Monday, December 31, 2018

گوھرن جا گفتا - صالح محمد يار محمد سمون


گوھرن جا گفتا
صالح محمد يار محمد سمون
جوڀن جاڙ ڪي
۱
ٺڳَ-روپَ-جوڀنَ جي، مون کي ڪا نه پئڙي ڪَلَ،
نڪ وھي، نيڻ ٽمن، دل نه اڳوڻا دَلَ،
ڏندن ڏاڍائي ڇڏي، ڇڻيو پون ڇَلَ،
ھٿن ھاج ڇڏي، جي ھئا ڪم جا قابل،
چڪو چيلھ مان نه لھي، ماٺيا ٿيا ملھ،
پيرن پُرَڻ ڇڏيو، جي ھئا آھو نڙ جھل،
ڪم مٿئين ڪم عقل، وئين جوڀن جاڙ ڪري.
۲
ھٿ ڏڪن، ننھن نچن، ڪڏھن ڪين ڪي ڪاڻ،
وارن ويس مٽايو، اھي پيريءَ جا پرياڻ،
ڏندن ڏاڍائي ڇڏي، ڄڀ تي لٿو ڄاڻ،
آھن سَنڌَ مڙيئي ساڻُ، پر جوڀن ريءَ جڏا ٿيا.

Wednesday, December 26, 2018

سنڌي چوڻيون - ميمڻ عبدالمجيد سنڌي


سنڌي چوڻيون
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
اسان جي سونھاري سنڌ جا سياڻا سگھڙ، سپورنج ۽ شاعر دنيا جي اتفاقن ۽ آزمودن تي ڪي چوڻيون جوڙي ويا آھن، جي پنھنجي مضمون، ھيئت، خيالن جي بلندي، دلڪشي ۽ تاثر جي ڪري ضرب المثل ٿي، عام ۾ مقبول ۽ مشھور ٿي ويون آھن. انھن ۾ زندگيءَ جا حقائق حقيقت پسندانه ۽ پر اثر نوع ۾ بيان ٿيل آھن. انھيءَ ڪري اھي اڄ به اسان کي ۽ ايندڙ نسل کي نه فقط معلومات ڏين ٿيون، پر زندگيءَ جي اونداھيءَ راھ ۾ مشعل جو ڪم ڏئي سگھن ٿيون.

Wednesday, December 19, 2018

ھي منھن ۽ منصور جي دار


ھي منھن ۽ منصور جي دار
ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
”منصور“ ھڪ نالو آھي يعني ته منصور ڪيترن ئي ماڻھن جو نالو آھي. سيٺ منصور ھجي يا ماستر منصور ھجي. منصور ويراڳي آف ھالا ھجي يا شاعر منصور دائودپوٽو ھجي ۽ اھڙيءَ طرح کوڙ سارا منصور ٿي گذريا آھن. ھاڻي به آھن ۽ آئندھ به ھوندا، ڀلي ھجن. اسان جون اکيون ٿڌيون! سچ چيو اٿن ته ڀاڳين جا ڀاڻ خالي ناھن ٿيندا. البت جنھن ”منصور“ جو اسان کي ذڪر ڪرڻو آھي سو ”منصور حلاج“ جي نالي سان مشھور آھي.

Sunday, December 16, 2018

سنڌي لوڪ ادب ۽ کل ڀوگ - علي احمد بروھي


سنڌي لوڪ ادب ۽ کل ڀوگ
ھڪ سرسري جائزو
علي احمد بروھي
جڏھن به ڪنھن قوم جي سڀيتا جو اڀياس ڪجي ٿو، ته اسان کي ٻه ڳالھيون چٽيءَ طرح نظر اچن ٿيون. ھڪ ان قوم جا پنھنجا ڪارناما ۽ ٻيو سندس اباڻو ورثو، جو سرمايو کيس پنھنجي وڏڙن کان پيڙھي به پيڙھي حاصل ٿيندو رھي ٿو. اسين اھو خاطريءَ سان چئي نه سگھنداسين ته سنڌي ڪيئن ۽ ڪڏھن تاريخي سطح تي نڪري نروار ٿيا. پر ھيءَ ھام يقين سان ڀري ٿا سگھون ته اسين ان قديم قوم کان به آڳاٽا آھيون جنھن پاڻ کي پڏائڻ لاءِ آريه ۽ اسان کي اڻ-آريه سڏيو. ڌارين قومن جو اسان وٽ اوير سوير اچي سھڙڻ، يا ٽانڊي لاءِ اچي پوءِ بورچياڻي ٿي ويھڻ جو دستور اسان وٽ دائمي ھلندو ٿو اچي. موھن جي دڙي کان وٺي ورھاڱي تائين اسان جي سموري تاريخ اھڙي مھمان نوازيءَ سان ڀرپور آھي.

Saturday, December 15, 2018

شاھ جي ڪلام ۾ آيل اصطلاح - نور افروز خواجه


شاھ جي ڪلام ۾ آيل اصطلاح
(’سُر کنڀات‘، ’سُر سارنگ‘، ’سُر سامونڊي‘، ’سُر ڪيڏارو‘ ۽ ’سُر ڏھر‘)
نور افروز خواجه
اصطلاح ھر وقت ٻوليءَ ۾ ايندا رھندا آھن. ڇاڪاڻ ته وقت جي ضرورت، خودبخود ئي ماڻھن کي اصطلاح گھڙڻ ۽ انھن کي ڳالھ ٻولھ ۾ استعمال ڪرڻ تي آمادھ ڪندي آھي. دنيا جي ڪا به زبان، اصطلاحن کان خالي نه آھي. ھر زبان ۾ ھزارين اصطلاح موجود آھن.
اصطلاح ڪنھن به لفظ جي لغوي معنائن جي بدران ڪا ٻي معنيٰ مقرر ڪرڻ کي چئجي ٿو.
جڏھن ته New Webster’s Dictionary of English language, Deluxe encyclopedic edition. 1986. ۾ اصطلاح جي ھيئن وضاحت ڪيل آھي.

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ آيل اصطلاح - سُر يمن ڪلياڻ - نور افروز خواجه


شاھ لطيف جي ڪلام ۾ آيل اصطلاح
(سُر يمن ڪلياڻ)
نور افروز خواجه
ڪنھن لفظ جي لغوي معنيٰ بجاءِ ڪا ٻي معنيٰ مقرر ڪرڻ کي ”اصطلاح“ سڏجي ٿو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”اصطلاح“ جي باري ۾ لکي ٿو ته ”اصطلاح“ انھن کي ٿو چئجي، جنھن جي لفظي ۽ رواجي معنيٰ ۾ فرق ھجي يعني لفظي معنيٰ ھڪڙي ۽ رواجي معنيٰ ٻي ھجي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ”اصطلاح“ جي معنيٰ لاءِ لکي ٿو ته؛ ”اصطلاح جون ٻه معنايون آھن. ھڪڙي مقرر ٿيل، جنھن کي ”لغوي“ يا اصلي معنيٰ چئجي ٿو، ۽ ٻي ”رواجي“ جنھن کي اصطلاحي معنيٰ چئجي ٿو.

Wednesday, December 12, 2018

پھاڪا ۽ ھنر- الله بخش نظاماڻي


پھاڪا ۽ ھنر
لوڪ ادب جون شاخون
الله بخش نظاماڻي
(پھاڪا، اسان جي ٻوليءَ جو حصو آھن، جن ۾ مجموعي طور، انساني تجربن ۽ مشاھدن جي عڪاسي ٿئي ٿي. پھاڪن جو لاڳاپو، عوام، سندن رھڻي ڪھڻي، رسمن رواجن ۽ ثقافت سان ھوندو آھي. عام گفتگوءَ ۾ پھاڪن جو استعمال ڄڻ ٻوليءَ کي سونھن بخشي ٿو ۽ ٻڌندڙن آڏو واقعن کي تصويرن ۾ پيش ڪري ٿو، جنھن ڪري ڳالھ سمجھائڻ ۾ پاڻ وڌيڪ لطف پئدا ٿئي ٿو.
مثال طور: جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
ھنر، اکرن جي عقلي اوساريءَ کي ھنر ٿو چئجي. سگھڙ ڪچھرين ۾ پنھنجو ھنر بيتن ۽ ڏوھيڙن جي صورت ۾ پيش ڪندا آھن. گھڻو ڪري انھن بيتن ۾ ڳجھارتون ڏنيون وينديون آھن، جن ۾ سماجي زندگيءَ سان لاڳاپيل تجربن ۽ مشاھدن بابت ڳوڙھي معني سمايل ھوندي آھي. انھن بيتن ۽ ڏوھيڙن جي اپٽار ڪچھريءَ ۾ واھ جو مزو پيدا ڪريو ٿي ڇڏي.
ادارو پڙھندڙن آڏو، پھاڪن توڻي ھنر بنسبت مختصر احوال پيش ڪري ٿو. – ادارو)

Tuesday, December 11, 2018

ڪتي متعلق پھاڪا - ساٿي محمد بچل کيڙو


ڪتي متعلق پھاڪا
ساٿي محمد بچل کيڙو
ڪتو، تاريخ کان اڳ واري زماني کان ماڻھوءَ جو گھاٽو سنگتي رھيو آھي. انسان ڪتي جي ورتاءَ منجھان جيڪي تجربا حاصل ڪيا آھن، تن کي اھڃاڻ بنائي، ان جي سٺاين ۽ خرابين کي ماڻھن جي خصلتن سان به ڀيٽيو آھي. ان حساب سان سنڌي ٻولي، جيڪا پھاڪن ۽ اصطلاحن سان ڀري پئي آھي، ان ۾ ڪتي متعلق انيڪ چوڻيون ۽ اصطلاح آھن، جن مان ڪجھ ھن ريت آھن.
ڪتي جو پڇ ٻارھن مھينا نڙ ۾ وجھ ته به اھو ئي ڦڏو.
ڪتو به کاڌوسون، ڪک به نه ڀري.
ڇتو ڪتو به مالڪ سڃاڻي.
فلاڻو ڇتي ڪتي وانگر، لُرَ پئي ويو.
ڇو ڇتي ڪتي وارا چڪ پيو ھڻين.

Thursday, December 6, 2018

پئسو هَٿَ جو ميرُ - مٺل جسڪاڻي


پئسو هَٿَ جو ميرُ!
مٺل جسڪاڻي
آئون ته پنهنجي ڪرت ۾ مصروف هئس، اوچتو ميراعظم موبائيل فون وسيلي رابطو ڪيو. خريد ڪري آيل ڪيلي جو احوال ڏنو ۽ ان جي تصوير ڏياري موڪلي! اتان ذهن ڊوڙون پائڻ لڳو. ڪا هڪ نه، ڪيتريون ئي ٻُڌل ۽ پڙهيل ڳالهيون ياد آيون! ميراعظم جي ڳالهين ۽ موڪليل تصوير تي ويچاريندي، منهنجي ذهن ۾ آيو ته:

Friday, November 23, 2018

سنڌي ٻوليءَ تي موسيقيءَ جو اثر - عبدالحق ابڙو


سنڌي ٻوليءَ تي موسيقيءَ جو اثر
عبدالحق ابڙو
قديم دور کان وٺي، سنڌ ۾ سنگيت جي اھميت رھي آھي ۽ ان جا اھڃاڻ اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ملن ٿا. سنڌ ۾ موسيقيءَ جو مان مٿاھون ھو ۽ ماڻھو موسيقيءَ جا متوالا ھئا. انھيءَ جو نتيجو اھو نڪتو جو ماڻھو ڪي اھڙا محاورا استعمال ڪرڻ لڳا، جن جو سڌو سنئون تعلق راڳ سان ھو.
ائين آھستي آھستي سنڌي ادب تي اثر ٿيڻ لڳو. ايتري قدر جو انھن محاورن جو اثر سنڌي ڊرامن تي به ٿيڻ لڳو ۽ اھي محاورا ڊرامن جي ڊاييلاگن ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. مثال طور:
۱. ”کٽ راڳ“ معني مصيبت ۾ پوڻ.
موسيقيءَ ۾ کٽ راڳ، ھڪ اھڙو راڳ آھي، جنھن ۾ شڌ ڪومل ۽ تيور سڀ سر لڳندا آھن. تنھنڪري راڳ ڳائڻ مصيبت ھوندو آھي.
يوسف؛ ”ڪمال! ماٺ ڪر! کٽ راڳ نه ڪر. نه ته آئون ھليو ويندس.“
ڪمال؛ ”ادا! تون نه وڃ، مون چپ ڪئي.“

Saturday, November 17, 2018

پرڀاتيءَ جي اصطلاحي ٻولي - اعجاز احمد ميمڻ


پرڀاتيءَ جي اصطلاحي ٻولي
اعجاز احمد ميمڻ
سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ”اصطلاح“ عربي ٻوليءَ کان آيل آهي. جيڪو ٻوليءَ جي سونهن، سينگار ۽ سجاوٽ پيدا ڪرڻ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ڇو ته ٻوليءَ اندر استعمال ٿيندڙ جملن ۾ اصطلاح جو استعمال، جملن کي اثرائتو ۽ وڻندڙ بڻائي ٿو. ٻوليءَ ۾ پنهنجي مفهوم کي ظاهر ڪرڻ لاءِ عام لغوي معني رکندڙ لفظن جو استعمال به ڪري سهگجي ٿو پر اصطلاح، ٻوليءَ جو اهم مضبوط جز آهي. جنهن سان ساڳيو مفهوم وڌيڪ اثرائتو ۽ وزندار ٿي سگهي ٿو.

Friday, November 9, 2018

عقل بنا آدمي، پسونءَ سمان - مٺل جسڪاڻي


عقل بنا آدمي، پسونءَ سمان
مٺل جسڪاڻي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو جي سنوار سڌار جي نتيجي ۾، تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي جي سھيڙ سنگھيڙ وارو ڪتاب ”پھاڪن جي پاٻوھ“، نئين، سولي ۽ سڦل انداز ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر جي ڪتاب نمبر ۵۸ طور، پھاڪن ۽ چوڻين جي ڪتابن جي ڳولا ڪندڙن لاءِ، ڪتابن جي ھٽن، بازارن ۾ پھچي چڪو آھي. مون تائين، منھنجي شاگرد ۽ انجنيئر عبدالوھاب سھتو جي ڀائٽي رفيع الله سھتو معرفت ھن ڪتاب کي سنواريندڙ سڌاريندڙ جي ٿورن سان پھتو آھي.
ڪتاب کي اک مان ڪڍندي، گھڻن ھنڌن تي اک ٽڪ ٻڌي بيھندي به رھي، پر چوڻي ”عقل بنا آدمي، پسون سمان“ پڙھيم، ته...

Wednesday, November 7, 2018

اربع خطا - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


اربع خطا
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
’اربع خطا‘، ھڪ ورجيس آھي. منجھانئس جڙندڙ اصطلاح ٿيندو؛ ’اربعا خطا ٿيڻ.‘
اربع، عربي زبان جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ ’چار‘ آھي.
خطا به عربي لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي؛ ’گسڻ‘، ’ڀل ٿيڻ‘، ’چڪ ٿيڻ‘.
اربع خطا ٿيڻ: چوٿون ڀيرو گسڻ، چوٿون ڀيرو ڀلجڻ، چوٿون گھمرو چڪ ٿيڻ، چوٿين خطا ڪرڻ.

Friday, November 2, 2018

سنڌي زبان جي لاڙي محاوري جا ڪي پهلو - ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو


سنڌي زبان جي لاڙي محاوري جا ڪي پهلو
(شاعرن جي ڪلام ۽ عام چوڻين جي حوالي سان)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو 
سنڌي زبان ۽ اُن جا محاورا (Dialects) پنهنجي رنگا-رنگي ۽ گوناگون خاصيتن جي ڪري تحقيق ڪندڙن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث آهن. لاڙ جي لساني حد بندي ضلعن جي حوالي سان ڪرڻ مشڪل آهي. پوءِ به بدين ضلعو مڪمل طور لاڙي محاوري جي ترجماني ڪري ٿو. ٺٽو ضلعو سپرهاءِ وي جي ڏکڻ ۾، ۽ قرب اُتريون حصو توڙي ڪراچيءَ جو سامونڊي ڪنارو ڪنهن حد تائين لاڙي محاوري ۾ ڳڻي سگهجن ٿا. حيدرآباد ضلعي جو ڏاکڻيون حصو به لاڙي محاوري جي ترجماني ڪري ٿو. هاڻي ڪجهه قدر مواصلات جي ڪري لاڙي شهري علائقن تي معياري محاوري اثر وڌو آهي. اِن هوندي به هڪ محاوري کي انتظامي حد بندين ۾ پوري ريت ڏسي پسي نٿو سگهجي. مون پنهنجي ڪتاب لاڙ جي لغات ۾ لاڙ جو نقشو ڏنو هو، سو ڏسڻ گھرجي.

Sunday, October 28, 2018

تڏھن ٿي ملير مرڪي، جڏھن مول اٿس ماءُ


تڏھن ٿي ملير مرڪي، جڏھن مول اٿس ماءُ
(مجلس ملير سان مارڪو)
صالح محمد يار محمد سمون
مان پنھنجي مضمون جي عنوان ۽ حقيقت بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ حاضرين بزرگن ۽ ھردلعزيز دوستن جي خذمت ۾ ھي ٻه اکر پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان.
اسان جي خوشقسمتيءَ جو، اڄ ڪھڙو نه سھائو سج اڀريو آھي، جو اڄوڪي ڏينھن جي خوشيءَ کي تصور ڪريون ٿا.
عام چوڻي آھي ته؛ ”موت ۽ ملاقات، اوچتا ٿين ٿا.“، ”لوچين، سي لھن.“ ۽ ”ڏورين سي ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.“ قادر جا وڏا قرب، جنھن ورھن جا وڇڙيل، استاد ۽ شاگرد، دوست ۽ پاڙيسري، ھن نيڪ بخت جاءِ تي ھن محفل ۾ ھڪ ٻئي کي ملايا آھن. ھيءَ اھا پاڪ ۽ مقدس جاءِ آھي، جنھن جي سائي ۾ اڪثر اسين سمورا خصوصا مليرڀائي سڀ پڙھيا ۽ پليا آھيون.

Saturday, October 27, 2018

منفي پرچار - امتياز احمد عرساڻي


منفي پرچار
امتياز احمد عرساڻي
پهاڪاتي ۽ محاوراتي ٻولي، زبان جو اصل چَسُ هوندي آهي. هڪ ئي لفظ ۽ جملي ۾ بيان ڪيل تشريح، ڪيترن ئي رخن کان پنهنجون معنائون ظاهر ڪندي آهي. صدين تي آڌاريل تجربا، آزمودا ۽ اثر لفظن کي پنهنجا اَرٿ ۽ منشا بخشيندا آهن ۽ چوڻيون، اظهاريندڙ جي مطلب کي طاقت ۽ قوت فراهم ڪنديون آهن. عزت افزائيءَ جو قول هجي يا ناڪاري نشاندهي، همت افزائيءَ جو محاورو هجي يا منفي پرچار، سموري ورجيس پنهنجي مطلب ۽ مراد ۾ گهڻ-پاسائين کان معنيٰ رکندي آهي. دورِ قديم، پنهنجي زماني جي ضرورتن آهر، اصطلاحي ٻوليءَ کي جنم ڏنو ۽ نئين جَــڳتُ وري پنهنجي رواج موجب، نيون معنائون ۽ مطلب گهڙيا! ماضِي ۽ حال وانگر، مستقبل ۾ به وقت سان گڏ جديد لاڙا متعارف ٿيندا رهندا ۽ انهن سان گڏ نڪور محاورا ۽ نيون چوڻيون به جڙنديون رهنديون. ڪجھ مثال ھيٺ پيش ڪجن ٿا.

ٽِلُومَل جو هَٽ - مير اعظم علي ٽالپر


ٽِلُومَل جو هَٽ (ورجيس)
مير اعظم علي ٽالپر
وڏا ڳالهه ڪندا آهن ته؛ اسان جي شهر ۾ ورهاڱي تائين، هڪ شخص سيٺ ٽِلومل رهندو هو. ان جو هڪ هٽ (دڪان) به هو. سيٺ ٽلومل جي هٽ تي ظاهري ڪاروبار مٺائي جو هو. ان تي اڪثر سيرو ۽ پاپڙ، ننڍا وڏا شوق سان کائيندا هئا. سيٺ ٽلومل غريب غربي جي هر وقت مدد به ڪندو هو. ان کانسواءِ هر اوکي سوکي ويل، هر ڪنهن جي ڪم به ايندو هو. علائقي جا زميندار ۽ هاري ناري، سيٺ ٽلومل جي هٽ تان هر وقت، پنهنجي ٻني ٻاري ۽ فصل پوکڻ سان گڏ شادي مرادي ۽ بيماري بڙي جي دوا دارون لاءِ قرض پکو وٺندا هئا. ان کانسواءِ ڪجهه ناليوارا ماڻهو، سيٺ ٽلومل کان قرض وٺي جشن پاڻي به ڪندا هئا. ان ڪري پنهنجا پئسا تيل ڪرڻ وارا، هميشه سيٺ کان نئين ايندڙ فصل جي آسري تي نئون قرض وٺي، پنهنجو گاڏو هلائيندا هئا.

گھاٽي سرنھن - ٻانڀڻ عبدالرزاق ڀنگو بھڻ


گھاٽي سرنھن
ٻانڀڻ عبدالرزاق ڀنگو بھڻ
ھيءُ سنڌ جو مشھور و معروف پھاڪو، سڀڪنھن پنھنجي زندگيءَ ۾ ٻڌو ۽ چيو ھوندو.
ڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ کان نقصان پھچندو آھي يا ڪو ڪنھن کي دلاسو ڏيئي ڌڪ ڪڍندو آھي، تڏھن اڪثر ڪري ھن پھاڪي جو استعمال ٿيندو آھي. صحيح ۽ سچو پھاڪو ھن ريت آھي؛ ”ڪم سو منھنجو ٿيو، باقي تنھنجي سو گھاٽي سرنھن ڏٺم.“

Thursday, October 25, 2018

پهاڪن پچار - ’پروانو‘ سومرو


پهاڪن پچار
’پروانو‘ سومرو
ٻوليءَ جو خزانو کولجي ٿو ته ڪيترا ئي ھيرا، جواھر ۽ موتي ملن ٿا. اھڙن ھيرن ۽ من موھيندڙ موتين کي ڪي صراف ۽ سالڪ ئي سڃاڻي سگھن ٿا ۽ ملھ ڪٿي سگھن ٿا. جھڙي تھڙي جي جاءِ ڪانھي. پھاڪا، چوڻيون، محاورا، اصطلاح، استعارا، تشبيھون، ٻٽا لفظ، مرڪب لفظ، متضاد لفظ ۽ ٻوليءَ جا اھڙا ٻيا کوڙ سارا جواھري جزا ٻوليءَ جي سکئي ستابي ھجڻ سان گڏ ان جي سھڻائپ جو سبب بنجن ٿا ۽ ٻوليءَ کي ٻھڪايو وجھن ٿا. انھيءَ ڏس ۾ سنڌي ٻولي پنھنجو مٽ پاڻ آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پھاڪن، چوڻين، محاورن ۽ اصطلاحن جو اڻ ميو مواد موجود آھي. ٻوليءَ جي باغيچي ۾ ٽڙيل گلڙن وانگر سموري سماجي وايومنڊل کي سونھن ۽ سرھاڻ سان واسين پيا. اھڙن سندر گلڙن جي بيشمار ھجڻ ڪري ھيءَ ٻولي شاھوڪار ھجڻ سان گڏ سھڻي ۽ سيبتي ٻولي بنجي پئي آھي. جڏھن اھڙي قسم جي ٻولي لکي، پڙھي ۽ ڳالھائي وڃي ٿي ته ان کي ”ورجيسي ٻولي“ چيو وڃي ٿو. ورجيسي ٻوليءَ ۾ پھاڪن ۽ چوڻين کي وڏي اھميت حاصل آھي، جيئن اونداھيءَ ۾ سوجھري کي. ورجيسي ٻوليءَ جي معني ئي آھي ٺھيل ٺڪيل ۽ سينگاريل ٻولي. پھاڪا، چوڻيون، محاورا، اصطلاح، استعارا ۽ تشبيھون، ٻوليءَ جو لباس به آھن ته سينگار باڪس پڻ، جيڪي ٻوليءَ کي گھونگھٽ ۾ سينگاري ويھاريل ڪنوار جھڙو بنائين ٿا. پھاڪي ۽ چوڻيءَ ۾ ڪھڙو فرق آھي ۽ ڪنھن سرجيا آھن؟ اھو به ھڪڙو سوال آھي. پھاڪو ڇا آھي؟ ان بابت ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جي راءِ آھي ته؛ ”پھاڪو لفظ جي لغوي معني آھي؛ پھ ڪري يا سوچي سمجھي اچاريل ٻول. ليڪن اصطلاحي معني ۾ ھڪ عام چوڻيءَ کي پھاڪو چيو ويندو آھي. يعني اھڙو جملو جنھن ۾ ڪنھن ڳالھ يا نتيجي واسطي ھڪ ”مثل“ ڪري دھرائڻ عام ھجي. ان جي مختصر وصف ھيٺينءَ ريت بيان ڪري سگھجي ٿي. عوامي ٻوليءَ جي ھر اھا مقبول، سادي مگر مائيدار ڪھاوت جنھن کي ڳالھ ۾ زور پيدا ڪرڻ يا نقطي کي نروار ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو، تنھن کي پھاڪو چئجي ٿو. اھو ايتريقدر ته دلنشين ۽ عام فھم آھي جو ڳالھائيندڙ ان کي بي ڌڙڪ استعمال ڪري ٿو ۽ مخاطب دماغ کي ڪنھن زور ڏيڻ کان سواءِ ان جو مطلب به سمجھي وٺي ٿو.“ (ڪتاب سنڌي ورجيسي ٻولي صفحو نمبر ۱۶). ڊاڪٽر غلام قادر سومري به پھاڪن ۽ چوڻين کي ھڪ شيءَ ڄاڻايو آھي: (ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ان جي سکيا صفحو نمبر ۱۲۱) جڏھن پھاڪي ۽ چوڻيءَ جي اھڙي وصف پڙھي بس ڪجي ٿي ته پوءِ من ۾ مونجھارو موجود رھي ٿو ته پھاڪو ڇا آھي ۽ چوڻي ڇا آھي؟ ڇو ته پھاڪي سان گڏ لفظ چوڻيءَ کي ”۽“ جي واڌاري سان لکي الڳ ظاھر ڪيو وڃي ٿو، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته اھي ھڪ نهمپر ٻه وٿون آھن. جيڪڏھن اھي ٻه الڳ وٿون نه ھجن ته پوءِ انھن تي مختلف نالا رکڻ جي ضرورت ڪھڙي؟ ورجيسي ٻوليءَ جي ٻين ڪتابن جو مطالعو ڪجي ٿو ته انھن ۾ پھاڪن سان گڏ چوڻيون، محاورا ۽ اصطلاح به ملن ٿا، جن کي جداري صورت ۾ نه لکيو ويو آھي ۽ نيٺ منجھي ٿو پئجي ته پھاڪو ڪھڙو آھي، چوڻي ڪھڙي آھي، محاورو يا فقرو ڪھڙو آھي ۽ اصطلاح ڪھڙو آھي. اھڙي مام صديق منگئي جي ڪتاب ”ڦلواڙيءَ“ ۾ به موجود آھي. جنھن ۾ پھاڪن، چوڻين، محاورن ۽ اصطلاحن کي ملائي ”مڪس پليٽ“ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آھي. عجيب صورتحال اھا آھي جو جڏھن پھاڪن، چوڻين ۽ محاورن بابت مختلف ڏاھن جا ڏنل رايا پڙھجن ٿا ته لٿي پٿي سڀني جزن جي معنيٰ ۽ مفھوم ساڳيو ٿو بيھي ۽ لغتن ۾ به لڳ ڀڳ ساڳي معنيٰ ٿي ملي. منھنجي خيال ۾ پھاڪو ڪنھن ڏاھي ماڻھوءَ جو مشاھدي ماڻڻ ۽ تجربي کان پوءِ سوچي سمجھي چيل ڏاھپ ڀريا ٻول آھن، جن کي سمجھڻ لاءِ ذھن تي ڪو خاص زور ڏيڻو ڪو نه ٿو پوي، جيئن ”اھو ڪي ڪجي، جو مينھن وسندي ڪم اچي.“ چوڻي وري تجربي ۽ مشاھدي جي آڌار تي ڪنھن وينجھار جي واتان اچانڪ نڪتل گفتو يا ڪھاوت آھي، جنھن کي ھو انھن حالتن ۽ ڪيفيتن مان گذرندي بنا ڪنھن رک رکاءَ جي في البديھ چئي ٿو وجھي. اھا چوڻي پوءِ عوامي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيڻ شروع ٿيو وڃي، جنھن ۾ پھاڪي جيترو فلسفو ۽ سگھ ڪانھي. جيئن ”زال جھور ته به اکين جو نور.“ باقي محاوري لاءِ اھو چئي سگھجي ٿو ته اھو به پھاڪي ۽ چوڻيءَ کان الڳ شيءِ آھي، جنھن ۾ خيالن جي آڌار انھن ٻنھيشين کان ھلڪي ھوندي آھي. گرامر موجب اھو ڪڏھن جملي جو جزو به بنجي ٿو. اھو ٻوليءَ جي عام رواج مطابق معنيٰ ڏئي ٿو، جيئن ”زراعت، عبادت“.

Saturday, October 20, 2018

چُونڊ سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح - ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو


چُونڊ سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو 
پهاڪي، اصطلاح، ورجيس، چوڻيءَ ۽ محاوري سان جملو خوبصورت ۽ پُر معنيٰ بنجي ٿو. سمجهڻ ۾ نه رڳو آساني ٿئي ٿي، بلڪ عبارت وڻندڙ لڳي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن تحرير يا گفتگو ۾ ڪو به پهاڪو يا اصطلاح نه هوندو ته اُها ٻُسي ڦِڪي ۽ ڪوجهي لڳندي. اِن لاءِ هي ٻه جملا ڀيٽي ڏسبا ته ڳالهه واضح ٿي ويندي:
۱.      آنڊن جا واهي گدڙ.
۲.     فلاڻو بي ايمان آهي.

Sunday, October 7, 2018

سنڌي جاتيءَ کي سنڌي پھاڪن جي سوغات -چيتنرام بولچند ٽھلراماڻي


سنڌي جاتيءَ کي سنڌي پھاڪن جي سوغات
گڏ ڪندڙ: چيتنرام بولچند ٽھلراماڻي

(ھيءُ ڪتاب، ۱۹۸۳ع ڌاري انڊيا ۾ ڇپيو. جيڪو ھت اڻ لڀ ھيو. ان جو ھڪڙو ڇاپي نسخو، ھن وقت قاسميه لائبرري ڪنڊيارو ۾ موجود آھي. سائين ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السندي صاحب جن کان ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي راقم کي موصول ٿي آھي.

ليکڪ جو واسطو، ساھتيءَ جي شھر ڀريا سان پڻ ھيو جو سندس امڙ ۽ ناناڻا اتان جا ھيا. ان ڪري به ھن ڪتاب جي منظر عام تي آڻڻ جي اشد ضرورت ھئي جو اڳي ساھتيءَ سان وابسته پھاڪن ۽ چوڻين جو فقط، ڪيرت مھرچنداڻيءَ جو لکيل ھڪڙو ڪتاب، چونڊ سنڌي چوڻيون، ڇاپي صورت ۾ عام آڏو آيو آھي. مرحوم غلام قادر سومرو جو واسطو به ساھتيءَ جي شھر ٺاروشاھ سان ھيو، جنھن پڻ ساھتيءَ جا پھاڪا ۽ چوڻيون ڪٺيون ڪري ڪتاب ترتيب ڏنو ھيو، جيڪو شايد ڇپجي نه سگھيو جو راقم جي نظر تي نه چڙھيو آھي.
بھرحال، چيتنرام بولچند ٽھلراماڻي جو ترتيب ڏنل ڪتاب، سنڌي جاتيءَ کي سنڌي پھاڪن جي سوغات، قارئين جي استفادي لاءِ، اي-ورشن جي صورت ۾، الفابيٽ ترتيب سان، پيش ڪجي ٿو. - انجنيئر عبدالوھاب سھتو)

پارس کاڻ - توحيد- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ


پارس کاڻ
باسمه تعالى
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
Image result for proverb wisdom of country side
(مرحوم لعلڻ خان لغاري، هڪ اڻ پڙهيل داناءُ هو. بنده جو سڱ ۾ نانو هو. مگر آءٌ کيس پٽن جهڙو پيارو هوس. انهيءَ ڪري ننڍڙي هوندي ئي منهنجي ذهني تربيت جي هر طرح ڪوشش ڪيائين. هر ڪچهريءَ ۾ پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو ۽ ڪچهريءَ جا آداب سمجهائيندو هو. هر ڳالهه جي ڳڻ ڪندو هو ۽ پڇندو هو ته ڳالهه کي سمجهيئي. هميشه چوندو هو ته: ”معنيٰ ڏي ڌيان ڪر، جو معنيٰ عقل جو منڍ آهي“. خوش طبعي وچان چوندو هو ته ”ڳالهه جو ڳاٽو جهلجي“ يعني ته ان کي پوريءَ طرح پرکجي. چوندو هو ته: ”ڏٺل واقعو هر ڪو بيان ڪري ۽ ٻڌل ڳالهه هر ڪو ٻڌائي، پر داناءُ اهو جو اڻ ڏٺي اڻ سـُڻي ڳالهه ٻڌائي.“ ڪا ڳالهه وڻندي هيس ته چوندو هو ”فلاڻي واهه جي ڳالهه ڪئي! ڳالهه جو سنگ وڍي ڇڏيائين!“ سندس انهن نقطن ۽ سمجهاڻين ننڍپڻ ۾ ئي هڪ قسم جو ادبي ذوق پيدا ڪيو. نوان بيت ۽ نيون ڪافيون، نيون ڳجهارتون ۽ نيون ڳالهيون منهنجي لاءِ ڄڻ سوکڙيون ٿي پيون. ڳالهين ٻڌڻ ۽ ڳولڻ جو شوق جاڳيو. جڏهين به ڪو نئون بيت يا نئين ڳالهه پئي معلوم ٿي ته ياد ڪري ٿي ڇڏيم يا لکي ٿي ڇڏيم.