آفريڪي ملڪن جي پهاڪن جي سنڌي پهاڪن سان ڀيٽ
س ب کوسو
هر سماج ۾ چوڻيون، پهاڪا رائج آهن پوءِ اولهه هجي يا
اوڀر، ڪارڙن جو ديس آفريقا هجي يا گورن جو شهر برطانيه، يا خوشبوئن جو شهر فرانس هجي،
هر سماج ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن. رڳو ٻولين جو فرق آهي پر معنيٰ ۽ مفهوم ٺهڪندڙ
هوندا آهن.
ساڃاهه-وند داناءَ ماڻهو پنهنجي تجربي مشاهدي ۽ دور
انديشي جي آڌار تي اهڙا گفتا چئي ويا آهن، جن کي چوڻيون يا پهاڪا چيو وڃي ٿو. اهي پهاڪا
۽ چوڻيون سماج جو اولڙو ٿين ٿيون. اسان وٽ به محفلن ۽ ڪچهرين ۾ موقعي مهل اهي چوڻيون
پيش ڪيون وينديون آهن. تازو سائين الطاف شيخ جو هڪ مضمون ”دنيا ۾ چيا ويندڙ پهاڪا“
نظر مان گذريو. سائين الطاف شيخ، آفريقي ملڪن، صوماليه، ماريطانيه، موراڪو، سوڊان،
بينگال ۽ نائجيريا جا پهاڪا لکيا آهن. آفريقي سماج جون چوڻيون اسان جي سنڌي چوڻين سان
ٺهڪندڙ آهن. جيڪي پيش ڪجن ٿيون.