Monday, September 23, 2019

شاھه لطيف جي شاعريءَ ۾ چوڻيون - ڊاڪٽر غلام قادر سومرو


شاھه لطيف جي شاعريءَ ۾ چوڻيون
ڊاڪٽر غلام قادر سومرو

سنڌي شاعري، سنڌي زبان جي قدامت سان، هر دؤر ۾، اڪيچار لفظي ۽ معنوي خوبين سان مالا مال ٿيندي رهي آهي ۽ صدين جو سفر طيءِ ڪري، ڪيترن ئي انقلابن، ڌارين جي حملن، اندروني ۽ ٻاهرين اٿل پُٿل کان دامن بچائي، ترقيءَ جون منزلون طيءِ ڪندي، بنھ شاھوڪار زبان بڻجي ويئي آهي. ان جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته اُن جي شاعريءَ ۾، اصطلاح/ محاوري جو زور مٿاهين درجي تائين موجود آهي. هر دؤر ۾، شاعريءَ جي مختلف صنفن تي ڀرپور طبع آزمائي ڪئي وئي آهي. سنڌي ادب جي تاريخ جي مختلف دؤرن ۾، انسان جي ڪلاسيڪل توڙي عروضي ۽ جديد فڪر جي شاعرن، شاعري ۾، لوڪ ادب جي سگھڙن جي سخنن ۾، ڏاهن ۽ ٻهڳڻن جي قولن ۾، اسان کي ڪيترا ئي بيت، شعر، شعرن جو مصرعون ۽ فقرا ملن ٿا، جيڪي زوردار نموني ۾ چيل محاورن ۾ رچيل ۽ اصطلاحن ۾ سنورايل آهن، سي ڪاروباري زندگيءَ ۾، ضرب المثل يا چوڻين ۾ استعمال ٿين ٿا. اهي عاقلاڻا مثال آهن جن سنڌي ٻوليءَ ۾ محاوري جو زور ڀريو آهي.


اسان جي دعوى آهي ته سنڌي زبان، دنيا جي شاهوڪار ۽ سڌريل زبانن مان آهي، جنهن جو هڪ زوردار دليل هيءُ به آهي ته ان ۾ اڻڳڻت نحوي، لغوي ۽ معنوي خوبيون آهن. انهن خوبين مان هڪ خوبي اها به آهي ته ان ۾ محاورن جو زور آهي، جنهنڪري سوَن/هزارن جي تعداد ۾ اصطلاح، پهاڪا/چوڻيون، اصطلاحي فقرا، ڏاهپ جا قول، سياڻپ جا سخن، ٻهڳڻن جا ٻول موجود آهن.
حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي (۱۶۸۹ع-۱۷۵۲ع) پنهنجي شاعريءَ ۾، مشاهدن تي آڌاريل، زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل، پنهنجا ڪي بيت، مصراعون، فقرا اهڙي ته ڀرپور انداز ۾ چيا آهن جو انهن کي اسان روزمره گفتگوءَ ۽ تحريرن ۾، چوڻين طور استعمال ڪندا رهون ٿا. شاھ تان ورتل چوڻيون، پهاڪن وانگر، اسان جي گفتگو توڙي تحرير ۾، محاوري جو زور ڀرين ٿيون ۽ مهل ۽ موقعي پٽاندر ڪم اينديون رهن ٿيون.
چوڻ وارا چئي ويا، ڪا سچي ڳالھ چئي ويا، حقيقت کي ڦهڪائي ويا ۽ ٻين انهن چيل حقيقتن کي ورجايو ۽ اڳتي هلي لفظن جي انهيءَ ورجاءَ پهاڪن ۽ چوڻين جي صورت اختيار ڪري ورتي.
سنڌ جي ڪلاسيڪل (آڳاٽن) شاعرن، جھڙوڪ؛ قاضي قاذن (قاضي قاضن/قادن)، شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو (سنڌ جو چاسر)، حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي، ميون شاھ عنايت، سامي، سچل سرمست ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن/سگھڙن سنڌي زبان کي گھڻيون ساريون چوڻيون ڏنيون. انهيءَ کان علاوه عروضي شاعرن مان صاحب ديوان شاعرن جهڙوڪ؛ خليفو گل محمد ”گل“، خليفو قاسم هالائي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين خان ”سانگي“، شمس الدين ”بلبل“ ۽ ٻين اهڙن سوين شاعرن پنهنجي شاعري ۾ ڪيترائي شعر چيا آهن، جيڪي سڄا ئي سڄا يا انهن جون سِٽون (مصرعون) يا فقرا، سنڌي چوڻين طور ڪم اچن ٿا. انهيءَ ڏس ۾، اسان مختلف شاعرن جي شاعريءَ کي ”لفظ لفظ“ ڪري ڏسڻ واري مطالعي جي نتيجي ۾، ڪي مثال چونڊيا آهن. هتي اسان شاهه لطيف جا سونهري ”ڏاهپ جا قول“ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون.
شاهه جي شاعريءَ جو هڪ هڪ لفظ، هڪ هڪ فقرو ۽ هڪ هڪ سٽ (مصرع) ”ڪُوزي ۾ درياهه“ مثل آهي. شاهه جا اهي نقطا، ڏاهپ جا ڏاڻ، سچ جا سنيها، حق جا هوڪا، پرت جي پچار آهن ۽ اهي سپڪ ۽ رسيلي رنگ ۾ بهاريل، گرامر، لسانيات ۽ صوتيات جي اصولن جي مطابق آهن.
شاهه جي جُملي شاعري، چونڊ لفظن ۽ محاورن سان سنواريل، فن ۽ فڪر جو اعلى معيار پيش ڪري پاڻُ مڃرائي چڪي آهي. سندس، شاعري واري اعلى منصب مڃتا جو سڀ کان ناقابل ترديد ثبوت ھي آهي ته مھا سگھارن اديبن ۽ پهرين جوڙ جي شاعرن، لطيف سرڪار جي شاعريءَ تان پنهنجي تحريرن جا موضوع، عنوان طور ورتا آهن:
جي ايم سيد:    ”جنب گذاريم جي سين“.
شيخ اياز:                ڪلھي پاتم ڪينرو“، ”ڀؤنر ڀري آڪاس“.
تنوير عباسي:   ”رڳون ٿيون رباب“.
گُرداس واڌواڻي: ”جيڪي ڏٺو سو مون“.
علي نواز وفائي: ”رتيءَ جي رهاڻ“
ريڊيو - ٽي وي پروگرامن/اخبارن/رسالن جي مستقل ڪالمن جا عنوان:
۱- اڇو پاڻي لُڙ ٿيو، ۲- سنها ڀانءِ مَ سپ، ۳- مڙيا مٿي مچ، ۴- جيڪي منجهه جهان، ۵- پلئه پايو سچ، ۶- سڙهه سنوان، لاڄو نوان، ۷- پتڻ ٿو پور ڪري، ۸- دنگي منجھ درياهه، ۹- ماڻڪ موتي لعل، ۱۰- مٽيءَ لڌو مانُ، ۱۱- اڄ پڻ چڪيمَ چاڪ، ۱۲- سيئي جوڀن ڏينهن، ۱۳- ويا سي وينجهار، ۱۴- اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين، ۱۵- جي لوچين، سي لهن، ۱۶- چارڻ چوريو چنگ، ۱۷- سورج شاخون ڪڍيون، ۱۸- ويا سي وينجهار.
هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو، عالم، فاضل، استاد، وڪيل، سياسي اڳواڻ، شاگرد مطلب ته سڀ شاهه جي شاعريءَ جا شيدائي بنجي چڪا آهن. سياستدان پنهنجي تحريرن ۾، خطيب پنهنجي خطبن ۾، مولوي پنهنجي وعظن ۾، استاد پنهنجي ڪلاس ليڪچرن ۾، مقرر پنهنجي تقريرن ۾، مباحثه نگارن پنهنجي مباحثن ۾، مطلب ته هر ڪو پنهنجي پنهنجي نقطه نظر کي واضح ۽ زوردار بنائڻ لاءِ، ضرورت ۽ موضوع مطابق شهنشاهه لطيف جي شاعريءَ مان چونڊ مثالي فقرا، مصرعون، بيت پيش ڪرڻ کي وڏي سعادت تصور ڪري ٿو. شاگرد، توڙي مضمون نگاري جي مقابلن لاءِ شاهه جي رسالي مان گھربل مواد لازمي طرح وٺڻ کان سواءِ رهي نه ٿا سگھن. جهونا جهونجار، بزرگ خواتين ۽ نوجوان سگھڙيون پنهنجي گفتار کي ڀٽائي گھوٽ جي شاعريءَ سان سنوارين ٿا.
لاکيڻي لطيف جي شاعريءَ ۽ محاوري ۾ جادو سمايل آهي. انهيءَ حوالي سان ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته شاهه صاحب ”محاوري جو ڌڻي“ هو. اهو ئي سبب هو جو عالم، اديب، شاعر ۽ ڏاها سندس شاعريءَ جي معيار تي ناز ڪن ٿا. سندس چوڻين کي عالمي معيار سان ڀيٽ ڏيئي سگھجي ٿي.
ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي شاعري، مڪمل طرح قرآني تعليمات جي رنگ ۾ رچيل آهي. انهيءَ ڪري ئي شاهه صاحب پنهنجي شاعري (بيتن) کي آيتون سڏيو ۽ دعوى ڪئي ته:
جي تون بيت ڀائين سي آيتون آهين،
نـيـو مـن لائيـن، پريان سندي پار ڏي.
ڀٽائي بادشاهه قرآن پاڪ مان بصيرت ورتي ۽ قرآني آيتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي، انهن جو مفهوم پيش ڪيو. ”ان الله مع الصابرين“ کي هن طرح اظهار ڪري ٿو:
”چکيو نه چوندن، هو جو ساءُ صبر جو!“
شاهه لطيف زندگي جو شاعر هو. سندس شاعري ڀرپور انداز ۾ گهاريل، بامقصد زندگيءَ جو اولڙو آهي. زندگي جي وهنوار سان لاڳاپيل مختلف موضوعن تي ڪيترا ئي مثالي فقرا، مصرعون ۽ بيت ملن ٿا جن کي اسان (Quotable Quote) طور زندگيءَ جي ڪاروبار جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ موضوعن تي اظهار خيال لاءِ پيش ڪندا رهون ٿا. مثال طور ”زندگي بي ثباتي“، ”يارن و ياري“ موت جي حوالي سان ڪوڙ ۽ ڪاني جو ذڪر انساني جاکوڙ،
”هڪي ٻانهي چت ۾، ٻي جا ڪري الله“
”نوري ڄام تماچي“ داستان سان لاڳاپيل ”ڪينجهر ڍنڍ“ جو قدرتي حسن، من لڀائيندڙ نظارو جيڪو صدين کان ”ضرب المثل“ بنيل آهي. شاهه سائين ڪينجهر جي قدرتي سونهن ۽ ڪشش جو ذڪر هيٺين طرح ڪيو آهي:
لڳي اتر واءُ، ڪينجهر ھندورو ٿئي! (سر: ڪاموڏ)
شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾، جن حقيقتن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن مان اڪثر عالمي حقيقتون آهن؛ مثال طور ”موت ۽ حيات“ جي فلسفي کي، قبر جي حوالي سان هن ريت سمجهائي ٿو:
1.   کڻ تون قوت قبر جو، گھڻو ٿو گھرجي! (سر: سريراڳ)
2.  جم وسارين ويسرا! ڀتين جي ڀڻڪار.
(ڇو ٿو وسارين قبر جي ڀتين سان ٽڪرائيندڙ پڇاڻي جي ڀڻڪار/ آواز!)
3.   اول آخر آهه، هلڻ مُهجو هوت ڏي! (سر: سسئي آبري)
شاهه جي ناصحانه ڪلام مان ڪيترا ئي بيت، مصرعون، ڌڻيءَ جي در دعائن گھرڻ لاءِ ڪم اچن ٿا. دعائيه مصرعن جا ڪي مثال:
1.   توبه آهي تن کان، جي هٿان مون ٿيون! (سر: رِپَ)
2.  عدل ڇُٽان آءٌ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو!
3.   مديون پَسي مَهجيون، شرمايا شيطان! يا الاهي، ٻاجهه ٻلاٽي ڀائيان.
4.  ڀلو ڪندو ڀال، مينهن وسندا موٽ تون! (سر: سارنگ)
5.   سامونڊين، سائين! واءُ سڻائو واريين! (سُر: سامونڊي)
6.   جي اچڻ ساڻ اُڪير، سي ٻيڙا رکين ٻاجهه سين! (سر: سريراڳ)
شاهه صاحب جو ”سر مارئي“، مارئي جي لاثاني ڪردار جي حوالي سان حب الوطني جي پاڪيزه جذبات ۾ رسيل، ادبي شاهڪار آهي. مثالي سٽ:
ايءَ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائن سونَ تي!
اسان جو لاکيڻو شاهه، انسان دوستيءَ جو علمبردار ۽ بين الاقوامي فڪر جو شاعر هو، انسانن سان کيس پيار هو، ساري ”عالم“ جو خير گھريو اٿس. فرمائي ٿو:
لاهين مٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏينهڙا. (سر سارنگ)
ساري دنيا سان گڏ، سنڌ کي بنهه نٿو وساري. سندس دعا آهي:
1.   سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست! مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين. (سُر: سارنگ)
2.  وطن وسائيج ته سنگھارن سک ٿئي! (سُر: سارنگ)
انسان ذات لاءِ دعا گھرندي چوي ٿو:
1.   سڀيئي سئينءَ ڪرين، ڪو مَ منجهايين واٽ! (سُر: سريراڳ)
2.  لاهين مٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏينهڙا! (سُر: سارنگ)
شاهه صاحب معاشري ۾ موجود ”ڪارين رڍن“ يعني اڻوڻندڙ طبقن جي ڪردار کي ننديو آهي. انھن ذخيره اندوز ۽ منافع خورن بابت چوي ٿو:
ڏڪاريا ڏيهن مان، شل موذي سڀ مرن! (سُر: سارنگ)
 سماجي ايذاءَ رسائيندڙن جي ناجائز منافع جي پوتاميل جي اوگھڙ هن ريت ڪري ٿو:
جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن. (سُر: سارنگ)
 هيٺ ڪي مثال ڏجن ٿا، جن کي ”خرارن مان ڀريل هڪ مُٺ“ سمجهيو وڃي.
سُر ڪلياڻ:
1. آسر هڏ مَ لاهه، ڇنڻ ڳنڍڻ اُن جو.
2. پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي،
ڪانہ ڪڙائي، چکين جي چيتُ ڪري.
3. پَهرين ڪاتي پاءِ، پُڇج پوءِ پريتڻو.
4. جِئڻ ناهي جڳ ۾، ڏيهه مڙيئي ڏون.
5. حبيبن هيڪار، منجهان مِهر سڏ ڪئو،
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿو.
6. سُپريان صحت، ڏنيم منجهان ڏکندي.
7. سسي ڌار ڌري، پُڇج پوءِ پريتڻو.
8. سوري جنين سيجَ، مرڻ تن مشاهدو.
9. ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي.
10.                  وحدت جي وِهانءِ، جي وئا سي وڍئا.
11.                  هَٿِ ڪاتي، ڳڙ واتِ، پڇڻ پَرِ پرين جي.
سُر يمن ڪلياڻ:
1. آهي گھڻو اگھنِ جو، ترس طبيبن،
ڪئو وس ويڄن، تان ڪريءَ ري ڪين ٿئي.
2. اسان تان نه سري، تو ڪئن سري سُپرين؟
3. اگھن مڙي اڄ، ڪئو سڏ صحت کي،
ڏور ڏکندو ڀڄُ، مِهريءَ مہُ ڏيکاريو.
(ڏکندو: بيماري)، (مهري: مهر وارو / مهربان)
4. اکر ڇٽي ھيڪڙي، ٻھون جي نه ٻجھن،
ڪوھ ڪبو کي تن، سڄي سڻائي ڳالھڙي.
5. الله وڏو وِيرُ، ڀورو لوڪ نه ٻُجهڻو.
6. ٻاريو اُجهائين، پرين اُجهايو ٻارين!
مون کي ٿا مرين، لُئا لهارن جا!
(لُئا: اُلا باهه جا/ ڄڀيون)
7. ٻِن تراڙن جاءِ، ڪا آهي هيڪَ مياڻَ ۾؟
8. تڏهِ ڦڪيون فرق ڪنِ، جڏهن امر ڪرهو ان کي.
9. تون حبيب، تون طبيب، تون درد جو دارو.
10.                  تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا.
11.                  پچڻ گھڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ.
12.                  پرت جَن پوري، تن رويو وهامي راتڙي.
13.                  پيڙ پري ويئي، اچڻ ساڻ عجيب جي.
14.                  جان جان ناهِ ضرور، تان تان طبيب ناهه ڪو.
15.                  جِمَ ورچي ڇَڏين، سندي دوست دري!
16.                  جيڪي ڏنائون، سو سر ڏيئي سھُ ڄندڙا!
مَ چؤ ڇنائون، ايءُ پڻ ڳنڍئو سڄڻين.
17.                  ڊڀن ڀري هٿڙا، دارون دوست ڪَريج.
18.                  سڄڻ جي سارين، تن رويو وهامي راتڙي.
19.                  سدا آهي سور جي، واڍوڙئن وائي.
20.                  صاحب ڏي شفا، ميان! مريضن کي.
21.                  عاشق انگھن چڙهئا، ٻئو سڀ ڪو ڀڄي.
(انگھ: ڦاهي/سوري)
22.                  عشق آهي نانگ، خبر کاڌن کي پوي.
23.                  عشق نانگ آهي، خبر کاڌن کي پوي.
24.                  عشق نانگ اپر، خبر کاڌن کي پوي.
25.                  عشق نانگ نِپٽ، خبر کاڌن کي پوي.
26.                  ڪا نه گھرجي مون، حياتي هوتن ري.
27.                  ڪِئو مطالع مون، هو جو ورق وصال جو،
تہِ ۾ تُنھين تون، ٻي لاتِ نه لحظي جيتري.
28.                  کانڌ وڏيائي کيڻَ، ڪيني منجها ڪين ٿئي.
(کيڻ: چڱائي/ڀلائي)
29.                  محبت جي ميدان ۾، پئا لالَ لڇن.
30.                  محبتين مٿاءَ، مَچُ، مورائين نه لَهي.
31.                  نَمي کمي نهار تون، ڏمر وڏو ڏک.
32.                  ويڄن سين وائيءَ پيا، ڪِري ڪن نه پاڻ،
اگھا اِن اُهڃاڻ، پسو! سورَ سجهائيا.
33.                  ويڄنئون ويئي! ٿي وَهيڻي سڄڻين.
34.                  ويچارا واڍوڙ، سدا شاڪر سورَ سين،
تاڻين مٿي توڙ، اوري ڪن نه آسر.
35.                  هاريا! ويڄ مُياسِ! سڌ نه لهم سور جي،
پريان کي چُندياس، ته ترس طبين ڇڏئو.
سر کنڀات:
1. جن مسافر سُپرين، سي مر رويو رون،
نيہُ نياپي نه ٿئي!
2. ساجن سنديءَ سونهن جي، آئون ڳالهه ڪريان ڪيهي؟
يا الا! مون ساريندي سُپرين.
3. سُڌين سيڻَ نه هونِ، نيہُ نياپي نه ٿئي.
4. سڄڻ ماکيءَ ساءِ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏهم.
5. سڄڻ ماکيءَ منڌ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏهم.
6. سڄڻ ماکيءَ ميٺ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏهم.
7. مَڇڻ پونيءَ هڏ، آهون اُڪنڊين جيون.
8. مون ٻئا دَرَ گھڻا نهارئا، آهين تونھين تون.
9. موٽڻُ جنين ميهڻو، پڙ تي سيئي پون،
نيهه نياپي نه ٿي.
سُر سريراڳ:
1. آهي موت مڙن تي، گوڙيون ڪِئو گجي.
2. اتُ نه ڏجي عام کي، لوڪا ڪجي لِڪَ.
3. اجل ايندءِ اوچتو، جو سدا ٿو سڄي!
4. اَگھئو ڪائو ڪچُ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پئه پايو سَچُ، آڇيندي لَچ مران!
5. امن آهي اُن کي، جو منجهه الله اجهي.
6. اي سائينءَ جو سبب، جيئن ٻڏا اُڪاري ٻار مان.
7. ٻيڙي پراڻي، وکر پاءِ مَ وترو.
8. تانگھي ۾ تاڻي، ٻڌُ پَهجو تُرهو.
اونهي ۾ آڻي، ڪو نه ڏيندءِ ڪو ٻئو.
9. تُرهو ڇنم تار ۾، رسج تون رحمان.
10.                  تہِ واحد کي واهُ، جو سُتڙ سڀيئي ڪري!
11.                  جاڳو جي يارا! ته تَڙ توائي نه ٿئي.
12.                  جِتِ ٿيندو راضي، اُت توريندا تجويز سين.
13.                  جَن جي سيد لَڄ کنئي، سي سڀ لنگھيندا لڪيون.
14.                  جي اچنِ ساڻ اُڪير، سي ٻيڙا رکين ٻاجهه سين!
15.                  جي ڇُوھي ڇوڙيائون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين!
16.                  جي نه سڃاڻن سَچَ کي، ويھُ مَ تني وٽِ.
17.                  چڱن سان چڱائيون، ائِن سڀ ڪو هوءِ،
تو جِئن ڪري نه ڪوءِ، بُڇَن ساڻُ ڀلائيون.
18.                  چوڻ چارو ناهِه ڪو، بديون بي شمار.
19.                  ساٿُ نباهيو نين، ايءَ پَرِ سندي سڄڻين.
20.                  سٻاجهو ستارُ، سُتَڙِ سڀئي ڪري.
21.                  سڀيئي سئينءَ ڪرين، ڪو مَ منجهايين واٽ!
22.                  سيوئو جن سبحان، ويرَ نه وڙهي تن سين.
23.                  عدل ڇُٽان آ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو!
24.                  ڪانهي قيمت تن، مُلُ مهانگو اُن جو.
25.                  ڪڍج ڪائي ڪَچَ کي، ڪوڙ مَ ڪمائيج.
26.                  کَڻُ تون قوت قبر جو، گھڻو ٿو گھرجي!
27.                  قدر وارا ڪم ٿيا، کُٽا خريدار.
28.                  مديون پسي مُهجيون، شرمايا شيطان!
يا الاهي ٻاجهه ٻلاٽي ڀائيان.
29.                  جم وساريين ويسرا! ڀِتن جي ڀُلڪار.
30.                  وکر سو وِهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿيي.
31.                  ويا سي وينجهار! هيرو لعل ونڌين جي.
32.                  ويرَ مَ لاهي ويهه، مٿي آر اوڙاهه جي.
(آر: تيز وهڪرو/سير/تک/پاڻيءَ جو تکو وهڻ)
33.                  هڪي ٻانهي چِتَ ۾، ٻي جا ڪري الله!
34.                  هلندي حبيبن ڏي، ويلو وچ نه ڪج.
سُر سامونڊي:
1. اُڀيون ڏنڀ ڏِسن، جُہ سِڙهه ڏسي سير ٿئا.
(سير ٿيڻ: ٻيڙا ڌڪي درياهه/سمنڊ جي سير ۾ ڪاهي پوڻ)
2. اڱڻ جَنِ اچن، عيد ورتي اُن کي.
(ورتڻ: ٿيڻ ‑ ورتي: ٿئي)
3. ٻيڙيءَ جي ڀوڻُن، نيہُ نه ڪجي تن سين!
(ڀوڻن: رهن/گذارين: سامونڊين سان مائٽي نه ڪجي)
(سامونڊيڪو/سامونڊين جو سڱ/لاڳاپو/ناتو/مائٽي وڏي آزمائش/ قرباني گهري ٿي.)
4. پورينديس پرين ڏي، ڪا نه ڪريندس گھٽ.
(پورينديس: ڪاهيندس/ هلنديس/ وينديس)
5. جُڳن جا جوڳ ٿئا، تِئان نه موٽيو ڪوءِ.
6. جَڏهه سائينءَ سبب ڪِئون، تڏهن سُتڙ ٿِئا، سيد چي!
(سُتڙ: سولو تڙ، جتي آسانيءَ سان ٻيڙا اچي لنگر ھڻن)
7. سيانداري سمونڊ جي، نهوڙي نئا!
وڃي تِت پئا، جِت نهايت ناهه ڪا.
(سيانداري سمونڊ جي: سمونڊ جي پيٽ/ پاتال، ۾ ويا ۽ ٻڏي مئا)
8. سامونڊين سائين! واءُ سڻائو واريين!
9. سمنڊ جن ساڙيهُه، ڪوهُ نه ويئن تن سين؟
10.                  سيئي ٿيون مرڪَن، جنين سندا آئيا.
11.                  هلڻ هارا سُپرين، رئان تان نه رهن.
سُر سهڻي:
1. اُڀيون اوريين پارَ ڏي، ڪوڙيون ڪَکَ پُڇن.
(ڪَکَ: ڪکن جو ٺهيل تُرهو/ ڪکائون ترهو جنهن جي مدد سان تري، ڪناري تي پهچي سگھجي ٿو/ سهارو)
2. ايڏي سگھه، سچا ڌڻي! توهِم کي جُڳاءِ.
3. ٻُڏَ توڪل جو ترهو، آهر ساڻ الله.
4. ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هَٿَ وجهن،
پسو لڄ لطيف چي، ڪيڏي کي ڪکن؟
توڻي ڪنڌيءَ ڪن، نا ته ساڻنِ وڃن سيرَ ۾.
(هاتڪ: حاذق: هوشيار: حريف)
5. تو رءَ تاري ناهه ڪا، والي! تو رِءَ واهَ.
6. پارِ جنين جو پي، وڃڻ واجب تن تي.
(پي: پريتم/ پرين/ پيارو/ محبوب/ من گھريو منٺار.)
7. جر ٿر تک توار، وڻن ٽڻ وائي هيڪڙي.
8. جن کي عشق جي اُساٽ، سي واهُڙُ ڀائن وکڙي.
9. جنين من ميهار، هلڻ تنين حق ٿئو.
10.                  جِهه کي ساڻ، پريان جا سور،
تہُ کي ندي ناهه نگاهه ۾.
11.                  جهڙي پريان ڳالڙي، تهڙي ٻي نه ڪاءِ.
12.                  جي ڪچي ساڻ ڪهن، آڪو تن اوباهين.
(ڪچو: ڪچو گھڙو. آڪو: ڪچو گھڙو/ اڻپڪل دلو. اوباهڻ: پار پهچائڻ)
13.                  جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پارَ ڏي.
14.                  جي پِئا مہُ مهراڻ، تن ٻانڌين ٻيٽ نه اڄهي.
(ٻانڌي/ ٻانڊي/ سُڪل/ پوري ڪاٺي.)
15.                  جيڏاه عالم آسرو، مون پڻ آهي اوڏاهين.
16.                  حبيباڻي هيجَ، پيسُ مہُ ميهار جو.
(هيج: اڪير/ اڪنڊ/ سِڪ/ حُب.)
17.                  ”ڏم“ پاسي ۾ ڏکندو، صحت وٽ سنگھار.
(ڏم: سهڻيءَ جو مڙس. سنگھار: ميهار/ سهڻيءَ جو چاهيندڙ. ڏکندو: بيماري.)
18.                  رکُ ڀيلي جو ڀرم، جو اچي پيو اَجهور ۾.
(ڀيلو: ڪچو گھڙو/ اڻپڪل دِلو. اجهور: اجهاڳ/ جهجو پاڻي.)
19.                  ساڻي جن الله، ٻجهان، سي نه ٻڏنديون.
20.                  ساهڙ ڄام سچو، ساڻي ٿيندم سيرَ ۾.
21.                  ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گھِڙن جي.
22.                  ساهڙ مٿاءُ صدقو، ڏهين ڏم ڏيان.
23.                  ساهڙ مون سينگارُ، ماڙهن ليکي ميهڻو.
24.                  سُپرييان جي ترهي، ٻڏين هَٿُ م لاءِ،
صباح تان چُنداءِ؛ اسان تو اُڪاريو.
(چونداءِ: چوندءِ/ دعوى ڪندا/ مهڻو ڏيندا.)
25.                  سُپريان جي ڳالڙي، ڪہِ سان ڪينَ ڪجي.
26.                  سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڄن.
27.                  سدا ساوڻ ڏيهڙا، هيَهم نه هُنداءِ.
(هيَهمِ: ائين/ انهيءَ نموني.)
28.                  سگھان نه چوري، ڏاڍو نيرُ نيہَ جو.
(نير: سنگھر/زنجير/هٿ ڪڙول. نيہُ: نينهن/ پيار/ عشق/ محبت/ پريت.)
29.                  سُکُ نه پُڇي سوهڻي، ڏک ڏکيءَ کي ڏس.
30.                  سندو ڪَچَ ڪُنو، تارِ ترندو ڪيترو؟
31.                  سهسين سائر ٻوڙيون، مُنڌ ٻوڙيو مهراڻ.
(سهسين: سوين/ کوڙ ساريون. سائر: درياهه. مُنڌ: عورت/ زال/ مِهري/ سهڻي)
32.                  سهڻي کي، سيد چي، وڌو قرب ڪُهي.
33.                  سي تُرت لنگھنديون تارِ، اُڪنڊ آڳهه جن سين.
(اُڪنڊ: سِڪ/ پيار/ محبت. آڳهه: آسرو/ آڌر/ ڀرجهلو.)
34.                  گھڙو ڀڳو، مُنڌ مُئي، وسيلا وئا،
تِهان پوءِ سُئا، سهڻيءَ سڏ ميهار جا.
35.                  گھڙيا سي چڙهيا، ايهم اٿئي.
(اِيهَم: ائين.)
36.                  لهرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو.
37.                  مُلڪ مڙو ئي منصور، ڪُهي ڪُهندا ڪيترا؟
38.                  نڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سِڪَ.
عدد ناهِ عشق، پُڄاڻي پاڻ لَهي!
(پڄاڻي: حد/ انت/ انتها/ پڇاڙي.)
39.                  نڪو سنڌو سيرَ جو، مَپ نه ملاحن.
(سير: تار پاڻي/ درياء جو ترو. مپ: ماپ/ خبر/ اندازو.)
40.                  واهُڙ تنين وِکَ، جن سنڀارا سُپرين.
(سنڀارا: سنڀاران: سنڀارن ۾/ ياد/ سامهون. واهڙ: واهه/ ننڍو واهه/ درياهه)
41.                  وَيا جي وَهه گڏ، هلو ته ڏوريون اُن کي.
(وَهَه: درياهه جو وهڪرو)
42.                  هَٿُ پريان، جي هٿَ ۾، ٻي کي ڏج م ٻانهه.
43.                  همهء منصور هزار، ڪهڙا چاڙھئو چاڙهئين؟
(منصور: عظيم صوفي منصور حلاج جنهن کي ”سچ“ ڳالهائڻ جي سزا طور ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو.)
44.                  هُنهِم هُند مُئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
(هُنهم: هونئن ئي. هُند: هوند/ جيڪر)
45.                  هوتُ هلندين کٽئو، وِهڻ، مُنڌ! وسار،
ترڪڻ آهي تڙ ۾.
سُر سسئي آبري:
1. آتڻ ۾ پِرياڻَ، هو سَڀنين جيڏين،
مون سڀاڳيءَ ساڻَ، ڪيرَ ڇُلندي ڇپرين؟
(پرياڻ: پريتڻو/ پريت/ پيار. ڇپر: جبل/ روهه/ پٿر/ پهاڙ.)
2. آهي گھڻو اَهکو، فقيريءَ جو ڦندُ.
3. اُٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.
4. اچي عزازيل، سُتي جاڳائي سسئي،
ٿي ڊوڙائي دليل، ته پنهوءَ ماڙهو موڪليو.
5. اندرِ جنين اُڃَ، پاڻي اُڃئو اُن کي.
6. اول آخر آهِه، هلڻ مُهجو موت ڏي.
(انا لله و انا اليہ راجعون.)
7. اي ڀلائيءَ جو ڀُل، جئن پاسي ٿيڻ پاڻي کي.
8. تو تي لڄ، لطيف چي، آهي سندي عام.
9. پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن.
10.                  پنڌُ م ڪرَ پهاڙ ڏي، وجود ئي وڻڪار.
11.                  پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور ٿيا.
12.                  پورهئو سندو پورهيتين، والي ڪيم وڃاءِ.
13.                  پهرين تون پاريج، پارڻِ پوءِ پنهوءَ تي،
ٻولَ مَ وساريج، هُو جو ڪيوءِ هوت سين.
14.                  جِتُ ڪڙم نه قبيلا، اُت رسج رهبر راهه ۾!
15.                  جَتُ ڪيائين يار، سورن ڪارڻ، سرتيون!
16.                  چڪيء کي چئي، ڪا جاڳائي، جيڏيون!
ويڙو ساٿُ وَهي، تو ننڊائي نه لهي!
(ننڊائي: ننڊاکڙائي/ ننڊ جوکيپ/ خمار.)
17.                  ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو، لَئن ري ڪو نه لَلُ.
(ڏونگر ڏورڻ: جبل جھاڳڻ/ جاکوڙڻ. لنؤ: محبت. لَلُ: مزو/ ڍنگائتي زندگيءَ جو لطف/ زنده رهڻ جو ڍنگ.)
18.                  ڏونگر نه ڏوري، سڪڻ جون سڌون ڪري،
ويٺي گھِر گھوري، مٿاءَ پرين ڄندڙو.
19.                  ڏورڻ منجها ڏَسُ، پندءِ هوت پُنهوءَ جو.
20.                  راهَه مسافر سڀ ڪو، ڪو نه ڏٺوسون هِتِ ڏيهي.
21.                  رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم جَت سين!
22.                  ساٿِنِ سان، سيد چي، لڏو لڏي گڏ.
23.                  ساجن ميڙينس سُورَ، سُکَ نه مِيڙيُس سُپرين.
24.                  سا موٽي ڪين مُئي؟ جِہُ جو جانب جَت وٺي ويا.
25.                  سَڀ ۾ پنهو پاڻَ، ڪينہ، ٻيو ٻروچ ري.
26.                  سڌائتي سڀ ڪا، بُک نه باسِي ڪا.
(باسي/ باسڻ؛ قبول ڪرڻ/ قبول ڪري.)
27.                  سکن واري سَڌ، متان ڪا مون سين ڪري،
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
28.                  سو تان توهين ساڻُ، جِہ لئه جفائون ڪرين.
29.                  سيڻن ڪارڻ سسئي، پيئي پراهين پورِ.
30.                  ڪاڪل ڪٺي جا، ڪفن تِہ  ڪين ٿيي،
منجھ شهادت سا، لُڏي ۽ لاڏ ڪري.
(ڪاڪل: وار/ سهڻا سنهڙا ڪارا محبوب جا ورا.)
31.                  ڪڏهن ڪا نه وئي، هوت ڳولڻ هٽ ڏي.
(دوست هٽن/ دڪانن تي نه پر سسئيءَ وانگر، ڏونگر ڏورڻ/ جبل جھاڳڻ سان ملندا آهن.)
32.                  ڪوڙيون پڇن ڪيچ، هوت نه پڇن ھتھم،
جن پنهونءَ سين پيچ، تن پيرين پنڌ وسارئو.
(هِتهِم: ھت ھم/ هِتَهين/ هتي.)
33.                  ڪونہ هن ڀنڀور ۾، ڌاران دوس ڌڻي.
آنءُ ٿي ڇُلان ڇپرين!
(ڇپرين/ ڇپرن ۾ ڇلڻ: جبل جھاڳڻ/ لڪ يا پهاڙي لنگھ.)
34.                  لانچي لڪ لطيف چي، اُٿي ڏنگر ڏور.
(لانچڻ/ ٽڪر ٽولڻ/ پهاڙن جا اڻانگا پنڌ ڪرڻ.)
35.                  لڳي جن لوري، ڏنگر سي ڏورينديون.
(لوري: تانَ تنوار/ عشق/ پريت.)
36.                  نااميدي نيج، ته اوڏي ٿيين اميد کي.
37.                  نايو نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو!
38.                  وڃي ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي!
39.                  وندر جي وڃن، سي مَرُ ٻنڌن سندرا،
ٻيو ڪوه ٻنڌن؟ ڇوڙي جي ڇڏينديون.
40.                  وندر جو ويو سو الله! اوري آڻين!
(وندر: پنهون واري بلوچستان ۾، ڪيچ مڪران جي اڻانگين راهن ۾ هڪ جابلو نئين/ پهاڙي ندي/ ماڳ/ مڪان هنڌ جو نالو.)
41.                  ويٺي وَر نه پون، سُتي ملن نه سپرين،
جي مٿي رندن رون، ساڄن ملي تن کي.
(ور پوڻ: ور چڙهڻ، هٿ اچڻ/ ملڻ. ور نه پون: هٿ نه اچن.)
42.                  ويٺي هِت م هو، هلين ته هوت لهين!
43.                  هِتي جي هئڻ جون، وٿون سڀ وسار.
(وٿون: شيون/ساز سامان.)
44.                  هل ھيين سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار،
قاصداڻي ڪار، ڪين رساڻي ڪيچ کي!
45.                  هل ھيين سين هوت ڏي، سسي کڻ م ساڻُ.
46.                  هوت هلندن کٽيو، جن انگن چاڙهيو انگ.
(هلندن: جاکوڙ ڪندڙن. انگن چاڙهيو انگ: پنهنجي جسم کي ڦاسي/ سوري تي چاڙهيو.)
47.                  هيڪليائي هاڻِ، پورينديس پنھوءَ ڏي.
48.                  ھيڪليون هلن جي، ڀڄي تن ڀَرم.
(هيڪليون: وانديون/ وارثن کان سواءِ/ مڙسن بنا. ڀرم: حجاب.)
سُر معذوري:
1. آريءَ جي اَرمان ۾، ماڙهُو مِرون رونِ.
2. آيو موت دليل، ماريندي مُراد کان!
3. اَمن ڀايان اُن کي، ساجن منکي جا چئي.
4. توڻي ولاڙون ڪرين، توڻي هلين وِک.
لکئي منجھان لِک، ذور ضايع نه ٿئي.
(ولاڙون ڪرڻ: وڏيون ٻرانگھون ڀرڻ/ تڪڙو هلڻ.)
5. جتي جيتريون، لکيون لوح قلم ۾،
تتي تيتريون، گھڙيون گھارڻ آئيون.
6. جئن ڪهندنءِ، تئن وهندنءِ!
7. جي هَٿان هوتَ مرنِ، هوتُ تنين جي هنج ۾.
8. جيڻا اڳي جي جيا، جُڳ جڳ سي جين،
اوءِ موٽي ڪين مرن، مرڻا اڳي جي مئا.
(سچا صوفي، مرڻ/جسماني موت کان اڳ ۾ ئي مرندا آهن يعني پنهنجي خواهش کي ماري ڇڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن کي طبعي موت، ماري نه سگھندو آهي ۽ اهي مرڻ کان پوءِ به جيئرا هوندا آهن يعني هميشه ياد ڪيا ويندا آهن.)
9. ڏکئي توءِ ڏڪار، توڻي وسن ميهڙا،
صاحب هٿ سڪار، هن وس آهين هٿڙا.
(توءِ: تنهن هوندي به. هٿڙا: دُعا گھرن لاءِ هٿ.)
10.                  ڏکيءَ ڏمر ناھ، بُکيءَ کل نه اُڄهي،
اگھاڙيءَ وهانءُ، ويو ويچاريءَ وسري.
11.                  سپيريان سين سوڀ، ننڊون ڪندي نه ٿي!
12.                  سڌن جون، سيد چي، وٿون سڀ وڪِڻ.
(سڌڙيو نه ٿيءُ!)
13.                  سڳائيءَ جي، سيد چي، آهي سڌ سڀن.
(سڳائي: مائٽي/سيڻپو.)
14.                  ڪندو ٻاجھ الله! وهان تان نه وس پيو.
15.                  لڪيون لڪ، لطيف چي، اورانگھڻ آئيام.
16.                  لکيو جو نراڙ، سو انگ ڪياڙي نه ٿيي،
پاريو ويٺي پار، جيڪين لالن لکيو لوح ۾.
17.                  مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيڻا اڳي جي جيا.
18.                  وِھ م واٽ ورچي، هو! الا! ميان!
19.                  هجي ڪريان هيج سين، مطالع محبت.
(هيج: سڪ.)
20.                  هورن هاڙو لنگھيو، ڳؤريون پاسي ڳوٺ.
(هورن: هاڪڙين.)
سُر ديسي:
1. ڀينر! آئون ڀلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي؟
2. پڄاڻا پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان.
3. جانب جھڙو جڳ ۾، ناهي ڪو ثاني.
4. جت ججھا جڳ ۾، مهجي پرت پنهوءَ سين.
5. جڏه ڄام پنهو ڄائو، تڏهن ٿي وس وڻڪار ۾.
6. ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين؟
7. سمر جنين نه ساڻ، هوت حماتي تن جو.
8. کوءِ سي جيڻ ڏيهڙا، جي پون پرينئان ڌار.
9. مُهجو وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
10.                  واٽون ويھ ٿيون، ڪُہ ڄاڻان ڪيهي وئا؟
11.                  هوتاڻي هيڪار، مولا! منکي ميڙين!
(هوتاڻي: هوت بلوچ يعني پنهون.)
سُر ڪوهياري:
1. ٻانهي چايو پاڻ، ٿي سڄيون راتيون سمهين!
2. جڏهن ستيون جي، پٿر پير ڊگھا ڪري،
تڏه تنين کي، ساٿ ستيئي ڇڏيو.
(پٿر: پٿريل/وڇايل شيءِ/پٿراڻي/ بسترو/ وڇاڻو/ سمهڻ جي جاءِ.)
3. جي سسئيءَ سيباڻا، سي وڃي ڪيچ قرارايا.
4. جيهي جي تيهي، تپ ٻانهي ٻاروچن جي،
حجت هوت پنهوءَ سين، مون ڪميڻي ڪيهي؟
(تپ: ته به /تڏهن به.)
5. ڏونگر! مون نه ڏکوءِ، آنءُ اڳ ڏکوئي آهيان،
ساريال ڪو نه سکوءِ، سور گھڻيئي سنڀران.
6. سي پنهو ڪوه پڇن، جي سنجھي رهن سمهي.
7. سي ڪئن محب مڙن؟ جي سنجھي رهن سمهي.
(مڙن (مڙڻ/ ملڻ/ حاصل ڪرڻ): گڏجن.)
سر حُسيني:
1. آئون ڏوريندي ڪيترو، پهڻ پير پيو.
2. اعلى اڇو عيد ۾، دوستاڻو ديدار.
3. بر هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو.
(هن تمثيلي مصرع ۾، اشارو نبي ڪريم ﷺ جن ڏانهن آهي.)
4. ٻيون ههين ھٿ هڻن، روئنديون رئڻ واريون.
5. تتي ٿڌي هل، ڪانهي ويل وهڻ جي.
6. تتي ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل وهڻ جي،
متان ٿئي اونداھ، پير نه لهين پريءَ جو.
7. پاڙي ناهه پروڙ، ڪا رات رنجائي گذري.
8. پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي،
ڏورينديون ڏسن، اڳڻ عجيب جا.
9. پريتڻي پرين جي، ماءُ مُنجھايم مت.
10.                  جا ”وندر“ وڪاڻي، تہ جو موٽڻ ڪو مس ٿئي.
11.                  جنين ڏٺو هوت، تن دين سڀئي دور ڪيا.
12.                  ڏک سکن جي سونهن، گھوريا سُک ڏکن ري!
13.                  ڏکوين اُهڃاڻ، ڪلي ڦاٽو ڪنجرو.
14.                  ڏيکاريس ڏکن، گندر گس پرين جو،
سنهائي سمورن، ڪي هيڪاندي هوت سين.
15.                  ڏيهارن ڏورڻ ڏک سين، راتيان چڪن چاڪ.
16.                  سانگھارو سورن، ڪڏه تان ڪو نه ڏنو.
ٻائڙ ٻوڙ وهن، ڪالؤڻئا اڄ گھڻا.
(سانگھارو: گھٽتائي. ٻائڙ ٻوڙ وهن: ائين اچن جيئن نار جي لوٽين جو پاڻي ”ٻائڙ“ مان تيزيءَ سان وهي، ”سنير“ ۾ پوندو آهي.)
17.                  سو سکن ڏيئي، ورھ وهايم هيڪڙو.
مون کي تہ نيئي، پير ڏيکاريو پريءَ جو.
18.                  سي ڪئن ٻيلياڻوين؟ جن ويندو هوت نه واريو.
(ٻيلياڻيون: ساٿياڻيون/ مددگار.)
19.                  سي ڪيئن ويساريان، جي وٽان مون واٽ ٿيا.
20.                  صبر وڏو ست، سگھا ميڙي سُپرين!
21.                  ڪڏهن ڪا نه سئي، ته ڪا سگھي گڏي سڄڻين.
22.                  ڪميڻن هٿان، ٿين مورائين مديون،
تون ڪر پاڻ وڙا، موٽ سٻاجھا سپرين!
23.                  ڪوڙين ٿئا ڪيترا، نالي تان نثار.
24.                  ڪُہ ڄاڻان؟ ڪُہ ٿيو؟ ڪيڏاه ٿي وڃان؟
25.                  لاٿو سڀ لوڪ تان، هاڙي ڌڻي هور.
(هاڙي ڌڻي؛ هاڙي جبل جو مالڪ يعني پنهون. هن تمثيلي شعر ۾ ”پنهون“ مان مراد پاڻ رسول ڪريم جن آهن.)
26.                  لٿو ڪم ڪيچين جو، ڇڏي هليا مون،
الله آهين تون، هوتن تان هيڏي ڪئي.
27.                  لوڪ لتاڙي ننڊ ۾، پٺيءَ لالن لڳ.
28.                  مٿي معذورين، هوت ڌريندو هٿڙا.
29.                  واڳيون جي ورن سين، تن سرتين سبج سهاءِ.
30.                  ويو ٻاروچو نڪري، هاڻي ڪريان ڪيئن؟
31.                  هڪ سسئي ٻيا سُور، ويا پٽيندا پاڻ ۾!
32.                  هوت هلن، آءٌ وهان، ته ڪا اينءَ جُڳاءِ؟
33.                  هون سلامت سپرين، گھوري سا آئون.
34.                  هوءِ مر هوت حيات! آئون ميائي گھورئي.
35.                  هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾!
36.                  هيءِ! ٿو وڃي هوت، آءٌ ڪ اڳڀري ٿيان،
متان چوءِ بلوچ، ڪميڻيءَ مان ڪين ٿئو.
37.                  هيڙو ڏاڙهونءَ گل جئن، ريهي رتائون.
(ريهڻ: ريهو ڏيڻ/ سوناري وارو ريهو ڏيئي ڳنڍڻ/ ڳنڍڻ. رتائون: ڳاڙهو ڪيائون.)
سُر ليلان چنيسر:
1. الا! ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن!
   مون سين مون پرين، ڀورائي ۾ ڀال ڪيا.
2. اڏوهي جيئن ڏکڙا، چڙهيا چوٽيءَ سيئن.
3. اوليون پسي ان جيون، پئڙم ڳچ ڳري.
(اوليون: ڏکايون، سندس ڏنل ڏکن سبب روئي ڏنم.)
4. ٻالاپڻ جو ٻوڪ، ويو ويچاريءَ وسري.
(ٻالاپڻ: ننڍي وهي. ٻالاپڻ جو ٻوڪ: ٻوڪجڻ/ ٻوڪ: وهيءَ چڙهڻ/ سامائجڻ/ جوان ٿيڻ): جوانيءَ جو ڦوھ/ جواني ديواني جو اوج/ جوڀن ڏينهڙا. چنيسر ناراض ٿيڻ سبب، ليلان کان جواني جو اوج ئي وسري ويو.)
5. تو کي ساري سپرين، آءٌ پونديس ماڳ مري.
6. پائي پاندو ڳچيءَ ۾، پاڻ غريبي گڏ!
7. پرتان پير ڀريج، ملهائج مسڪين کي!
8. جنهن جو تون ئي تون، سي پياريون پهچائين.
9. جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائج.
10.                  ڍڪي ڍول! گذار، لڄ مهجي لوڪ ۾.
11.                  ڍول تنين جي ڍار، هيٺاهيون هلن جي.
He that is down needs fear no fall
12.                  ڍول تنين جي گس، هيٺاهيون هلن جي.
13.                  ڍولا، ڍيل م مون، ڪانڌ ڪميڻي آهيان.
(ڍيلڻ (ڍيل): ڇڏي ڏيڻ/ هڪالي ڪڍڻ/ ڌڪي ڌار ڪرڻ.)
14.                  ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھ ۾!
15.                  رُئنديون ڏٺيون مون، ان در مٿي دادليون!
    (دادليون: ناز انداز سان پليل.)
16.                  ساجن سڀوئي، ساھ اوهان تان صدقو!
17.                  سائين لڳ ستار، ميٽ مدايون مهجون!
18.                  سر نيسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.
19.                  ڪوڙيئن تنهنجون ڪامڻيون، تون ڪوڙين سندو ڪانڌ.
(ڪامڻيون: جن کي پيار جو جادو لڳل هجي. ڪانڌ؛ مڙس/ ڀتار.)
20.                  گوندر مٿاءِ جندڙي، وريا ولن جيئن.
(جان مٿان گوندر/ غم ولين وانگر ويڙهجي ويا آهن.)
21.                  مون سڏيندي سڏڙا، ساٿي سڏ نه ڏين!
22.                  مون ور تونھين تون، تو، ور وهون ڪيتريون!
23.                  مون سين ڪري ميٺ، سڄڻ سفر هليا.
24.                  وڻندن ته وڙ ڪندا، نا ته اڳين جي اختيار.
سر مومل راڻو:
1. اڄ ڪ سنجھ صابح، نيئي ڌريندءِ ڌوڙ ۾.
2. تن کي ناتر ڪوه ڪري؟ جي لڊوڻئا لنگھي ويا.
3. تو پڄاڻا سپرين! هيڙي اچن هول.
(هيڙي هول اچڻ: ڊپ ٿيڻ. هول: هينٽ/ ڊپ/ ڊيڄڙو.)
4. تون گھڻ جو گھوٽ، مون ور تونهين تون.
5. پائي تراڙيءَ توريان ته ملڪ نه تهجو مَٽُ.
6. ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، آُڀي ڏٺا سون.
(ڌڱ: متارا مڙس/ جنگ جوان.)
7. ڏيھ مڙيئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چي!
8. روءِ راڻي جي ناھ ڪو، سوڍو سڀن سونہ.
9. سورن لائيا سنگ، سگھو موٽج سپرين!
10.                  سوڍا تو ڳر ساھ، نا ته راڻا گھڻا راڄ ۾.
11.                  سوڍو سڃ ڪري، مومل ماڻي هليو.
12.                  سوڍي جي سهاڳ، ڍٽ مڙوئي ڍڪيو.
13.                  ڪاڪ نه جھلئا ڪاپڙي، موهيا، ڪہ نه مال.
14.                  ڪانہ ٻي توار، ٿيو مڙوئي مينڌرو.
(توار/ تنوار: ذڪر.)
15.                  ڪانہ ٻي وائي، ٿيو مڙوئي مينڌرو.
(وائي: پچار/ ذڪر/ڳالھ.)
16.                  ڪانہ ٻي ورونھ، ٿيو مڙوئي مينڌرو.
17.                  ڪهڙي پڇين ذات؟ جي آئيا سي اگھيا.
18.                  کوءِ سا کاڻي راتڙي! جا پرين ري پيئي!
(کوءِ پوڻ/ کڏ ۾ پوڻ/ ٻن پوڻ.)
19.                  لالن جو، لطيف چي، ڪونہ سونھ سياءُ.
(سياءُ: شريڪ/ جوڙ جيس.)
20.                  لڏؤ، لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا.
(لطيفن: دوستن/ مٺن ماڻهن/ قربائتن ماڻهن.)
21.                  مون کي مون حبيب! طعنو ئي تهجو.
22.                  مين سين ماڻو، مناسب نه مينڌرا.
23.                  نه ڪا عام نه خاص، جي ويا، سي وڍيا.
24.                  نماڻيءَ جي نجھري، پيهي تون پڇيج.
(نجھرو: ڪکائون گھر/ جھوپو/ ڇنو/ ڇپر.)
25.                  ويئي ويچارن وسري، صباح جي سنڀال.
سر مارئي:
1. آڻي لکئي لوح جي، هنڌ ڏيکاريم هي.
2. آڻِين ڪِي چاڙهين، ڏُٿُ ڏيهاڻي سومرا.
(غاريباڻو گذر: From hand to mouth)
3. اِيءَ نه مارُن، ريت، جئن سيڻَ مٽائن سونَ تي.
4. ٿڌيون وليون ٿرن، ڪوڙيين ڪرڙ ڪرير.
(ڪرير: جھنگلي ٻوٽو.)
5. پسي پڊ انين جا، لڙي لڙڪ پئا.
(پڊ: ڦٽل ڳوٺ/ ويرانو/ گھٽ آباديءَ وارو واهڻ. مثال طور؛ پڊ عيدن (عيدن جو پڊ) ضلع نوشهري فيروز ۾ آهي جيڪو اول ۾ ننڍو ڳوٺ هوندو.)
6. پکن منجھ پساه، قالب آهي ڪوٽ ۾.
7. پنھوارڪي پت، پيهي پڇ ملير ۾.
(پت: ريت. پت/ رسم/ رواج/ ثقافت.)
8. جان جان دعوى دم، تان پرت پنهوار سين.
9. جھڙا اچن ڏينهڙا، تهڙا ويٺي گھار.
10.                  جھانگي جو جھنگ جو، سيڻ ڪميڻيءَ سو ئي.
(سيڻ: مائٽ.)
11.                  جھوپو جھانگيڙن جو، ماڙيءَ سا نه مٽيائين.
12.                  ڌريائين ڌار، جي وڍي وڻ جدا ڪئا،
تن سڪن ڪهڙي سار، ته ڪ اٺا ميہ ملير ۾.
13.                  سُتي لوڪ لطيف چي، ٻئي کڻج ٻاهون.
14.                  سپ سمنڊين، سپجي، ندي پيي نه نير.
(نير: پاڻي.)
15.                  سندا سنگت ڏيهڙا، وَرَ! م وساريج.
16.                  عمر! اڇا ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪئن ڪن؟
(ڪاڻياريون: ڪاڻ واريون/ جن تي ڪا ميار ايندي هجي.)
17.                  قسمت قيد ڪياس، نا ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾؟
18.                  ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻئو، کٿيرو ئي خوب،
ميرو ئي محبوب، اسان مارو من ۾.
19.                  گولاڙا گگريون، اوڇڻ اباڻن.
(گولاڙا: ٿر ۾ پيدا ٿيندڙ ”ول“ جو قسم. گگريون: جھنگلي وڻ.)
20.                  ماروءَ ري مَ مرن، الله! اهي آسائتون.
21.                  ماروئڙا فقير، ڪہ دِر ڏيندا دانهڙي!
22.                  مون کي ماروئڙن، سڃ ڳڻائي سيج ۾.
23.                  ميائي جياس، جي وڃي مڙه ملير ڏي!
24.                  ميائي جيان، جي وڃي مڙه ملير ڏي!
25.                  نڪا جھل نه پل، نڪو رائر ڏيھ ۾.
(رائر: ڍل/ محصول، پنچري.)
26.                  نڪا سڌ ثواب جي، نڪو غرض گناھ.
27.                  وَر سي کارا کوھ، سنجيم جي ساڙيھ جا!
(وَر: بهتر. سنجيم جي: جن مان پاڻي ڀريم.)
28.                  وسائيندي وڄڙي، حب جھين کي هو!
29.                  ھميراڻا ھٿڙا، مھري ڪين مڃيندي.
(مھري: عورت (يعني مارئي) هميراڻا؛ اميراڻا/ عمر بادشاھ جا هٿ، يعني هٿ چراند برداشت نه ڪندي. ياد رهي ته سنڌي عورت، غير مرد جا هٿ، پاڻ تي ڌرڻ نه ڏيندي، توڻي جو اُهي هٿ امير/ بادشاھ جا ڇو نه هجن! سنڌ جي تاريخ انهي حقيقت جي شاهد آهي.)
سر ڪاموڏ:
1. آهين ٺارو اکين جو، وٽان مون م وڃيج!
2. تون تماچي تڙ ڌڻي، آئون گندري غريب.
(گندري: مهاڻي. تماچي: ڄام تماچي، ڪينجھر (تڙ) جو مالڪ.)
3. تون سمون، آئون گندري، مون ۾ عيب اپار.
4. ڄارا ۽ کارا، مال جنين جو مڪڙيون.
(مڪڙيون: ننڍيون ٻيڙيون/بتيلا.)
5. گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ.
اُنين جي اوطاق، راجا ريجھي آئيو.
6. کاڄ جنين جو ککيون، مال جنين جا مڏ.
(مهاڻا گھڻو ڪري مڇي ۽ مڏن جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. سندن گذران، وڌ ۾ وڌ مڇيءَ تي هوندو آهي.)
7. ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ.
(مهاڻين کي گھڻو ڪري مٿي تي مڇيءَ جون کاريون/ ۽ ڇڇي/ مڇي جا ڀريل ڇڄ هوندا آهن. سنڌ جون عورتون صدين کان پورهيو ڪنديون اچن.)
8. نه ڪہ ڄايو ڄام کي، نڪو ڄام وَياءُ.
(شاھ صاحب جو مٿيون بيت، باري بيپرواھ، الله لاشريڪ لاءِ آيل، قرآني آيت: ”لَم يَلِد وَلَم يولَد“ (نه ڪنهن ڄاڻو ۽ نه ڪنهن کي ڄڻيائين) جو منظوم ترجمو آهي.)
9. وڏي ڄام ڄمار! جِہ مياڻيون موکيون.
(موکيون: ملهايون/ انعامن سان نوازيون/ محصول يا ڍل معاف ڪيا.)
سر گھاتو:
1. اڳيان پويان ٽاڻَ، ويا ويچان وسري!
(ٽاڻ: ٽاڻا/ ويلو/ وقت.)
2. ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، جو گھڙي، سو نئي.
3. مون اڌرئا مڇڙا، الله! گھاتو آڻ.
سر سورٺ:
1. اجل اُڀو آھ، پٺيءَ تو پلاڻئو.
2. ڀلا! ڀيري ڀر، پالهو پاند پينار جو.
(پالهو: خالي. پاند: جھولي. پينار: فقير/ منڱو.)
سُر ڪيڏارو:
1. الله الصمد بي نياز، ساڪري جا چاهي.
2. تہ سورَھ کي شاباس، جو پِڙَ مٿي پرزا ٿئي.
(سلام آهي اهڙي بھادر کي جو پڙ/ ميدان جنگ ۾، جنگ ڪندي پرزا پرزا ٿي وڃي!)
3. تہ واحد کي واھ، جو حڪم ههڙا ئي ڪري.
4. پِڙَ تي سيئي پوَن، موٽڻ جنين ميهڻو.
(ميدان جنگ ۾ اهڙا سورهيه ڪاهي پوندا، جيڪي گيدي ٿي، ڀڄي وڃڻ کي طعنو/ مهڻو سمجھندا آهن.)
5. ڄاڻي هڪ الله، پاڻَ وڻنديون جو ڪري.
6. حورون هار ٻڌن، سهرا شهيدن کي.
7. گھوٽن ۽ گھوڙن، جِيڻ ٿوڙا ڏينهڙا.
8. هڻڻ هلڪڻ، ٻيلي سارڻ، مانجھارين ايءَ مرڪ!
(سورهين جو حوصلو آھي ته هو جنگ دوران، دشمن تي حملي ڪرڻ وقت، پنهنجن دوستن جي سار لهن ته اهي مئا ڪي بچيا.)
سر سارنگ:
1. اتر ڊاهي اُن جا ته ڪہ کي ڪارون ڪن؟
(اُتر: اُتر جو واءُ، سندن جھوپڙا ڊاهي وجھي ته ڪنهن کي سڏين.)
2. آءُ لالن موٽي، گھوريا رسڻ ڏيهڙا!
3. ڀلو ڪندو ڀال، ميہ وسندا موٽ تون!
4. پاساريان پري، سانگ م وڃن سپرين!
(پاساريان: پاسي کان/ وٽان. سانگ: ڪنهن ڪم سان/ ڪم سانگي، شل دوست دور نه ٿين!)
5. جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن.
(ملڪ/ انسان دشمن واپاري، مال ڇپٽ ڪندڙ Hoarders/ Black Marketers وڪڻندڙ ۽ مهانگو وڪڻندڙ سيٺين لاءِ چيل آهي.)
6. جھڙا مهجا سپرين، تهڙا ميگھ ملار.
(ملار: ڪڪر/ جھڙا آگم.)
7. ڏڪاريا ڏيھن مان، شل موذي سڀ مرن!
(منافع خور، ذخيره اندوز، ڇپٽ ڪندڙ، انسان/ ملڪ دشمن واپارين کي پِٽ پاراتو ڪيو ويو آهي.)
8. راضي منجھا ريج، عالم سڀ آباد ٿيو.
(ريج: زمينن کي ريجائڻ لاءِ پاڻي.)
9. سيڻن ري، سيد چي، روح نه رچن رنگ.
(رچن: وڻڻ/ سيبائڻ.)
10.                  سائيم! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوس! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين!
11.                  سٻاجھي ستار، لاٿا، ڏرت ڏيھ تان.
(ڏرت: ڏڪار/ قحط/ مهانگائي.)
12.                  سرهي سيج، پاسي پرين، مر پئا ميہ وسن!
(سرهي سيج: شادي رات جو سينگاريل پلنگ، پاسي ۾ دوست هجي، ۽ پوءِ ڀلي بارش پوندي رهي.)
13.                  سي مر رويو رون، جن مسافر سپرين.
14.                  لالن جھين لوءِ، سي اوڪاڻيون نه اکيون.
(لوءِ: ڳوٺ/ وسندي/ واهڻ/ ويڙهو. اوڪاڻيون: موڳيون.)
15.                  لاهين مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏيهڙا.
16.                  متان ايءَ ڀانيو، ته بادل آھ بس ڪي.
17.                  ور ريءَ وانڍن اڏيا، پکا سي ۾ پسن!
(شال اهي جھوپڙا نه گھڻي مينهن وهي پون جيڪي وانڍين: ڇڙين/ اڪيلين عورتن، پنهنجي وارثن جي غير حاضري ۾ اڏي ورتا آهن!)
18.                  وِهو م لاهي، آسرو الله مان!
19.                  هينڙا! کَپُ مَ کِجُ، سگھا ملندءِ سپرين.
(اي دل، ڳڻتي نه ڪر، اجھو ڪي اجھو، دوست آيا!)
سر آسا:
1. ”آئون“ اوريان جھل، تو کي رسي تو ڌڻي!
(آئون چوڻ: پاڻ کي ڀانئڻ/ پاڻ پڏائڻ/ پاڻ کي سڀ ڪجھ سمجھڻ/ تڪبر ڪرڻ. ”آئون/ مان“ تڪبر کي ڇڏي ڏي ته رب پاڪ جو مشاهدو ماڻيندين!)
2. تُہَ نه پچي ماھ، گنديءَ نيہَ نه سِپجي.
(جئن تُهن (ان جا تھ، توتڙ) ۾ رکڻ سان ماھ (گوشت) پچي نه سگھندو ۽ اُنَ کي پچائڻ لاءِ باھ گھرجي. اهڙي طرح گنديءَ مان (جنهن ۾ ان ڀري رکبو Store آهي) عشق نه اڀرندو يعني ته اُها ڳالھ ناممڪن آهي.)
3. جان جان پسڻ پاڻ کي، تان تان ناھ نماز.
4. ستو ئي سيج گھرين، جفا ڏين نه جان،
صلح ري سيڻان، متان نونڌين نه چڙهين.
(نونڌين: ليکي/ شمار ۾ آڻي. سيڻان: انهن جي/ محبوبن جي.)
5. سپيريان جي سونهن جو، نڪو قد نه مد.
(قد مد: حد حساب/ پچاڻي/ ڇيھ.)
6. سخن ناهي سو، جو مُہ مقابل نه ٿئي.
7. سندي محبت مام، ڪُور پروڙي ڪين ڪي.
(ڪوُرَ: انڌو/ اندر جو انڌو.)
8. سو سڀو ئي حق، جہ ۾ پسڻ پريءَ جو.
9. سي ستا ئي جاڳن، ننڊ عبادت اُن جي.
10.                  قلم جنين جي هٿ ۾، سي سيڻ سٻاجھا سائين.
11.                  مورک مام نه ٻجھڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
سي ڪيئن پرين پسن، ڪٽر جن اکين ۾.
12.                  مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اڀا اينءَ چون، مڇڻ پاند پسائين.
(دوستن اٿاھ پاڻي ۾ اڇلايو آهي ۽ چون پيا ته متان پلو پسايو اٿئي. مڃڻ؛ متان. ٻار: تار پاڻي/ اونهو پاڻي/درياهه.)
13.                  مہ ته موسى جھڙو، عادت ۾ ابليس،
اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوه نه ڇڏين؟
14.                  مُہ ۾ موسى جھڙو، سيرت شيطاني.
15.                  نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها.
سر رپ:
1. اوڏيان اوڏو گھڻو، ڪهڙا ڪرين سَڏَ.
2. تنين ڪال ڪهو؟ نڌر جنين نجھراء.
3. توبہ آهي تن کان، جي هٿان مون ٿيون.
4. سڄڻ ياد پيوم، جاڙَ جيان ٿي جيڏيون.
5. لالن جنين لوءِ، سي اوڳائين نه اکيون.
سر کاهوڙي:
1. ڇپر ڪين ڏئي، سوکڙيون سُتن کي!
(ڇپر: جبل/ پهاڙ/ روھ سُتن ستلن/غافلن.)
2. سيڪڙو ۽ سڪ، ٻئي گڏئا پاڻ ۾.
3. کاهوڙين اُڃاڻ، انگ نه سڄي اڳڙي.
(کاهوڙي جن جي انگن/غمن تي سواءِ اڳڙين/ليهن ليڙن جي، ڪو سڄو ڪپڙو ناهي هوندو. اها ئي سندن سڃاڻپ جي وڏي نشاني آهي.)
سُر بروو سنڌي:
1. اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
2. اي دوسن جو دستور، جيئن ڇني ڇڏن ڪينڪي.
3. دلبر! هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس.
(واس: خوشبوءِ: نيڪيءَ جي سرهاڻ.)
4. سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
5. سوکو هوندو سو، جہ جو عشق الله سين.
6. ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
7. ڳجھو ڳالائي، پرت وٽجي پاڻ ۾.
(وٽجي: واٽا ڪجي: ڀاڱا ڪري ورهائجي/ ونڊجي.)
8. فاني ڙي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو.
9. فاني ئي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو.
لٽي لوڙُھ لتن سين، جوڙيندءِ جاني!
ڪوڏر ۽ ڪاني، آھ سر سڀ ڪنهن.
(لوڙھ: مئل جسم/ لاش/ ميت. ڪوڏر: قبر کوٽڻ لاءِ اوزار. ڪاني: ڪفن ڪڇڻ لاءِ استعمال ڪيل ڪانو.)
10.                  وڃڻ در دوسن جي، هر هر هوڙائي.
(هوڙائي: هلڪڙائي/ ٽرڙائي/ ٽوٽپائي/ غير معياري حرڪت.)
11.                  ويڄ! ڏنڀيين ڪُہ ٻانهن، سور ھِيَنِ کي سامهان.
(اي طبيب، ٻانهن جي سور جو علاج ڇو ڪرين، جڏهن سور آهي ئي دل ۾.)
12.                  يار سڏائي سڀ ڪو جاني، زباني،
آهي آساني، ڪَمَ پئي ٿي ڪل پوي.
Poverty gains friend, adversity tries them.
سُر رامڪلي:
1. ٻَڌُ سورن جو سندرو، منجهان سِڪ ساھي.
(ساھي سندرو ٻڌڻ: ساھ بند ڪري/ مجھائي سندرو ٻڌڻ/ مضبوط ٻڌڻ.)
2. جي واڳوءَ واتِ وڃن، تا ڪُس ڪُڇ ڪينَ ڪي.
3. جيڏهَ ڀَرن وِکَ، تيڏه صاحب سامهون.
4. حاصل جَنين حال، آئون نه جِيَندي انَ ري.
5. سڀوئي سبحان، ڪاڏي وڃي نيتيان.
(نماز ڪهڙي طرف مُنهن ڪري نيتيان، ڇاڪاڻ ته الله ته هر طرف آهي.)
6. گولا جي گولن جا، تن جو ٿيءُ غلام.
(انڪساري/ نهٺائي لاءِ چيل. He that is down, needs fear no fall)
7. ونءُ تنين سين واڳئو، جيڪي پسين منجهه پساهه.
انهن سان ونءُ واڳيو/ ڳنڍيو وڃ جيڪي هر وقت تو کي ساهه سنوان يعني ياد آهن.)
سُر ڪاپائتي:
1. اٿي اور اَرٽ سين، ويهُه م ويڳاڻي!
2. ڀڳو ئي تون ڀير، جانسين رتو راس ٿئي.
(ڀڳل/ اُلڙيل ائٽ سان ئي ڪتيندي رهه، جيستائين رتو (رتل سٽ/ ڪپهه) ڪٽجي وڃي. مطلب ته هر حال ۾ محنت ڪندو رهه.)
3. چاوت پائي چِتَ ۾، سنهو ڪِتو جن،
تن جو صرافن، دُڪو ئي داخل نه ڪيو.
(دل ۾ ٻيائي رکي جن ويهي سنهو سٽ ڪٽيو، تن جو ڪٽيل سُٽ صرافن (سٽ جي واپارين) ذرو به قبول نه ڪيو. محنت ڪهڙي به هجي، ان ۾ ”محبت“ ضروري آهي.
4. محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.
(محبت سان ٿلهو ڪتيل سُٽ به صرافن وٽ اگهامجي ويو. پيار سان ڪيل پورهيو. اجايو نه ٿو وڃي. پورهئي سان پيار ضروري آهي.)
5. ويٺي اور ارٽَ سين، ڳچيءَ پايو پاندَ.
6. هِيءِ! تني جي حال، جن ڪاپي منجهان ڪين ڪيو.
(انهن تي حيف جن ڪتيل سَٽ مان به ڪجهه نه ڪمايو. ساڙولن جي محنت سجائي ناهي ٿيندي ڇاڪاڻ ته اهي، ساڙ ۾ سڙندا رهندا آهن ۽ پورهيو کائڻ وسري ويندو آهي.)
سُر پورب:
1. ڪوڙي دُنيا، ڪوڙا پسارا، ڏينهن مڙوئي ڏون.
(۱ Life is short lived.۲.Human life is transitory)
2. متيون ڏيندي لوڪَ کي، چري پاڻَ ٿياس.
سُر ڪارايل:
1. ”آئون“، ”اسين“ ڪَن جي، پاسي تَن مَ اَڏ،
اسين ڪرڻ: هَٺ/ تڪبر/ وڏائي ڪرڻ.)
2. اَڇو پاڻي لُڙُ ٿيو، ڪالورئو ڪنگن،
ايندي لڄَ مرن، تِہ سَرَ مَٿي، ھنجڙا!
(ڪالورڻ: ميرو ڪرڻ، اُلڙائڻ، لٻڻ. سَر: ڍنڍ/ پاڻيءَ جو تلاءُ.)
3. تِہ عشق کي شاباس، جِہ محبتي ميڙئا.
Love begets love.
4. سَرَ اُهيئي اڳيان، پکي ٻئا ٻئا،
جن لَمئو لاتون ڏنيون، سي ويچارا وئا،
پاٽوندر پئا، وڃي ڪينجهر ڪنڌيين.
(پاٽوندر: پٽيندڙ/ سخاوت جو در پٽيندڙ/ سخي/ ڏاتارَ (ڏيڻ وارا / سخاوت ڪندڙ.)
5. سنها ڀانءِ م سَپَ، سُڪا جنين پيٽ،
تنين جي جهپيٽ، جُنگن کي جوکو ٿئي،
(سپ: نانگ/ بلا. جُنگ: پهلوان/ جوان/ سورهيه. جهپيٽ: ڏنگ/ چڪ/ ضرب.)
6. سنها ڀانءِ م سَپَ، وياءَ واسينگن جا،
جنين جي جهڙپ، هاٿي هنڌان ئي نه چُري.
(جهڙپ؛ جهٽ/ ڏنگ. نانگ جي زهر کان، ڏنگيل هاٿي به ٿڌي تي مري سگهي ٿو.)
7. ڪنگن لٿي ڪاڻي، گڏئو هنج حبيب کي.
8. هنجَ مِڙو ئي هنجَ، ميرو منجهن ناهه ڪو،
جتي رهن سنجههَ، سو سَرُ ڪنِ سُرهو.
9. هنجن سين هيڪار، جي ڳَڻ ڪري نهاريين،
ٻگهن سين ٻيهار، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهين.
(ڳڻ ڪِرڻ: ڳڻ ڳوت ڪرڻ/ کڻڻ، ڳوٽڻ/ سوچ ويچار ڪرڻ. ٻيلهه ٻڌڻ: ٻِٽ/ ڀيچي/ شامل ٿيڻ/ گڏجڻ/ ساٿ ڏيڻ.)
سُر پِرڀاتي:
1. ان دَر سي ئي اگهيا، جن نه ڀانيو پاڻَ.
(پاڻَ ڀانئڻ، تڪبر/ وڏائي/ غرور/ هٺ. خودي (خود کي پسد ڪرڻ) ڪرڻ.Pride goeth before a fall )
2. تون سَپڙ، آئون سيڪڙو، تون ڏاتار، آئون ڏوهه،
تون پارس، آ لوهه، جي سَڃيين ته سون ٿيان.
(چوندا آهن ته پارس پاهڻ/ پٿر، لوهه کي لڳندو آهي ته اهو سونُ ٿي پوندو آهي. سخين جو ساڳيو ڪم آهي. سڃن ۽ ڪنگالن کي نوازيندو آهي. سپڙ: سخي ڄام سپڙ. سنڌ جو پهرين جوڙ جو سخي هو.)
3. ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي، سو لهي!
4. ڏاتار ته تون، ٻئا مڙئي مڱڻا.
5. مَڱُ تِهين کان مڱڻا، جو ڏيهاڙي ٿو ڏي.
6. وَسِ مهجي ناهه ڪا، سيڻن هَٿِ سهاڳ.
سر ڏهر:
1. پِڙَ ۾ پسان نه پيرُ، سيڻن ساجهر لڏئو.
(پِڙَ: ميدان/ پڌر/ پٽ.)
2. پن ٻوڙين پاتال ۾، پهڻ تارين تون.
3. پيئي جا ڀرڀات، سا ماڪ مَ پسو ماڙهئا!
روئي ڇُڙي رات، ڏسي ڏکوين کي.
(ماڙهئا: اي ماڻهو.)
4. جان جَرَ هئڙو جال، تان تون مڇَ نه موٽيين.
پوندءِ اڄ ڪ ڪال، سانڀويون انگين جون.
(سانڀويون: مڇين ڦاسائڻ جا رَڇ.)
5. جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به تيڏيائي مڱا.
6. ڌڻ ڌارڻ، ڌار رھڻ، ايءُ نه سنگھارن سِٽَ.
(ٿر جا سنگھار، پنھنجي ڌڻن سميت ويڙھا ڪري رھندا آهن.)
7. ڍڪين ڍڪڻهار، ڏيئي پاندَ پناهه جو.
(پاند: ڍڪ/ پلو/ اجھو/ اوٽ.)
8. سُتا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سُهاڳ، ننڊون ڪندي نه ٿئي.
9. سُتي نه سرندياءِ، ڪر پچار پرين جي،
وهامي ويندياءِ، گهڻا هڻندين هٿڙا.
(هٿ/ هٿڙا هڻڻ: پڇتائڻ).
10.                  سُمهڻا ساڙو، جيڏيون جيڏو ئي ٿيو،
پرين سين پاڙو، مُهجو ننڊ نبيريو.
(Shake off you idle dreams lest you should repent)
11.                  سندو واريءَ ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو؟
(A sand house cannot stand by itself)
12.                  ڦِريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو،
دنيا ڪارڻ دين، وڃائي وِلها ٿئا.
13.                  ڪاڇي پيئي ڪُوڪَ، سچ ڪ سنگھارن لڏئو؟
من تنُ ماريائون، پاڻا وجهي گوندرين.
(ڪاڇو: سنڌ جو ڪوهستاني علائقو، گوندر: غم/ اندوهه/ ڏک.)
14.                  ڪي سمُہُ، ڪي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
اي مانجهاندي جو ماڳ، جو تو ساڻيهه ڀائيو.
15.                  مِٺو جِنءَ نالوءِ، تِنءَ مون وڏو آسرو.
(جيڏو الله، اوڏو ئي آسرو!)
16.                  نيڻين ننڊ نه ڏيج، ڇيڙون ڇپر آئيون.
(ڇيڙون: ٻهيرون/ قطارون شڪارين جون.)
(ڇپر: جبل/ پھاڙ/ روههَ. سنڌ جي ڪاڇي واري علائقي ۾ ڪونجن جو شڪار جام ٿيندو آهي. شاھ صاحب ڪونجن کي خبردار ڪندي کين ٻڌائي ٿو ته شڪارين جا ڪٽڪ اچي لٿا آهن.)
17.                  وڳر ڪِئو وتن، پِرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڙهنئان ميٺ گهڻو ٿيو.
18.                  هي تان ٿورڙيون، جي تون ڀورا! پسي ڀُليين،
راتيون ٻيون گھڻيون، جي تو اينديون هيڪليون.
(ڀورا: ڀورو: نادان/ بيوقوف/ ڪم عقل. اي ڪم عقل انسان، ”قبر“ واريون ايندڙ راتيون ياد ڪر، جتي مرڻ کان پوءِ هميشه لاءِ اڪيلو پيو هوندين!)
سُر بلاول:
1. ايءُ آگي جو اِحسان، جہ ھادي ميڙيم ههڙو.
(آگو: آقا/ الله سائين. هادي هدايت ڪندڙ/ هادي برحق/ نبي ڪريم . الله جا احسان جنهن نبي ڪريم جهڙو هادي ڏنو.)
2. ڀلي جي لاڏاڻِ، سڀ لنگهنديون لڪيون.
(لاڏاڻ: لاڏ/ ڪوڏ/ پيار. لڪيون: ننڍا لڪ/ جبلن جا لڪ/ اوکا جابلو پيچرا/ پهاڙي لنگهه.)
3. پُڇن ڪا نه وڏِيت، جي آيا سي اگهيا.
(وِڏيت: سبب/ تفصيل.)
4. پُڇي سي پاري، جي عاجز اجورن ۾.
(پاري: پارڻ/ پالڻ/ پيٽ پالڻ/ کاڌو کارائڻ/ رزق ڏيڻ. اجورو: ا = نه + جورو = زور وارو) ڪمزور بيمار/ ضعيف.)
5. جيڪي وهي وجود ۾، سو ڄاڻي ڄاڻڻھارُ.
6. ڏمرئو ته ڏي، پرچيو ته پاند ڀري.
7. ڪوجهن سندا ڪم، ڪامِل ري ڪير ڪري؟
(ڪامل: ڪامل انسان/ سخي/ شافع/ نبي سڳوري ڏانهن اشارو.)
8. ڪيف ڌارن ڪوءِ، جِييي ڪو نه جهان ۾.
(ڪيف/ شراب/ سرور/ مڳي. هر انسان پنهنجي پنهنجي مستيءَ ۾ هوندو آهي.)
9. لطف تو ريءَ، لطيف چي، ڪندا ٻيا ڪير؟

***

1 comment: