Wednesday, February 13, 2013

”اڪ جي ماکي“ جو اصطلاح استعمال ڪٿي ڪجي؟ - نويد ناز اڄڻ

”اڪ جي ماکي“ جو اصطلاح استعمال ڪٿي ڪجي؟
نويد ناز اڄڻ/کهڙا
ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اصطلاح جو هجڻ، ان ٻوليءَ جو سينگار هوندو آهي. اصطلاحن ذريعي، وسيع معنيٰ کي، مُختصر لفظن ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. اصطلاح ڪنهن به ٻوليءَ جو هجي، ان جي ايجاد جي پٺيان ڪو نه ڪو واقعو ضرور هوندو آهي. انگريزي ٻوليءَ ۾ موجود اصطلاحن پٺيان به ڪا نه ڪا تاريخ آهي، جن جي بنياد تي اهي اصطلاح جڙيا.
انهن مان ٻن اصطلاحن جي وضاحت ڪجي ٿي.
انگريزي ٻوليءَ جو هڪ مشهور اصطلاح آهي؛ (An Apple of discord) جنهن جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ اسان، ”تڪرار جي نشاني“ ڪڍي سگهون ٿا. (جھيڙي جي پاڙ يا تنازعي جو سبب به آھن- مرتب)
هن اصطلاح جي ٺهڻ لاءِ، انگريزي گرامر جي ڪتابن ۾ هيئن اچي ٿو ته؛ ’برطانيا جي راڻيءَ جڏهن شاديءَ جو اعلان ڪيو ته، هزارين ماڻهو ان سان شاديءَ جا طَلبگار ٿيا. هاڻي راڻيءَ سان مسئلو پيدا ٿيو ته، هيڏن سارن ماڻهن مان آخر ڪهڙي خوشنصيب سان هو شادي ڪري؟ ان ڪري هن اعلان ڪيو ته؛ هوءَ هڪ صوف اُڇلائيندي، جنهن اهو صوف کنيو، اهو سندس جيون ساٿي ٿيندو. جڏهن صوف اڇلايو ويو ته، هر هڪ صوف کڻڻ لاءِ ڀڄڻ لڳو. ائين صوف ماڻهن جي پيرن ۾ اچي ڦِسي پيو ۽ ماڻهو هڪٻئي سان وڙهڻ لڳا. ائين هي اصطلاح (An Apple of discord) يعني تڪرار جي نشاني جڙيو.

ائين ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود اصطلاحن جي پٺيان به ڪو نه ڪو واقعو آهي. جيئن اڪثر ڪري اسان وٽ مصيبت وقت، ”گهوڙا ڙي گهوڙا“ جو اصطلاح استعمال ڪيو ويندو آهي. ان لاءِ اها روايت ملي ٿي ته؛ ٽالپرن جي دور ۾، هڪ دفعي سندن دشمنن هنن جي قلعي تي ڪاهه ڪئي. مير حڪمرانن جا چوڪيدار چئني طرفن کان گهوڙا ڏسي ششدر ٿي ويا ۽ حيرت وچان، ”گهوڙا ڙي گهوڙا“ جون رَڙيون ڪرڻ لڳا. انهن جون اهي رَڙيون، مُصيبت جي گَهڙيءَ جو ثبوت ڏيئي رهيون هيون. ان کانپوءِ هِيءُ اصطلاح اسان جي ٻوليءَ ۾، ڪنهن به مصيبت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
ان کان علاوه، هڪ ٻيو اصطلاح، جيڪو اسان جي ٻهراڙين ۾ عام استعمال ڪيو ويندو آهي، سو ڪنهن سولي ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي. اهو اصطلاح ”اَڪَ مان ماکي“ لاهڻ آهي. حالانڪ هِيءُ اصطلاح لڪيل معنيٰ رکي ٿو. پر اسان وٽ هِيءُ ابتڙ ڪم لاءِ استعمال ٿيندو آهي. سومر ۲۸ جنوري ۲۰۱۳ع جي ڪاوش ۾، محترمه سحر گُل پنهنجي مضمون ”سنڌ جو آجپو ۽ گهربل مزاحمتي گُر“ ۾ به استعمال ڪيو آهي. محترمه سحر گُل لکيو آهي ته؛ ”مزاحمت جو فلسفو ڇا آهي، اُها ڪيئن بَرپا ڪجي؟ ان لاءِ مزاحمت جي فلسفي جي ڳُوڙهي سمجهه گُهرجي. آجپو ۽ حقيقي جمهوري راڄ ڪي اَڪَ جي ماکيءَ جيان نه آهن، جو هٿ وڌائي ماڻي وٺجن“. اسان اهو چئون ٿا ته، ”اَڪَ جي ماکيءَ“ وارو اصطلاح، ڪنهن سوکي ڪم لاءِ نه، پر هڪ اوکي يا ائين کڻي چئجي ته، هڪ ناممڪن ڪم لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي.
جيئن ته منهنجو تعلق ٻهراڙيءَ سان آهي. ان ڪري منهنجو ٻَنين ۾ اَچڻ وَڃڻ ٿيندو آهي. پر پنهنجي زندگيءَ ۾ مون ڪڏهن به اَڪ تي ماکي کي مانارو ٺاهيندي نه ڏٺو آهي، جو سَٽَ ڏيئي لاهي وٺجي. پر ڳوٺ جي رهواسين، هارين ۽ آسپاس جي بزرگن کان به معلوم ڪرڻ تي اها خبر پئي آهي ته، ماکي، اَڪَ تي ڪڏهن به نه ويهندي آهي. هاڻي جڏهن ماکي اَڪَ تي ويهي ئي نٿي، ته اها لاهڻ آسان ڪيئن ٿيندي؟ تنهنڪري اَڪَ جي ماکيءَ وارو اصطلاح، ڪنهن آسان نه پر ڏُکئي ڪم لاءِ استعمال ڪيو وڃي.
سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن کي گذارش آهي ته، هن اصطلاح جي اصل حقيقت ۽ استعمال کي عام ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي وڃي ته جيئن اهو سُٽ سُلجهي پوي.


”اَڪَ جي ماکي“ اصطلاح جو استعمال

ڌڻي بخش وساڻ/ڇور
۱۲هين فيبروريءَ واري ڪاوش ۾ کهڙا جي دوست، نويد ناز اڄڻ جو هڪ خط ڇپيو آهي. جنهن ۾ دوست، ٻين اصطلاحن جي تشريح کانپوءِ ”اَڪ جي ماکيءَ“ واري اصطلاح لاءِ لکيو آهي ته؛ اهو ڪنهن سولي نه پر هڪ اوکي يا ائين کڻي چئجي ته ڪنھن ناممڪن ڪم لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي. ان لاءِ عرض آهي ته؛ هميشه اهو اصطلاح اوکي ڪم لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. پر ان جي استعمال جي انداز ۾ ان کي هڪ تمام آسان ڪم سان ڀيٽ ڏني ويئي آهي. اڳتي دوست لکيو آهي ته؛ ماکي اَڪَ تي ڪڏهن به ناهي ويهندي. اھو ڳوٺ جي رهواسين ۽ بزرگن کان معلوم ڪيو آهي.
اها ڳالهه صحيح ناهي. ماکي بلڪل اَڪَ تي ويهندي آهي. منهنجو به تعلق ٻهراڙيءَ سان آهي. ڇو ته اَڪَ کي ماکي، صرف ويهڻ لاءِ استعمال ڪندي آهي. اُن جو رَس استعمال ناهي ڪندي. (جڏھن ته اڪ جي ٻوٽي تي ويٺل) ماکي لاهڻ ۾ آسان ان لاءِ هوندي آهي. ڇو جو اَڪَ جي وڻ ۾ ڪنڊا ناهن هوندا ۽ اهو ننڍو به ٿيندو آهي. (ان کان علاوھ، سندس ڪاٺي ڪمزور ھئڻ سبب، سولائيءَ سان جلد ڀڄي پوندي آھي.)

1 comment:

  1. suthi tashreeh aa .....
    good post dear


    muhib ali

    ReplyDelete