ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي.
استاد شاگردن کي چيو: ”ھن عبارت؛ ’ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت
ھوندي آھي‘ جا سبب لکو.
ھر شاگرد، پنھنجي نوعيت سان ان جي توضيح لکي. نموني طور ڪجھ ھيٺ لکجن
ٿيون.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا ھر وقت کانئس اڳتي
نڪرڻ لاءِ جُھد ڪندي آھي.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، پوءِ به ھو وڏو ماڻھو ٿي
ويندو آھي.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن جي پويان ھڪ ننڍڙو
مرد ھوندو آھي.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن کان ھوشيار رھڻ
بيحد ضروري آھي.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا کيس ننڍڙو ڪرڻ جي
ھڻ وٺ ۾ رڌل ھوندي آھي.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا سندس متيون
منجھائيندي آھي.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا سندس وڏي ٿيڻ جي
پويان بيٺي ھوندي آھي.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا کيس ياد ڏياريندي
آھي ته اتي رسڻ ۾ ابي جو ٿورو اٿئي.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن کي سڌ نه ھوندي آھي
ته سندس آڏو وڏو ماڻھو بيٺل آھي.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا کانئس گھر جو خرچو/ليکو
پئي گھرندي آھي.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن جي پويان ننڍڙا
ٻچڙا ھوندا آھن.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن جي ڪوتاھ قد سبب
مرد وڏو نطر ايندو آھي.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن کيس اڳيان ڪيو
ھوندو آھي.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن جو ھٿ سندس کيسي ۾
ھوندو آھي.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا ٻين عورتن کي سندس
ويجھو اچڻ نه ڏيندي آھي.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جنھن جي ھٿ ۾ سوٽي ھوندي
آھي.
·
ھر وڏي ماڻھوءَ جي پويان ھڪ عورت ھوندي آھي، جيڪا کيس ڪن ۾ چوندي آھي
ته مون کان سواءِ ڪجھ به ناھين.
dear, very nice for delivering such a fruitful literature, especial; efforts are seen to collect explain these and most important to publish on internet.
ReplyDeletemuhib ali