Showing posts with label ھر، وڏي، ماڻھو، پويان، عورت، ھوندي، آھي،. Show all posts
Showing posts with label ھر، وڏي، ماڻھو، پويان، عورت، ھوندي، آھي،. Show all posts

Tuesday, August 6, 2013

ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي.

ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي.
استاد شاگردن کي چيو: ”ھن عبارت؛ ’ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي‘ جا سبب لکو.
ھر شاگرد، پنھنجي نوعيت سان ان جي توضيح لکي. نموني طور ڪجھ ھيٺ لکجن ٿيون.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا ھر وقت کانئس اڳتي نڪرڻ لاءِ جُھد ڪندي آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، پوءِ به ھو وڏو ماڻھو ٿي ويندو آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن جي پويان ھڪ ننڍڙو مرد ھوندو آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن کان ھوشيار رھڻ بيحد ضروري آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا کيس ننڍڙو ڪرڻ جي ھڻ وٺ ۾ رڌل ھوندي آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا سندس متيون منجھائيندي آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا سندس وڏي ٿيڻ جي پويان بيٺي ھوندي آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا کيس ياد ڏياريندي آھي ته اتي رسڻ ۾ ابي جو ٿورو اٿئي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن کي سڌ نه ھوندي آھي ته سندس آڏو وڏو ماڻھو بيٺل آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا کانئس گھر جو خرچو/ليکو پئي گھرندي آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن جي پويان ننڍڙا ٻچڙا ھوندا آھن.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن جي ڪوتاھ قد سبب مرد وڏو نطر ايندو آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن کيس اڳيان ڪيو ھوندو آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن جو ھٿ سندس کيسي ۾ ھوندو آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا ٻين عورتن کي سندس ويجھو اچڻ نه ڏيندي آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن جي ھٿ ۾ سوٽي ھوندي آھي.
·        ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا کيس ڪن ۾ چوندي آھي ته مون کان سواءِ ڪجھ به ناھين.