شاھ جي ڪلام ۾ آيل اصطلاح
(’سُر کنڀات‘، ’سُر سارنگ‘، ’سُر سامونڊي‘، ’سُر ڪيڏارو‘ ۽ ’سُر ڏھر‘)
نور افروز خواجه
اصطلاح ھر وقت ٻوليءَ ۾ ايندا رھندا آھن. ڇاڪاڻ ته وقت جي
ضرورت، خودبخود ئي ماڻھن کي اصطلاح گھڙڻ ۽ انھن کي ڳالھ ٻولھ ۾ استعمال ڪرڻ تي
آمادھ ڪندي آھي. دنيا جي ڪا به زبان، اصطلاحن کان خالي نه آھي. ھر زبان ۾ ھزارين
اصطلاح موجود آھن.
اصطلاح ڪنھن به لفظ جي لغوي
معنائن جي بدران ڪا ٻي معنيٰ مقرر ڪرڻ کي چئجي ٿو.
جڏھن ته New Webster’s Dictionary of English language, Deluxe
encyclopedic edition. 1986. ۾ اصطلاح جي ھيئن وضاحت ڪيل آھي.
اصطلاح، ڪنھن به زبان جي خاص
اظھار جو اھو طريقو آھي، جنھن ۾ لفظن جي ظاھري معنيٰ بيان ته ڪئي وڃي، پر اھا
معنيٰ، جيڪا انھن لفظن ۾ ڪنھن ماڻھوءَ جي سوچيل سمجھيل مقصد سان بيان ٿيل ھجي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
”اصطلاحن جي اصليت“ ۾ لکي ٿو ته؛ ”اصطلاح جي معنيٰ آھي صلح ڪرڻ. ڪنھن به لفظ جي ٻي
معنيٰ مقرر ڪرڻ.“
سنڌي زبان ۾ ڪيترا ئي اھڙا لفظ
موجود آھن، جن جي لفظي معنيٰ ۽ رواجي معنيٰ ۾ فرق آھي. سنڌ جي سرموڙ شاعر شاھ لطيف
پنھنجي ڪلام ۾ ڪيترا ئي اصطلاح ڪم آندا آھن ۽ ڪيترا ئي نوان به جوڙيا اٿس. ھتي
”شاھ جي رسالي“ جي ’سُر کنڀات‘، ’سُر سارنگ‘، ’سُر سامونڊي‘، ’سُر ڪيڏاري‘ ۽ ’سُر
ڏھر‘ مان اصطلاح پيش ڪجن ٿا. جيڪي ھن کان اڳ ’سُر ڪلياڻ‘ (سنڌي شعبي جي جرنل
’ڪينجھر‘ ۾ ڇپيل) ۽ ’سُر يمن ڪلياڻ‘، (ماھوار ’نئين زندگي‘ ۾ ڇپيل) ۾ پيش ڪيل
اصطلاحن جي ھڪ ڪڙي آھن.
سُر
کنڀات
ڀلائيءَ جا ڀير، پيشانيءَ ۾ پرين جي،
اڱڻ اُڪنڊين جي، ڏي پاٻوھي پير،
قمر پاڙي ڪير، شمس سپرينِ سين. (۱ - ۱)
اصطلاح: پير
ڏيڻ = شاديءَ يا غميءَ ۾ شريڪ ٿيڻ.
ھت ٿو پسين پرينءَ کي، تون چنڊ اھو ئي،
آڏت چئج ان کي، ڏيانءِ جو روئي،
ھيڪاندي ھوئي، سانگ مَ پوي سڄڻين. (۱ - ۳)
اصطلاح: سانگ
وڃڻ = ڪنھن سانگي يا سبب سان ٻاھر وڃڻ.
چوڏھين چنڊ اڀريو، اوڻٽيھ پسيس عام،
مٿس ناھ ملام، جيڪين پڇين پڇ سو. (۱ –۱)
اصطلاح: چوڏھين
جو چنڊ ھئڻ = نھايت خوبصورت ھئڻ.
چنڊ لڳئي منڊ، سنجھيئي سيخ ٿين،
ڪر اونداھي انڌ، ته ملان محبوبن کي. (۱ - ۱۶)
اصطلاح: سيخ
ٿيڻ = کرا کڻڻ، ڪاوڙجڻ، اڀرڻ، نرا کلڻ.
ھُن تاري، ھُن ھنڌ، ھُتِ منھنجا سپرين،
سڄڻ ماکي منڌ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏھين. (۱ - ۲۳)
اصطلاح: ڪؤڙو
ٿيڻ = تنگ وٺڻ، اڻ وڻندڙ ڳالھيون ڪرڻ.
آڻي ٻڌم وڻ جاءِ، مانَ مُکريون چري،
ڪڌا تورو ڪرھو، لڪيو لاڻي کاءِ،
ان ميي سندي ماءِ، مون ڳالھڙين ڳوڙھا ڪيو. (۲ - ۲۰)
اصطلاح: ڳوڙھا
ڪرڻ = پريشان ڪرڻ، فڪر ۾ وجھڻ.
چانگا چندن نه چرين، ميا پين نه موڪ،
اگر اوڏو نه وڃين، ٿُڪيو ڇڏين ٿوڪ،
لاڻي وڃان لوڪ، تو ڪھڙي اکر آئڙي. (۱ - ۲۱)
اصطلاح: ٿُڪي
ڇڏڻ = ڪا پرواھ نه ڪرڻ، تعلق ڇڏي ڏيڻ.
ڪنين ڪامڻ ڪياءِ، ڪئن ڀنڀولئين ڪرھا،
اکين مٿي آکا، پِڙَ ۾ پير گٺاءِ،
وڳ ڪ وسرياءِ، ٻڌو جئن گھاڻي وھين. (۲ - ۳۵)
اصطلاح: پير
گسائڻ = ھر ھر اچڻ، چاپلوسي ڪرڻ.
چانگي چئي چڪياس، مٿاءِ اَڪ نه اُلھي،
جنھن ول گھڻا وھاٽيا، ان سين آر لڳاءِ،
چوڌاري چندن وڻ، پچي پوڄ پياس،
راڙي رت ڪياس، ھن ڪڌاتوري ڪرھيي. (۲ - ۴۳)
اصطلاح: رت
ڪرڻ = چيڙائڻ يا بيزار ڪرڻ
اصطلاح: رت
روئڻ (وائي ۲) = ڏاڍو تنگ ٿيڻ.
اصطلاح: منھن
ڏيڻ (وائي ۳) = مقابلو ڪرڻ.
سُر سارنگ
لڳه پس لطيف چئي، آگم ڪيا الله،
پلر جي پالوٽ سين، پٽن جھليا پاھ،
واحد وڏائي ڪيا، مٿي گسن گاھ،
سانگين وريا ساھ، اُٺو آب اگوندرو. (۱ - ۲)
اصطلاح: ساھ
وجھڻ = وڏو ٿورو ڪرڻ.
آگم ائين نه انگ، جھڙو پسڻ پرينءَ جو،
سيڻن ريءَ سيد چئي، روح نه رچن رنگ،
سھسين ٿيا سارنگ، جاني آيو جوءِ ۾. (۱ - ۳)
اصطلاح: رنگ ۾
رتو رھڻ = پنھنجي حال تي خوش رھڻ.
بر وُٺا، ٿر وُٺا، وُٺو جيسر مير،
آگم ڪري آئيون، پائر ڀري پير،
لاٿائون لطيف چئي، وانڍين مٿان وير،
سرھا ڪيائون سير، سرھيون سنگھاريون ٿيون. (۱ - ۲۷)
اصطلاح: پير
ڀرڻ = مھربانيءَ جي ھلت ڪرڻ.
مڪي مٿان موٽيون، اُٺيون تي عرفات،
روضي پاڪ رسول جي، رنگ ڪيائون رات،
وڄڙيون پرڀات، موٽي مصر آيون. (۱ - ۲۹)
اصطلاح: رنگ
لائڻ = فيض پھچائڻ، جوھر پيدا ڪرڻ.
سارنگ سار لھيج، الله لڳ اڃين جي،
پاڻي پوڄ پٽن ۾، ارزان ان ڪريج،
وطن وسائيج، ته سنگھارن سک ٿئي. (۱ - ۳۳)
اصطلاح: پاڻي
ڏيڻ = وعدو پورو ڪرڻ، انجام پاڙڻ.
مند ٿي منڊل ٿيا، ڪيائين گڙنگ تي گل،
ھڏا ڪٽيان ھليو، ڀري ترايون تل،
آندائين آب اُڇل، مٿي باغ بھار ٿي. (۲ - ۴)
اصطلاح: باڄ
بھار ٿيڻ = ڏاڍو خوش ٿيڻ.
مند ٿي منڊل وڄيا، آيو جھڙ جھاٽي،
ھيڪ ارزان ان ٿيو، ٻيو مکڻ منجھ ماٽي،
ڪلمي سين ڪاٽي، لاٿم ڪٽ قلوب ۾. (۳ - ۴)
اصطلاح: ڪٽ
چڙھڻ = ڪارو ٿيڻ، بڇڙو يا خراب ٿيڻ.
موٽ منھنجا سپرين، آڻيئي الله،
تو کي ساري ساھ، اُڪنڊيو آھون ڪري. (۳ - ۵)
اصطلاح: ساھ
کڻڻ = ٿورو ويھي آرام ڪرڻ.
اصطلاح: ساھ
وجھڻ = ھڪ وڏو ٿورو ڪرڻ.
اوڇڻ گھرجي آجڪو، جھوپو سھي نه سيءُ،
سڻائيج سوڙ کي، حال منھنجو ھيءُ،
اڱڻ آيو ٿيءُ، ته ڍولا ڪنھن ڍنگ ٿيان. (۳ - ۸)
اصطلاح: سيءُ
ٿيڻ = ڊپ لڳڻ يا خوف ٿيڻ.
ڪانڌ تنھنجي پاند ري، سنجھي سيءَ مران،
ڪامل! ڪپاھن ۾ پيئي ٺار ٺران،
تاريءَ تنھن تران، جنھن ور وھاڻيءَ واريو. (۸ - ۹)
اصطلاح: ٺري
وڃڻ = چپ اچي وڃڻ.
موٽي مانڊاڻن جا، ڀري ڪيائين ڀر،
وڄون وسڻ آئيون، ڪوڏئان کڻي ڪر. (۴ - ۳)
اصطلاح: ڪر
(ڪنڌ) کڻڻ = مان وارو ٿيڻ.
حڪم ٿيو بادل کي، سارنگ ساٺ ڪجن،
وڄون وسڻ آئيون، ٽھ ٽھ مينھن ٽمن،
جن مھنگي لئي ميڙيو، سي ٿا ھٿ ھڻن،
پنجن منجھان پندرھن ٿيا، ائين ٿا ورق ورن. (۴ - ۵)
اصطلاح: ھٿ
ھڻڻ = پڇتائڻ.
اصطلاح: ورق
ورائڻ = ڪتاب پڙھڻ.
ڍٽ ڍري پٽ پيون، وڄون ويس ڪري،
مينھن وسي ملڪ جا، ڇڏيا تل ڀري،
قادر ڪرم ڪري، سڪا پٽ ساوا ڪيا. (۴ - ۱۰)
اصطلاح: سائو
ڪرڻ يا سائو ٿيڻ = آسودو يا ھوند وارو ٿيڻ، آباد ٿيڻ.
اصطلاح: تل
ڀرڻ = مال گڏ ڪرڻ، ملڪيت ٺاھڻ.
سڄو صاف نه اُڀري، سرلي وچا سڄ،
منھن چڙھيو ماڻھن کي، ڏي واڌايون وڄ،
ھينئڙا کپ مَ کج، سگھا ملندءِ سپرين. (۴ - ۱۶)
اصطلاح: منھن
تي چڙھڻ = روبرو ٿيڻ يا ملي وڃڻ.
وسي ساري رات، صبح جو ساھ کڻي،
منجھيئي مينھن پرين جو، جي تن ۾ ھئي تات،
ته وھاڻي پرڀات، ھوند بادل بس ئي نه ڪري. (۴ - ۲۱)
اصطلاح: ساھ
کڻڻ = ويسانھين ڏيڻ، ٿورو ويھي آرام ڪرڻ.
اصطلاح: تات
ھئڻ = يادگيري ھئڻ، ياد پوڻ.
سُر سامونڊي
پڳھ پاسي ويھ، آيل سامونڊين جي،
تون ويسري وک کڻين، ھو پوريندا پرڏيھ،
سمنڊ جن ساڙيھ، ڪوھ نه ويئين تن سين. (۱ - ۳)
اصطلاح: وک
کڻڻ = تڪڙو ھلڻ، ڀلائي ڪرڻ.
جان ايندين تان آءُ، ھڻي ھٿ پڳھ ۾،
لڳي واءُ سُواءُ، سڙھ سانباھي نه سھي. (۱ - ۴)
اصطلاح: ھٿ
ھڻڻ = پڇتائڻ.
اصطلاح: واءُ
لڳڻ = ھر ھنڌ بد اخلاقيءَ جو اثر ڦھلجي وڃڻ.
ننگر ۽ ناڙيون، پڳھ کڻي پنڌ پيا،
بندر ۽ بازاريون، سڃا سامونڊين ريءَ. (۱ - ۶)
اصطلاح: پنڌ
پوڻ = حالتن کان واقف ٿيڻ.
جيڪر اچي ھاڻ، ته ڪريان روح رچنديون،
آيل ڍولئي ساڻ، ھوند ڳر لڳي ڳالھيون ڪريان. (۱ - ۳۰)
اصطلاح: روح
رچندو ڏيڻ = دلپسند دان ڏيڻ.
اصطلاح: پير
پٽ تي نه پوڻ (داستان – ۱، وائي – ۲) = ڀڄ ڊڪ ۾ ھئڻ، فرصت ئي نه ملڻ.
اسان اڌارا، آڻي آونگ چاڙھيا،
منھن ڏيئي مون آيا، سمھان سيارا،
اڀرن سيڪارا، پسيو ور ٻين جا. (۲ - ۳)
اصطلاح: منھن
ڏيڻ = مقابلو ڪرڻ يا قرض ادا ڪرڻ جو وعدو ڪرڻ.
جا جر جاٽون نه ڏئي، ڏيا نه موھي،
سڌون ڪوه ڪري، سا پنھنجي ڪانڌ جون. (۳ - ۲۵)
اصطلاح: سڌ
ڪرڻ = خواھش ڪرڻ.
سُر ڪيڏارو
مير مدينئا نڪري، رڙھئا مٿي رند،
گھوڙا تن گھوٽن جا، پرئا مٿي پنڌ،
جتي رھئا راتڙي، سي سنھارا ھنڌ،
ڪُلاڪر نگر، ڪنڌ جھرن جھونجھارن جا. (۱ - ۶)
اصطلاح: رندن
۾ رلائڻ = تنگ ڪرڻ.
اصطلاح: رندن
۾ رڙھڻ = ميدان جي واٽ وٺڻ.
اصطلاح: رندن
۾ رلڻ = بي مانو ٿيڻ.
اصطلاح: پنڌ
پڇڻ = حالتن کان واقف ٿيڻ.
ڪربلا جي پڙ ۾، ڪلا کوڙيائون،
جھيڙو يزيد سامھون، جنبي جوڙيائون،
مُہ نه موڙيائون، پسي تاءُ ترار جو. (۲ - ۴)
اصطلاح: منھن
موڙڻ = تعلقات يا اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏيڻ.
ڏٺو ڪال ڪھين، جھنجھارڪو جھڳڙو،
ھاٿين ھڏ مڇائيا، ريلو رت نئين،
ڀائن سا سئين، جئان جي جوکو ٿئي. (۳ - ۱)
اصطلاح: رت
ريلا ڏيڻ = تمام گھڻي خونريزي ڪرڻ.
ڪاري ڪڪر ھيٺ، مون جھڙيندي ڇڏئا،
ڪارا ڪُند ھٿن ۾، اڙل وڇيرا ھيٺ،
ٿي تنين سين ڏيٺ، موٽڻ جنين ميھڻون. (۳ - ۲)
اصطلاح: ڏيٺ
ٿيڻ = ڄاڻ سڃاڻ ٿيڻ.
اصطلاح: رضا
جو سودو ڪرڻ (داستان-۱، وائي-۲) = خوشيءَ جو سودو ڪرڻ.
اصطلاح: آڏو
ٿيڻ = سامھون ٿيڻ.
اصطلاح: آڏو
اچڻ = بدلو ملڻ.
ڀڄي آئين ڀڄڻا، لڄايئي مون يار،
ويٺيون ڪن ڪُوار، مُ مٿاھا جن جا. (۳ - ۱۲)
اصطلاح: منھن
مٿي ڪرڻ = شان وڌائڻ، ناميارو ڪرڻ.
ڪا جا ڍُري ڍُنگري، ڪو جو ورئو واءُ،
علي شير وياءُ، رڻ ۾ پين راتڙي. (۴ - ۱)
اصطلاح: واءُ
ورڻ = ھر ھنڌ بداخلاقيءَ جو اثر ڦھلجڻ.
حسن ناھ حسين وٽ، ٻيلي نه ٻاھون،
ساڙھي شھزادن جو، آھي آڳاھون،
يزيد جُلاھون، تيلاه ڪريين تڪڙيون؟ (۳۵ - ۱)
اصطلاح: ٻانھن
ٻيلي ٿيڻ = مددگار ٿيڻ.
ڪلي وير ڪٽڪ ۾، ھيءَ جي حسن ھئو،
ڀيڙو ڀيڙو ڀاءُ تي، پتنگ جئن پئو،
آھي ڪو ٻئو، جو ڪري ھلان مير حسين تان؟ (۵ - ۲)
اصطلاح: ڀيڙو
ڀڄڻ = رڳي آمدرفت به بند نه رکڻ.
ڪلي وير ڪٽڪ ۾، سائو سڀ نه ھُونِ،
پِڙ تي سيئي پون، موٽڻ جنين ميھڻو. (۵ - ۳)
اصطلاح: سائو
ٿيڻ = آسودو يا ھوند وارو وارو ٿيڻ.
اصطلاح: پِڙِ
پوڻ = حوالي ٿيڻ، ھٿ اچڻ.
سورھيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وھم سڀ وسار،
ھڻ ڀالا، وڙھ ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍارِ،
مٿاءُ تيغ ترار، مارِ ته متارو ٿيين. (۵ - ۵)
اصطلاح: ترار
جھلڻ = سورھيه ٿي منھن ڏيڻ.
پاؤنگ اچو پڙ ۾، ھڻي ھزاري ھول،
جوھر ۽ جڙاءَ سين، ڪامل سر ڪنگول،
رتو رت رتول، مولھيو مير حسين جو. (۵ - ۸)
اصطلاح: رتو
راس ٿيڻ = سھڻي ۽ ڪارگر شيءِ تيار ٿيڻ.
پاڪ جنين جا پير، کٽاءِ ھيٺ نه کوڙئا،
تنگ ترارن تڇئا، ڇڻيو پون ڇڳير،
ڍنڍ تنين جا ڍير، ڳجھڙين ڳر لائيا. (۶ - ۲)
اصطلاح: پير
کوڙڻ = جاءِ ڪرڻ، پڪيءَ طرح رھڻ.
اصطلاح: ڍينگو
ئي ڍيري ٿيڻ = سخت نقصان پھچائڻ.
اصطلاح: ڍيري
ٿيڻ = ڪري پوڻ.
ڪاند ڪلارين ڪيڙين، ورا وٺاھيو آءُ،
جت سانگين جي سٽ وھي، اتي وک وڌندي پاءِ،
تان تان ڀؤ مَ ڀاءِ، جان جان نونڌي نه چڙھين. (۳ - ۱۰)
اصطلاح: نونڌ
تي چڙھڻ = گھوٽ ٿيڻ.
اصطلاح: وک
ڀرڻ = ڀلائي ڪرڻ، مدد ڪرڻ.
سُر ڏھر
ڪر ڪا ويھي ڳالھ، ڪنڊا ڍور ڌڻين جي،
ھھڙي تون اڄ حال، ڏکيا ڏينھن گذارئين. (۱ - ۲)
اصطلاح: ڳالھ
ڪرڻ = سولو يا معمولي سمجھڻ.
جي تو ھئڙو وڍ، ڪنڊا ڍور ڌڻين جي،
پاڻان ڏيئي ڏڍ، مورئي مڃر نه ڪرئين. (۱ - ۶)
اصطلاح: ڏڍ
ڏيڻ = دلداري ڏيڻ.
سڪي ڍور ڍيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،
پاڻي پٽيھل ۾، اڄ اڳيون نه آيو،
ماڙھن ميڙائو، ڪنھين ڪنھين ڀيڻيين. (۱ - ۱۰)
اصطلاح: ڍيون
ٿيڻ = ڪنڌي پاسو ڪرڻ، نظر کان گم ٿيڻ.
جان واھڙ ۾ وھ، تان تون مڇ نه موٽيو،
ڪائي ۾ ڪوھ ڪرئين، پوءِ موٽڻ جو پھ،
سر مٿي تون سھ، مھميزون ملاحن جون. (۱ - ۱۳)
اصطلاح: سر تي
سھڻ يا وسائڻ = مصيبت يا تڪليف سھڻ يا کائڻ.
ڌڻي سو وارئين واءُ، جو ميڙائو سڄڻين،
ونھيئن واٽ مٿاءُ، ھنئڙي آسر نه لھي. (۲ - ۱)
اصطلاح: واءُ
ورڻ = عام ٿيڻ.
اصطلاح: واءُ
وراڻ ڪرڻ = مدد ڪرڻ.
ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون ور وڏي وٿ،
مٿان ڏيئي ھٿ، جنھن عيب ڍڪيا. (۳ - ۳)
اصطلاح: ھٿ
ڏيڻ = سھائتا يا مدد ڪرڻ يا ٽيڪ ڏيڻ.
ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون ور وڏي ذات،
لوڪ نه آڇي واٽ، جي ڏسي ڏوھ اکين سين. (۳ - ۶)
اصطلاح: اکيون
ڏسڻ = ڪاوڙ يا غصو ڏسڻ.
ور سين وجھيو ڪاڻ، کر سين کلون پائيين،
ڀوري منڌ اڄاڻ، ڪڻ ڇڏيو تھ ميڙئين. (۳ - ۸)
اصطلاح: ڪاڻ
ڪرڻ = پرواھ نه ڪرڻ.
اصطلاح: ڪاڻ
ڪڍڻ = محتاج ٿي رھڻ، ھيٺاھين سان ھلڻ.
جاڳڻ منجھان جس، آھي ادا جن کي،
لاھي جو لطيف چئي، مٿان قلب ڪس،
ورنھ ڪجا وس، صبح ساڻ سيد چئي. (۳ - ۱۱)
اصطلاح: وس
ڪرڻ = ھٿ ۾ ڪرڻ.
ستي نه سرندياءِ، ڪر پچار پرين جي،
وھامي ويندياءِ، گھڻا ھڻندين ھٿڙا. (۳ - ۱۲)
اصطلاح: ھٿڙا
ھڻڻ = پڇتائڻ، ھٿ ھڻڻ.
قسمت آندي ڪونجڙي، وطن سندس روھ،
ڪنھنجو ڪونھي ڏوھ، رزق رازق ھٿ ۾. (۴ - ۲)
اصطلاح: ھٿ ۾
ھئڻ = قبضي يا اختيار ھيٺ ھئڻ.
وڳر وساري، ويٺي ڪئن ماٺ ڪري،
ڪ تو، نه ماري، رڻ جھڻ سندي سڄڻين. (۴ - ۴)
اصطلاح: ماٺ
ڪرڻ = خاموش ٿيڻ.
اصطلاح: ماٺ
لڳڻ = حيران ٿيڻ.
اصطلاح: ماٺ
پوڻ = تعجب لڳڻ.
روھ نه وئين رات، ڪوھ نه ڪرڪين ڪونجڙي،
اڄ توھين جيءَ تات، سر ۾ سارڻ آئيون. (۴ - ۶)
اصطلاح: تات
ھئڻ = يادگيري ھئڻ، ياد پوڻ.
ڀڄڻان ڀلي نڱيو، ڏيئي پاڳوڙي پير،
جسي ۽ جسراج جو، مٿي وانڍين وير،
ڪڇ رھندو ڪير، لاکو لوڙائو ٿيو. (۴ - ۳۹)
اصطلاح: پير
ڏيڻ = شادي يا غميءَ ۾ شرڪت ڪرڻ.
لاکا لڄ سندياءِ، اوڏ اگلي آھيان،
پکا سي پرٽاءِ، جي اجھي تنھنجي اڏيا. (۴ - ۴۴)
اصطلاح: پکو
اڏڻ = ڀونگڙي يا ڪچو گھر ٺاھڻ.
اڏيو جو اوڏن، سو شال ڍنگھر ڍلو م ٿئي،
جنھن ڀر ويھي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين. (۴ - ۴۲)
اصطلاح: ڍنگھر
ٿي وڃڻ = ڪنڊا ٿي وڃڻ، ڪمزور ٿي وڃڻ.
اڏي اڏي اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون،
ٽڪاڻا ۽ ٽول، پيا آھين پٽ ۾. (۴ - ۵۶)
اصطلاح: پٽ
پوڻ = ختم ٿيڻ.
مددي ڪتاب
۱. علامه امداد علي امام علي قاضي، ”رسالو
(پيغام) شاهه عبداللطيف جو“، سنڌي ادبي بورڊڄام شورو/ حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، ۱۹۸۶ع.
۲. ڪلياڻ آڏواڻي؛ ”شاهه جو رسالو“، ھندستان ڪتاب گھر، بمبئي، ڇاپو پھريون ۱۹۶۶ع.
۳. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛ ”اصطلاحن
جي اصليت.“
۴. ليکراج عزيز؛ ”سنڌي اصطلاح“، ليکراج
ڪشنچند عزيز ايڊيوڪيشنل ۽ لٽرري ٽرسٽ بمبئي، ڀاڱو پھريون، ڇاپو پھريون ۱۹۷۶ع ۽
ڀاڱو ٻيو، ڇاپو پھريون ۱۹۸۷ع.
۵. غلام اصغر؛ ”سنڌي کٽمٺڙا.“
۶. ”ڪينجھر“، (جرنل) سنڌي شعبو، سنڌ
يونيورسٽي ڄام شورو ۱۹۸۸ع.
۷. ماھوار ”نئين زندگي“ پاڪستان
پبليڪيشن، حيدرآباد سنڌ.
8. New Webster’s Dictionary of
English Language, Deluxe Encyclopedic Edition 1986.
(ڇھ- ماھي سنڌي ادب، جلد ۱۱،
نمبر ۱۹۸۹/۱، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄام شورو، سائيز رائل، ص
۲۴۹ کان ص ۲۵۹ تائين، تان ٿورن سان کنيل).
No comments:
Post a Comment