Showing posts with label سنڌي چوڻيون، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، عبدالڪريم سنديلو،. Show all posts
Showing posts with label سنڌي چوڻيون، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، عبدالڪريم سنديلو،. Show all posts

Wednesday, December 26, 2018

سنڌي چوڻيون - ميمڻ عبدالمجيد سنڌي


سنڌي چوڻيون
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
اسان جي سونھاري سنڌ جا سياڻا سگھڙ، سپورنج ۽ شاعر دنيا جي اتفاقن ۽ آزمودن تي ڪي چوڻيون جوڙي ويا آھن، جي پنھنجي مضمون، ھيئت، خيالن جي بلندي، دلڪشي ۽ تاثر جي ڪري ضرب المثل ٿي، عام ۾ مقبول ۽ مشھور ٿي ويون آھن. انھن ۾ زندگيءَ جا حقائق حقيقت پسندانه ۽ پر اثر نوع ۾ بيان ٿيل آھن. انھيءَ ڪري اھي اڄ به اسان کي ۽ ايندڙ نسل کي نه فقط معلومات ڏين ٿيون، پر زندگيءَ جي اونداھيءَ راھ ۾ مشعل جو ڪم ڏئي سگھن ٿيون.