Saturday, November 16, 2013

سنڌي لفظن جي اوسر - ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

سنڌي لفظن جي اوسر

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي
اسانجي سنڌي ٻولي، ڀارتيه آريه ڀاشائن (Indo Aryan Languages) جي سٿ ۾ اهم درجو ولاري  ٿي. اُن جي بنيادي بيهڪ انهن ٻولين جي بناوت وانگر ئي آهي. جيتوڻيڪ اوسر جي سلسلي ۾ سنڌيءَ ۾ ڪجھ نراليون خاصيتون به پيدا ٿيون آهن. ساڳيءَ طرح، سنڌيءَ ۾ ڪتب ايندڙ گهڻا لفظ اُهي آهن، جيڪي سنسڪرت، پالي، پراڪرت ۽ اپڀرنش منزلن کي پار ڪري اسان جي ٻوليءَ ۾ پهتا آهن. انهن کان سواءِ عربي، فارسي، انگريزي ۽ ٻين ڪن ٻولين جا ڪيترا ئي لفظ به سنڌيءَ جذب ڪري، پنهنجا بڻائي ڇڏيا آهن. جهڙيءَ طرح هر قوم، هر ملڪ کي پنهنجي تاريخ آهي، تهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي گهڻن ئي لفظن جو به پنهنجو دلچسپ داستان آهي. وڪاس جي سلسلي ۾ ڪي لفظ پنهنجي صورت ايتري قدر بدلائي ٿا ڇڏين، جو انهن جو اصل روپ سڃاڻڻ ئي مشڪل ٿيو پوي. ڪي وري پنهنجيءَ معنيٰ ۾ به چڱي تبديل آڻيو ڇڏين. اچو ته هتي چونڊ سنڌي لفطن جي بڻ- بنيادي ۽ اوسر جي ڄاڻ حاصل ڪريون.


1.        اِنڊلٺ:
برسات پوڻ وقت جڏهن سج جا ڪرڻا بادلن تي پوندا آهن، تڏهن آسمان ۾ سترنگي ’انڊلٺ‘ نظر ايندي آهي. هن لفظ جو بنياد سنسڪرت ۾ آهي، جتي انهيءَ جي صورت آهي ’اِندر-يشٽ‘ (اِندر ڀڳوان جي لٺ). اندر، ديوتائن جو راجا آهي. انهيءَ لفظ جو اُچار پراڪرت ۾ آهي ’اِند‘، جيڪو سنڌيءَ ۾ بدلجي ٿيو آهي ’اِنڊ‘. ساڳيءَ طرح، سنسڪرت ’چندر‘ ڦري پراڪرت ۾ ’چند‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’چنڊ‘ ٿيو آهي. ’لٺ‘ لفظ جي پراڪرت ۾ به اها ساڳي صورت آهي، جنهن جو اُچار سنسڪرت ۾ آهي ’يشٽ’. هندو ڌرم جي گرنٿن ۾ اِندر ڀڳوان کي بادلن جو سوامي ۽ برسات ۾ ’اِنڊلٺ‘ جو سهڻو نظارو ڏسي، ماڻهن ڪلپنا ڪئي ته اها اِندر ڀڳوان جي لٺ آهي. ’اِنڊلٺ‘ کي هنديءَ ۽ ٻين ڪن ٻولين ۾ ’اِندر ڌنش‘ سڏجي ٿو، جيڪو وڌيڪ موزون لفظ آهي. ڇاڪاڻ ته ’اِنڊلٺ‘ ڌنش يعني ڪمان وانگر گول صورت واري هوندي آهي. انگريزيءَ ۾ ان کي (Rain-bow) سڏبو آهي، جنهن ۾ به ’ڪمان‘ جو تصور ڪيل آهي.

2.        آرتوار:
سنڌي مسلمان ’اَرتوار‘ کي ’آچر‘ سڏيندا آهن. جهونيءَ سنڌيءَ ۾ ان ڏينهن جو ٻيو نالو ’اُڏتوار‘ به آهي. هيءُ اصل ۾ هڪ مرڪب لفظ آهي، جنهن ۾ ٻه لفظ آهن: ’آڏت يا آرت‘+ وار‘ يعني ڏينهن. هن لفظ جو بنياد سنسڪرت ’آدتيه-وار‘ آهي. ’آدتيه-ور’ جو مطلب آهي؛ ’سج جو ڏينهن‘. انگريزيءَ ۾ انهيءَ کي ‘Sunday’ چئبو آهي، جنهن جي معنيٰ به ساڳي آهي. ’آدتيه‘ جي صورت پراڪرت ۾ ڦري ٿي ’آڻچچ‘، جيڪا سنڌيءَ ۾ بدلجي ’آچ‘ ٿي آهي. اهڙيءَ طرح ’آچ-وار‘ وقت گذرندي، گسي ’آچر‘ بڻجي ويو آهي. ’آدتيه‘ جي ٻي تبدل سنڌيءَ ۾ ’آڏت‘ ۽ ’آرت‘ ۾ ٿي آهي. شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ’سج‘ جي معنيٰ ۾ ’آڏت‘ لفظ جو استعمال ملي ٿو- ”اُڏر آڏت اُڀريو، وهاڻيءَ ونءُ ڀونر.“

3.        منگل:
هيءُ هڪ گرھ جو  نالو آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ’مارس‘ (Mars) چئجي ٿو. انهيءَ جي بنياد تي سومر کان پوءِ ايندڙ ڏينهن تي به ’منگل‘ نالو پيو آهي. انگريزيءَ ۾ ’ٽيوز ڊي‘ جو به مطلب آهي. ’منگل گرھ جو ڏينهن‘ سنڌي مسلمان ’منگل‘ واري ڏينهن کي ’اڱارو‘ سڏيندا آهن. جهڙيءَ طرح ’منگل‘ سنسڪرت لفظ آهي، تهڙيءَ طرح ’اڱارو‘ جو بنياد به سنسڪرت ’انگار‘ لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ڪوئلو، ٽانڊو؛ منگل گرھ“. ’انگار‘ بدلجي سنڌيءَ ۾ ٻيو روپ اختيار ڪيو آهي، جيڪو آهي ’اڱر‘ سنڌيءَ ۾ اهو ’اڱر‘ لفظ فقط ڪوئلن يا ٽانڊن جي معنيٰ ۾ ڪتب اچي ٿو.
سنسڪرت ۾ ’منگل‘ لفظ جي ٻي معنيٰ آهي ’باھ، اگني ديوتا‘. سنڌيءَ ۾ انهيءَ پاٽ يا سگريءَ کي به ’منگل‘ چئبو آهي، جنهن ۾ ٽانڊا رکبا آهن. سياري جي مند ۾ ڳوٺن ۾ اڪثر ماڻهو ’منگل‘ ۾ ٽانڊا ٻاري رکندا آهن. ان جي چوڌاري ويهي هٿ به سيڪيندا آهن ته پاڻ ۾ رهاڻيون به ڪندا آهن. عربيءَ ۾ اهڙيءَ پاٽ کي ’منقل‘ چئبو آهي، گجراتيءَ ۾ سگريءَ کي ’منگالو‘ چوندا آهن. ممڪن آهي ته صورت ۽ معنيٰ جي ٿوريءَ تبديل سان سنسڪرت ’منگل‘ ئي انهن لفظن جو بنياد هجي.

4.        کٽراڳ:
هن لفظ جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ آهي ’جهنجهٽ، خفو‘، ۽ بنياد اٿس سنسڪرت لفظ ’شٽ- راڳ‘ (شٽ يعني ڇھ، راگ يعني ڀارتي سنگيت ۾ ڳائڻ جو خاص طريقو) سنسڪرت جو مورڌني ’ش‘ آواز، سنڌي ۾ اڪثر بدلجي ’ک‘ ٿئي ٿو. جيئن ته: ورشا- ورکا، منشيه- مانکه، پُرش- پُرکه. اهڙيءَ طرح، سنسڪرت ’شٽ‘ بدلجي سنڌيءَ ۾ ’کٽ‘ صورت اختيار ڪئي آهي. ٻئي طرف ’راگ‘ بدلجي ’راڳ‘ ٿيو آهي. ڀرت منيءَ سنگيت شاستر ۾ بنيادي ڇھ راڳ ڄاڻايا آهن: ڀيرو، ڪؤشڪ، هندول، ديپڪ، شري راڳ ۽ ميگھ راگ. هر هڪ راڳ کي وري جدا جدا راڳڻيون آهن. انهن راڳن ۽ راڳڻين جي ميل مان جدا جدا راڳ راڳڻيون پيدا ٿيون آهن. گؤييا انهن جو اڀياس ڪرڻ ۾ سالن جا سال لڳائي ڇڏيندا آهن. جيئن ته ڪلاسيڪي ڀارتي سنگيت ۾ مهارت حاصل ڪرڻ نهايت اٺڪاٺيو ڪم آهي، انهيءَ ڪري ’کٽراڳ‘ جي اصلاحي معنيٰ ٿي ويئي آهي؛ ’جهنجهٽ يا خفي وارو ڪم‘.

5.        ڏڌ:
هيءُ لفظ سنسڪرت ’دگڌ‘ (يعني کير) مان نڪتل آهي. پر سنڌيءَ ۾ ايندي ايندي صورت سان گڏ ان جي معنيٰ به بدلجي ويئي آهي. ٻئي طرف ’ڏهي‘ لفظ سنسڪرت ’دڌ‘ مان نڪتل آهي، جيڪو ساڳي سنسڪرت واري معنيٰ ۾ سنڌي ۾ ڪتب اچي ٿو. سنڌيءَ ۾ ’ڏڌ‘ لاءِ ’ڌؤنرو‘ لفظ به استعمال ٿيندو آهي. ان جو بنياد وري سنسڪرت ’ڌول‘ لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي؛ ’صاف اڇو اُجرو، سفيد رنگ جو‘. ڏڌ به سفيد رنگ جو ٿيندو آهي. سفيد رنگ جون ته گهڻيئي شيون آهن. پر سنسڪرت ’ڌول‘ لفظ سنڌيءَ ۾ پهچڻ تي پنهنجيءَ صورت کي ته بدلايو آهي، ان سان گڏوگڏ پنهنجيءَ معنيٰ کي به محدود ڪري ڇڏيو آهي.

6.        مکيچوس:
هيءُ لفظ هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ آيل آهي، انهيءَ جي معنيٰ آهي ’ڪنجوس‘، ۽ اکري معنيٰ اٿس ’مک کي چوسيندڙ‘. هن جي بنياد ۾ هڪ ڏند ڪٿا آهي. هڪ ڪنجوس، واڻئي جي دوڪان تان ڪٽوري ۾ ٿورو گيھ خريد ڪيو. ڪٽورو ڍڪيل ڪو نه هئو. اتفاق سان ڪا مک اُڏامي اچي گيھ ۾ ڪري. ڪنجوس هڪدم مک ڪڍي ٻاهر ڦٽي ڪئي. پر پوءِ سندس ڌيان مک کي لڳل گيھ تي ويو. هن سوچيو ته منهنجو گيھ اجايو نقصان ٿي ويندو. ان تي ڪنجوس هڪدم مک کي کڻي ورتو ۽ ان کي وات ۾ وجهي چوسڻ لڳو. جڏهن کيس خاطري ٿي ته مک تي لڳل سمورو گيھ هو چوسي چڪو آهي، تڏهن ان کي ٿوڪاري ڦٽو ڪري ڇڏيائين. تڏهن کان وٺي ’ڪنجوس‘ ۽ ’مکيچوس‘ لفظ به مروج ٿي ويو.

7.        ٻگهلو:
هن لفظ جي اکري معنيٰ آهي ’ٻگھ‘. اِن جو بنياد آهي سنسڪرت لفظ ’بگل‘، جنهن جي به ساڳي معنيٰ آهي. ’بگل‘ سنڌيءَ ۾ بدلجي ٿيو آهي ’ٻگھ‘. (ان جي پٺيان ’لو‘ پڇاڙي گڏيل آهي. جيئن دٻو- دٻلو؛ روٽ- روٽلو). هن لفظ جي اصطلاحي معنيٰ آهي ’ٺڳ، دوکيباز‘. اهڙي شخص کي اڪثر ’ٻگهلو ڀڳت‘ به چئبو آهي. اسان اڪثر ڏٺو هوندو ته تلاءَ ۾ ٻگهلو پکي اکيون ٻوٽي هڪ ٽنگ تي جڏهن چپ چاپ بيٺو هوندو آهي، تڏهن ائين لڳندو آھي ته ڄڻ تلاءَ ۾ ڪو ساڌو، مهاتما هڪ پير تي بيهي تپسيا پيو ڪري، پر جيئن ئي پاڻيءَ ۾ هن مڇين جي چرپر محسوس ڪئي، ته هدڪم چهنب سان جهپ هڻي، انهن کي پڪڙي وٺندو. ڪو شخص جيڪڏهن ڏسڻ ۾ ساڌو هجي، پر اندر ۾ ابليس هجي ته سندس وهنوار جي ڀيٽ به ٻگھ پکيءَ جي هلت سان ڪئي ويندي آهي. ان ڪري کيس ’ٻگهلو ڀڳت‘ يعني ’ٺڳ، دوکيباز‘ سڏيو ويندو آهي.

8.        اَجگر:
هڪ خاص وڏي نانگ کي ’اجگر‘ چئبو آهي، پسون، پکي ۽ ٻيا ڪيترا ئي ساهوارا ڳڙڪائي کائي ويندو آهي. هيءُ اصل ۾ سنسڪرت لفظ آهي، جنهن جي ويتپتي آهي- اَج يعني ٻڪر + گر يعني ڳڙڪائيندڙ. مطلب ته وڏو نانگ جيڪو ٻڪرن وغيره جانورن توڙي پراڻين کي ڳڙڪائي کائي وڃي.

9.        رومال:
هيءُ اصل ۾ پارسي ٻوليءَ جو لفط آهي. ان جو اشتقاق آهي- ’رو‘ يعني ’چهرو، منهن‘ + مال يعني ’مهٽيندڙ، صاف ڪندڙ‘ (مصدر آهي ماليدن). ان ڪري هن لفظ جي اکري معنيٰ آهي ’چهري کي صاف ڪندڙ‘. پوءِ وهنوار ۾ ان جو مطلب ٿي ويو آهي ’اُهو ڪپڙي جو ٽڪر جنهن سان هٿ، منهن وغيره اُگهجي‘.

10.     قلف:
هيءُ لفظ عربيءَ جي ’قفل‘ لفظ جي بگڙيل صورت آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ’تالو‘. عربي ٻوليءَ ۾ ’قلفه‘ لفظ ٻه آهي، جنهن جو مطلب آهي ’ختنو نه ڪيل پرش- لنگ جو اڳيون حصو‘.

11.     تيل:
هيءُ سنسڪرت لفظ آهي. ان جي اکري معنيٰ ’ترن مان نڪتل‘. سنسڪرت ۾ ’تر‘ لاءِ لفظ آهي ’تِل‘. ترن کي گهاڻي ۾ پيڙي جيڪو تيل ڪڍيو وڃي ٿو، تنهن کي چئجي ٿو ’تيل‘. پر وقت گذرندي هن لفظ جي معنيٰ وسيع ٿي ويئي. پوءِ ٻين شين مان ڪڍيل سڻڀي پاڻياٺي پدراٿ کي به ’تيل‘ چوڻ لڳا. سنڌيءَ ۾ اهو لفظ وسيع معنيٰ ۾ ڪتب اچي ٿو؛ جيئن ته ڄانڀي جو تيل، سرهن جو تيل، کوپري جو تيل. هنديءَ، اردوءَ ۾ ته گاسليٽ کي به چون ’مٽي ڪا تيل‘.

12.    گرنٿ:
هن لفظ جي معنيٰ آهي ’ڪتاب‘. هيءُ اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ڌاتو اٿس ’گرٿ يعني پوئڻ، سبڻ، ڳنڍ ٻڌڻ‘. آڳاٽي زماني ۾ جڏهن اڃا ڪاغذ جي ايجاد ڪا نه ٿي هئي، تڏهن ڀارت ۾ ماڻهو کجيءَ جي پنن يا ڀوڄ وڻن جي پنن تي لکندا هئا. پوءِ اُهي سڀ لکيل پن گڏ ڪري، ٿهي ٺاهي، انهن کي وچ مان آرپار ٽُنگ ڪري ڏور سان پوئي ٻڌي رکندا هئا. اهڙن پنن جي ٿهن کي ’گرنٿ‘ سڏيو ويو، يعني ’جيڪي ڏور سان ٻڌل يا پوتل هئا‘. وڻن جي پنن تي لکيل اهڙي قسم جا ڪتاب اڄ تائين ڪن عجائب گهرن ۾ ڏسي سگهجن ٿا. ’گرٿ‘ ڌاتوء مان ٻيو به هڪ لفظ ٺهيو آهي ’گرنٿ‘، جيڪو سنڌيءَ ۾ بدلجي ٿيو آهي ’ڳنڍ‘. شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ’ڳنڍ‘ لاءِ ’گرٿ‘ لفظ به ملي ٿو- ”ٻڌي گوڏ گرٿ، ساٽو هڻجي سور جو“. سکن جي گرون جي ٻاڻي جنهن ڪتاب ۾ درج ٿيل آهي، تنهن کي ’آد گرنٿ‘ يا ’گرو گرنٿ صاحب‘ چئجي ٿو. هتي ’گرنٿ‘ لفظ هڪ خاص ڪتاب جي معنيٰ ۾ محدود ٿي ويو آهي.

13.     بائڪاٽ (Boycott):
انگريزيءَ ٻوليءَ جو هيءُ لفظ ننڍي کنڊ جي سڀني مکيه ٻولين ۾ مروج ٿي ويو آهي. انهيءَ جي معنيٰ آهي ’بهشڪار‘. هن لفظ جي تاريخ به عجيب آهي. برطانيه حڪومت جي فوجن ۾ هڪ علمدار جو نالو هئو ’ڪئپٽن چارلس ڪنگھم بائڪاٽ‘ (۱۸۳۲-۱۸۹۷)‏. هو ’آرل آف آرن‘ اسٽيٽ جي مييور (آئرلئنڊ) علائقي ۾ زمينن جي ڍل وصول ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. سن ۱۸۸۰ع ۾ هن ڍلون ايتري قدر وڌائي ڇڏيون جو عام ماڻهو پريشان ٿي ويا. هنن پاڻ ۾ گڏجي باترتيب ڍنگ سان ڪئپٽن خلاف اسهڪار آندولن شروع ڪيو. دوڪاندارن کيس سامان وڪڻڻ بند ڪري ڇڏيو؛ ڌوٻي هنجي ڪپڙن ڌوئڻ ۽ نائيءَ سندس حجامت ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ڪئپٽن بائڪاٽ مجبور ٿي انگلينڊ موٽي ويو. اُتي جي اخبارن ۾ سندس باري ۾ شد مد سان خبرون شايع ٿيون. ان طرح، انگريزيءَ ۾ ’بائڪاٽ‘ جيڪو حقيقت ۾ هڪ شخص جو نالو هئو. اُهو ’سماج طرفان، باترتيب نموني ڪنهن شخص يا سنسٿا جو بهشڪار ڪرڻ‘ واري معنيٰ ۾ مروج ٿي ويو. هندستان جي آزاديءَ جي لڙائيءَ واري دؤر ۾، انهيءَ معنيٰ ۾ اهو لفظ ڀارت جي ڪيترين ٻولين ۾ داخل ٿي ويو. اِجهو ان ريت هڪ بدنام شخص جو نالو اَمر ٿي ويو.

14.    اَرڌانگ:
هيءُ اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ آيل مرڪب لفظ آهي. اِن ۾ ٻه جزا آهن. اَرڌ يعني اڌ ۾ انگ يعني شرير. اَرڌانگ اُن بيماريءَ کي چئبو آهي، جنهن ۾ بدن جو اڌ حصو نستو ٿي ويندو آهي. ان کي عربيءَ ۾ ’فالج‘ يا ’لقوه‘ به سڏيندا آهن. سنڌيءَ ۾ ’اَرڌانگ‘ جو غلط اُچار ’اَڌ رنگ‘ به واهپي ۾ اچي ويو آهي، جنهن ۾ ’ر‘ ۾ ’ڌ‘ آوازن جي پاڻ ۾ مٽ سٽ ٿي ويئي آهي. اُچار جي اهڙيءَ تبديلي کي لسانيات ۾ ’ٻن حرفن جي پاڻ ۾ تبديل‘ (Metathesis) سڏبو آهي. اهڙي قسم جي غلط اُچارن جا ٻيا ڪجھ مثال آهن- جلد- دُلج؛ مطلب- مطبل؛ لکنئو- نکلئو؛ قفل- قلف.

15.     اکو:
هيءُ لفظ سنسڪرت ’اَڪسَشت‘ ۽ پراڪرت ’اَڪکَيه‘ مان بدلجي سنڌيءَ ۾ آيو آهي. ان جي ڪري اکري معنيٰ آهي ’اڻٽٽل، يعني چانورن جا سڄا داڻا‘. پوڄا ۾ صاف ٿيل چانورن جا سڄا داڻا چونڊي ڪتب آڻبا آهن، جن کي ’اکو‘ چئبو آهي. ان لاءِ جهوني سنڌيءَ ۾ ٻيو لفظ ’اکت‘ به ملي ٿو، جيڪو سنسڪرت لفظ جي وڌيڪ ويجهو آهي. ’اَکت‘ جو اُچار ڪن ڪن هنڌن تي ’اَڇت‘ به ڪندا آهن، جنهن جي به ساڳي معنيٰ آهي.
”آڻئو اَکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي“.
(شاھ لطيف)

16.     ماتا:
هيءُ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ’ماءُ‘. ’ماتا‘ هڪ قسم جي بيماريءَ کي به چئبو آهي. وڏي ماتا (Small Pox) جي بيماري نهايت خطرناڪ آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ جي شڪل اڪثر بگڙيو وڃي يا کيس ٻي ڪا وڏ به ٿي پوي. ان بيماري کان بچاءَ لاءِ مائٽ ننڍيءَ عمر ۾ ئي ٻارن کي ٽڪا هڻائيندا آهن. جيئن ته ماتا جي بيماري ڪجھ ڏينهن بعد پنهنجو پاڻهي لهي ويندي آهي؛ ان ڪري ڪيترا ئي ماڻهو انهيءَ کي سيتلا ديويءَ جو روپ مڃي پوڄيندا آهن. هو ٿڌو رکندا آهن ۽ اوراڻا ڳائي، ديويءَ جي مهر لاءِ پرارٿنا ڪندا آهن. ان طرح ’ماتا‘ لفظ جي ٻي معنيٰ ’ماتا جي بيماري‘ به واهپي ۾ اچي ويئي آهي.

17.     ڳنوار:
هن لفظ جي اکري معنيٰ آهي: ڳئون چاريندڙ، ڌنار. پر اصطلاحي معنيٰ اٿس بيوقوف، بي عقل، مورک. سنسڪرت لفظ ’گئو‘ (گانءِ) سنڌيءَ ۾ بدلجي ٿيو آهي ’ڳئون‘، اُن ۾ ’آر‘ پڇاڙي گڏڻ سان ’ڳنوار‘ لفظ ٺهيو آهي. اِن پڇاڙيءَ وارا پيا ڪجھ لفظ آهن. ڌڻ- ڌنار؛ مينهن- ميهار؛ رڍ- ريڍار؛ چم-چمار. گانيون، مينهون چاريندڙ گهڻو ڪري اڻپڙهيل، جاهل هوندا آهن. ان ڪري ’ڳنوار‘ جي ٻي معنيٰ روج ٿي ويئي آهي، ’بيوقوف، مورک‘. هندي لفظ ’گنوار‘ جيتوڻيڪ اُچار ۾ سنڌي ’ڳنوار‘ جي بلڪل ويجهو آهي، پر اُن جو بنياد بلڪل علحده آهي. سنسڪرت ’گرام‘ (ڳوٺ) جو هنديءَ ۾ روپ ٿي ويو آهي ’گانَو‘، جنهن ۾ ’آر‘ پڇاڙي لڳائڻ سان ’گنوار‘، لفظ ٺهيو آهي. شهري ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺاڻا، اڪثر پٺتي پيل ليکيا ويا آهن. انهن جي رهڻي ڪهڻي به گهٽ درجي جي سمجهي وڃي ٿي. اِن ڪري هنديءَ ۾ ’گنوار‘ لفظ جي ٻي معنى آھي؛ ’بيوقوف، مورک‘. اھا ڳالھ به ممڪن آھي ته ھندي ’گنوار‘ لفظ ئي اُچارجي ٿوريءَ تبديل سان انهيءَ اصطلاحي معنيٰ ۾ سنڌيءَ ۾ به مروج ٿي ويو هجي.

18.     پادر:
هن لفظ جي معنيٰ آهي ’جتي‘. سنسڪرت ۾ جتيءَ کي چون ’پادرڪش، پادرڪشڪ‘، يعني اها چيز جيڪا پيرن جو بچاءُ ڪري. پاد معنيٰ پير ۽ رڪش معنيٰ رڪشا يا بچاءُ ڪندڙ. مراٺيءَ ۾ به جتيءَ کي چون ’پاد- تراڻ‘. انهيءَ لفظ ۾ به ’تراڻ‘ جي معنيٰ آهي ’بچاءُ ڪندڙ‘. سنسڪرت ’رڪش‘ جو روپ سنڌيءَ ۾ کُسي، فقط ’ر‘ وڃي بچيو آهي. ان ڪري ’پادر ڪش‘ بدلجي سنڌيءَ ۾ ’پادر‘ روپ اختيار ڪيو آهي.

19.     آسر:
هن لفظ جي معنيٰ آهي ’دئيت، راڪاس‘، انهيءَ لفظ کي اها معنيٰ ڪيئن ملي، تنهن جي ڪهاڻي به مزيدار آهي. هندن جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو گرنٿ آهي ’رگويد‘. ان جي پراچين منڊلن ۾ ’آسر‘ لفظ ديوتائن لاءِ ڪتب آيو آهي. اِندر، ورن، اگني وغيره ديوتائن کي ’اَسر‘ سڏيو ويو آهي. هتي ’اَس‘ معنيٰ آهي ’پراڻ، طاقت، قوت؛ ان ڪري ’اَسر‘ جي معنيٰ آهي ’طاقتور، ٻلوان‘، ايرانين جي ڌرمي گرنٿ ۾ ’اَهر‘ يا ’اَهر مزدا‘ نالي ديوتا جو ذڪر آيو آهي. اتي ’اَهر‘ لفظ ’اَسر‘ جو ئي بدليل روپ آهي. اَويستا ٻوليءَ ۾ سنسڪرت ’س‘ جو اُچار اڪثر ڦري ’ھ‘ ٿيو آهي، جيئن ته: سپت- هپت، سنڌو- هندو. ان ڪري ’اَسر‘ بدلجي ’اَهر‘ ٿيو آهي. ان مان ظاهر آهي ته شروع ۾ ويدن جي سنسڪرت ۽ ايرانن جي آڳاٽي ٻوليءَ اَويستا ۾ ’اَسر‘ لفظ ديوتائن لاءِ استعمال ٿيندو هئو. سمي پڄاڻان عام ماڻهن جي ڌيان تان ’اَسر‘ لفظ جي اها معنيٰ غائب ٿي ويئي. هنن سمجهيو ته اهو لفظ ’سُر‘ جو ضد آهي (’آ‘ معنيٰ ’نه‘ ۽ ’سُر‘ معنيٰ ’ديوتا‘) ۽ معنيٰ اٿس جيڪو سُر يعني ديوتا نه آهي. انهيءَ طرح، وقت گذرندي ’اَسُر‘ لفظ ديوتائن جي دشمنن، دئيتن ۽ راڪاسن لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو.

20.    ديو- ڏيو:
سنسڪرت ’ديَو’ (ديوتا) لفظ جي سنڌيءَ ۾ ٻه روپ آهن. ديَو ۽ ڏيَو. سنسڪرت جو ’د‘ اُچار ڪيترن لفظن ۾ سنڌيءَ ۾ ’ڏ‘ ۾ بدلجي ويو آهي. جيئن ته: دنت- ڏند، دن- ڏڻ. ان موجب ’ديو‘ بدلجي ٿيو آهي ’ڏيَو‘. هاڻي انهن سنڌي لفظن جي معنيٰ تي ڌيان ڏيو. ’ديَو‘ جي سنڌيءَ ۾ هڪ معنيٰ آهي ’راڪاس، دئيت‘. اها اصلوڪي معنيٰ جي ابتڙ ٿي ويئي آهي. ايرانيءَ ۾ به ’ديَو‘ جي معنيٰ آهي ’راڪاس‘. انگريزيءَ جي ’ڊيمن‘ (Demon) لفظ جو به بنياد ساڳيو آهي، پر اُن جي معنيٰ آهي ’راڪاس‘. ٻئي طرف، ’ڏيَو‘ لفظ سنڌيءَ ۾ ساڳي سنسڪرت واري اصلوڪي معنيٰ قائم رکي آهي. ساڳيءَ طرح، ’ڏيورو‘ جي معنيٰ آهي ’ننڍڙي جاءِ، جتي ديوتا جي مورتي رکجي.‘

21.    اَفواھ:
هن لفظ جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ آهي ’اُها خبر جيڪا واتين ويڻين هڪ هنڌان ٻئي ھنڌ ڦهلجي وڃي‘. حقيقت ۾ هيءُ لفظ عربي ’فوھ‘ جو عدد جمع آهي. ’فوھ‘ معنيٰ ’مُنهن، وات، اهو عضوو جنهن سان ڳالهائجي‘. ان موجب ’اَفواھ‘ جي اکري معنيٰ ’گهڻا وات‘ جيئن ته؛ زباني طور ڦهليل خبر هڪ شخص جي وات مان نڪتي ته ٻئي اُن کي ٻڌي دهرايو. ان بعد وري ٽئين شخص به ان ٻڌل ڳالھ کي، ڪنهن چوٿين شخص اڳيان دهرايو. اِهڙيءَ طرح، هڪ ڳالھ، گهڻن ئي واتن ذريعي ويئي ڦهلبي. ان ڪري، ان کي ’افواھ‘ سڏيو ويو.

22.    گلاب:
هيءُ هڪ مشهور گل جو نالو آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ’روز‘ (Rose) چئجي ٿو. اصل ۾ هيءُ پارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جتي انهيءَ خاص پشپ کي ’گل‘ چوندا هئا. ان وقت، انهن گلن مان تيار ڪيل عرق يا پاڻيءَ کي (گل+ آب Rose water) سڏيندا هئا. وقت گذرندي ماڻهن انهيءَ خاص گل کي ’گلاب‘ چوڻ شروع ڪيو. تڏهن سندن مطلب هو ’اهو گل جنهن مان عرق يا پاڻي تيار ڪيو وڃي ٿو‘. ان ريت، ’گل‘ جي جاءِ تي ’گلاب‘ لفظ استعمال ٿيڻ لڳو. پر هاڻي سنڌي توڙي ٻين ڪيترن ٻولين ۾ ’گلاب جل‘ يا ’عرق- گلاب‘ لفظ ڪتب پيا اچن. جيڪڏهن اشتقاقي معنيٰ تي ڌيان ڏبو ته اهڙا استعمال صحيح نه چئبا. انهن جي اکري معنيٰ ٿيندي ’گل جي پاڻيءَ جو پاڻي‘. ان طرح ٻوليءَ جي واهپي ۾ اچي وڃڻ تي ڪيترا غلط استعمال به تسليم ٿي وڃن ٿا.

23.    ڏاميج:
هن لفظ جي معنيٰ آهي ’وِڏ وارو، بگڙيل، خراب، بدچلن‘. هيءُ انگريزي جي ’ڊئميج‘ (Damage) لفظ جو سنڌيءَ ۾ بگڙيل روپ آهي. ڪي شخص ’ڏاميج‘ اُچار به ڪندا آهن، جنهن مان سنڌيءَ ۾ فعل ٺهيو ’ڏاميچجڻ يعني خراب ٿيڻ‘.جيئن ته ’هو ڏاميچجي پيو آهي‘.


ماهوار پيغام ڪراچي، جلد ۱۲، شمارو-۱۰، شعبان ۱۴۰۸ھ/ اپريل ۱۹۸۸ع

No comments:

Post a Comment