’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ تي هڪ نظر
آفتاب ابڙو
آ ڪو ايڏو اديب يا نقاد نه
آهيان، نڪو وري ٻوليءَ تي عبور هجڻ جي دعوا اٿم، نه وري هرڀور ڪنهن جون وڏون ڪڍڻ
جو شوق اٿم. بس، ادب جو هڪ ادنيٰ شاگرد آهيان. پنهنجو قومي فرض ڄاڻندي، سنڌي
ٻوليءَ جي صحت، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ وت آهر ويچاريندو رهندو آهيان. مان انتهائي ٿورائتو
آهيان، خاص طور جناب ڊاڪٽر بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، سراج الحق ميمڻ،
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر اياز
حسين قادري، جناب عبدالڪريم سنديلي ۽ پنهنجي سائين صفدر علي شاھ جو، جن منهنجي
تنقيدي مضمونن ’سچل جو سنيهو‘ (پيغام فيبروري- مارچ ۱۹۸۵ع) ۽ ’درسي ڪتابن جو
جائزو‘ (پيغام، آڪٽوبر- نومبر ۱۹۸۶ع) کي ساراهيو ۽ مونکي وڌيڪ لکڻ
لاءِ همٿايو.