بيضي جي ڇا مجال جو پٿرن سان وڙهي
الطاف شيخ
پهاڪا ٻڌڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو شوق مونکي
اسڪول جي ڏينهن کان وٺي رهيو آهي. اڄ کان ويهه سال اڳ، منهنجو ملئي، چيني ۽ جپاني زبانن
جي پهاڪن جو انگريزي ڪتاب ڪوالالمپور ۾ ۽ سنڌي ڪتاب ”رُٺي آهي گهوٽ سان“ ڪراچيءَ ۾
ڇپيو. سئيڊن ۾ ڪجهه سال رهڻ دوران اتي جي زبان جا پهاڪا ته گڏ ڪري نه سگهيس پر دنيا
جي مختلف ملڪن کان آيل پنهنجي ڪلاس ميٽن سان يونيورسٽي توڙي هاسٽل ۽ ان جي ميس ۾ ملاقات
ٿيندي رهي ٿي ۽ انهن واتان ٻڌل پهاڪا ضرور نوٽ ڪندو ويس.سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ مون
سان گڏ هڪ سئو کان مٿي ملڪن جا اسٽوڊنٽس هئا، جن جون مختلف زبانون، مذهب ۽ ڪلچرل پسمنظر
هئا. هتي ڪجهه نوٽ ڪيل پهاڪا پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان، جيڪي آفريڪا
جي شاگردن، خاص ڪري صوماليا، ماريطانيا، موراڪو، سوڊان، گهانا، سينيگال ۽ نائيجيريا
جي ڪلاس ميٽن کان معلوم ڪري لکيا هئم.
