Showing posts with label سنڌي، اصطلاح، چوڻي، پهاڪو، نور افروز خواجه،. Show all posts
Showing posts with label سنڌي، اصطلاح، چوڻي، پهاڪو، نور افروز خواجه،. Show all posts

Wednesday, March 27, 2013

سنڌي اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا - نور افروز خواجه


سنڌي اصطلاح چوڻيون ۽ پهاڪا
نور افروز خواجه


هر قوم جي سماجي تاريخ ۾ واقعاتي حقيقتون ۽ سماجي سچايون موجود هونديون آهن. پر حقيقت ۽ سچ، سماجي اڀياس جي لحاظ کان، الڳ شيون آهن. جيئن ته حقيقت جو تعلق واقعي حقيقت سان ۽ سچائيءَ جو تعلق سماج جي اندر موجود سچائيءَ سان هوندو آهي، تنهنڪري سماجي سچائي هر طرح، اعتبار جي قابل هوندي آهي.
ڪي واقعاتي حقيقتون ۽ ڪي سچايون، جيڪي هر سماج ۾ عملي طور ظاهر ٿينديون رهن ٿيون؛ سي واقعاتي حقيقتن جو هڪ قسم آهن. جيڪي خاص صورتحال ۾ پيدا ٿينديون آهن، ۽ ڪن خاص مقرر ڏينهن جي مقرر عرصي اندر جنم وٺن ٿيون، ۽ اهڙيءَ طرح سماج ۾ رونما ٿينديون رهن ٿيون. انهن مان هر هڪ حقيقت ۽ سچائيءَ جي صورتحال، هڪ واقعي جهڙي هوندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ سماج اندر ٻولي به پاڻ منجھ تبديلي آڻي ٿي ۽ هر صورتحال کي ڪنهن نه ڪنهن نالي/ وصف ڏيڻ يا بيان ڪرڻ لاءِ نوان لفظ، اصطلاح، محاورا، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود ڪري ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته؛ سماجي سچائي ۽ حقيقت نگاري، جيڪا حقيقت ۽ سچائيءَ جي روپ ۾ جنم وٺي ٿي، سا سماج جي ٻوليءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان تبديلي ۽ واڌارو پيدا ڪري ٿي. جنهن ڪري هر دور ۾ اصطلاح، پهاڪا، محاورا ۽ چوڻيون جيڪي ماحول ۽ حالتن جي اثر ڪري حقيقت ۽ سچ کي پيش ڪن ٿيون، سي حالتن، حقيقتن، سچاين، تهذيبن، تمدنن کي سمائينديون رهن ٿيون.