Showing posts with label نِج، سنڌي، لفظ، اُپٽار، گرڏنه، لعل، سچڏيو، لاڙڪاڻو،. Show all posts
Showing posts with label نِج، سنڌي، لفظ، اُپٽار، گرڏنه، لعل، سچڏيو، لاڙڪاڻو،. Show all posts

Saturday, July 13, 2013

نِج سنڌي لفظن جي اُپٽار - گرڏنه لعل سچڏيو

نِج سنڌي لفظن جي اُپٽار
گرڏنه لعل سچڏيو/لاڙڪاڻو
دوست خير محمد ٻرڙو سيوهاڻيءَ جو هڪ خط ۵ جولاءِ ۲۰۱۳ع جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن لفظ ”ڪهرام“ جي معنى ۽ مطلب واضح ڪيو آهي، ان سان منهنجي علم ۾ به اضافو ٿيو آهي. البته منهنجو مقصد پنهنجي نِج سنڌي ٻوليءَ جي لفظن کي نروار ڪرڻ آهي. اسانجا گهڻا دوست مختلف ٻولين جي لفظن کي استعمال ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن ۽ پنهنجي ماءُ جي لوليءَ واري ٻوليءَ جي لفظن کي اُچارڻ ۾ عار محسوس ڪندا آهن. صوفي بزرگ لطيف سرڪار جي ٻولي ۽ ڊاڪٽر گربجشاڻيءَ جي لکڻي، جنهن ۾ شاهه جو رسالو ترتيب ڏنل آهي، کي ڪيئن ٿو نظر انداز ڪري سگهجي. اها پڻ حقيقت آهي ته، سنڌي ٻوليءَ جي جُڙڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ کان اڳ يا پوءِ ايجاد ٿيل شين جا نالا، ٻوليءَ مان خارج نٿا ڪري سگهجن، ليڪن ان جو ترجمو ڪري سگهجي ٿو. جهڙوڪ؛
ٽيليفون = دُورگو.
ٽيليويزن = ڏورنما.
سائنس = تجرباتي علم.
بِلُ = حسابي فردي.
سائيڪل = پيرڙي.
گلاس = بلوري برتن.
بئروميٽر = هوا پيما.
مشين = ڪَلَ.
بلب = قمقمو.
ريفريجريٽر = سرد خانه.
بئنڪ = ساهوڪاري. وغيره.
جيڪڏهن مروج سنڌي لفظن کي اصل شڪل ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي، ته نئين نسل کي اُن جي ڄاڻ رهندي. مثال طور، اگر ھيٺ ڄاڻايل لفظن کي ھيئن لکيو ۽ پڙهيو وڃي ته بهتر ٿيندو.
بوٽ = جُوتو.
سُوٽ = جوڙو.
بونس = ساليانو انعام.
بينر = جَهنڊو.
بزنس = ڪارونهوار.
بيگ = ٿيلهو.
ٽئڪس = محصول.
بئراج = بند.
قميص جي بٽڻ = ٻِيڙو.
فيشن = رواج.
ماڊل = نمونو.
لَنچ = مانجهاندو.
وارنٽ = اجازت نامه.
نوٽيس = اطلاع.
بيلٽ = راءِ شماري.

بونٽ = مشين جو ڍڪڻ.