ڪتي متعلق پھاڪا
ساٿي محمد بچل کيڙو
ڪتو، تاريخ کان اڳ
واري زماني کان ماڻھوءَ جو گھاٽو سنگتي رھيو آھي. انسان ڪتي جي ورتاءَ منجھان جيڪي
تجربا حاصل ڪيا آھن، تن کي اھڃاڻ بنائي، ان جي سٺاين ۽ خرابين کي ماڻھن جي خصلتن
سان به ڀيٽيو آھي. ان حساب سان سنڌي ٻولي، جيڪا پھاڪن ۽ اصطلاحن سان ڀري پئي آھي،
ان ۾ ڪتي متعلق انيڪ چوڻيون ۽ اصطلاح آھن، جن مان ڪجھ ھن ريت آھن.
ڪتي جو پڇ ٻارھن
مھينا نڙ ۾ وجھ ته به اھو ئي ڦڏو.
ڪتو به کاڌوسون، ڪک
به نه ڀري.
ڇتو ڪتو به مالڪ
سڃاڻي.
فلاڻو ڇتي ڪتي
وانگر، لُرَ پئي ويو.
ڇو ڇتي ڪتي وارا چڪ
پيو ھڻين.
ڇڏينس ڀلي پيو ڪتي
وانگر ڀؤنڪي.
يار، جھاٽو ڪو ڪتو
آھين.
ڇو مانيءَ ۾ ڪتي
واري اک وڌي اٿئي؟
يار، تون نوسڻو ڪو
ڪتو آھين.
اھا ڪتي واري نوس
نوس ڇڏ.
ڪتو ۽ ٻار، لڏ پلاڻ
۾ خوش.
فلاڻو ائين ويڳاڻو
ويٺو آھي، ڄڻڪ لڏي مان ڪتو وڇڙي آيو آھي.
ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ
جي مانيءَ مان.
ادا! ڪتي کي نه
مار، ڪتي جي روڙ ستين آسمان تي پھچندي آھي.
جڏھن ڪنھن جي اجاين
ڳالھائڻ تي ڪاوڙ ڪبي آھي ته چئبو آھي؛ ”ھاڻي بس ڪر! اھا ڪتي واري ڄاڙي بند ڪر!“
ھاڻي بس ڪري ويھ!
ڪتي وانگر ڀؤنڪ نه!
يا چئبو آھي؛ ”ادا!
تون بس ڪري ويھ، ھي آھي ڪتو، ڀلي پيو ڀؤنڪي.“
آھستي ڳالھاءِ! ڪتي
واريون رُوڙيون نه ڪر!
ڏسوس! ڄڻ چور ڪتي
کي چڙي ٻڌي پئي آھي.
ڪتو ڪڙم جو ويري.
ڪتو وافادار جانور
آھي.
فلاڻو ائين ڀڳو
جيئن ڪتيءَ ڪن وڍيا.
جوڳي رمتا ڀلا، ڪتا
ڀؤنڪتا ڀلا.
فلاڻي کان گھڻو پئي
نٽايم پر يار، ڪتي واري پٺ ڇڏيئي نه ٿو.
بس ڪري ويھ! ڪتي
واري ڀئون ڀئون ڪري لاتي اٿئي.
چوڻي آھي؛ ”جنھن
گھر ۾ ڪتو ھوندو، ان گھر ۾ رحمت جا ملائڪ سڳورا نه ايندا.“
اھا مون ڏانھن نه
ڀانءِ، اھو منھنجي ڪتي جو وڙ ناھي.
بدڪار اشرافن جي
پاڙي مان لنگھندي پيا شرم کائيندا ھئا ۽ چوندا ھئا ته ڪتي جو مسيت ۾ ڇا.
بيحد ڪاوڙ مان چئبو
آھي؛ ”ھي ڪارو ڪتو پاڻ کي سمجھي ڇا ٿو؟“
ڪنھن کي ڪاوڙ مان
چئبو آھي؛ ”بس ڪري ويھ! اھا ڪتي واري ڏندي نه ڏي!“
ڪتي-کاڌي-وٿُ ھي
پاڻ کي سمجھي ڇا ٿو؟
ڇو ڇتي ڪتي وارا چڪ
پيو ھڻين.
ادا! چور جو نالو
ڪتي تي به چڱو ناھي.
يا چئبو آھي؛ ”چور،
ڪتو به چڱو ناھي.“
ڳالھائين ٿو ڪي ڪتي
وانگر ڏاڙھين ٿو.
ڪٿي رش ھجي ۽ ويھڻ
لاءِ جاءِ نه ھوندي آھي ته چئبو آھي؛ ”يار! ھتي ته ڪتي ويائي پئي آھي.“
وفاداري ته ڪو ڪتي
کان سکي.
ڪتي کي پگھر نڪري؛
زبان ذريعي.
ڪتي جا ڪن، جيئن
وڍ، تيئن کھرو.
گھڻو ئي منع ڪئي اٿمانس
پر لنڊو ڪتي وانگر پٺ ئي نه ٿو ڇڏي.
پري ٿي ويھ! وتين
ٿو رڳو ڪتي وانگر گگون ڳاڙيندو.
ڇو يار ڪتي واريون
ڦيراٽيون اچي ويون اٿئي.
فلاڻي کي ڪتي واري
خارش ٿي پئي آھي، رڳو پيو ٿو کنھي.
چار پنج ڪتا ھڪ ڪتي
کي ڦري ايندا آھن ته پوءِ جي ان ڪتي ڏندي ڏني ته سڀ ڪتا پري بيھي ڀئون ڀئون ڪندا
آھن ۽ ويجھو نه ويندا آھن، ان ڪري چوڻي آھي؛ ”يار! فلاڻو ڪتي واري ڏندي ڏيو ويٺو
آھي، ھن سان ڪير پڄندو.“
رڇ ھميشه ڏاڍي ڪتي
کي نظر ۾ رکندو آھي.
يار! فلاڻو ڏس ائين
ويٺو آھي، جيئن بريڪ ۾ ڪتو.
ڇو ڪتي وارا جھٽ
ھڻندو ٿو وتين.
يار! پٽ پٽان لڳي
پئي اٿئي، ڪتي واري مک ورايو اٿئي ڇا؟
گھڻن ماڻھن جو
ڳالھائڻ ٿيندو آھي ته چئبو آھي؛ ”يار ڳالھائڻ ۾ ڄڻ ڪتن واري ويڙھ لڳي پئي ھئن.“
ڳالھائڻ وقت ڪنھن
کي ڪاوڙ ۾ چئبو آھي؛ ”اھا ڪتي واري ھُڏي نه ڏي.“
ڪنھن ڳالھ تي ڪو ضد
ٻڌي بيھندو آھي ته چئبو آھي؛ ”يار! بينشيرو ڪو ڪتو آھين.“
فلاڻو ڪتي وانگر پڇ
پائي وٺي ڀڳو.
اھڙي ننڊ اچي ويس،
ڄڻ ڪتي کي پُڙي آئي.
ائين وڃي
جھليائينس، ڄڻ بلٽري ڇٽو.
ڪتو ڪتي کي نه سھي،
فقير فقير کي نه سھي.
فلاڻي کي اھڙو
ماريائون، جو ڪتي وارا ٻرڙاٽ پئي پيس.
ادا! فلاڻي جي ڪتي،
دڳ ئي ڦٽائي ڇڏيا آھن.
ھاڻي بس ڪري ويھ!
نه ته ڪتن جي بڇ ڪرائيندوسانءِ.
مان چوانءِ ٿو ته
اھا ڪتي واري ڄاڙي بند ڪر!
ادا! فلاڻي سان
اھڙي ڪار ٿي، جو ڪتن سان گڏ کارايائينس.
ڌوٻيءَ جو ڪتو؛ نه
گھر جو، نه گھاٽ جو.
ڪتو ويھندو آھي ته
به پڇ لوڏي، جاءِ صاف ڪري ويھندو آھي، تون ھھڙي گند ۾ ويٺو آھين.
فلاڻي ھنڌ اھڙو آدم
ھيو، ڄڻ جھول ۾ ڪتا.
ضديرو ڪو ڪتو آھين.
جو ڪنھن جي ڳالھ ئي نه ٿو مڃين.
ھن کي پالي نپائي وڏو
ڪيوسين ھاڻي ھٿ جو ڪتو ھٿ کي ٿو کائي.
فلاڻي ھنڌ اھڙي چپ
چپات لڳي پئي ھئي جو ڪتي جي ڀؤنڪ به ڪا نه پئي ٻڌي!
ادا! ايڏانھن نه
وڃ! ڪتا نه کيڪر بازي ڪنين.
فلاڻو ائين ڀڳو،
جيئن ڪتي جي وڍي نڪتي.
ادا! اڃا ڪتي کي به
ڪا ساڃاھ ھوندي آھي، ھن ۾ اھا به ناھي.
ڪتي ۾ به ڪو ناس
پتو آھي، ھن ۾ ته اھو به ناھي.
ڇو يار! جانڊاھي
ڪتي واريون ڦيراٽيون اچي ويون اٿيئي.
گھڻي سردي ۽ ٿڌ ۾
ڪتو پنھنجو نڪ لڪائيندو آھي.
ڪتو بک مرندو ته به
پنھنجي مالڪ جو گھر نه ڇڏيندو.
مان وڃان ٿو، تون
آھين ڪتو، پيو ڀؤنڪ!
فلاڻو ڪتي واري
رومڙ ڪري چڙھي ويس.
ائين به مشھور آھي؛
”ڪتو کنگھي ٿو پڪ ئي پڪ ڪنھن لوھ اولاريو اٿس.
ھاڻي ڪنھن لوھي چيز
تي ٽڪر ڳڀو رکي کڻايوس.
چوڻي آھي؛ ”ستن
بگھڙن سان گڏ اٺون ڪتو به ھوندو آھي.“
ڪتو وات چري کان
ڪڏھن ڪڏھن سائو گاھ ڪٻھ وغيرھ به کائيندو آھي.
چوندا آھن؛ ”ڪتي
جڏھن ڪت تي ھجي ته بنھ ويجھو نه وڃجي توڙي انھن ۾ پنھنجو ڪتو به ھجي.“
اڃا ڪتي کي به ڪو
ڌيڻپو آھي، ھن ۾ ته اھو به ناھي.
فلاڻو ڍاپڻ جو ئي
ناھي، ڪو ڪتي وارو آنڊو اٿس.
ڪنھن کي ڪاوڙ ۾
چئبو آھي؛ ڪتي جا پٽ! تون پاڻ کي سمجھين ڇا ٿو؟“
ادا! فلاڻي وٽ ته
کڙھ جو ڪتو ڀلو آھي.
ڪو ڪتو نڪي شڪار جو
سٺو ھجي ۽ نه کڙھ جو، ته اھڙي ڪتي کي چون؛ ”لوسي ڪتو.“
ھجائتي ڪتي، ھجري ۾
ھنگي.
(عوامي آواز جو روزنامه ھلال
پاڪستان ڪراچي ميگزين سيڪشن، ۱-مارچ ۱۹۸۳ع، ص ۶۴ ۽ ۶۵ تان ٿورن سان کنيل)
No comments:
Post a Comment