سنڌي ٻوليءَ تي موسيقيءَ
جو اثر
عبدالحق ابڙو
قديم دور کان وٺي، سنڌ ۾ سنگيت
جي اھميت رھي آھي ۽ ان جا اھڃاڻ اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ملن ٿا. سنڌ ۾ موسيقيءَ جو
مان مٿاھون ھو ۽ ماڻھو موسيقيءَ جا متوالا ھئا. انھيءَ جو نتيجو اھو نڪتو جو ماڻھو
ڪي اھڙا محاورا استعمال ڪرڻ لڳا، جن جو سڌو سنئون تعلق راڳ سان ھو.
ائين آھستي آھستي سنڌي ادب تي
اثر ٿيڻ لڳو. ايتري قدر جو انھن محاورن جو اثر سنڌي ڊرامن تي به ٿيڻ لڳو ۽ اھي
محاورا ڊرامن جي ڊاييلاگن ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. مثال طور:
۱. ”کٽ راڳ“ معني مصيبت ۾ پوڻ.
موسيقيءَ ۾ کٽ راڳ، ھڪ اھڙو راڳ
آھي، جنھن ۾ شڌ ڪومل ۽ تيور سڀ سر لڳندا آھن. تنھنڪري راڳ ڳائڻ مصيبت ھوندو آھي.
يوسف؛ ”ڪمال! ماٺ ڪر! کٽ راڳ نه
ڪر. نه ته آئون ھليو ويندس.“
ڪمال؛ ”ادا! تون نه وڃ، مون چپ
ڪئي.“
۲. ”جھنجھٽ“ معني آزار.
ھي جھنجھوٽي راڳ آھي. انھيءَ
تان ھي محاورو ورتل آھي.
يوسف؛ ”ادا! آئون ته شادي ڪري
جھنجھٽ ۾ پئجي ويس.“
ڪمال؛ ”ادا! پوءِ شادي نه ڪرين
ھا!“
۳. ”راڳ ڪرڻ“ معني بھانا ڪرڻ.
ھي محاورو ڪنھن راڳ تان ورتل
آھي.
يوسف؛ ”ڪمال يار! ھلڻو اٿئي ته
ھل، نه ته راڳ نه ڪر!.“
ڪمال؛ ”ادا! مون کي ڪم آھي،
تنھنڪري تون ڀلي وڃ!“
۴. ”رڍ ڇا ڄاڻي رباب مان“ معني بيوقوف جي
اڳيان حال اورڻ.
ھي محاورو به ڪنھنراڳ تان ٺھيل
آھي.
يوسف؛ ”يار! جلال واري پٽ کي
ڪيترو سمجھايم، پر ڪا به ڳالھ سمجھ ۾ نه آيس، صفا ڪو چٽ آھي.“
ڪمال؛ ”ڀاءُ منھنجا! رڍ ڇا ڄاڻي
رباب مان. ان کي پنھنجي خبر ڪانھي ته آئون ڪٿي آھيان، تنھن کي چيو اٿيئي.“
۵. ”ترڪ تال ڪرڻ“ معني نخرا ڪرڻ.
ترڪ تال، ڪنھن تال جو نالو آھي.
جيئن تين تال، چڪر تال، پورن تال.
مڙس؛ ”سليم جي ماءُ! تو به
منھنجا آنڊا ساڙي ڇڏيا آھن. جلدي ماني پچاءِ، ترڪ تال نه ڪر!.“
زال؛ ”تو کي ته سدائين اھي
ڳالھيون ياد آھن. ٻي ڪا وائي وات اٿيئي؟“
۶. ”ساڍ چال ھلڻ“ معني نٽائڻ.
ڪي تال اھڙا ھوندا آھن جن ۾ اڌ
ماتر ڳڻبي آھي. انھن کي ساڍ چال يا ساڍ چال جا ٽڪا چوندا آھن.
ڪمال؛ ”ادا! مون کي خبر آھي،
تون ساڍ چال پيو ھلين.“
يوسف؛ ”ادا! اھي چالون تو کي
ٿيون اچن، اسان ڏي سڀ خير آھي.“
۷. ”تيرنھن تالي“ معني وڏي نخري واري.
ڪوئل؛ ”تون ته تيرنھن تالي
آھين! تو کان ته رب بچائي.“
مومل؛ ”تون به گھٽ نه آھين، سڀ
ٿي ڄاڻين، تو کان به پاسو ڪجي.“
۸. ”تار مڪان کان ٻاھر وڃڻ“
تار معني تال، مڪان معني سم جي
جاءِ.
ڪمال؛ ”ادا! تون ته تار مڪان
کان ٻاھر آھين.“
يوسف؛ ”ادا! تون وري ڪھڙو سريلو
آھين.“
۹. ”بي تالو ٿيڻ“ معني منجھي پوڻ.
جيڪو ماڻھو ٽڪي کان نڪري ويندو
آھي، تنھن کي بي تالو چئبو آھي.“
يوسف؛ ”انڀال! بي تالو نه ٿيءُ!
اڃا ته اڳتي ھلڻو اٿيئي.“
ڪمال؛ ”جڏھن به آ ڳائيندو
آھيان، ته تنھنجي اھا دانھن پئي پوندي آ، مون ته اڳتي ڳائڻ کان ئي توبھ ڪئي.“
۱۰. ”گر“ معني تال جو سم.
گر ھٿ اچڻ معني صحيح رستو ھٿ
اچڻ.
يوسف؛ ”ڪمال! تو کي ته زندگي
گذارڻ جو اھڙو گر ھٿ اچي ويو آھي جو ڳالھ ئي کڻي ڇڏ! پر اسين ته ويل ۾ آھيون.“
ڪمال؛ ”ڀاءُ منھنجا! اھو رستو
به ڪنھن ڪنھن کي ھٿ ايندو آھي.“
۱۱. ”ڌڪڙ تي اٽو لائڻ“ معني جھيڙي جي ڪوشش
ڪرڻ.
ڌڪڙ ٻه ھوندا آھن. ھڪڙي کي مادي
چئبو آھي ۽ ٻئي کي نر چئبو آھي.
اٽو ھميشه نر تي لڳندو آھي ته
جيئن آواز وڏو ۽ ٿلھو نڪري.
يوسف؛ ”ڏس ڪمال! ڌڪڙ تي اٽو
لائڻ سٺي ڳالھ نه آھي، توھان ته پاڻ جھيڙي کي ٽاريو ھا ته ھو کير کنڊ ٿي وڃن ھا.“
ڪمال؛ ”ھو پھرين ڪھڙا کير کنڊ
ھئا، پر تنھن ھوندي به مون صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وريو ڪجھ ڪو نه!“
۱۲. ”ٽڪو پنجو ڪرڻ“ معني پورت ڪرڻ.
ڍولڪ وارو ٻيءَ ڪاري ۾ سم تي
پھچڻ لاءِ ٽڪو يا پنجو ھڻندو آھي ته جيئن ھو سم تي پھچي ۽ سم تي پھچندو آھي.
يوسف؛ ”ڪمال! ڪر خبر! اڄڪلھ ڇا
پيو ڪرين؟“
ڪمال؛ ”يوسف، حياتي گھارڻ لاءِ
مڙئي ٽڪو پنجو ڪرڻو پوندو آھي.“
۱۳. ”ست سريون ٻڌائڻ“ معني مند جون ٻڌائڻ.
ٻارنھن سرن مان ست سر سچا سر
ھوندا آھن، باقي پنج سر ڪومل يا تيور ھوندا آھن.
يوسف؛ ”ڪمال! اڄ تو مونکي ست
سريون ٻڌائي ڇڏيون.“
ڪمال؛ ”تو ڳالھ ئي اھڙي ڪئي
آھي.“
۱۴. ”ٺاٺ ۾ ھئڻ“ معني خوشيءَ ۾ ھئڻ.
ٺاٺ ستن سرن جي ترتيب جو نالو
آھي. انھن ستن سرن مان ھزارين راڳ نڪرن ٿا. ائين سرن جي ڦير گھير مان ڪل ٻاھتر (۷۲)
ٺاٺ ٺھن ٿا ۽ ھر ٺاٺ مان چار سؤ چوراسي (۴۸۴) راڳ نڪرن ٿا. ائين ٻاھتر ٺاٺن مان ڪل
چوٽيھ ھزار اٺ سؤ اٺيتاليھ (۳۴۸۴۸) راڳ ٺھي سگھن ٿا. ھن وقت فقط ڏھ ٺاٺ ٺاھيا وڃن
ٿا.
مثال: ڪلياڻ ٺاٺ، ڪافي ٺاٺ،
بلاول ٺاٺ ۽ ٻيا.
يوسف؛ ”اڄ ته ڏاڍو ٺاٺ ۾ آھين!
ڪيڏانھن ٿو وڃين؟“
ڪمال؛ ”اسين ته سدائين ٺاٺ ۾
ھوندا آھيون.“
ائين ٻيا ڪيترا ئي محاورا ھوندا
جن جو اثر سنڌي ڊرامن تي آھي... ۽ منھنجي خيال ۾ موسيقي جي محاورن ڪري به سنڌي
ٻولي وڏي ترقي ڪئي آھي.
(ماھوار نئين
زندگي، وزار اطلاعات و نشريات پاڪستان، جون ۱۹۸۸ع، ص ۲۹ ۽ ص ۳۰ تان ٿورن سان کنيل)
No comments:
Post a Comment