بيضي جي ڇا مجال جو پٿرن سان وڙهي
الطاف شيخ
پهاڪا ٻڌڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو شوق مونکي
اسڪول جي ڏينهن کان وٺي رهيو آهي. اڄ کان ويهه سال اڳ، منهنجو ملئي، چيني ۽ جپاني زبانن
جي پهاڪن جو انگريزي ڪتاب ڪوالالمپور ۾ ۽ سنڌي ڪتاب ”رُٺي آهي گهوٽ سان“ ڪراچيءَ ۾
ڇپيو. سئيڊن ۾ ڪجهه سال رهڻ دوران اتي جي زبان جا پهاڪا ته گڏ ڪري نه سگهيس پر دنيا
جي مختلف ملڪن کان آيل پنهنجي ڪلاس ميٽن سان يونيورسٽي توڙي هاسٽل ۽ ان جي ميس ۾ ملاقات
ٿيندي رهي ٿي ۽ انهن واتان ٻڌل پهاڪا ضرور نوٽ ڪندو ويس.سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ مون
سان گڏ هڪ سئو کان مٿي ملڪن جا اسٽوڊنٽس هئا، جن جون مختلف زبانون، مذهب ۽ ڪلچرل پسمنظر
هئا. هتي ڪجهه نوٽ ڪيل پهاڪا پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان، جيڪي آفريڪا
جي شاگردن، خاص ڪري صوماليا، ماريطانيا، موراڪو، سوڊان، گهانا، سينيگال ۽ نائيجيريا
جي ڪلاس ميٽن کان معلوم ڪري لکيا هئم.
·
ڪنهن ڪُتي سان دوستي ٿي وڃڻ جو اهو
مطلب ناهي ته لَٺ ڀَڃي ڇڏجي.
·
ماکيءَ ۾ هٿ وجهڻ وارو، آڱريون چَٽڻ
تي مجبور ٿئي ٿو.
·
بيوقوف جي دِل، هن جي وات ۾ هوندي
آهي ۽ عقلمند جو وات هن جي دل ۾.
·
ڀاڄوڪڙ ڪُتي کي ڏنڊو وهائي ڪڍڻ سولو
آهي.
·
پيٽ ڀرجڻ بعد جيڪو کائي ٿو، اهو
پنهنجي قبر ڏندن سان کوٽي ٿو.
·
دولتمند ڪُتو به ”صاحب“ سڏجي ٿو.
·
ان کان وڌيڪ بدنصيب ڪهڙو ماڻهو هوندو،
جنهن کي سندس پاليل جانور به ڏاڙهين.
·
جن پکين کي ڦاسائڻ چاهيو ٿا، انهن
کي ته نه ڊيڄاريو.
·
ان ڪنجوس جهڙا نه ٿيو، جنهن جي بچايل
مال تي پويان عيش ڪن ٿا.
·
بيضي جي ڇا مجال جو پٿرن سان وڙهي.
·
اهو ڪُتو جيڪو هَڏو نٿو وٺي، پڪ
مُئل آهي.
·
پنهنجي گهر ۾ ٻليءَ کي به شينهن
جا ڏند ٿين. (اهو ائين آهي جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن؛ ”ٻلي به پنهنجي گهر ۾ شينهن“.)
·
توهان جي زال توهانجي گهر ۾ هجڻ کپي يا قبر ۾.
اهو آفريڪا جي ڪيترن ملڪن جو مشهور
پهاڪو آهي پر هاڻ اهو پهاڪو فقط پهاڪي جي حد تائين وڃي رهيو آهي. اڄ جي آفريڪا جي عورت،
مرد کان وڌيڪ نه ته ان جيتري پڙهيل ڳڙهيل، آزاد ۽ هر ڪم ۾ اڳيان اڳيان آهي. يونيورسٽيءَ
۾ منهنجي ڪلاس ميٽ آفريڪين ۾ اڌ کان وڌيڪ عورتون هيون ۽ اهو پهاڪو بحث دوران گهانا
جي نيول اڪيڊميءَ جي پروفيسر ائلس چوندي هئي.
ائلس سان جڏهن ڪلاس ميٽ چرچا ڪندا
هئا ته، تو جهڙي حسين حبشڻ کي، اڪيلي سر هيڏانهن اچڻ لاءِ تنهنجي گهر واري ڪيئن ڇڏيو؟
ته ان جي جواب ۾ هوءَ اهو ئي چوندي هئي ته، هاڻ اهو زمانو نه رهيو آهي، جو عورت گهر
۾ مري، ٻاهر فقط دفن لاءِ نڪري. آفريڪا جي هڪ ٻئي ملڪ سيرياليون جي فرينچ ڳالهائيندڙ
فاطمه، جيڪا ”شپ مئنيجمينٽ“ ۾ M.Sc ڪري رهي هئي، اها چوندي هئي ته، ”ائلس اسان وانگر
نه فقط مڙس کي اڪيلو ڇڏي هتي آئي آهي پر مڙس تي نظر رکڻ لاءِ ٻه خوفناڪ قسم جون شيدياڻيون
گهر ۾ ڇڏي آئي آهي ته، جيئن ائلس جي غير حاضريءَ ۾ سندس مڙس پٽڙيءَ تان ٿيڙ کائي ته
اهي نوڪرياڻيون سندس نَٽَ بولٽ ٽائيٽ ڪن.“
·
جيئن صحرا جي ٿَڪل مسافر لاءِ واريءَ
جو طوفان آهي، تيئن لفظ ان انسان لاءِ آهن، جيڪو خاموشي پسند ڪري ٿو.
·
ملڪ جو حاڪم جي ڏينهن تتي جو اعلان
ڪري ته، رات آهي ته عوام کي تارن جي تعريف ڪرڻ کپي.
·
جيڪڏهن ڪُتن جون دعائون قبول ٿين
ته آسمان مان روز هَڏن جو مينهن وسي(ھيءُ پهاڪو ائين آهي، جيئن پاڻ وٽ چوڻي مشهور آهي
ته، ”ڳجهن جي پِٽن سان ڪڏهن ڍور مئا؟“)
·
اڇيءَ پڳ مان ماڻهوءَ جي وڏي ماڻهپيءَ
جو اندازو نه لڳاءِ، صابڻ اوڌر تي به ملي ٿو.
·
ڪانگ جي پٺ وٺي هلڻ وارو ڍونڍ تي
ئي پهچي ٿو.
·
ڳوٺ جو دروازو بند ڪري سگهجي ٿو
پر بيوقوف جو وات هرگز نه.
·
نهٺائيءَ سان توهان شينهن جون مڇون
به پَٽي سگهو ٿا.
·
هر ڪُتو پنهنجي جسم تي چنبڙيل ٻگهين
کي هرڻين جهڙو سهڻو سمجهي ٿو.
·
اٺ جي خريدار کي پهرين پنهنجي گهر
جو دروازو مٿانهون ڪرڻ کپي.
·
ڀلي ڀاڳَ واري کي توهان نيل نديءَ
۾ اڇلائيندائو، ته به نه ٻڏندو. هو سلامت ٻاهر نڪري ايندو ۽ مڇي سندس وات ۾ هوندي.
·
عرب جو اقرار سندس اکين مان پڙهي
سگهو ٿا.
·
سج جي غير حاضريءَ ۾ ئي چنڊ چمڪي
ٿو.
·
رڇ کڻي نو راڳ ڳائي پر هر هڪ ۾ ڳالهه
ماکيءَ جي ئي هوندي.
·
مڇي ڄار ۾ ڦاسڻ بعد ئي سوچڻ شروع
ڪري ٿي.
·
گڏهه لاءِ هِيرن جي ٻن ڀرين کان
ڪاٺين جي هڪ لَڏ بهتر آهي.
·
وڇونءَ جي پٺي ٺپرڻ واري کي ڏنگ
ئي نصيب ٿئي ٿو.
·
ٻليون ڪو قدرت کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪوئا
نٿيون پڪڙين.
·
ماڪوڙي جڏهن سمنڊ جي ڳالهه ڪري معنيٰ
هوءَ پاڻيءَ سان ڀريل ٿالهه ۾ ڪري آهي.
·
جنهن گهر ۾ مالڪ ويٺو هڏا چٻاڙي،
اتي پاليل ڪُتن کي ڇا نصيب ٿيندو هوندو.
·
گدڙ کان پڇيو ويو ته، ”تنهنجو شاهد
ڪير؟“ وراڻيائين: ”منهنجو پُڇ“.
·
ڪاڪروچ اهو ڪيس ڪيئن کٽي سگهندو،
جنهن جو جج ڪُڪڙ هجي.
No comments:
Post a Comment