان ڪنهن لنگھن کي ائين چيو هو ته: ”لاهي لنگها ويههُ، آريجن مان آسرو، پِني پرائو ڏيههُ، اچي کاءُ آريجن ۾“

17.                    پنهنجي ڪَئي جو نه ڪو ويڄ، نه ڪو طبيب.
چون ٿا ته هڪڙي ڪڙميءَ کي گھر جي ڀرسان ٻنيءَ جو ٽڪرو هو ۽ هو ڪڪڙين پالڻ جو شوقين هو. هڪڙي لومڙي اچي هِري روزانو رات جو ڪڙميءَ جون ڪڪڙيون چورائي ويندي هئي، ڪڙمي ويچاري ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن ريت لومڙيءَ کي ڦاسائي وجھي، آخر هڪڙي رات هن ڪنهن ڦند سان لومڙي کي ڦاسائي وڌو. هاريءَ کي لومڙيءَ تي ڏاڍي خار هئي تنهن ڪري لومڙيءَ کي سخت سزا ڏيڻ جي خيال سان سندس پڇ کي گھڻيون اڳڙيون ويڙهي کڻي باهه ڏنائين. لومڙيءَ کي جو تئه آيو سو ڪڙميءَ جي ٻنيءَ مان تڪڙي تڪڙي پڄندي وئي جتي هن جو ڪڻڪ جو پڪل فصل بيٺل هو. نتيجي ۾ سڄو فصل سڙي خاڪ ٿي ويو. اهڙيءَ طرح ڪڙميءَ گھڻو ئي پٽيو ڪُٽيو پر ڏوهه ڪنهن کي ڏئي. اهڙي ئي موقعي لاءِ مٿيون پهاڪو جڙي ويو.

18.                    هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو.
ڪلهوڙن جي دور ۾ هي پهاڪو مشهور ٿيو جڏهن سن 1025 هجري مطابق 1675ع ۾ ميان شاهل محمد ڪلهوڙي گھاڙ واهه کڻايو. ان وقت سنڌو درياهه کان ويندي گھاڙ واهه جي ڇوڙ تائين لاڙڪاڻو هن تَرَ جو واحد مشهور شهر ۽ بندر هو. ايران ۽ بلوچستان کان واپاري ڪهي اچي هتي وڻج ڪندا هئا. لاڙڪاڻي کي ٻيڙين جي رستي ٻين شهرن سان ملائڻ سبب مرڪزي حيثيت حاصل ٿي وئي هئي. هتي اناج ۽ ٻين شين جا قافلا اچي منزل انداز ٿيندا هئا، انهيءَ هنڌ کي هن وقت به محلا قافلا سراءِ سڏيو وڃي ٿو.
سچ پچ ته ڪلهوڙن رستن ۽ واهن ٺهرائڻ جي ڏِس ۾ وڏي خدمت جو ڪم ڪيو انهيءَ ڪري لاڙڪاڻو سبزي ۽ ساوڪ ۾ ايترو ته وڌي ويو جو ڪيترا سياح ان کي ”سنڌ جو عدن“ سڏڻ لڳا.
جنهن جاءِ تي ٻيڙيون مختلف پاسن کان اچي لنگر هڻنديو هيون اها جاءِ هينئر به بندر روڊ جي نالي سان سڏجي ٿي. اتي رات ڏينهن ماڻهن جي گَهَه پيههَ لڳي پئي هوندي هئي. سنڌو درياهه ذريعي گھاڙ واهه رستي مال سان ڀريل ٻيڙا ايندا ويندا هئا ۽ خشڪيءَ جي رستي واپاري قافلن جي اچ وڃ گھڻي هوندي هئي. واپار سبب ڏيهي توڙي پَر ڏيهي واپارين کي جھجھو فائدو ٿيندو هو جنهن ڪري سندن لاءِ پئسن سان راند ڪرڻ سولي ٿي پئي هئي. بندر گاهه جي اوڀر ۾ گھاڙ جي ڪناري شوقينن لاءِ محفلون مچنديون هيون، جتي حسن جي بازار لڳل هوندي هئي ۽ طعام، قيام ۽ جام جو جوڳو بندوبست پڻ ٿيل هوندو هو، جنهن ڪري پري پري کان شوقين ۽ عاشق مزاج پکين جيان پرواز ڪري اچي اتي پرگھٽ ٿيندا هئا ۽ کنڀ کُهائي کيسا خالي ڪرائي ٽرڙ ٿي موٽندا هئا.
شوقينن جي توجه جو مرڪز مهتاب هوندي هئي جيڪا پنهنجي ڀيڻ سان گڏ ڪجاوي ۾ ايندي هئي ۽ چيو وڃي ٿو ته سندس قافلو 9 ميل ڊگھو هوندو هو. مهتاب جي سندرتا جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، سندس وارن ۾ جوانيءَ واري چمڪ هئي، سنگ مر مر جهڙي سفيد ۽ لسي چمڙي، لب، ڀرون، اکين جا ڇپر، توڙي پنبڻيون سڀ اهڙا ته جاذب هئا جو ڏسندڙ جا ڇههَ ڇڄي پوندا هئا. لاڙڪاڻي جي انهيءَ خوشحالي ۽ رونقن سبب مٿيون پهاڪو مشهور ٿيو.
لاڙڪاڻي جي اهڙي ڪمال سبب ڪيترن شاعرن به پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو. حاجي خان چنجڻي هڪ ڪافيءَ جو ٿلههُ مٿئين پهاڪي تي ٻڌو آهي
هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو، نه ته وت ويڳاڻو

19.                    اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پوي!؟
هڪڙي ماريءَ جھرڪي ڦاسائي ۽ کيس ڪُهڻ جو ارادو ڪيائين ته جھرڪيءَ چيس: ”مون مان ته دُڪو گوشت جو مس نڪرندئي تنهن مان ڪهڙو ڍؤ ٿيندءِ.“ پوءِ کيس لالچ ڏيندي چيائين ”جيڪڏهن تون مون کي آزاد ڪري ڇڏيندين ته مان توکي ٽي نصيحتون ٻڌائيندس، پر شرط اهو آهي ته هڪڙي نصيحت تنهنجي هٿ تي ويهي ڪنديس، ٻي جڏهن ڇڏيندين ته وڻ تي ويهي ڪنديس ۽ ٽين وڻ تان اڏامڻ مهل.“
ماريءَ کي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي. ماري کيس پڃري مان ڪڍي هٿ تي ويهاريس ته جھرڪيءَ چيو: پهرئين نصيحت ٻڌ ”جيڪا ڳالهه ٻڌين ۽ عقل ان کي قبول نه ڪري ته ان تي ڪڏهن به ويساهه نه ڪجانءِ.“ ائين چئي جھرڪي اُڏامي وڃي وڻ تي ويٺي ۽ ماريءَ سان ٻيهر مخاطب ٿيندي چيائين ”جيڪو ڪم هٿان نڪري وڃئي ته ان تي ارمان نه ڪجانءِ.“ اهو چئي جھرڪي غمگين ٿي وئي ۽ ماريءَ جي حال تي رحم کائيندي چيائين ”چريا! منهنجي پيٽ ۾ ٻه دُڪا تورَ جو هڪ قيمتي هيرو موجود آهي جيڪڏهن هٿ اچئي ها ته سموري ڄمار لاءِ ڍَوَ ۾ هجين ها.“
اها ڳالهه ٻڌي ماري هٿ مَهٽي پڇتايو ۽ کائنس ٽين نصيحت بابت پڇيائين جنهن تي جھرڪيءَ چيس ته ”ٻن ڳالهين توتي اثر نه ڪيو ڀلا دڪو تور واري پکيءَ جي پيٽ ۾ ٻه دڪا تورَ وارو هيرو ڪٿان ماپندو ان تي ويساهه ڪيئن ڪيئي!؟ جيڪڏهن هجي به ها ته به اڏامي وڃڻ کانپوءِ وري هٿ اچڻ جو نه هو تنهن لاءِ ارمان ڪيُئي، تو جھڙِي ماڻهوءَ کي نصيحت ڪرڻ ئي بيڪار آهي.“

20.                    ڏنو پُٽ ڇُٽي جو.
هڪ بزرگ پنهنجي مريدن کي نصيحت ڪئي ته جيسين دنيا (دولت) نه ڇڏبي تيسين ڇوٽڪارو نه ٿيندو.
هڪ ڏينهن سندس هڪ مريد بزرگ جي ڪچهري ۾ ويو جتي تمام گھڻي رش هئي، جنهن ڪري هن مرشد جي ويجھو وڃي ويهڻ محال سمجھيو. هن هڪ اٽڪل ڪئي کيسي مان هڪ سوني مُهَر ڪڍي ڪامل جي خاص مريد کي ڇپر ۾ ڏنائين جيڪو مرشد جي ويجھو ويٺو هو. مُهر ملڻ جي لالچ ۾ هن پنهنجي جاءِ ڇڏي هن کي ڏني ۽ پاڻ ٻاهر هليو ويو. جڏهن مريد مرشد سان اڪيلائيءَ ۾ ويجھو ٿيو ته کيس عرض ڪيائين قبلا ”جنهن دولت ڇڏڻ لاءِ اوهان فرمايو هو اڄ ان جي برڪت سان اوهانجي قريب ويهڻ جو موقعو مليو اٿم.“ تنهن تي بزرگ فرمايو ”چريا جڏهن تو دولت هٿان ڇڏي تڏهن ته توکي منهنجي قريب ويهڻ جو موقعو مليو، جنهن توکان اها دولت ورتي تنهن کان اها جاءِ کسجي وئي.“
مٿئين چوڻيءَ مان مراد اها آهي ته جيڪڏهن دنيا جي لوڀ لالچ ڇڏبي ته آخرت يا منزل تائين رسڻ ۾ آساني ٿيندي يا منزل ملي ويندي.

21.                    گھر جو پير چُلهه جو مارنگ.
هڪڙي بزرگ کي سندس گھر واري سدائين پئي ڇڙٻون ڏيندي هئي. هڪ ڏينهن بزرگ جي دل ۾خيال آيو ته هن چنڊيءَ کي پنهنجي ڪا ڪرامت ڏيکاريان ته من سندس دل تي ڪو ڇنڊو پوي، سو گھر کان ٻاهر نڪري ويو ۽ پنهنجي ڪرامت جي زور تي ڳوٺ جي مٿان اڏامڻ لڳو. ڳوٺ جي ماڻهن کيس اڏمندي ڏٺو جن ۾ سندس گھر واري به شامل هئي ان وقت ڪنهن به کيس سڃاتو ڪونه پر جڏهن لهي گھر واپس آيو ته سندس گھر واري عادت مطابق مٿس چڙهي وئي ”مئا سدائين چوندو آهين بزرگ آهيان اڄ هجين هان ته الله جو سچو بزرگ ڏسين ها! هڪڙو خدا ٻانهو اسانجي ڳوٺ مٿان اڏامندو ٿي ويو.“
تنهن تي سندس مڙس چيس ”صدوري! اهو آءٌ ئي ته هيُس.“ تنهن تي سندس زال وراڻيو ”ائين چئجانءِ ماريا تڏهن ته ٽيڏو ٽيڏو پئي وئين.“ سياڻن سچ چيو آهي گھر جو پير چلهه جو مارنگ.

22.                    لوڀين سندي راڄ ۾ ٺوڳي مرن نه بک.
پراڻي دور جي ڳالهه آهي ته هڪڙي چالاڪ ماڻهوءَ کي پٽ جي وهانءَ لاءِ 30 رپيا گھربل هئا. گھر واريءَ کان پڇيائين پٽ ٿي پرڻائين پر خرچ پکي لاءِ ڪجهه گھر ۾ اٿئي؟ جوڻس ٻوٿ چِٻو ڪندي چيو هڪڙو ٽَڪو آهي انهيءَ مان ڇا ٿيندو!؟
گھڻو ڪجهه ٿيندو ٽڪو مونکي ڏي، اهو ٽَڪو وڏا ڪم ڪندو.
هو ٽڪو کڻي ڳوٺ جي واڻيي وٽ آيو ۽ کيس چيائين: ”هي ٽڪو اڳواٽ وياج جو وٺ ۽ مهيني کن لاءِ رپيو اوڌر تي ڏي.“
واڻيي اڳواٽ وياج جو ٽڪو ڏسي کيس ايماندار سمجھيو ۽ هڪدم رپيو ڪڍي ڏنائينس. هن اهو رپيو کڻي شهر ۾ اچي ٻٽيهه ٽڪا ڪرايا. ٽڪا مٽرائي هڪڙي مهاجن (وڏي پئماني تي وياج ڏيندڙ) جي دڪان تي پهتو ۽ کيس چيائين: ”هي ٽيهه ٽڪا اڳواٽ وٺ ۽ ٽيهه رپيا مونکي وياج تي ڏي.“
باقي ٻه ٽڪا ڪڍي هن مهاجن جي پٽ کي خرچي طور ڏنا. مهاجن ڳرو وياج ۽ پٽ واري خرچي اڳواٽ ملندي ڏسي لوڀجي پيو ۽ يڪدم ٽيهه رپيا ڪڍي ڏنائينس.
هن ڳوٺ اچي پٽ جو وهانءُ وڏي ڌام ڌوم سان ڪيو. ائين ڳوٺ جي واڻيي کي فقط سندس گھر وارو ٽڪو ۽ شهر واري مهاجن کي ڳوٺ واري واڻيي وارو رپيو نصيب ٿيو.

23.                    نه ڪنهـن کــي عقـل منجھايـو آهي
نه ڪنهن کي سونهن سڪايو آهي
گندي پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ ڪجهه ڏيڏريون گڏ ٿي ويٺيون هيون. وڏي ڪچهري لڳي پئي هئي، منجھائن هڪ ڏيڏريءَ حورَ جي باري ۾ ذڪر ڇيڙيو ٻيءَ پڇيس: ”حورَ ڇا آهي؟“ پهرئين ڏيڏريءَ وراڻيس: ”چون ٿا ته حورَ ڏاڍي سهڻي هوندي آهي. اسان کان به وڌيڪ سهڻي هوندي ڇا؟“ ٽئين ڏيڏريءَ وچ ۾ ڳالهايو. ”اسان کان وڌيڪ وري ڪهڙي سهڻي هوندي چوٿينءَ چيو. نه ادي اسان کان وڌيڪ سهڻي ڪيئن هوندي.“
گھڻو بحث ڇڙي پيو آخر هڪڙي ڏيڏري جيڪا هن وقت تائين چپ هئي تنهن ڳالهايو ”جڏهن اسان هيون سين ته پوءِ حورن جي ڪهڙي ضرورت هئي؟! خواه مخواه اسان اچي بحث ۾ منجھيون آهيون، اسان کان وڌيڪ سهڻو ڪوبه نه آهي.“

هڪ فارسي چوڻي مطابق جيڪڏهن سڄي ڌرتيءَ تان عقل ختم ٿي وڃي تڏهن به ڪو پاڻ تي شڪ نه ڪندو ته مان ڪو اڻ ڄاڻ آهيان.

No comments:

Post a Comment