Showing posts with label گڏھ، بطور، انتخابي، نشان، نويد، اڄڻ،. Show all posts
Showing posts with label گڏھ، بطور، انتخابي، نشان، نويد، اڄڻ،. Show all posts

Thursday, March 21, 2013

گڏهه بطور انتخابي نشان - نويد اڄڻ


گڏهه بطور انتخابي نشان!
نويد اڄڻ - کهڙا (گمبٽ)
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”سونٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوھي ئي نه ڪري“. ظاهري طور گڏهه هڪ سادو سودو ۽ عام جانور آهي. اسان روزانو زندگيءَ ۾ گڏهن کان ڪيئي ڪم وٺندا آهيون. گڏهه ماڻهن جي ايترو ته چوڻ ۾ هوندا آهن، جو هو انهن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائيندا آهن. اگر ڪو ماڻهو جيڪڏهن ڏهن گڏهن کي هلائي مٽي ڍوئي ٿو ته ڀلي هو آخري گڏهه تي ويٺل ڇو نه هجي پر پوءِ به مجال آهي جو پهريان ۹ گڏهه، ان جي حڪم کانسواءِ رستي تان ٿِڙن. ان کان علاوه ڪافي ماڻهو پنهنجي پيٽ گذر لاءِ گڏهه گاڏو هلائيندا آهن، هو انهن کي گاڏين طور استعمال ڪندا آهن. بهرحال گڏهن جي اسان جي زندگي ۾ تمام گهڻي اهميت آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته، ڪجهه ماڻهن ۽ گڏهن ۾ ڪا نه ڪا مشابهت ضرور هوندي آهي. ڪجهه ماڻهو ايترا ته سادا هوندا آهن، جو ڀلي ڪير انهن تي ڪيترو به تشدد ڪري، پر مجال آهي جو هو ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍن. بلڪل گڏهه وانگر خاموش رهي، تشدد برداشت ڪندا رهندا آهن. ارسطو به شايد تڏهن ئي چيو هوندو ته، ”انسان هڪ سماجي جانور آهي“. گذريل چند سال پهريان گڏهه جي ايتري ته عزت ٿي هئي جو آمريڪا جهڙي سپر پاور ملڪ ۾ گڏهه اليڪشن جي نشان طور استعمال ٿيڻ لڳو.