Monday, June 3, 2013

عورت مخالف جوڙيل پهاڪا - زبير سومرو

عورت مخالف جوڙيل پهاڪا

زبير سومرو



آد جڳاد کان سماج، مثبت توڙي صنفي لاڙن، ٻنهي کي گڏگڏ کڻي هلندو آيو آهي. اها نه رڳو تاريخ جي چٽي حقيقت ئي آهي بلڪ فطرت جو قانون پڻ آهي ته سچ جو تصور بلڪ اهميت ڪوڙ جي وجود کان سواءِ بي معنيٰ آهي. نيڪي جو ٻيو نالو ”عدم برائي“ آهي، يعني برائيءَ جي وجود کان سواءِ نيڪي جو وجود اڻپورو آهي. پر هتي انهيءَ مان اهو اخذ نه ڪرڻ گهرجي ته ڪوڙ، برائي يا ڪنهن به منفي لاڙن جي وجود جي اهميت جي ڪري، انهن کي همٿائجي يا حمايت ڪجي، ڇوته تاريخ جي ٻين حقيقتن سان گڏ اها به همه گير حقيقت آهي ته هر دور جي سماج ڪوڙ ۽ برائيءَ کي ننديو آهي ۽ حق سچ جي پرچار ڪئي آهي.


مان پنهنجي اصل موضوع ڏانهن ايندي اها ڳالهه ڪرڻ به ضروري ٿو سمجهان ته معاشرن ۾ ڪجهه منفي لاڙن کي هر سطح تي نندڻ جي باوجود، هڪ اهميت ۽ مڃتا به ملي آهي. اهڙن منفي لاڙن ۾ توهم پرستي، ذات پرستي، قبيلائيت يا نسل پرستي ۽ ڪجهه صنفي تفاوت وغيره اچي وڃن ٿا.

صنفي تفاوت يا اڻ برابري جي وضاحت وسيع پئماني تي جينڊر جي ماهرن پئي ڪئي آهي، بلڪه اهوته هاڻي هڪ اهڙو خاص موضوع يا معاملي جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي جنهن جي لاءِ ادارن ۾ ترجيحاتي بنيادن تي وقت ۽ بجيٽ خرچ ڪيو پيو وڃي.

پر مان هن مضمون ۾ صنفي اڻ برابريءَ کي انهن سماجي سوچ ۽ تاريخي طور تي مڃتا ماڻيل منفي لاڙن جي پس منظر ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، جن تي هيل تائين تمام گهٽ بلڪه نه هئن جي برابر ڪم ٿيو آهي.

سموري دنيا ۾ صنفي اڻ برابري متعلق صدين کان هڪ مخصوص قسم جي فضوليات گردش ڪندي آهي. پر خاص طور تي ننڍي کنڊ جي تاريخ جا انهيءَ حوالي سان پيرا کڻجن ٿا ته معلوم ٿئي ٿوته هتان جي هر دور جو معاشرو اهڙي قسم جي فضوليات ۾ زبردست يقين رکندڙ ۽ حمايتي رهيو آهي ۽ اڄ به آهي.

”عورت هڪ اهڙوئي مڪمل انسان آهي، جهڙو مرد“.! يقيناً ”صحيح“ آهي، پر انتهائي حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته جڏهن انهيءَ جملي کي ايجنڊا بڻائي اگر بحثجي ٿوته چڱا ڀلا پڙهيا لکيا علم جا اڪابر مرد حضرات ڍلي ”ها“ چئي فرمائيندا آهن ”ها ..... آهي ته صحيح پر“ ! اُها آخر ۾ جيڪا ”پر“ هوندي آهي، اها ئي در اصل اها صديون پراڻي روايتي گٺل پيٺل فضوليات آهي، جيڪا اسان جي سماج ۾ هر کيتر ۾ ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ فضوليات جا مڃيندڙ ۽ پوئلڳ لکين انسان اڄ به موجود آهن ۽ جديد دؤر جي ٽيڪنالاجي، ميڊيا، سائنس ۽ تعليم هنن جي جهالت جو وار به ونگو نه ڪري سگهي آهي.

مثال جي طور تي پهاڪا ۽ چوڻيون، جيڪي سماج ۾ عقل، ڏاهپ، سمجهه ۽ انساني ظرافت جو اعليٰ ترين مثال سمجهيا ويندا آهن. ڇوته پهاڪا ٻوليءَ، ثقافتي اوسر، نفسياتي تجربن، هنر ۽ حرفت جي تجربن، رسمن ريتن ۽ رواجن، خوشين ۽ غمن، انساني سڀاءَ ۽ روين، اٿڻي ويهڻي، رهڻي ڪهڻي مطلب سماج جي سموري جوهَر جرئت آهن. جيڪا ڳالهه ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگهه ۾ نتيجا نه ڏئي اها، هڪ مختصر پهاڪي ظرافتي انداز ۾ ڏيندي. انهيءَ ڪري ئي سماج ۾ روازني زندگيءَ ۾ پهاڪن جو استعمال عام جام آهي، اڃا اڄڪلهه ميڊيائي يلغار ۽ ڪجهه ٻين سببن جي ڪري نئين نسل کي انهي روايتي لوڪ کان دور آهي.

هي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا لوڪ ادب جي قديم ترين صنف ”پهاڪا“ سؤ سيڪڙو صحيح ۽ لوڪ ڏاهپ جو شاهڪار آهن؟ ڇوته اهڙا سوين پهاڪا آهن، جيڪي نفرت ۽ تذليل جي بنيادن تي جڙيل آهن. ذاتين جي اوچ نيچ وارا پهاڪا، جيڪي نه صرف انساني حقن جي خلاف بلڪه اسان جي مذهبي پرچار جي پڻ خلاف آهن.

”ڪتو نه ڍور، ماڇي نه ماڻهو“، ”ڪوري مت ٿوري“، ”ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو“، ”قاضيءَ ۽ ڪڃر جي ڪا ذات ناهي هوندي“ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي ضرب المثل جن ۾ مختلف ذاتين جي سخت تذليل ۽ توهين ٿيل آهي.

اهڙي طرح سان عورت دشمن يا عورت مخالت پهاڪا، جن ۾ صنفي حوالي سان عورت جي صنف جي تذليل ٿيل آهي. عورت صدين کان هونءَ ئي مختلف حوالن سان اڻ برابري، تذليل ۽ توهين جو شڪار رهندي آئي آهي، جن لاءِ حوا جي هيءَ مظلوم ڌيءَ، پنهنجي عزت، آجپي ۽ هڪ مڪمل انسان واري برابر حيثيت جي جنگ وڙهندي آئي آهي.

مان هتي ڪجهه اهڙا پهاڪا تفصيل سان تجزئي سميت پيش ڪيان ٿو جيڪي نه صرف Gender Biased آهن به بلڪه انتهائي صنفي طور تي توهين آميز به آهن؛

·      عقل عورت جي کُڙيءَ ۾ هوندو آهي.

محترمه بينظير ڀٽو (پاڪستان) اندرا گانڌي (هندستان) گولدا ميئر (اسرائيل) ايلزبيٿ ڊومينٽن (افريڪن ريپلڪ)، مارگريٽ ٿيچر (برطانيه) ماريا پٽاسگلو (پرتگال)، ميري چارلس (ڊومنيڪا) حَنا سچوڪا (پولينڊ)، چندريڪا ڪمارا ٽنگا (سري لنڪا) ۽ آنگ سانگ سوچي (برما) سميت ٻين ڪيترين وزير اعظم عورتن کي ڏسي ڪري ”عقل، عورت جي کڙيءَ ۾“ واري واهيات مفروضي کي مڃيندڙن وٽ آخر ڪهڙو دليل ٿي سگهي ٿو. اهو دليل سماجي، سياسي، تاريخي، طبي، اخلاقي توڙي مذهبي بنيادي هجي يا ڪهڙي به بنيادن تي هجي، عقل جو ڪو به تقاضا انهي مفروضي مڃڻ لاءِ تيار ناهي.

عقل (Wisdom) جو تعلق عمر، تعليم، علائقي ۽ تجربي سان ته ٿي سگهي ٿو پر صنف (Gender) سان ڪيئن؟ اها ڳوٽ هڪ ساڌارڻ دماغ واري ماڻهوءَ لاءِ ڀڃڻ ڏاڍي مشڪل آهي.

هن پهاڪي ۾ هر پاسي کان اُٿلائي پُٿلائي ڏسو، ڪٿان به هن ڪا ڏاهپ، سمجهه يا ڪو دليل نظر نٿو اڇي، جو سمجهجي ته ها ٻيلي، اهو نقطو آهي، جنهن جي ڪري عورت جوعقل کڙيءَ ۾ ٿي سگهي ٿو، اهڙي قسم جا ڄٽڪا پهاڪا، اسان جي سماج ۾ عام جام آهن جن جي ختم ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي شعوري ڪوششن جي سخت ضرورت آهي.

جنهن جو پُڇ کڻ، مادي!

خبر ناهي هن هن پهاڪي جي پويان ڪهڙي تاريخي حقيقت آهي، لسانيت جا ماهر چون ٿاته پهاڪا ۽ چوڻيون لوڪ ڏاهپ ۽ ظرافت جو غير معمولي مثال هوندا آهن. پر هتي هن پهاڪي ۾ مادي يعني جنسي طورتي عورت جي بري طرح تذليل ڪيل آهي. هي پهاڪو تڏهن استعمال ڪبو آهي، جڏهن هر ماڻهوءَ کي آزمائڻ کانپوءِ، ان مان سخت مايوسي ملي. يعني هر بيڪار دوکيباز ۽ غلط ماڻهو مادي (عورت) ئي هوندو/هوندي آهي.

هن پهاڪي جي جوڙيندڙ يا جڙڻ جي عمل جي پويان ضرور ڪي عورت مخالف ذهن رکندڙ مرد ئي هوندا جن پنهنجي نام نهاد لوڪ ڏاهپ جي نالي ۾ عورت جي جنس جي اهڙي تذليل ڪئي آهي.

سواري به نَر جي، ياري به نَر جي!

هي پهاڪو ساهتي پرڳڻي ۾ گهڻو استعمال ٿيندو آهي، هن پهاڪي ۾ ”نر“ (مرد) جي برتريءَ جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن مان اڻ سڌي طرح عورت جي ڪمتري ڏانهن اشارو آهي ”نر“ جي سواريءَ مان مراد، نر جانور جي سواري آهي، جڏهن ته سواريءَ وارا جانور، گڏهه، گهوڙو، اٺ نر به هوندا ته مادي به. پهاڪي جو ٻيو حصو ياري به نر جي پڻ اهڙي قسم جي نفسياتي مردانه برتري ۽ عورت جي ڪمتريءَ تي مبني آهي. ياري، دوستي، تعلق يا واسطو، جيترو ڪنهن مرد سان بهتر ٿي سگهي ٿو اوترو عورت سان به ٿي سگهي ٿو. هي پهاڪو به Gender Biased جي ذمزي ۾ ئي اچي ٿو.

ڪِني رَن جا ٻار به گهڻا، يار به گهڻا / يا ڪني رن جا ٻار، جيترا ٿورا، اوترا چڱا!

هتي ”ڪني رن“ مان مراد فحاش عورت ورتل آهي، جنهن لاءِ ڪيترن ئي مرد سان غلط تعلقات هوندا آهن، جن لاءِ ”يار“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اهڙي عورت جي اولاد به تمام گهڻي هوندي آهي.

هاڻي هتي ”ڪني رن“ جي بجاءِ اگر ”ڪني انسان“ جو لفظ استعمال ٿيل هجي هاته شايد ڪو شڪ يا دليل بيهي ها. (اگر بيهي هاته؟) ڇو ڪنو ڪوبه انسان ٿي سگهي ٿو ته ”عورت“ به ۽ ”مرد“ به! ته پوءِ پهاڪو رڳو عورت تي ئي ڇو. انهن عياش ۽ اوباش مردن لاءِ ساڳيو پهاڪو ڇو نه ته ”ڪني مڙس جا يار ۽ ٻار جيترا ٿورا، اوترا چڱا“ اها هڪ تحقيق طلب ڳالهه آهي، ههڙي قسم جا پهاڪا، چوڻيون، رسمون روايتون، سماج لاءِ ڪجهه صلاحون هيٺ ڏجن ٿيون؛

1.    اهڙا پهاڪا لفظ، اصطلاح، چوڻيون، ضرب المثل ڊڪشنرين ۽ انسائيڪلوپيڊيا مان خارج ڪري ڇڏجن.

2.    روزاني زندگيءَ جي استعمال ۾ هرگز استعمال نه ڪجن.

3.    ڪنهن جي واتان استعمال ٿيڻ جي صورت ۾ انهيءَ شخص سان بحث ڪجي ۽ نندجي.

4.    تحقيقي مضمون ۽ مقالا لکي انهن جي هميشه لاءِ متروڪ قرار ڏجي.

 

No comments:

Post a Comment