Friday, November 15, 2013

ٻوليءَ ۾ پھاڪا چوڻيون ۽ محاورا - ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

ٻوليءَ ۾ پھاڪا، چوڻيون ۽ محاورا
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي



انسان، ٻوليءَ ذريعي جڏھن پنهنجي جذبات ۽ ويچارن جون اظھار ڪري ٿو، تڏھن ھو گھربل لفظ چونڊي، پنهنجي مرضيءَ مطابق جدا جدا نمونن ۾ انهن کي ڪتب آڻي سگھي ٿو. ھن تي فقط اھا پابندي آھي ته ٻوليءَ جي وياڪرڻي (گرامر) سرشتي جي ڀڃڪڙي نه ڪري. مثال طور، جيڪڏھن ڪنهن کي ڪو ڪتاب گھرجي، ته ھو الڳ الڳ جملن ذريعي پنهنجي خواھش ظاھر ڪري سگھي ٿو.مون کي ھيءُ ڪتاب کپي، ھيءُ ڪتاب گھرجيم، ھن ڪتاب جي گھڻي ضرورت اٿم، مان ھيءُ ڪتاب خريد ڪندس، مونکي هي ڪتاب هٿ ڪرڻو آهي. وغيره.
ھنن جملن جي بيھڪ چاھي ھڪ ٻئي کان بدليل آھي، پر انهن ذريعي جيڪا خواھش ظاھر ڪئي ويئي آھي، اھا گھڻي قدر ھڪ جھڙي آھي. ٻوليءَ جي اھڙن جملن کي “آزاد استعمال” (Free Expressions) چئجي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن جي ڪتب آڻڻ وقت ڳالھائيندڙ کي آزادي آھي ته، ھو پنهنجي مرضيءَ مطابق لفظن جي چونڊ ڪري، انهن کي جدا جدا بيھڪ وارن جملن ۾ ڪتب آڻي سگھي ٿو.

اھڙن آزاد استعمال جي ڀيٽ ۾، ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اھڙي قسم جا پريوگ آھن، جن جي بيھڪ مقرر ٿي ويئي آھي. ان ٻوليءَ جو ھرڪو ماڻھو ڪنهن گھربل مطلب جي ظاھر ڪرڻ لاءِ اھي پريوگ استعمال بلڪل ساڳئي نموني پيو ڪتب آڻي. اھڙن استعمالن کي سورتر پريوگ (Formular Usages) چئجي ٿو. ڪجھ مثال ڏسو:
(۱) ھو ھميشھ پيو ٻين مان ويڪون ڪڍي. اھو ڪونه ٿو ڏسي ته ٻين کان وڌيڪ پاڻ عيبن سان ڀريو پيو آھي. “مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪانه، ڳئونءَ کي چوي ته ھل ڙي پڇ ڪاري”.
(۲) رامداس اٿيئي “ٻگھلو ڀڳت”. کانئس خبردار رھجانءِ.
(۳) ڪملا ساھيڙين واتان اھا ڳالھ ٻڌي “پاڻي پاڻي ٿي ويئي.”
(۴) ٻوڏ ۾ ستايلن جي مدد ڪرڻ جو ويچار ڪيو اٿيئي، ته پوءَ دير ڇو ٿو ڪرين؟ “ترت دان، مھا پڃ.”
(۵) ڪالھ ميدان تي گھڻي ئي “ڇوڪر ٻاڪر” اچي ڪٺا ٿيا ھئا.
انهن مثالن ۾ جيڪي استعمال نمايان ٿيل آھن، انهن کي ٻوليءَ ۾ نرالي اھميت ملي چڪي آھي. اھي اسان جي ٻوليءَ ۾ اھڙا فارمولا آھن، جيڪي ھر ڪو ماڻھو ساڳئي نموني پيو ڪتب آڻي. انهن جي اندروني بيھڪ ۾ تبديل ڪرڻ جو کيس اختيار ڪونهي. جيڪڏھن ڳالھائيندڙ انهن جي لفظن ۾ ڪابه تبديل ڪندو ته استعمال جو گھربل مطلب حاصل نه ٿيندو، يا انهيءَ بدليل بيھڪ ۾ اھو استعمال، مروج ليکيو نه ويندو. مثال طور، پاڻي پاڻي ٿي وڃڻ ھڪ سوتر پريوگ آھي. جنهن جي معنيٰ لڄي ٿيڻ، شرمسار ٿيڻ. انهيءَ ۾ جيڪڏھن اسين ھم- معنيٰ لفظ ڪتب آڻي چئون- جل جل ٿي وڃڻ يا نير نير ٿي وڃڻ ته گھربل معنيٰ ڪانه ملندي، نڪو انهيءَ صورت ۾ اھو مروج ليکبو.
انڌن ۾ ڪاڻو راجا. (اڻڄاڻن ۾ ٿوري ڄاڻ وارو ته ھوشيار ليکيو ٿو وڃي.) سنڌيءَ ۾ ھڪ مروج استعمال آھي. ان ۾ جيڪڏھن تبديل ڪري چئون “سورداسن ۾ ڪاڻو راجا”، نابينن ۾ ڪاڻو سلطان يا بي نور ۾ ھڪ اکيو بادشاھ، ته چاھي انهيءَ جي مطلب ۾ ڦيرو ڪونه ٿو اچي، پر بدليل صورت ۾ اھي استعمال سنڌيءَ ۾ مروج نه ليکيا ويندا.
موهني گونگي گانءِ آهي:- ھتي گونگي گانءِ ھئڻ، ھڪ سوتر پريوگ آهي جنهن جو مطلب آھي “نهٺو”، “نماڻو”، “حليم سڀاءَ وارو ھئڻ” ان جملي ۾ جيڪڏھن ھم-معنيٰ لفظ وجھي چئون ته موھني ڍڳي آھي ته مطلب ئي ڦري ويندو.
ٻوليءَ ۾ جڏھن ڪو ھڪ لفظ اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ڪنهن ٻيءَ معنيٰ ۾ ڪتب آڻجي ٿو، تڏھن اھو لفظ به سوتر پريوگ، بڻجي پوي ٿو. جيئن ته، ھوءَ اميدواري آھي. ھن جملي ۾ اميدواري ھئڻ، جي معنيٰ آھي گرڀوتي ھئڻ، حامله ھئڻ. ھتي لفظ جي صورت ڪي قدر بدلائي جيڪڏھن چئون ھوءَ اميدوار آھي يا ھن مائيءَ کي اميد آھي ته پوءِ گھربل مطلب نه نڪرندو. ساڳيءَ طرح ڪنهن ڇوڪر کي چئجي، “گڏھ”! ھيءُ ڇا پيو ڪرين؟ ته سمجھ کان ڪم ھن جملي ۾ “گڏھ” لفظ بيوقوف، ناسمجھ جي معنيٰ ڏئي ٿو. اتي جيڪڏھن “گڏھ” لفظ بدران ھم- معنيٰ لفظ “کودڙو”، خر ڪم آڻبو ته ان مان ساڳي معنيٰ حاصل نه ٿيندي.
سنڌي ٻوليءَ جي رواج موجب ڪيترائي ٻٽا لفظ اسين ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ پيا ڪتب آڻيندا آھيون. جئين ته؛ ننڍو نيٽو، دوست دڙو، ماڻھو ڇيڻو، پڪوڙو ڌڪوڙو، وغيره. اھي ٻٽا لفظ اھڙا آھن، جيڪي اسان جي ٻوليءَ ۾ واهپي ۾ اچي ويا آھن. انهن جي طرز تي اسين ٻيا نوان ٻٽا لفظ نٿا ٺاھي سگھون، يعني ٻوليءَ جي بيھڪ ۾ اھڙا ٻٽا لفظ اُپجاڻو اُپجائو (Unproductive) آھن.
پر انهن جي ڀيٽ ۾ ٻيا ڪجھ ٻٽن لفظن جا اھڙا نمونا آھن، جن جي طرز تي اسين نوان ٻٽا لفظ ٺاھي استعمال ڪري سگھون ٿا. جيئن ته “ٻ” وينجن دھراءَ سان ٺھيل ٻٽا لفظ، دوا ٻوا، پاڻي ٻاڻي، شربت ٻربت، ان طرز تي اسين ٻين ٻولين مان اڌارا ورتل لفظ به “ٻ” جي دھرائڻ سان ٺاھي سگھون ٿا، فونو ٻونو، ريڊيو ٻيڊيو، ٽي. وي ٻيوي، اسٽيشن ٻسٽيشن وغيره، ان مان ظاھر آھي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻٽا لفظ جوڙڻ جو اھو نمونو اپجائو (Productive) آھي. ھاڻي ثابت ٿيو ته غير- اُپجائو ٻٽا لفظ به ٻوليءَ ۾ سوتر پريوگ آھن، جيڪي اسان کي جيئن جو تيئن، ڪنهن به ڦير گھير ڪرڻ کانسواءِ استعمال ڪرڻا آھن.
سوتر پريوگن جا قسم
سنڌيءَ ۾ ڪتب ايندڙن سڀني سوتر پريوگن کي اسين ٻن قسمن ۾ ورھائي سگھن ٿا.
(۱) اُھو سوتر پريوگ جيڪو بيان ۾ ڪنهن جملي جي بيھڪ ۾ نه ٻڌجي، ھڪ الڳ ايڪي (Unit) يا جملي وانگر ڪتب اچي ٿو.
(۲) اُھو سوتر پريوگ جيڪو بيان ۾ ڪنهن جملي جو جزو بڻجي وڃي ٿو. ھر ھڪ قسم جي سوتر پريوگ کي معنيٰ جي لحاظ کان ٻن ڀاڱن ۾ ورھائي سگھجي ٿو.
(الف)- اُھو سوتر پريوگ جيڪو اکري معنيٰ نه ڏيئي، ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي ڪا معنيٰ ڏئي ٿو.



(ب)-   اھو مروج استعمال، جيڪو پنهنجي اکري معنيٰ ۾ ئي ڪتب اچي ٿو.
  
ھتي ڏنل سمجھاڻيءَ موجب مروج استعمال ڪل چئن قسمن جا آھن:
(۱) اھو سوتر پريوگ جيڪو بيان ۾ الڳ ڪتب ايندڙ ھڪ پورو جملو يا ايڪو ھوندو آھي ۽ اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي معنيٰ ڏيندو آھي. انهيءَ کي پھاڪو چئبو آھي. مثال
ھو ھميشھ پيو ٻين مان ويڪون ڪڍي، اھو ڪونه ٿو ڏسي ته ٻين کان وڌيڪ ته پاڻ عيبن سان ڀريو پيو آھي. مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪانه، ڳئون کي چوي ته ھل ڙي پڇ ڪاري، ان جي اکري معنيٰ آھي ته مينهن پاڻ سڄي ڪاري آھي، پر پنهنجي ڪارنهن طرف ھن جو ڌيان ڪونه ٿو وڃي. ويچاري گانءِ کي جنهن جو پڇ ڪارو آھي، تنهنکي پيئي نفرت جي نگاھ سان ڏسي ۽ پيئي ٽوڪيس ته تون پڇ- ڪاري آھين. بيان ۾ اسان کي ان پريوگ جي اکري معنيٰ گھربل ڪانهي. حقيقت ۾ ان ذريعي اھو مطلب ٿو ظاھر ٿئي ته نيچ ماڻھو پنهنجون اوڻايون ڪونه ڏسندو آھي. پر ٻئي ۾ ھڪ ٻه عيب ڏسي به کيس ٽوڪيندو آھي. ھتي نيچ انسان جي ڳجھي ڀيٽ مينهن سان ڪيل آھي ۽ گهڻن عيبن واري شخص جي ڀيٽ گانءِ سان ڪيل آھي. ھيءُ سوتر پريوگ بيان ۾ ڪنهن ٻئي جملي جو جزو نه آھي، پر پنهنجو الڳ وجود رکي بيٺو آھي. اھو ھڪ ايڪو (Unit) آھي، جنهن ۾ ٽي جملا آھن.
(۲) اھو سوتر پريوگ جيڪو بيان ۾ الڳ استعمال ٿيندڙ ھڪ پورو جملو يا ايڪو ھوندو آھي ۽ پنهنجي اکري معنيٰ ۾ ئي ڪتب ايندو آھي، اُنهن کي چوڻي سڏبو آھي.
مثال: ٻوڏ ۾ ستايلن کي مدد ڪرڻ جو ويچار ڪيو اٿيئي، پوءِ دير ڇو ٿو ڪرين؟ ترت دان، مھا پڃ.
ھن بيان ۾ ‘ترت دان، مھا پڃ’ ھڪ چوڻي آھي، جنهن جو مطلب آھي ته ڪنهن گھرجائو شخص جي وقت تي مدد ڪرڻ ئي ثواب جو ڪم آھي. ھتي اسان کي ان پريوگ جي اکري معنيٰ ئي گھربل آھي ۽ اھو بيان ۾ ڪنهن ٻئي جملي جو جزو نه آھي.
(۳) اُھو سوتر پريوگ جيڪو بيان ۾ ڪنهن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آھي ۽ اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنيٰ ڏيندو آھي، انهيءَ کي محاورو يا اصطلاح چئبو آھي.
مثال: ڪملا ساھيڙين جي واتان اھا ڳالھ ٻڌي پاڻي پاڻي ٿي ويئي، ھن جملي ۾ “پاڻي پاڻي ٿي وڃڻ” ھڪ محاورو يا اصطلاح آھي، جيڪو جملي جو جزو ٿي ڪتب آيو آھي. ان جي اکري معنيٰ مان جيڪو ٻيو مطلب لڄي ٿيڻ، شرمسار ٿيڻ نڪري ٿو، اھوئي اسان کي گھربل آھي.
(۴) اُھو سوتر پريوگ جيڪو بيان ۾ ڪنهن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آھي ۽ ان جي اکري معنيٰ ئي گھربل ھوندي آھي، تنهن کي ورجيس چئبو آھي.
مثال طور-: پوليس کي ايندو ڏسي چور “ائين ڀڳو، جيئن کاريءَ ھيٺان ڪانءُ”.
ماستر جڏھن موھن کان سوال پڇيو ته ھواھڙو ڪڇي، جھڙي ڀت”.
ڪالھ ميدان تي گھڻي ئي “ڇوڪر ٻاڪر” اچي ڪٺا ٿيا ھئا، پر سوتر پريوگن جا ٻيا مثال ڏسو:-

(۱) پھاڪا
گدڙ ڊاک، نه پڄي آکي ٿو کٽا، جتي اٺ ترندو، اتي پڇ به تري ويندو، ڏڌو کير، ٿڻين نه پوي، بک ۾، بصر مٺا، ڪتي جو پڇ، ٻارھن مھينا نڙ ۾ وجھ، ته به ڏنگي جو ڏنگو، سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي، طاقتيءَ  کي خواب ۾ ڇڇڙ. 

(۲) چوڻيون
ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو، يار اھو جو اوکيءَ ويل ڪم اچي،آهِ غريبان، قھر خدائي، ڏکڻ مينهن نه وسڻا جي وسي ته ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نه ھڻڻا جي ھڻي ته جھوري، انسان خطا جو گھر آھي، جھڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، لالچ بري بلا آهي، دير پيا، درست پيا.

(۳) محاورا يا اصطلاح
کير کنڊ ٿي وڃڻ (ميل ميلاپ سان رھڻ)، پنهنجي پير تي پاڻيھي ڪھاڙو ھڻڻ، (پنهنجي ھٿن سان پاڻ کي ھاڃو رسائڻ)، دال نه ڳرڻ  (پڄي نه سگھڻ)، وات ۾ مڱ پوڻ ( نه ڪڇڻ، جواب نه ڏيڻ)، ڀت ۾ ڪٻر وجھڻ (ڪم ۾ رنڊڪ وجھڻ)، منهن ٽامڻي ھڻڻ (جوش ۾، ڪاوڙ ۾ اچڻ).

(۴) ورجيسون
چور چڪار، وھٽ واٽو، ڀاڙو ڀتو، لاءُ لشڪر، ڇڊو پاڊو، ڳجھ ڳوھ، گھڻو تڻو، بڪ شڪ، تيوڻ- تلھو، ڏسڻو وائسڻو، مار مانجھان، مار ڀيڻي، اڇو جھڙو کير، پيلو جھڙو ھيڊ.
سنڌي پھاڪن جي ڪيترن ئي مجموعن ۾ ڏٺو ويو آھي ته پھاڪا ۽ چوڻيون ھڪ ھنڌ گڏ ڏنا ويا آھن، ڇاڪاڻ ته ٻنهي جي بيھڪ ۾ فرق نه آھي. ٻئي پوري معنيٰ ڏيندڙ ايڪا يا جملا آھن. انهن جي گڏ ڪندڙن عالمن جي راءِ ۾ پھاڪو ۽ چوڻي ٻئي ھم معنيٰ لفظ آھن. سندن ويچار ۾ پھاڪو اڪثر اکري معنيٰ بدران ٻي معنيٰ ۾ ڪتب ايندو آھي. اُھو ٻيو مطلب ئي اسان کي بيان ۾ گھربل ھوندو آھي. پر ڪجھ پھاڪا فقط اکري معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آھن. جن کي “چوڻي” به چئبو آھي.
ساڳيءَ طرح، محاورن يا اصطلاحن جي مجموعن ۾ ڪيترائي اھڙا لفظي ميڙ (Phrases) ڏنا ويا آھن، جيڪي فقط پنهنجي اکري معنيٰ ۾ استعمال ٿين ٿا. ڀيرومل مھر چند آڏواڻيءَ “گلقند” (پھاڪن ۽ اصطلاحن جو مجموعو) ۾ ٻئين ڀاڱي اندر اصطلاحن ۽ ورجيسن کي ھم معنيٰ لفظ ليکيو آھي. ھن ڪتاب جي آخر ۾ سمجھاڻي ڏيندي لکيو آھي. “اصطلاح يا ورجيس” ان کي چئجي ٿو، جنهن جي اکري معنيٰ ھڪڙي ۽ رواج موجب ٻي آھي.”  پر انهيءَ ڀاڱي ۾ ڪجھ اھڙا لفظي ميڙ به ڏنا آھنس، جيڪي اصطلاح نه آھن. يعني اُھي فقط اکري معنيٰ ۾ ڪتب آيل آھن. مثال طور، آڳت يا جمع ڪرڻ (بنديءَ ۾ جمع واري پاسي ۾ پيسا داخل ڪرڻ) ڀاڱي ڀائي (حصيدار، ڀائيوار) چوٽي ڀر ڪريو (مٿي ڌارو ڪريو) پٽ پٽيهر (ريشمي وڳا، اُوچا ڪپڙا)، لڄ آيس (لڄي ٿيو)، سج ڪني ڪڍي (سج ٿورڙو اُڀريو. انهيءَ ۾ شڪ نه آھي ته سڀني عالمن اھا ڳالھ مڃي آھي ته پھاڪا يا چوڻيون، محاورن (اصطلاحن) يا ورجيسن کان الڳ آھن. چاھي ھنن معنيٰ جي لحاظ کان انهن کي وڌيڪ قسمن ۾ نه ورھايو آھي. پر منهنجي ويچار ۾ جيڪڏھن سنڌيءَ ۾ انهن سوتر پريوگنن جو باريڪيءَ سان ڇيد ڪبو، ته پوءِ انهن کي چئن قسمن ۾ ورھائڻو پوندو، جيئن ھتي  ڏيکاريو ويو آھي.
پھاڪن ۽ محاورن ۾ ٻي معنيٰ ڪيئن ٿي ملي؟
اسان ڏٺو ته بيان ۾ پھاڪن ۽ اصطلاحن جي اکري معنيٰ نه کڻي، ٻي معنيٰ کڻجي ٿي. ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته، اھڙن پريوگن ۾ لفظن جي اکري معنيٰ مان ٻيو مطلب ڪيئن ٿو حاصل ٿئي؟ ھيءُ اھڙو موضوع آھي جنهن تي ڀاشا وگيان ۽ ڪاويه شاستر ۾ گهڻي وستار سان بحث ڪيل آھي. ھتي اپٽار نه ڪري، فقط ٿوري ۾ انهيءَ تي روشني وجھڻ ٺيڪ ٿيندو.
جڏھن اسين ڪنهن کي چئون ٿا؛ “فلاڻو اٿيئي ٻگھلو ڀڳت، متان سندس ڦندي ۾ ڦاٿو آھين.” تڏھن اسان جو مطلب اھو نه آھي ته بيان ڪيل ماڻھو ٻگھلو پکي آھي. ٻڌندڙ به ڄاڻي ٿو ته جنهن جو بيان ڪيو ويو آھي، اھو ماڻھو آھي، پکي نه آھي. تڏھن ھو ٻوليءَ جي رواج مطابق انهن لفظن جي ٻي معنيٰ کڻي ٿو، جا آھي “ٺڳ، دوکيباز، مڪار.” ھن مان ظاھر آھي ته، جنهن لفظ جي اکري معنيٰ بيان ۾ نٿي ٺھڪي، تڏھن ان جي ٻي معنيٰ کڻجي ٿي، پر انهيءَ جو اھو مطلب نه آھي ته جيڪا به ٻي معنيٰ اسان کي وڻي، اھا کڻون. حقيقت ۾ اھڙي حالت ۾  لفظ جي ٻي معنيٰ اھا کڻبي آھي، جنهن جو لفظ اکري معنيٰ سان ڪونه ڪو لاڳاپو ضرور ھوندو آھي. ھتي ٻگھلو لفظ جي اکري معنيٰ آھي. “ٻگھلو پکي”؛ ۽ “ڀڳت” لفظ جي معنيٰ آھي، ڀڳتي ڪندڙ؛ سنت ساڌو، ھتي انهن لفظن جو مطلب ٺڳ، دوکيباز، مڪار، کنيو ويو آھي، جنهن جو لفظن جي اکري معنيٰ سان گھرو لاڳاپو آھي، ھتي ٻگھلي ۽ ٺڳ ماڻھوءَ جي سڀاءُ ۾ ھڪجھڙائيءَ طرف اشارو ڪيل آھي. اوھان ڏٺو ھوندو ته ٻگھلو پکي جڏھن ڳچي بدن ڏانهن سرڪائي، اکيون ٻوٽي، چپ چاپ ڍنڍ ۾ ھڪ ٽنگ تي بيٺو ھوندو آھي، تڏھن ائين لڳندو آھي ڄڻ ته ھي ڪو ساڌو مھاتما پاڻيءَ ۾ ھڪ ٽنگ تي بيٺو تپسيا ڪري، پر جيئن ئي پاڻيءَ ۾ ذري به چرپر ٿي، تيئن ئي اھو اکيون ڦرڙائي، مڇيءَ کي ڏسندي ئي جھٽ ھڻي چھنب ۾ پڪڙي وٺندو آھي. ٺڳ ماڻھو به انهيءَ ٻگھلي پکيءَ وانگر آھي. ھو ٻاھران ته ٻالو ڀولو، سادو لڳندو آھي پر اندر ۾ پڪو ابليس ھوندو آھي، پر اتي ٻيو سوال اھو ٿو پيدا ٿئي، ته اسين ٻوليءَ ۾ اھڙا لفظ ڪتب ئي ڇو ٿا آڻيون، جو بيان ۾ انهن جي اکري معنيٰ نٿي ٺھڪي، جنهن ڪري اسان کي پوءِ، ٻي معنيٰ کڻڻي ٿي پوي. انهيءَ جو جواب ھيءُ آھي ته، اسين ٻوليءَ ۾ اھڙا لفظ ان ڪري ٿا استعمال ڪريون، جو منجھن زور ۽ اثر پيدا ڪرڻ جي جيڪا قوت آھي، اھا فقط اکري معنيٰ ڏيندڙ لفظن ۾ ڪانهي. ڪنهن کي ٺڳ يا دوکيباز چوڻ ساڻ انهيءَ ماڻھوءَ جو سُڀاءُ چٽيءَ طرح ۽ اثرائتي نموني ظاھر نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ جو ٺڳي ھڪ خيالي (Abstract) ڀاونا آھي، پر اُنهيءَ ماڻھوءَ کي “ٻگھلو ڀڳت” چوڻ سان اسين ٻگھلي پکيءَ جي تمثيل تي سندس سڀاءَ جو چٽو ۽ اثرائتو چٽ چٽي ٿا ڇڏيون. اھڙن لفظن کي استعمال ڪرڻ جو اھوئي مکيه مقصد آھي. سنسڪرت ۾ ڪاويه شاستر جي ودوانن “شبد شڪتي” (لفظن جي طاقت) وشيه ھيٺ، انهن سوالن جي باريڪيءَ سان ڇنڊڇاڻ ڪئي آھي. ڪنهن به ٻوليءَ ۾ محاورا ۽ پھاڪا ان طرح پنهنجي اکري معنيٰ کي ڇڏي، ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنيٰ جو اظھار ڪندا آھن.

سوتر پريوگن جي اھميت
سوتر پرمروج استعمال يعني پھاڪا، چوڻيون، محاورا ۽ ورجيسون آھن، ٻوليءَ جي سونهن. انهن جي جوڳي استعمال سان ٻولي سلوڻي، دلڪش ۽ اثرائتي بڻجي پوي ٿي. مثال طور:- دشمن کي ايندو ڏسي، ھو پڇ پائي اٿي ڀڳو، يا دشمن کي ايندو ڏسي ھو ائين ڀڳو، جيئن کاريءَ ھيٺان ڪانءُ، انهن جملن ۾ جيڪا سونهن، نزاڪت ۽ اثر آھي، اھو “دشمن کي ايندو ڏسي ھو ڀڄي ويو” انھيءَ سادي رواجي جملي ۾ نه آھي. انگريز آيا ھندستان ۾ واپاري بڻجي، پر پو ملڪي ڦوٽ جو فائدو وٺي، حاڪم بڻجي ويھي رھيا. آئي ٽانڊي لاءِ بورچاڻي ٿي ويٺي. انهيءَ مان، پھاڪو ڪڍي ڇڏڻ سان، بيان جو اثر گھڻو گھٽجي ويندو.
موضوع جي لحاظ کان پھاڪا ۽ چوڻيون وھنواري زندگي جي آزمودن مان حاصل ڪيل ڏاھپ ڀريا گفتا آھن. اسان جي ابن ڏاڏن، زندگيءَ جي لاھين چاڙھين، ڏکن ڏولائن، غمن خوشين ۾ رھندي، وھنواري زندگيءَ جي آزمودن مان جيڪي پرايو، اھو سڀ سنجوئي ننڍڙن سخنن جي صورت ۾ پونين کي ورثي ۾ ڏيئي ويا. اھڙن ننڍن ڏاھپ ڀرين گفتن، سماج ۾ مروج ٿي پھاڪن ۽ چوڻين جو درجو حاصل ڪيو. ھتي اھا ڳالھ ڌيان ۾ رکڻ جڳائي ته پھاڪا ۽ چوڻيون ھڪ شخص جي دماغي ورزش جي پيدائش نه آھن. ڪو عالم جيڪڏھن ڪنڊ-پاسيرو اڪيلائيءَ ۾ ويھي سوچ ويچار ڪري ۽ نصيحت آميز، پُر- معنيٰ نڪتا لکي عوام اڳيان رکي، ته اھي پھاڪي يا چوڻيءَ جو درجو مشڪل حاصل ڪري سگھندا. انهيءَ ۾ شڪ نه آھي ته ھر پھاڪو يا چوڻي پھرين پھرين ڪنهن ھڪ شخص جي واتان نڪتل آھي، پر انهيءَ ۾ جيون جي سچائي اھڙي ته سھڻي، دلچسپ ۽ اثرائتي نموني پيش ڪيل آھي، جو ان سماج جا ٻيا ماڻھو ٻڌندي ئي متاثر ٿيو ٿا وڃن ۽ پوءِ اھي انهيءَ سخن کي اپنائي ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ پاڻ به ان جو استعمال ٿا ڪن.
 اھڙيءَ طرح ھڪ شخص جي آزمودن ۽ جذبات جي سڀاويڪ اظھار تي بيٺل سخن، عوام ۾ مروج ٿي، پھاڪو ۽ چوڻي، بڻجي وڃي ٿو. ڪن حالتن ۾ اعليٰ شاعرن جي بيتن جون ننڍڙيون تڪون به اثرائتيون ۽ دلڪش ھئڻ سببان عوام جي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي ٿيون وڃن. مثال طور، شاه لطيف جي ڪلام جون ھي سٽون ڏسو:-
“ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪھڙا پرين،
ڏک سکن جي سونهن، گھوريا ڏک سکن ري،
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاه، ڪانهي ويل ويھڻ جي.
اھڙا سخن به عام ماڻھن ۾ مروج ٿي، وقت گذرندي پھاڪي يا چوڻيءَ جي درجي تي پھچي ٿا وڃن.
ماهوار پيغام ڪراچي، جلد ۱۳ شمارو ۲-۱ محرم ۱۴۰۹ھ/ جولاءِ- آگسٽ ۱۹۸۸ع
ماهوار پيغام ڪراچي، جلد ۱۳ شمارو ۴-۳ ربيع الاول ۱۴۰۹ھ/ سيپٽمبر- آڪٽوبر ۱۹۸۸ع

ٻوليءَ ۾ پھاڪا، چوڻيون ۽ محاورا- ۲
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

جيئن ته سنڌي پهاڪا، چوڻيون ۽ محاورا عام سنڌي ماڻهن جي جذبات، آزمودن ۽ سوچ ويچار جو اظهار آهن، انهيءَ ڪري انهن ۾ سنڌن تهذيب ۽ تمدن جو عڪس وسيع پيماني تي ملي ٿو، ان ۾ سٺا ۽ مٺا، ڀلا ۽ برا ٻئي پهلو شامل آهن، هتي اوهان کي هڪ طرف پير فقير، ساڌو ۽ سنياسي، سکر ۽ رج مڙس، وڻيا ۽ وڪال شاھ ۽ سوداگر نظر ايندا، ته ٻئي طرف ٺڳ ۽ چور، لچا ۽ لفنگا نشئيي ۽ ڀنگئي، ڀڙوئا ۽ ڀانڊ به ڏسڻ ۾ ايندا، عام طور وڏ گهراڻيون عورتون گهر اندر ڍڪ پردي ۾ رهنديون آهن. هو ست ڌارئي اڳيان اچڻ پسند نه ڪنديون آهن، پر پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن جي دنيا ۾ اهي بي حجاب اوهان سان ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري ٿيون اچن، نه فقط ايترو پر لوڪن جي انهن ڀاشائي پريوگن ۾ نچڻين ۽ ڳائڻين، سازيندڙن ۽ سراندين، رنن ۽ ڪڃرين سان به اوهين ملاقات ڪري سگهون ٿا، عام ماڻهن جي گفتگو ۽ ٻولي جو به رنگ ڍنگ نرالو آهي، ٽپ ٽپ تي چرچي گهمي، گارگند جو ڦهڪو پيو پوندو، اهڙا لفظ ۽ اصلاح جن کي اعليٰ ادب ۾ ڪم اڻڻ فاحش ۽ متروڪ ليکيو ويو آهي، اهي عوام جي ٻولي ۾ عام جام استعمال ٿين ٿا، مطلب ته لوڪ سماج ۽ لوڪ مانس جو اهڙو پهلو مشڪل ملندو، جنهن جو اظهار ٻولي جي هنن ننڍڙن پرويوگن ۾ نه ٿيو هجي، پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن ۾ سماجڪ حالتن جو ۽ عوام جي گوناگون رنگن سان چٽيل زندگي جي تصوير جو جائزو وٺڻ نهايت اؤکو ڪم آهي، ان تي جيترو لکجي اوترو گهٽ آهي، انهي ڪري هن مضمون جي محدودگيءَ کي ڌيان ۾ رکي، مان هتي فقط نموني طور ڪجھ پهلن تي روشني وجهندس.
سماجڪ حالتون:-
سماج ۾ ڪجھ ڪُرسيون ايتري قدر پختي پائي ٿي ويون آهن، جو سماج سڌارڪن ۽ اڳواڻن جي سخت ڪوششن باوجود اُهي ختم نه ٿي سگهون آهن، ڏيتي ليتي جي ڪرسم اُنهن مان هڪ آهي، ان ڏانهن اشارو ڪندڙ پهاڪو آهي.
ابو گسي، ڌيءَ وسي پيءَ پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ لاءِ قرضن جا ڪوٽ چاڙھڻ کان به نٿو ڪيٻائي.، پوءِ ڀلي ته سندس گھر ڏولائن ۾ اچي وڃي. نياڻيءَ جي شاديءَ بعد ھن جي جند آزاد ٿي. ائين به نه آھي. کيس ڏڻ  وار تي به سيڻن کي راضي رکڻو پوي ٿو، جيڪڏھن ائين نه ڪيائين، ته پوءِ سندس ڌيءَ کي ساھرن ۾ جيڪي طعنا -طنڪا سھڻا پون ٿا، انهن جو ڪاٿو ئي نه آھي.
سڃي ابي ڄائي، ڇڄ ڇنڊيندي آئي.
يا
سڃن اباڻن ڌوڙ مرڪن ڌيئرون
ان ڪري ڇوڪريءَ جو پيءُ وس پڄندي سيڻن سان ڏند نٿو ڏئي، ڇاڪاڻ ته، سيڻن جا ڳالھائين نيڻ، نه ڪ ڏند. سيڻ آھن نيڻ. انهن سان چٻي چيٿي ڳالھائڻو پوي ٿو. جيڪڏھن اتفاق سان ڪو گٿو لفظ نڪري پيو ته اجائي ڦڪت ٿي پوندي. سيڻپو ويڻپو ويرپو، ماءُ  پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي اھائي نصيحت ڏين ٿا ته شاديءَ بعد ساھرن جي ڀيت تي ھلجي:-
ڌيئڙي سو ڪر، جو ڏٺئھ ماءُ گھر،
نونهڙي سو ڪر، جو ڏٺئھ سس گھر.                                  
سلڇڻي ڇوڪري وس آھر اھائي ڪوشش ڪري ٿي ته پنهنجيءَ ھلت چلت سان سڀني جو راضپو ھٿ ڪري. ان ۾ سندس پيڪن جي به نيڪ نامي آھي.
نونهن آھي ٻن گھر جو ڏ يئو، پيڪو به ٺاري، ته ساھرو به ٺاري.
ان ھوندي به جيڪڏھن کيس ساھرن ۾ ڏکيا ڏينهن ڏسڻا ٿا پون، ته لاچار چئي ٿي ڇڏي ته:
“ساھرا آھرا ٻاٻرا ڪنڊا
جو پاسو وراءِ، چڀ چڀ ڪندا،”
ڇوڪريءَ جا مائٽ صبر سان مٺو ڪري ڀوڳين ٿا. ھو سمجھن ٿا ته جيڪڏھن سيڻن سان چپ پياسين، ته اِن مان وکاند وڌڻ کانسواءِ ٻيو ڪو نتيجو مشڪل نڪرندو.
“ڏني ڄائي، ته ڇٽي وائي.
يا
“جن کي ڏنيون سين ڄايون، تن سان ڪھڙا سينا ساھيون”
يا
“جتي وڇاياسين وار، اتي ڪھڙا پار!”
مطلب ته حالت اھا آھي، جو جنڊ کڻ ته جنڊ ڳورو، پڙکڻ ته پڙڳورو. ساھرن جي انهن سھمن ۽ سورن ڀئھ ڊڄي، ڪڏھن ڪڏھن ڇوڪري اھو ٿي چاھي، ته کيس اھڙ گھر ملي، جتي سس  سھرو نه ھجن.
“ڀڳوان تنهنجو ٿورو، مڙس ڏجانئم ڇورو”
ان ۾ شڪ نه آھي ته ڌيءُ گھر جي لڇمي آھي” ھوءَ ڄمڻ سان ئي ڀاڳ به کنيو ٿي اچي. پر ٻئي طرف، مائٽ اھو به سمجھن ٿا: “ڌيئر پرائو ڌن آھن” ڪاليداس پنهنجي ناٽڪ اڀڳيان  شاڪنتلم ۾ به ان قسم جو اظھار ڪيو آھي (ارٿو ھي ڪنيا پر ڪي ايو يعني ڌيءَ اھڙو ڌن آھي، جيڪو ٻئي جي امانت آھي)، ان ڪري مائٽن جي من ۾ ھميشھ اھو انديشو رھي ٿو ته خبر نه آھي ته نياڻيءَ کي ور گھر سٺو ملندو يا نه؟ شاديءَ بعد سندس زندگيءَ  سکي گذرندي يا نه؟ انهيءَ انديشي ڪري ئي سماج ۾ ٻيءَ ڀاونا جو جنم ٿيو آھي. اھا آھي ڌيءَ جي ڀيٽ ۾ پٽ جي جنم جي آس رکڻ، انهيءَ جو ٻيو ڪارڻ اھو به نظر ٿو اچي، ته اسان جي سماج ۾ خاندان جو سلسلو يعني ونش- پرميرا پٽن جي جنم سان ڳنڍيل آھي. پٽ ڄائو معنيٰ ونش وڌيو، پٽن پيءَ ھئڻ محاوري جو اشارو اِن ڀاونا تي بيٺل آھي، جنهن جي اصطلاحي معنيٰ آھي بي ڦرني يا ڳڻتين کان آجو ھئڻ.  ٻئي طرف، ڇوڪريءَ شادي ڪئي ته ان کي اصطلاحي ٻوليءَ ۾ چئون “ھوءَ وڃي شينهن ڪلھي چڙھي،” نياڻيءَ جو پيءُ ھو ڳڻتين ۾ ڳيٿل، سو ڌيءَ پرڻائي سمجھيائين ته ھوءَ ھاڻي وڃي شينهن مڙس جي ڪلھي چڙھي يعني لائق شخص جو سھارو حاصل ڪيائين، ڌيءَ پرڻائڻ کي ھندو پتا ائين ٿو سمجھي، ڄڻ ته گنگا سنان ڪيائين. پھرين پٽ ڄمڻ جي آس رکندي به جيڪڏھن ڪنهن کي ڌيءَ ڄمي ٿي، ته ھو پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ ائين ٿو چوي، “پھرين ڌيءَ پٽ برابر” سماج ۾ اڪثر اِھو ڏٺو ويو آھي ته ڌيءَ جي بنسبت پٽ جي ڄمڻ تي وڌيڪ خوشي ملھائي ٿي وڃي. ڪي ماڻھو ته پٽن جي ڄمڻ تي شان، مان سان ڇٺيون ڪندا آھن، ٻئي طرف ھو ڌيئرن جون ڇٺيون به ڪونه ٺھرائين. پٽ ۽ ڌيءَ سان واسطو رکندڙ ٻيون به گھڻيئي چوڻيون سنڌيءَ ۾ ملن ٿيون. انهن مان اِھو به ظاھر آھي ته ڪن حالتن ۾ ڌيءُ جو جنم بهتر سمجھيو ويو آھي. مثال طور:
نامراد پٽ کان ڌيءَ به چڱي، ڪپاٽ پٽ کان
سپاٽ ڌيءَ به ڀلي، پيئيءَ ليئيءَ ڌيءَ ڪم اچي.
اڄڪلھ جي زماني ۾ ڌيءَ پٽ جي وچ ۾ خاص فرق ليکيو نٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڇوڪريون به سماج جي جدا جدا کيترن ۾ ڇوڪرن سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي ڪم ڪري رھيون آھن. ڪيترين  حالتن ۾ ته اھي ڇوڪرن کان گوءِ کڻي ويون آھن.
گڏيل ڪٽنبن ۾ ڏيراڻين جي وچ ۾ رشتو-ناتو اڪثر مٺ محبت ۽ سڪ پريم وارو نه رھيو آھي، انهيءَ جي جھلڪ گھڻين ئي چوڻين مان ملي ٿي. جيئن ته:-
کُھ پيو ڏيرپو، جنهن وڃايو ڀيڻپو، ڪني ڪني پر ڏيراڻيءَ نه ڏني، ڏيراڻيون توڙ جون ويريانيون، ڏيھ چوي، ڏيراڻي نه چوي، جرنئيس، جيڏي نئيس، پنهنجي نه نئيس.
گھريلو جيوت ۾ جدا جدا رشتن ناتن بابت سنڌيءَ ۾ گھڻيئي چوڻيون ملن ٿيون. جيئن ته:-
(۱) ڄائو پٽ لٿي سڪ، پرڻيو پٽ پيئي ڀِڪ.
(۲)  پٽ پرڻيو معنيٰ پَرَنِيو.
(۳) ڪنو وٽي، وھ جي وٽي.
(۴) کٽيو کائي مڙس جو، چئي جيئي منهنجو ابو،
(۵) سس ري نه ساھرا، ساليءَ ري نه نينهن. چندري نه راتڙي، سج ري نه ڏينهن.
(۶) سالا کائين ساليون کائين، واھ مارئي جي کٽي، ڀائر کائين، ڀينر کائين، پيئي ماري تي چٽي.
(۷)سالا شينهن کي به پيارا آھن.
(۸) ڀائر ڪوٽ جا ڪنگر، پٽ گھر جي سونهن، ويٺا ڪن ورونهن، ڏڄڻ ڏوران ئي ڏري.
(۹) کائي پي ڏوھٽا، ڪوٺبا ڏاڏي پوٽا.
(۱۰) لوڪ ليکي چري کري، مڙس ليکي حور. ڄڻي ڏنائينس پٽڙا، ته لھي ويس سور.
(۱۱) مرد جي کٽي، زال جي سھيڙ.
(۱۲) گھڻين زالين گھر نه ھلي، گھڻين مردين ھر نه ھلي.
سماج ۾ ٻڍاپي ۾ شاديءَ کي سٺو نه ليکيو ويو آھي. ساڳيءَ طرح ھندو سماج ۾ اِھو به صحيح قدم نه سمجھيو ويو آھي ته مرد ھڪ زال جي حيات ھوندي ٻي شادي ڪري. اِن تي ڪجھ چوڻيون ڏسو:
(۱) - پريو مڙس پي نه ڪجي، وڃائجي نه وھي، ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا ته ماريو پوندو ڊھي.
(۲)- پيريءَ جي شادي آھي خيراتي کوھ کڻائڻ
(۳)- ٻن ونين جو ور، تنهن جو مساڻن ۾ گھر،
(۴)- مڙس پوڙھو ۽ زال جوان، تنهن کي ڄاڻج ڪک جو ڪانُ.
سنڌي براھمڻن لاءِ چوڻي مشھور آھي، ته “ٻانڀڻ ٻانهن لاءِ محتاج.”، ڪو وقت ھو، جڏھن  سنڌ جي براھمڻن ۾ ڏي-وٺ ۽ شادي وھانءُ جي لحاظ کان تمام گھڻو ڪٽرپڻو ھو، براھمڻن ۾ جدا جدا ڪلاس ھئا، جئن ته ٻاڙھي، ٻاونجاھي، سيتپال، رتنپال، وغيره. ڪن طبقن جا براھمڻ پاڻ کي ٻين کان اوچ ليکيندا ھئا، ۽ ھيٺين روگن يعني طبقن مان شادي ڪئي مرادي نه ڪندا ھئا. جيڪڏھن ڪنهن شادي ڪئي ته اھو پنهنجي طبقي مان ڪريل ليکبو ھو. پوءِ ان سان به رشتي ناتي جي واٽ ٽُٽي، اِن ريت شاديءَ جي خيال کان دائرو ڏينهون ڏينهن تنگ ٿيندو ويو، جيڪي طبقن جي پابنديءَ ۾ ڪثر بڻيا، انهن ۾ ڪيترا يا عمر ڪنوارا رھجي ويا. انهيءَ پنگتي حالت تي اِھا چوڻي ٺھي ويئي آھي، وقت گذرندي جيئن اِھو ڪٽرپڻو ھٽي ويو آھي، ته ھاڻي اِھا چوڻي سنڌي برھمڻ سان لاڳو نٿي ٿئي.
آڳاٽي زماني کان وٺي ھر ھڪ سماج ۾ طبقاتي ڪشمڪش ٿوري يا گھڻي ھلندي پئي رھي آھي. شاھوڪار،غريب، امير- فقير، ظالم- مظلوم، وغيره طبقن جو وجود اڃان تائين آھي. انهيءَ جي جھلڪ به پھاڪن ۽ چوڻين ۾ ملي ٿي. جيئن ته،
شاھوڪار جو ٽٽ به کستوري، شاھوڪار جو سالو به سڀڪو سڏائي، غريب جو ڀيڻويئو به ڪونه سڏائي، آفيسر جو اڳ ۽ گھوڙي جي پٺ ڪڏھن به نه وٺجي،عامل نه دوست، ڦپڙ نه گوشت، ڪامورو ۽ ماڪوڙو، ٻئي چنبڙيا ته ڪڏھن نه ڇڏيندا، حاڪم جي ياري؛ ٻه آڱر ٽاڪ، ٻي سڀ واري، سيد ۽ سپاھي، تن کان رکج يا الاھي، سپاھيءَ جھڙو يار، ٻيو دشمن نه ڌار.
ساڳيءَ طرح، انسان زندگيءَ جي تجربن مان اِھو به محسوس ڪيو آھي ته اڄ ڪالھ پيسي کي وڏي اھميت آھي. پيسي جي طاقت تي ماڻھو سماج ۾ جيڪي گھرجيس، سو ڪري سگھي ٿو. گھٽ ذات وارو به ناڻي جي طاقت تي اعليٰ درجي جو ليکيو وڃي ٿو، ھر ٻوليءَ ۾ ڌن جي اِنهيءَ مھمان تي گھڻيئي چوڻيون ۽ پھاڪا ملن ٿا. سنڌيءَ جا ڪجھ مثال ھن ريت آھن:
- اٿ به ناڻو، ويھ به ناڻو، ناڻي بنا نر ويڳاڻو.
- جنهن جي گنديءَ ۾ داڻا، تنهن جا چريا به سياڻا.
- پير عيسيٰ پير موسيٰ، بڙا پير پيسا.
- لڇمي، ڪلڇڻ ڍڪڻي.
- ناڻو نر به چتون ڪري.
- پيءُ سندس پيھون ڪٽيون ڏاڏي ڪٽيا ڌاڻا، اڳي پڇيائون ٿي ذات پات، ھاڻي پڇن ٿا ناڻا.
- زر بسار ته عشق ٺھ ڦھ، زر نيست ته عشق پون پون.
(٢)- ريتيون رسمون
ھنن جا پاڻ ۾ ڏتر سنوان نه آھن. انهيءَ جملي ۾ ڏتر سنوان نه ھئڻ، ھڪ محاورو آھي. جنهن جي معنيٰ آھي ته منجھن وکاند، گھپي، ڪلڪل آھي. ھن اصطلاح جو بنياد شاديءَ ۾ ترن مئڻ جي رسم آھي. ڪنوار شاديءَ بعد جڏھن پھريون ساھري گھر ۾ قدم رکندي آھي، ته کانئس، اِھا ريت ڪرائيندا آھن، ٿالھ ۾ لوڻ يا ڪڻڪ رکبي آھي. ڪنوار انهيءَ مان ٻڪ ڀري گھوٽ کي ڏيندي آھي ۽ پوءِ گھوٽ وري کيس ٻڪ ۾ واپس ڏيندو آھي. ان طرح اناج يا لوڻ کي ٻڪن ۾ ڀري ڏي وٺ ڪرڻ کي “ڏتر مئڻ” چئجي ٿو. گھوٽ سان ڏتر مئڻ بعد ھوءَ ٻين ساھرن مائٽن سان به واري وٽيءَ اھا رسم ادا ڪندي آھي. ان وقت زالون چونديون رھنديدون آھن؛ جيترا ڏتر موئيندي، اوترا پٽ ڄڻيندي، لوڻ جي ڏي وٺ ڏيکاري ٿي ته جيئن کاڌي ۾ لوڻ جو جوڳو استعمال ڪرڻ سان کاڌو لذيذ ۽ سوادي بڻجي ٿو، تيئن ڪنوار به نئين گھر ۾ پنهنجيءَ سٺيءَ ھلت چلت ذريعي سڀني سان سڪ-محبت ۽ سونپ سان ھلي پاڻ کي “گھر لڇمي” ثابت ڪندي، لوڻ جي ڏي-وٺ ڪرڻ مان ھڪ ٻئي سان نمڪ حلال ٿي رھڻ جي ڀاونا پڻ ظاھر ٿئي ٿي، عوامي عقيدو آھي ته جيڪڏھن ڪن پاڻ ۾ ٻوڪن کي سڌو رکي، ھٿن جي وچين حصي کي کولي، ڏتر نه ميا آھن ته پوءِ اڳتي ھلي منجھن وکاند ۽ جھڳڙي ٿيڻ جو امڪان آھي.
پڳڙيون ٿيڻ:-
جي اصطلاحي معنيٰ آھي، “خاتمو ٿيڻ، نقصان ٿيڻ.” انهيءَ محاوري جو بنياد هندن ۾ قضيئي جي ٽئين يا چوٿين ڏينهن جي رسم سان آھي، جنهن کي چائٿو يا اوٿارو به چئبو آھي. ھندن ۾ ريت آھي ته جڏھن ڪو گذري ويندو آھي ته ڪانڌي ٽن چئن ڏينهن تائين گھر ۾ مٿي اگھاڙو رھندا آھن. ھو ڌنڌو واپار به بند رکندا آھن. پڳڙين جي رسم وقت برادريءَ وارا ۽ واقفڪار انهيءِ  گھر ۾ اعزا پرسيءَ لاءِ شام جو اچي گڏ ٿيندا آهن، جتي قضيو ٿيو آھي. ان وقت ڪانڌين کي پڳڙي ٻڌڻ جي رسم به ادا ڪئي ويندي آھي. انهيءَ جو اندروني مطلب آھي ته اھي ان بعد وري وڃي ڌنڌي، واپار ۽ ڪرت ڪار کي منهن ڏين. اِنهيءَ جو واسطو گھر جي جوابداري سنڀالڻ ۽ ورثي سان به آھي.
ڪنهن شخص ڪو ڪم نه ڪيو يا صحيح نموني ان جي پوئواري نه ڪئي، ته ٽوڪ ۾ چئبو آهي، سورھن ئي سراڌ پورا ڪيائين. اِنهيءَ جو اکري معنيٰ جي لحاظ کان لاڳاپو ھندن ۾ موت جي ڪرياڪرم سان آھي، جنهن ۾ پنڊ پائڻ ۽ براھمڻن کي کارائڻ جي ريت ھوندي آھي. اِنهيءَ تي ٻيو به ھڪ پھاڪو مشھور آھي. “پيءُ ڏيکار يا شراڌ ڪر”. اِن جو حاصل مطلب آھي ته ھڪ ھيڪاڻي ڪر.
گورو ئي گنگا تي اٿس. اِنهيءَ محاوري جي اصطلاحي معنيٰ آھي- سڀ ڪجھ ناس ٿي وڃڻ، خاتمو ٿيڻ، حال نه ھئڻ.” اِنهيءَ جي حقيقي معنيٰ جو لاڳاپو مئل پراڻيءَ جون ھاٿيون ميڙي وڃي گنگا ۾ پرواھ ڪرڻ سان آھي.
ڳڙ جيرو کائي، پٽن ماءُ نت نت ويائي:-
 چوڻيءَ جو واسطو ٻار جي ڄمڻ بعد روھي پوڄڻ جي رسم سان آھي. اِن ۾ جنڊ وٽ ويھي پوڄا ڪبي آھي ۽ ويائي زال کي ڦيرن ڏيارڻ وقت وات ۾ ڳڙ ۽ جيرو ڏيئي اِھا چوڻي به ٻيون زالون دھرائينديون آھن.
حقو پاڻي بند ڪرڻ، ٽانڊو ٽوپي بند ڪرڻ، ڀت مان ڪڍي ڇڏڻ، ٿالھيئون لاھڻ.
اصطلاحن جو مطلب آھي ڪنهن کي پنچائت مان ڪڍي ڇڏڻ، سندس بهشڪار ڪرڻ، ڪو زمانو ھئو جڏھن سماج ۾ پنچائتي سرشتي کي گھڻي اھميت هئي، اڄ ڪالھ چاھي وڏن شھرن ۾ اِنهيءَ جو اثر گھٽجي ويو آھي، پر ننڍن ڳوٺن ۾ پنچائت جي اڃا به گهڻي مڃتا آھي. جڏھن پنچائت ڪٺي ٿيندي آھي ته حقو تيار ڪري پنجن سامھون رکيو ويندو آھي. برادريءَ وارن ۽ شريڪن کي حق آھي ته ان حقي جو استعمال ڪن. اُتي پنچائتي ٽھليو حاضر به ھوندو آھي. جيڪو پاڻيءَ پيارڻ جو ڪم ڪندو آھي. ساڳيءَ طرح ڏڻن وارن يا خاص موقعن تي جڏھن پنچائت لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪيو ويندو آھي ته برادريءَ وارا قطار ۾ گڏ ويھي کائيندا پيئندا آھن، ڪنهن جيڪڏھن پنچائت جي نيمن جي خلاف ھلت ڪئي ته پوءِ کيس سزا ڏيڻ لاءِ برادريءَ ۾ گڏ ويھي حقي پيئڻ ۽ کاڌي  پيتي جا حق کسي وٺندا آھن، انهيءَ ڏانهن اشارو ڪندڙ اِھي محاورا آهن.
جڃ تي بيھڻ يا جڃ ڪرڻ:
 جي اصطلاحي معنيٰ آھي “ھٿ ڦاڙ ٿيڻ، اڍنگا خرچ ڪرڻ. جڃ جي اکري معنيٰ آھي شاديءَ وقت ۽ اُن بعد ڪجھ ڏينهن گھوٽيتن کي کارائڻ پيئارڻ. اڳين زماني ۾ جڏھن اڃان ريلون ڪين پيئون ھيون، تڏھن گھوٽيتا شاديءَ بعد به ڪجھ ڏينهن ڪنواريتن جي ڳوٺ ۾ ٽڪيا پيا ھوندا ھئا، ڪنواريتا، ڄڃ جي رھڻ ۽ کاڌي پيتي جو سمورو بندوبست ڪندا ھئا. روزانو بارات کي ٽي ويلا دعوتون ڏيندا ھئا. اھڙي موقعي تي ھڪ طرف گھوٽيتا اڪثر وجھ پيا ڳولھيندا ھئا، ته ڪھڙيءَ طرح ڪنواريتن کي مھمان نوازي ڪرڻ ۾ ٿڪائي پريشان ڪريون، ته ٻئي طرف ڪنوار جي طرف وارا به آڌرڀاءُ ۽ خاطر داري ڪرڻ ۾ وسان نه گھٽائيندا ھئا، ڄاڃين کي ٽيھ - ٽيھ جڃ به ملندا ھئا. ھر ھڪ  جي کاڌي تي نج ديسي گيھ جي آرتي پوندي هئي، جيڪڏهن گيه پاتل تان وھي ھيٺ نه ڪريو، ته چئبو ڪنواريتن ڪنجوسي ڪئي آھي، ان ڪري ڪنوار جي طرف وارن جو پيسو ۽ کاڌو پيتو گھڻو نقصان ٿيندو ھئو، انهيءَ ڪري جڃ ڪرڻ، جي اصطلاحي معنيٰ ٿي ويئي اڍنگو خرچ ڪرڻ. اڄ ڪالھ ويچارن ۾ ڦيرو اچي ويو آھي. مھانگائيءَ جي زماني ۾ صرفي کان ڪم ورتو وڃي ٿو. جڃ جي بدران ھاڻي شادين ۾ گڏيل دعوت جو رواج پئجي ويو آھي، جتي گھوٽيتا مھمان ۽ ڪنوار جي طرف وارا سڀيئي گڏجي دعوت ۾ وھن ٿا. اِن کي پريتي ڀوڄن، (يعني پريت، سڪ پريم جي دعوت) چئجي ٿو.
مسلمانن جي مذھبي رسمن رواجن تي به چڱائي پھاڪا ۽ محاورا ملن ٿا، جيئن ته فاتحو پڙھي ڇڏڻ (ڪنهن کي جيئري ئي مئن برابر ليکڻ) محرومي ھئڻ (ھميشھ اداس ملول ھئڻ)، ملان جي ڪٺي حلال ھئڻ (وڏو ماڻھو جيڪو ڪري سو حلال آھي)؛ تڪبيرون چوڻ (جيئري ئي مئل ليکڻ)،  ملان ٻانگ نه ڏيندو ته صبوح نه ٿيندو ڇا؟ مري ويو مردود، نه ختمو نه درود، جھڙا روح، تهڙا ختما، آھي ته عيد، نه ته روزو، ويا روزا ڇڏائڻ، ته نماز گلي پين.
لوڪ وشواس:
لوڪ وشواس جو مطلب آھي عوام جا عقيدا عام لوڪن جو پرماتما جي ھستيءَ ۾ پورو پورو وشواس آھي. ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اھڙو پھاڪو يا چوڻي مشڪل ملندي، جنهن ۾ خلقڻھار جي وجود بابت شڪ ظاھر ڪيو ويو ھجي.
 انسان خطا جو گھر آھي:
ٻئي طرف عيبن کان آجو آھي ھڪ الله، انسان کي ڀڳوان جي ڀاڻي تي راضي رھڻ گھرجي.
ڏنا جي ڏاتار سي جھولي پائي مون جھليا، مارڻ واري کان بچائڻ وارو ڏاڍو آھي، راکي رام ته ماري ڪون، بندي جي من ۾ بندي جي من ۾ ھڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي. سچيءَ دل تي صاحب راضي ايشور جي در دڀر آھي، پر انڌير نه آھي.
اِن قسم جون ڪيتريون ئي چوڻيون سنڌيءَ ۾ ملن ٿيون، جن مان خدا جي ھستيءَ ۽ رضا ۾ انسان جو اعتقاد ظاھر ٿئي ٿو.
عام ماڻھن جو قسمت  جي ليک ۾ به گھڻو وشواس آھي.  چاھي انسان کي پنهنجي تدبير تي ڪيترو ڀروسو ھجي، ته به ھو تقدير کي ڏاڍو ٿو سمجھي. اِن بابت ڪجھ چوڻيون ڏسو:
 سڀ ان جل جو اختيار آھي، جيڪي ھوندو ڀاڳ ۾ سو وھي پوندو ڀاڳ ۾، تقدير اڳيان ڪھڙي تدبير؟ داڻي داڻي تي مھر آھي، جيڪي لکيو منجھ ازل، تنهن کي ڪير وجھي جھل؟ ڇا جي ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهن ڏنگو نه ٿئي. ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪا ريس؟
جوتش يا نجومت، گرھ نکتر، سوڻ پسوڻ به عام ماڻھن جي دل ۽ دماغ تي ڇانيا پيا آھن. اِن بابت ڪجھ پھاڪا، چوڻيون ۽ محاورا ھن ھن ريت آھن.
پير ۾ ڇنڇر اٿس:- جي اصطلاحي معنيٰ آھي ته ھو ڀٽڪندو ٿو رھي. جوتش موجب پيرن تي ڇنڇر جو گرھ ھجي، ته انسان کي ٿر ٿاءُ ڪرڻ نه ڏيندو آھي. ڇنڇر جي ساڍي ست ورھه يا اڍائي ورھي دشا به عوام ۾ گھڻي مشھور آھي.
ھنن جو پاڻ ۾ چوٿون چندرما آھي، يعني منجھن ھميشھ کٽپٽ، جھڳڙو ھلندو ٿو رھي. جنم ڪنڊلي ۾ چوٿين گھر ۾ چندرما جو ھئڻ سٺو نه ليکبو آھي.
ساڳيءَ طرح، اٺڇٽاڪو ھئڻ، ڏوئا ٻاري ھئڻ، محاورن جو مطلب به آھي پاڻ ۾ ميل ميلاپ نه ھئڻ. اِنهن جو اکري مطلب ٻن ڄڻن جي جنم ڪنڊليءَ کي ملائڻ وقت اٺن ۽ ڇھن، يا ٻن ۽ ٻارھن راسين جي لھڻا ڏيڻيءَ سان آھي، جوتش موجب اِن کي سٺو نه ليکيو ويندو آھي.
ڄيٺي سک نه ويٺي، ڄيٺو، سک نه ويٺو، چوڻين جو مطلب آھي ته جيڪو ٻار ڄيٺ جي مھيني ۾ ڄمي ٿو. ان کي زندگيءَ ۾ گھڻي ڪشمڪش ڪرڻي پوي ٿي.
ستارو زور اٿس، يعني ڀاڳ زور اٿس. ٻئي طرف ستارا گردش ۾ ھئڻ، جو مطلب آھي.
ڏکيا ڏينهن ھئڻ. چولو مٽائڻ معنيٰ گذاري وڃڻ، اِنهيءَ جي بنياد ۾ پنر جنم يعني وري نئون جنم وٺڻ جي ڀاونا سمايل آھي. آتما امر آھي. ان کي جيستائين مڪتي نه ملي آھي، تيستائين اھا ھڪ چولو ڇڏي، ٻيو چولو وٺندي رھي ٿي. يعني جنم مرڻ جي چڪر ۾ ڦري ٿي. ڇايا پوڻ يعني پاڇو پوڻ، جن ڀوت، ڏائڻ وغيره جو اثر ٿيڻ.
(۴). سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي:-
سنڌيءَ ۾ ڪجھ پھاڪا، چوڻيون ۽ محاورا اھڙي قسم جا آھن، جن جو بنياد سنڌ جون تاريخي وارداتون، يا شخص آھن، اِنهن ۾ سنڌ جون مشھور لوڪ ڪٿائون ۽ قصا به اچي وڃن ٿا. ساڳيءَ طرح، سنڌ جي مڪاني حالتن ڏانهن اشارو ڪندڙ چوڻيون به چڱي تعداد ۾ ملن ٿيون. ھتي ڪجھ مثال پيش ڪن ٿا:-
لاکي جي مھل محاوري جي اصطلاحي معنيٰ آھي صبوح جي ويل، ھن محاوري ۾ جنهن لاکي بابت اشارو ڪيل آھي. ان کي سڃاڻڻ ھڪ پرولي آھي. پرمانند ميوارام سنڌي انگريزي ڊڪشنريءَ ۾ ڄاڻايو آھي ته لاکو، ھڪ پير جو نالو آھي. دوڪاندار صبوح جو دڪان کولڻ وقت اول انهيءَ جي پرارٿنا ڪندا آھن، جيئن ڌنڌو واپار سٺو ٿئي. سنڌ ۾ لاکي پير جي نالي سان ڪوسي پاڻيءَ جا چشما مشھور آھن. ساڳيءَ طرح، لاکا ڳوٺ ۽ لاکا روڊ اسٽيشن به مشھور آھي، سنڌ ۾ مھاڻا ٻيڙيون ھاڪارڻ وقت اڪثر ائين چوندا آھن, لاکا لھراڻي، لھر بحر جا سائين.
ٻئي طرف واڻيا وڪال صبوح جو دڪان کولڻ وقت چون  “لاکي جي مھل، سخي نر جي ٻهڻي.” انهن چوڻين جي آڌار تي چئي سگھجي ٿو، ته لاکو ضرور ڪو پھتل شخص يا مها پرش ھئو، ڪن عالمن جو رايو آھي ته، ھتي لاکي ڦولاڻي نالي راجا ڏانهن ڪيل آھي. ھو ڪڇ ۽ سنڌ جي لوڪ ڪٿائن ۾ پنهنجيءَ بهادريءَ ۽ دانو پرتا جي ڪري گھڻو مشھور آھي. روز صبوح جي ويل غريبن ۽ گھرجائن کي ڏاڻ ڏيندو ھئو. ڪو به سوالي سندس در تان خالي نه ويندو ھئو. اِنهيءَ ڪري ممڪن آھي ته سندس نالي تي اِھي چوڻيون ۽ محاورا امروج ٿيا ھجن.
لاڙڪاڻي شھر بابت چوڻي مشھرو آھي ته:
ھو قوم لاڙڪن جي جو ھتڙي قديم ٿاڻو، پيو نانءُ پوءِ ھن تي، لاڙڪ تان لاڙڪاڻو.
ھتي اصل ۾ لاڙڪ يا لاڏڪ نالي ذات وارن جو ڳوٺ ھئو، جنهن تان پوءِ ان علائقي کي لاڙڪاڻو چوڻ لڳا. تاريخ نويسن لاءِ لاڙڪ ذات وارن جو اصل نسل سڃاڻڻ به وڏو مسئلو بڻجي پيو آھي. ڪن جو رايو آھي ته، سنسڪرت ساھتيھ ۾ جنهن لاٽ نالي جاتيءَ جو گھڻن ئي ھنڌن تي ذڪر آيو آھي، اھي لاڙڪ يا لاڏڪ ذات وارن جا ابا ڏاڏا آهن.
“جي ھجيئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو، نه ته وت ويڳاڻو، ڳنڍ ۾ کڻي تون ناڻو، گھم خان لاڙڪاڻو”، ھي چوڻيون ضرور ڪلھوڙن جي ايامڪاريءَ ۾ مروج ٿيون ھونديون، جڏھن لاڙڪاڻو پنھنجي شان  شوڪت ۽ اؤج ڪري گھڻو مشھور ٿي ويو ھئو.
“ڪنن جي ڳالھين ميربجر مارايو” پھاڪي جو مطلب آھي ته گھڻي ڳجھ ڳوھ نه ڪجي يا لڪي ڇپي ڪنن ۾ ڳالھيون نه ڪجن. اُن مان اڳلي کي ڪنهن خطري جو شڪ ٿو ٿئي. اِنهيءَ پھاڪي جي بنياد وارو واقعو، رائجند ھريجن پنهنجي ڪتاب “تاريخ ريگستان” ۾ ھن ريت لکيو آھي:
“ميان عبدالغني، مير بجار خان جي وڌندڙ طاقت مان خوف سمجھيو، جنهن ڪري مير کي مارائڻ لاءِ، جوڌپور جي راجا بجيھ سنگھ سان صلاح ڪري مدد گھريائين. اُن موجب ٥ نومبر ۱۷۷۹ع= برابر ١٨٣٦ سنبت برابر هجري ١١٩٣ جي ٻه راٺوڙ سردار ھرناٿ سنگھ ۽ محڪم سنگھ راجا جي طرفان مير وٽ خدا آباد ۾ وڪيل ٿي آيا، جن ڪجھ وقت کان پوءِ ھندي ٻوليءَ ۾ ڪي ڪاغذ مير وٽ پيش ڪيا ته اِھي ميان عبدالغنيءَ توھان جي خلاف راجا کي لکيا آھن، ۽ ٻيون به ڪي ڳالھيون راجا چيون آهن. جي توهان کي اڪيليون ٻڌائينديون آهن. اهڙي طرح هي مير بحر جي ويجهو وڃي ڳالهيون ڪرڻ لڳا ۽ وجھ وٺي کيس هڪ ڄڻي ڪک ۾ ڀالو ھنيو ۽ ٻئي ترار جو وار ڪيو. ڦٽيل مير ترار سان ھڪڙي کي ماري وڌو ۽ ٻيو ڀڄي ويو، ۽ انهن جي ٻن نوڪرن کي، مير جي نوڪرن ماري وڌو. پوءِ مير پاڻ مري ويو
سنڌي لوڪ ڪٿائن تي بيٺل ڪجھ پھاڪا ۽ چوڻيون ھن ريت آھن:
اڃان اٺ ڪڍن سسئي، عمر وٺي وٺي ماروئي وٺندو، ٿر ته ڪين ٿيلھيندو؟ ڇا جي ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهن ڏونگو م ٿئي، منهنجو ڪم واڪا ڪرڻ، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو، دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي، ھن جي ڪسر ھن ۾ آئي، سوڍن مڙس سَوَ، ته به مَٽُ نه ڀانئج مينڌري، لکين ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾، لک لھي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي.
 سنڌ جي جاگرافيءَ ۽ مڪاني حالتن ڏانهن اشارو ڪندڙ ڪجھ چوڻيون ڏسو:- جڏھن ٻولي جي بيهڪ آهي، ان هوندي پڻ جدا جدا ٻولين جي محاورن ۾ چڱي قدر هڪجهڙائي ملي ٿي وڃي، جيئن ته مکي چوس هئڻ، مارواڙي هئڻ، نادرساهي يا نادري حڪه، رستم حئڻ. ستارو بلند هئڻ. محاورا اردو، هندي، پنجابي ۽ ڪن ٻين ٻولين ۾ به ملن ٿا.
هاڻوڪي سماجي ماحول سان واسطو رکندڙ ڪي نوان محاورا به جدا جدا ٻولين ۾ عام جام استعمال پيا ٿين، مثال طور: چار سؤ ويھ آهي، دس نمبري آهي، چور بازاري، ڪارو ناڻو، مسڪو لڳائڻ، چمچو هئڻ، لال يا سائي جهنڊي ڏيکارڻ، بائڪاٽ ڪرڻ، ٻئين نمبر جو مال آهي، جدا جدا ٻولين جي پهاڪن چوڻين ۽ محاورن ۾ هڪجهڙائي جو اڀياس ڪرڻ به هڪ دلچسپ موضوع آهي، ان مان عوامي زندگي، لوڪ جي سڀيتا ۽ سنسڪرتي جي عالمن وصفن، قدرن ۽ ماڻن جي ڄاڻ ملي سگهي ٿي.


ماهوار پيغام ڪراچي، جلد ۱۳ شمارو ۲-۱ جولاءِ- آگسٽ ۱۹۸۸ع محرالحرام/ ربيع الاول ۱۴۰۹ھ
ماهوار پيغام ڪراچي، جلد ۱۳ شمارو ۴-۳ سيپٽمبر- آڪٽوبر ۱۹۸۸ع ربيع الثاني- جمادي الاول ۱۴۰۹ھ

No comments:

Post a Comment