سنڌي لوڪ ادب
۽ کل ڀوگ
ھڪ سرسري جائزو
علي احمد بروھي
جڏھن به ڪنھن قوم
جي سڀيتا جو اڀياس ڪجي ٿو، ته اسان کي ٻه ڳالھيون چٽيءَ طرح نظر اچن ٿيون. ھڪ ان
قوم جا پنھنجا ڪارناما ۽ ٻيو سندس اباڻو ورثو، جو سرمايو کيس پنھنجي وڏڙن کان
پيڙھي به پيڙھي حاصل ٿيندو رھي ٿو. اسين اھو خاطريءَ سان چئي نه سگھنداسين ته سنڌي
ڪيئن ۽ ڪڏھن تاريخي سطح تي نڪري نروار ٿيا. پر ھيءَ ھام يقين سان ڀري ٿا سگھون ته
اسين ان قديم قوم کان به آڳاٽا آھيون جنھن پاڻ کي پڏائڻ لاءِ آريه ۽ اسان کي
اڻ-آريه سڏيو. ڌارين قومن جو اسان وٽ اوير سوير اچي سھڙڻ، يا ٽانڊي لاءِ اچي پوءِ
بورچياڻي ٿي ويھڻ جو دستور اسان وٽ دائمي ھلندو ٿو اچي. موھن جي دڙي کان وٺي
ورھاڱي تائين اسان جي سموري تاريخ اھڙي مھمان نوازيءَ سان ڀرپور آھي.
موھن جي دڙي ۽
آمريءَ جي کوٽاين وسيلي اسان کي اھڙا اھڃاڻ ملي سگھيا آھن، جي ان زماني جي سنڌي ٻولي،
سنڌي صورتخطي ۽ سنڌ جي ثقافت تي خاصي روشني وجھن ٿا. ھيءَ ٻي ڳالھ آھي ته اسين
پنھنجي ابن ڏاڏن جي سياسي ۽ ثقافتي تاريخ سھيڙي نه سگھيا آھيون. نه وري پنھنجي
اباڻي ٻوليءَ جو ڪو پيرو کرو يا انت ئي لھي سگھيا آھيون. پنھنجي حسب نسب ۽ ورثي
سان اسان جي اڪير ۽ دلي لڳاءَ جو حال ھي آھي جو اسين ان ڏس ۾ ڪا ڪوشش به ڪري نه
رھيا آھيون. اھا اسان جي حضور شرمي آھي. يا وري ان ڊپ کان تحقيق نه ٿا ڪريون ته
متان وڏڙن جي ھسٽري شيٽ ظاھر ٿيڻ ڪري سندن ڏوھ گناھ جي سزا ۾ اسين به گھليا وتون.
جڏھن به سنڌي ٻوليءَ جي اصليت يا سندس نثر ۽ نظم جي جڙ پاڙ جو ڪو سوال پيدا ٿئي ٿو
ته اسين لامارا ڏيئي ھر وار اچي قاضي قاضن تي دنگ ڪري بيھي ٿا رھون، ڄڻ ته قاضي
قاضن سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا جي ڪا جنگشن ھئي.
خوش طبعي يا چرچو
گھٻو نه فقط سنڌيءَ جي طبع يا فطرت آھي پر سندس جياپو آھي. سنڌي صدين کان وٺي
تاريخ جي ھر پتڻ تي اٺ جيان پئي ڪٽيو آيو آھي. جي کيس کل ڀوڳ جو سھارو نه ھجي ھا
ته ھو ڪڏھوڪو لاڪر صفح ھستيءَ تان ائين ميٽجي وڃي ھا جيئن ڦرھيءَ تان اکر ميسارجي
ويندا آھن. يا وري ڄمندي ئي گونگو ھجي ھا. شايد اھو ئي سبب آھي جو اوائل ۾ سنڌين
پنھنجي ٻوليءَ کي ڳالھائڻ جو ھڪ انوکو نمونو ڳولي ڪڍيو جو بي آواز ھيو جنھن کي
اشارن واري علامتي ٻولي چيو وڃي ٿو. خود سڪندر اعظم جي تاريخ نويسن ڄاڻايو آھي ته
بٽالا جي علائقي ۾ ماڻھن آجيان ۽ کيڪر ٻئي ھٿ اڀا ڪري اشارن ۾ ٿي ڪئي. ظاھر آھي ته
جنھن قوم کي ھر صديءَ جي موڙ تي ڌارين سان پنارو پوي ته جيسين کيس ٻاھرين ٻوليءَ
سان واقفيت ٿئي ته ان وقت تائين سواءِ اشارن ۾ ڪم ڪڍڻ جي وٽن ٻي واھ ئي ڪھڙي آھي. اھي
اشارا ۽ علامتون اڄ به اسان وٽ ھلندا اچن. سندن ڄاڻائڻ ضروري نه آھي. ممڪن آھي ته
ڪي ماڻھو ان غلط فھميءَ ۾ مبتلا ٿين ته کين ڀونڊا ٿا ڏنا وڃن يا آنڱوٺا ڏيکاريا ٿا
وڃن.
ھڪ بلوچ سردار لاءِ
مشھور آھي ته ھڪ ڀيري شڪار لاءِ ويندي جھنگ ۾ ھڪ ڌنار منھن پئجي ويس. بلوچ سردار
پڇيس ته ڪير جوان آھين. ڌنار چيو ته سائين ميھار آھيان ۽ ميھون ٿو چاريان. سردار
ھٿ ڊگھو ڪري کيس ڀونڊو ڏنو. ميھار حيران ٿي سردار کان سندس سڃاڻپ پڇي. سردار چيو
ته آ آھيان ٻروچ سردار. ڌنار ٻنھي ھٿن سان ڀونڊو ڏنو. سردار چيو ته ڄٽ، مون ته
توکي ڀونڊو ان لاءِ ئي ڏنو جا پاڻ کي ميھار سڏائي، درياھ ڪنڌيءَ ليٽي ڪٽيءَ جا
ڪٽورا ٿي کاڌءِ ۽ ويچاري سھڻي دانھون ڪندي درياھ ۾ ٻڏي مئي. ھاڻ تون ٻڌاءِ ته مون
کي تو ڀونڊا ڇا لاءِ ڏنا؟ ڌنار چيو ته سائين سھڻي ته منھنجي سريت ھئي. ڪا جوءِ ته
نه ھئي. پر تون جو پنھنجي حق ٻڌي سسئيءَ کي ستل ڇڏي ٺڪاءُ ڏيئي ڪيچ ڀاڄ ڏني ھئي ۽
بھانو ڪيو ھو ته ڀائر تو کي ڀنگ پياري ڀڄائي ويا ھيا. اھڙي ٻروچ تي ٻٽو حيف ھجي.
پر جي گھوڙي تي سوار نه ھجين ھا ته ڀونڊو گھڙي ڏيانءِ ھا.
اشارن کان پوءِ
سنڌيءَ ۾ خوش طبعيءَ جو وڏو خزانو ٻوليءَ جي پھاڪن ۽ چوڻين ۾ موجود آھي، جنھن ۾ کل
چرچي سان گڏ صدين جي سڃاڻپ ۽ ڏاھپ پڻ سمايل آھي. ھونئن به اھي پھاڪا دنيا جي مڙني
ملڪن ۾ قديم زماني کان اسان جي دلچسپيءَ جو مرڪز پئي رھيا آھن. افلاطون ۽ سقراط
جھڙن يوناني فيلسوفن لاءِ پڻ چيو وڃي ٿو ته ھنن پنھنجي دور جا محاورا ۽ پھاڪا پاڻ
وٽ جمع ڪري کين پنھنجي دانائيءَ جي کاڻ جيان استعمال ڪيو. ڇاڪاڻ ته پھاڪن ۾ وڏڙن
جا تجربا ۽ مشاھدا سمايل ھوا، جي ھر دور ۾ آزمايل ھوا. جرمنيءَ جي مشھور دانشور ”بورڪاٽ“
جي راءِ مطابق پھاڪا اھي عوامي چوڻيون آھن جن ۾ سچ سليقي سان ۽ سلوڻي نمونه بيان
ڪيل ھجي ۽ جنھن جي حقيقت سان سڀ شامل راءِ ھجن. ٻين اکرن ۾ ھيئن کڻي چئجي ته انسان
ذات جي مڙني پيڙھين جو تجربو پھاڪن ۾ ائين سمايل آھي جيئن درياھ ڪوزي ۾.
ھاڻ دنيا زماني جي
ان موڙ تي اچي پھتي آھي، جتي سڀ ماڻ ۽ ماپا ئي بدلجي ويا آھن. ان ڪري پرانن پھاڪن
منجھ سڌارو آڻڻ بلڪل لازمي آھي. نه ته رواج کان نڪري بي موت مري ويندا. مثال طور
اڳ چوندا ھو ته ”ڪتي جو پڇ نڙ ۾ وجھو، ٻارنھن مھينن کان پوءِ ڪڍو ته اھو ڏنگي جو
ڏنگو.“ ھاڻ ”ڪتي جا پڇ اھڙا نڪري پيا آھن جو نڙ ۾ وجھ ته نڙ ڏنگو.“ اڳ ميرن لاءِ
چوندا ھوا ته کين گھر مون لڳي. ھاڻ ھر ھڪ کي ان ھنڌان ٿي لڳي. ”ڏنو پٽ ڇٽي جو.“
ٻڌو ھيوسين. ھاڻ ”ھر ڇٽو پٽ ڏني جو آھي.“ چوندا ھوا ته؛ ”پنجابي ايڪ ته ڀانءِ ڏون،
۽ جي ڏون ته ھي جھڳا ۽ ھي تون.“ ھاڻ ٻن کان ڪم گھڻو چڙھي ويو آھي. اڳ ”چانڊيا چور
۽ شھباڻي شاھد“ ھوا. اڄڪلھ سڀ ڪمام پوليس پاڻ ٿي سنڀالي. ”انڌير نگري چرٻٽ راجا؛
ٽڪي سير ڀاڄي ۽ ٽڪي سير کاڄا.“ اھا انڌير نگري الاجي ڪٿي آھي ڇو ته ٽڪا ۽ سير ته
ويا لڏي پر نوٽن ڏني به ڪلا ٿا ملن. اڳ ”مٿي-اگھاڙو“ ۽ ”ڏاڙھيءَ-ڪوڙيو“ گار ھئي.
اڄ ٻئي فيشن ۾ داخل آھن.
ارمان ھن ڳالھ جو
آھي ته سنڌي ٻوليءَ جو مزيدار چھرو ۽ لستي حصو فقط زباني طور اوطاقن تائين زندھ
آھي. اھو سمورو ذخيرو لکت ۾ اچڻ کان محروم ٿي ويو آھي. ڇاڪاڻ جو صدين کان وٺي سنڌي
سماج ۾ مڙدن جون گڏجاڻيون اوطاقن ۾ ۽ عورتن جون الڳ گھرن تائين محدود رھيون. ان
ڪري ٻولي پڻ ٻن الڳ حصن ۾ ورھائجي ويئي. مڙدن جي وھنوار وندر ۽ ورونھ لاءِ ڳر واري
۽ وزندار ٻولي ڪتب اچڻ لڳي، جا عورتن جي لڄ لحاظ کان ۽ ٻارڙن جي معصوميت آڌر اڻ
سھائيندي ۽ اگھاڙي ڄاتي ويئي. ان سبب لوڪ ٻوليءَ کي لکت ۾ آڻڻ کان ڪيٻايو ويو ۽
خارج ڪيو ويو. توڻي جو ان ٻوليءَ جي پھاڪن ۽ ٽوٽڪن ۾ صحيح خوش طبعي ۽ صدين جو سچ
سمايل آھي، جنھن کي انگريزيءَ ۾ Wit چون. بھتر ٿيندو ته ڪجھ ردوبدل ۽ ڦيرڦار ڪرڻ
سان ان ورثي کي لکت ۾ آڻڻ لاءِ ادم ڪيو وڃي. نه ته اسان جي ٻولي پنھنجي وڏي وسيع
ذخيري کان نراس ٿي ويندي، جنھن جي تلافي ناممڪن ٿيندي. ان ۾ ھي خطرو به آھي ته
پھاڪن جي اگھاڙپ ڍڪڻ سان سندن سچائي تي به پردو اچي وڃي.
سنڌي لوڪ ادب ۾
پھاڪن ۽ ٽوٽڪن وارو کل ڀوڳ، جو اسان کي ورثي ۾ حاصل ٿيو آھي، ان ۾ گھڻي ڀاڱي جو
باني وتايو فقير آھي. وتايو نصرپور لڳ ھڪ ڳوٺ جو رھاڪو ھيو. ھو ته اصلي واڻيو پر
پوءِ کٽيءَ کنيس جو مسلمان ٿي پيو. سڄي عمر پوءِ ٻين کي ڏس ڏيندو رھيو، ته تڪڙ ڪم
شيطان جو. ھڪ دفعي ڀاڻس چيس ته ڀائو پاڻ ته مسلمان ٿي وڃي سکيو ٿئين. پر مون کي به
اسلام ۾ آڻ ته ٻئي ڀائر ھڪ ڀر ته ھجون. وتائي رڙ ڪري چيس ته ”ڀيٽو! خبردار! متان
اھو ڪم ڪيو اٿيئي. ڪلمون پڙھي مسلمان ٿيڻ ته سولو ڪم آھي. پر پوءِ جي روزو نمازون
۽ حج زڪواتونشروع ٿين ٿيون ته ڀيڻھان بکون ڪاٽيندي ۽ اٿ ويھ ڪندي ڄڙھ نڪري ويندءِ.
ٻئي جھان چٽ ٿي پوندءِ. صدقه ۽ قربانيون ڏيندي ڏيوالو نڪري ويندءِ. ھاڻ، باقي ھيئن
ڪر. جو مرڻ مھل مون کي ڪلمون پڙھي ٻڌائج ته آ قيامت ڏينھن شاھدي ڏيندس ته تون
مسلمان ٿي مئو آھين.“ کيس مسلمان ٿيڻ مون به خاص نفعو حاصل نه ٿيو. ھڪ ڀيري بک ۾
پاھ ٿي واٽ ويندي رستي تي بيھوش ٿي ڪري پيو. ماڻھن سمجھيو ته وتايو ويچارو گذاري
ويو. خلق رونشي ڪوڏي اچي واردات تي مڙي. ھنن چيو ته؛ وتايو مسلمان ٿيو ھيو، ان ڪري
کيس دفن ڪيو وڃي. مسلمانن چيو؛ برابر، پر وتائي جا افعال اھي ئي واڻڪا ھوا. ان ڪري
کيس مساڻ ۾ ساڙيو وڃي. ان ريڙھ پيڙھ جي چوٻولي تي وتايو ھوش ۾ اچي، بوڇڻ ڇنڊي اٿي
کڙو ٿيو. چي؛ اھڙي مرڻ مون ھاڻ ڪھڙو فائدو؟ جڏھن ماڻھن مون سڃاڻپ ئي ختم ٿي چڪي
آھي.
وتائي کي لاڏاڻو
ڪئي اٽڪل ست سؤ سال ٿي چڪا آھن، پر ھر سنڌيءَ جي دل ۽ زبان تي زندھ آھي. سنڌيءَ
لاءِ وتايو اھڙي امرت ڌارا آھي جو ڪھڙي به پيڙا ۾ يا آپدا ۾ وتايو ھڪوار کيس ياد
آيو ته بي اختيار ٽھڪ نڪري ويندس. سنڌي کي جيترو ٻين روئاريو آھي، ان کان وڌيڪ
وتائي کيس کلايو آھي. تڏھن ته سنڌي جئرو آھي ۽ اڳي کان اڳرو آھي، توڻي لاھ نڪري
ويا اٿس. منھنجي خيال ۾ وتايو نه فقط دنيا ۾ وڏو ڏاھو ۽ خوش طبع انسان ھو پر حاتم
طائيءَ کان وڌيڪ سخي ھيو. جو سندس سخا اڃان سوڌو پيئي ھلي ۽ ڏينھن قيامت تائين
ھلندي. مون کي خبر نه آھي ته ذات ربي خلقڻھار ۽ پالڻھار سان گڏ کلڻھار به آھ
الائجي نه، ڇو ته ”بڙا ڪھاوڻ، بڙا دک پاوڻ“ آھي. پر وتائي کي ڏسي ۽ سندس ٻول ٻڌي
ھڪوار مرڪ جي تجلي ته ضرور نروار ٿي ھوندي.سنڌ جي ڌرتيءَ تي وتائي جو عظيم احسان
آھي. نيم ملن جي پنھنجي دڪانداري جرڪائڻ لاءِ ماڻھن کي قبر قيامت ۽ دوزخ جا دڙڪا
داٻ ڏئي ھيسايو ھيو ۽ جي وتايو ٽوٽڪا ٻڌائي ملن جا پول پڌرا نه ڪري ھا ته ماڻھن جا
ڏر کان ھنياءَ ڦاٽي پون ھا. وتائي ماڻھن کي الله پاڪ جي ٻاجھاري ۽ سٻاجھي ھئڻ جو
سبق سمجھايو. چي؛ دعا ضرور قبول ٿو ڪري پر ڳئون ۽ گڏھ وچ ۾ فرق جي خبر کيس به نه
آھي، جا ڄاڻ ھڪ انڌي ماڻھوءَ کي به آھي. دوزخ لاءِ وتائي چيو ته اتي ھر ڪو ماڻھو پنھنجي
اندر واري حسد ساڙ ڪيني ۽ بغض واري باھ ساڻ کڻي وڃي ٿو ان ۾ سڙي. جڏھن پيءُ ماءُ
پنھنجي ٻار تي ڪک نه ٿا سھن، توڻي جو ھو حقيقي خالق نه آھن. ته جو اصلي خالق آھي،
اھو پنھنجي مخلوق کي ڪيئن سيخ ڪباب ڪندو، فقط ان لاءِ ته ھو اھو ڪجھ آھن جيئن کين
پيدا ڪيو ويو آھي؟
وتائي کان پوءِ وري
اڃا سوڌو ڪو اھڙو وير پيدا نه ٿيو جو سندس ياد وساري سگھي يا وري سندس جتيءَ ۾ پير
وجھي. جنھن جتيءَ کي جڏھن ڪو شاھينگ تڳائي ويو ته وتائي وڃي مقام جو در ورتو. ته
آخر اڳي پوءِ ڀاڙيو اتي ئي اچڻو ھيو. آخر ان جو منھن جنڊ ڏانھن، ويندو ڪٿي؟ وتائي
پٺيان پيرو کڻندي ڪيئي مجذوب آيا جن ۾ ملا لٽر جو نالو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشھور
آھي. ملان لٽر جو نالو عبدالرحمان ھيو ۽ ٺٽي شھر جو رھاڪو ھيو، جتي مڪليءَ جي شاھ
مراد مقام لڳ سندس ڪچي قبر موجود آھي. ملان لٽر سنڌ جو اڪيلو ملان ھيو جو خلق کي
کلائيندو رھيو. نه ته اسان وٽ ملان جي سڃاڻپ اڪثر اھا آھي ته پاڻ نه کلي، پر جو
ٻيو ڪو کلندي ڏسي ته ان تي به خار کائي. سندس اڄ کان چاليھارو سال اڳ سنڌ ۾ گھڻي
قدر رواج ۾ ھيو پر اڄڪلھ سندس ٽوڻا ۽ ٽوٽڪا ڪجھ اھڙي ڪچي زبان ۾ آھن جي لکت ۾
ورجائي نه ٿا سگھجن. جي ماڻھو سندس مزار تي حاضري ڀرڻ اسھندا ته ست پٿريون کڻي
سندس قبر تي رکندا آھن. روائت چؤگرد ست ڀيرا بنان کلڻ جي پوري ٿيندي. پر اھڙي من
جي مراد ئي گھوري جنھن لاءِ منھن سڄائي ڀاڄ ڪرڻي پوي.
سنڌ ۽ سنڌيءَ جي
اوائلي تاريخ تاريڪيءَ ۾ رھڻ ڪري اسان لاءِ ھن کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه آھي ته
اسين سنڌي سماج کي سومرن ۽ سمن جي دؤر حڪومت تائين واتي ويڻي قوم Oral Society تصور ڪري
تسليم ڪريون. ڇاڪاڻ ته لکت واري سنڌي صورتخطيءَ جو ڏھين صدي ھجريءَ تائين ڪو پتو
نه پئجي سگھيو آھي. توڻي جو گھرو زبان سنڌي ڳالھائي ويندي ھئي. انھن ھزارن سالن ۾
ڪيئي سالڪ ۽ سگھڙ آيا ويا ھوندا پر سندن ٻولاچاريءَ جي خسؤبوءِ اسان تائين اچي نه
سگھي آھي. سومرن ۽ سمن واري زمانه جا قصا ڪھاڻيون ۽ ٽوٽڪا به اسان کي سگھڙن جي
زباني ۽ ڪجھ صوفي درويشن ۽ بزرگن جي سنڌي ڪلام وسيلي رسيا آھن، جن ۾ شاھ ڪريم جو
بيان العارفين سر فھرست آھي. جو شايد پھريون سنڌي ڪلام آھي، جو قلمبند ٿيو ھجي.
انھيءَ دور جو عارفانه ڪلام ته ڪافي انداز ۾ محفوظ ٿيل آھي پر ظريفاڻه رنگ جو ڪلام
اسان کي ڀٽائي گھوٽ جي رسالي ۾ ميسر ٿئي ٿو، جنھن اچي ڇوري ڇني سنڌ ۽ سنڌيءَ جي
مالڪي ڪئي، جا ھن کان اڳ نه ھئي. بقول ڀٽائيءَ ”ڇوري ندوري نڪو مالڪ سنڌ جو.“ شاھ
ڀٽائيءَ جي ظرافت جو تعلق رسالي بجاءِ سندس زندگيءَ جي احوال ۾ آھي جو مدن فقير ۽
ٻين درويشن جي ٽوٽڪن ۾ موجود آھي. رسالي ۾ سر بلاول جي چوٿين باب ۾ وڳنڌ عرف ”ورو“
فقير سان چرچي گھٻي جا ڏھاڪو کن بيت ڏنل آھن، جن ۾ شاھ صاحب خوش طبعيءَ جو پنھنجو
انداز اختيار ڪيو آھي. وڳنڌ فقير جسم ۾ جڏو گدلو ۽ ھر شريف ماڻھوءَ جيان ”زن مريد“
ھيو. ۽ کاڌي کائڻ ۾ ”پيٽر“ ھيو. پر شاھ صاحب جي صحبت ۽ ساڻس خوش طبعيءَ عبد کي
اعليٰ ۽ امر ڪري ڇڏيو.
”وڳند وري آئيو، پينارئون پوءِ،
محڪم لڳس موچڙا، ذرو نه ڏنس جوءِ،
ويٺو ائين چوءِ، پيران پاسي نه ٿيان.“
”اسر سندو آسرو، وڳند کي وڏو،
جسي ۾ جڏو، پر کائڻ تي کرا کڻي.“
”وڳند وري آئيو، بدوءَ سين بدبوءِ،
خاوند ڏي خوشبوءِ، ته سرھو ٿيان سپرين.“
ڏسجي ائين پيو ته
ڀٽائي جي خوش طبعي به سندس گنڀيرتا جھڙي ئي چڀندڙ ۽ اثر رکندڙ آھي. وتائي جي سچ کي
ماڻھو ٽھڪ ڏيئي لنوائي سگھي ٿو پر ڀٽائيءَ جي طنز اندر ۾ گھاءُ ۽ وڍ ٿي وجھي.
فرمائي ٿو؛
”ڏونگر نه ڏوري، سڪڻ جون سڌون ڪري،
گھر ويٺي گھوري، مٿان پرينءَ جندڙو.“
ھن ڪلام ۾ شاھ،
سنڌيءَ جي روايتي سستيءَ واري فطرت تي جا فتويٰ ڏني آھي اھا ھر سنڌيءَ کي ککندي
ھوندي.
کلڻ، روئڻ جيان،
انساني طبع جو ظاھري اھڃاڻ يا علامت آھي، پر خوشيءَ جي! چرچو ڀوڳ پاڻ کي خوش رکڻ
يا ٻئي جي دل خوش ڪرڻ جو ھڪ ھٿرادو وسيلو آھي. پر ان کان سواءِ کل چرچو ھڪ
ٻه-منھين تلوار پڻ آھي جا وڍ ڪٽ جي ڪتب اچي ٿي. جنھن کي ٺٺول طنز يا چٿرون ڪرڻ چيو
وڃي ٿو. ھن ھٿيار کي درويشن تبليغ جو ھٿيار بڻائي، ماڻھن جي دل ۽ دماغ جي صفائي
ڪئي ۽ سندن وھم گمان جا ڪوٽ ڪيرايا. آندو فقير جو خيرپور رياست جو رھاڪو ھيو ۽ سؤ
کن سال اڳ ٿي گذريو، تنھن سان ڪنھن ماڻھوءَ ڪڪڙ جو احوال ڪيو جنھن جا ست چوزا ڦٽا
ھئا ۽ ست ئي نر ھوا. آندي چيو ته ابا مبارڪ ھجيئي پر اھو ته ٻڌاءِ ته ڪڪڙ قلندر تي
پاڻ ويئي ھئي يا کيس سيوھڻ تون وٺي وئين ھئين. آندي لاءِ مشھور آھي ته ھڪ ڏينھن
الله تي اچي ڪاوڙيو، چي ماڻھو خلقي سندن قسمت جي ڏور به پنھنجي ھٿن ۾ رکيائين ۽
پوءِ وري دوزخ وارو ناٽڪ ڇا لاءِ ٿي رچايائين؟
اڃان ويٺي ويڻ
ڪڍيائين ته پوليس وارن کيس گھلي وٺي وڃي کوھ گيڙائي سڄي ٿاڻي جا دلا ڀرايا. جڏھن
ڪلھا مھٽيندي اچي ماڳ پھتو ته الله جي واکاڻ ۾ جنبي ويو ته واھ مالڪ تنھنجي قدرت
تان صدقو! جي تون دوزخ نه خلقين ھا ته پوليس وارن کي آخرت ۾ پنھنجو ٿاڻو ڪٿي ميسر
ٿئي ھا.
سنڌي زندگي جو
مرڪزي دائرو اڃان سوڌو ڳوٺ آھي، جنھن ڪري سنڌي ادب جو به وڏو ذخيرو اھو ئي آھي جو
عوام جي زندگيءَ جو آئينو آھي. جنھن کي لوڪ ادب سڏيو وڃي ٿو. لوڪ ادب جي ورثي کي
سھيڙڻ لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا احسان، سنڌي ڪڏھن به لاھي نه سگھندا. لوڪ ادب جا
ھيلتائين ۳۸ جلد شايع ٿي چڪا آھن، جن ۾ جلد ڏھون ”مناظرا“ آھي ۽ مناظرو خالص سنڌي
سگھڙپئي ۽ ظرافت جو نادر نمونو آھي. ھن ڪتاب ۾ اٽڪل گذريل اڍائي سؤ سالن جو سرمايو
ھڪ سؤ سترنھن سگھڙن جي بيتن ۾ سھيڙيو ويو آھي. مناظرا ھڪ قسم جا خيالي ۽ زباني
جھيڙا آھن جي سگھڙن خوش طبعي خاطر شعر ۾ بيان ڪيا آھن ۽ بيتن معرفت سماجي حالتن تي
پنھنجي نقطه نگاھ جو اظھار پڻ ڪيو آھي. مثال طور براج واھن جي کوٽائيءَ تي ٽوڪ ڪيل
آھي ته ”ويا پراڻا پورجي، نوان ٿيا نروار، ابتا واھ وھايا سکر براج سرڪار.“ وري
آبپاشيءَ تي چيل آھي ته؛ ”موڪيءَ کان چرخي چنڱي جا ھاڃان ڪري حرڪت، جنھن جي آئي
الفت وئي، ڪوڙ پيو ڪلفت.“ وري وندر لاءِ جانورن جا لطيفا بيتن ۾ پيش ڪندي گدڙ کي
سندس ماءُ ٿي پيءُ جو شجرو ٻڌائي؛ ”پڻين پٽ ھو پنجاھيءَ جو، سؤ سؤ ماريندو ھو
شينھن، پر جڏھن کٽس ڏينھن، جھنگ ٻلي جھوري وڌس.“ نوريئڙو ٿو ھاريءَ سان مھاڏو
اٽڪائي کيس ڊيڄاري؛ ”ڪپڙا سڀ ڪتري چيري ڪندوسانءِ چٽ، جھڙپ ڏيئي جھٽ، اڳٺ
ڇنندوسانءِ اوچتو.“ سگھڙن ۾ شاھ محمد ديدڙ، سائين خير شاھ، اميد علي لغاري، حاجي
ڄام چانڊيو، رمضان واڍو ۽ پانڌي آريسر جا نالا قابل ذڪر آھن. سگھڙن جي انھيءَ سٿ ۾
يا ان دور جي ٻين شاعرن ۾ ظرافت جي لحاظ کان ھمل فقير جي سرائيڪي ڪلام واري خوش
طبعي ڪلاسيڪي حيثيت رکي ٿي.
ھن صديءَ جو وڏي ۾
وڏو طنز مزاح جو ماھر ھڪ عام رواجي ڳوٺاڻو ھيو جو ھڪ فقيرمنش صوفي ۽ عقل جو اڪابر
پڻ ھيو. اھو ھيو فولاد فقير. مرحوم ذات جو شر ٻروچ ۽ مينگھي شر جي ڳوٺ جو رھاڪو ھيو،
جو ڳوٺ تعلقي ٺري ضلع خيرپور ميرس ۾ واقعي آھي. اٽڪل نوي سال جي عمر کان مٿي
لاڏاڻو ڪيائين. ھئبت جھڙي قد قامت ۽ رعبدار شخصيت جو مالڪ ھيو. عربي فارسي ۽ سنڌي
ٽنھي زبانن تي عبور حاصل ھيس. مثنوي مولانا روم ۽ شاھ جو رسالو بر زبان ياد ھيس.
سندس زبان تيز تکي ۽ جوھردار ھئي. ساڻس بحث ڪرڻ جي ڪا ڀيڻي ڪا نه ھئي. کلندي کلندي
ڀالا بڙڇيون ھڻي ويندو ھيو. وتائي جو مٽ نه ھيو ته کانئس گھٽ به نه ھيو. وتايو
عتاب کان آجو ھيو ۽ سندس ڪڍ ڪا باھ ٻريل نه ھئي. فولاد ملامتي درويش ھيو. ملان
مولوي سندس سدائين ڪڍ لڳا رھندا ھوا. ھر ھفتي ۾ ھڪ اڌ دفو کيس شريعت جو تعذير ڏيئي
گڏھ تي چارھي گھمائيندا ھيس. پر ڪنھن کي ڏوراپو ڪڏھن ڪو نه ڏنائين. ھڪ ڀيري شيطان
کي ختمون ڏياريائين. جنھن دعوت لاءِ گوشت پلاءَ جون ديڳيون تيار ڪرائي رکيائين.
وري رستي جي ٻئي پاسي ”واسطي خدا“ جي خيرات لاءِ دال ڀت جو انتظام رکيائين. سڄي
خلق وڃي پلاءَ پاسي گوڏا کوڙيا. دال تي فقط پاڻ ويٺو رھيو. چي؛ ابا ڏسو ٿا ماڻھو
ڳالھ ڪھڙي ٿا ڪن ۽ وري پيروي ڪنھن جي ٿا ڪن. جڏھن ملن اچي سوال ڪيس ته تون ڏاند کي
اوڀر طرف منھن ڪرائي ڇو تڪبير ڏياري؟ چي مون کي ڪھڙي خبر ته اوھان الله کي ڪعبي جي
ڪوٺي تي ويھاري سندس ڏاڪڻ ڪڍي آيا آھيو. مون ته سمجھيو ٿي ته الله ھر جاءِ حاضر
ناظر آھي.
فولاد پرھيزگار،
نفس جو ويري ۽ وڏو توحيد پرست انسان ھيو. ڌرتيءَ جي ڪنھن ”صنم“ يا ”بت“ جي پرستش
ڪا نه ڪيائين. پاڻ کي الله به سڏائيندو ھيو. چي؛ ”آ ۽ مان، آھيون ئي ڪو نه.“ سڀ
ڪجھ اھو مالڪ پاڻ آھي. ماڻھو چون ٿا ته الله به آھي، پر وري پاڻ کي ”مان“ به سڏين
ٿا جو غلط آھي. ”ٻيلي ۾ ٻه شينھن ٿورو ئي گڏ رھندا.“، ”مياڻ ۾ ھميشه ھڪ ترار
رھندي.“ پاڻ کي خدا سڏائيندي، کيس تڪليف به خاصي پھتي. واٽ ويندي رستي تي ھڪ ملھ
منھن پئجي ويس جنھن جا ٽي گھر ڀاتي ھڪ ٻئي جي ڪڍ تازو فوت ٿئ ويا ھوا. جڏھن فولاد
پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي ته ملھ کيس چيو ته الله تون آھين ته مون تو کي آسمان تي ڳوليو
پر تون مون کي زمين تي ملي وئين. تو ناحق ۾ منھنجا ٽي ڀاتي ماريا آھن. تو سان پلئه
ڪرڻو آھي. ڀاڪر وجھي فولاد کي مٿي گھمائي آڻي پٽ تي ھنيائين. فولاد جي ڄنگھ ٽن
ھنڌان ٽڙڪي پئي. ان واقعي کان پوءِ ڪنھن سٻر ماڻھوءَ اڳيان پنھنجو نالو کڻندو ھو. سندس
زندگيءَ جو احوال ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي رھيو آھي جو سنڌي ادب ۾ ھڪ نمايان اضافو
ٿيندو. ھڪ ڀيري روھڙيءَ جي موسوي صاحب کي فولاد وٽ وٺي ويس. موسوي صاحب تصوف جي
رمز ۽ اسرارن جون سانس ڳالھيون ڪندي کانئس پڇيو ته فولاد فقير ھاھوت باھوت ڪٿي
آھن. چيائين؛ ھائو، اجھو ٿو ٻڌايانو. پٽ کي چيائين ته مون وارا ٽپڙ کڻي اچ. ھو اندر وڃي ھڪ رنبو ۽ رسو کڻي آيو. چي موسوي
صاحب، آ شر، ڪتي جو ڦر، چور چور جو پٽ، منھنجو ورثو رنبو ۽ رسو. ھاھوت باھوت ته
تنھنجي وڏڙن جو ورثو ھو. تون ڳاڙھن مرچن وارا ٻوڙ کائي، ٿلھو ٿيو ھاڻ آيو آھين مون
کان پڇڻ ته ھاھوت باھوت ڪٿي آھي. موسوي صاحب جتيءَ ۾ ھٿ وڌا ۽ ٻئي تڪڙيون ٻرانگھون
ڀريندي ٻاھر ھليا آياسون.
حاضر جوابي خوش
طبعيءَ جو روح آھي پر ڏات آھي. ٿڏي تي ۽ تتي تاءِ اڳلي جي کڙھ بچائي جواب ۾ ڪاري
ضرب ھڻڻ لاءِ ذھن ۽ ظرف گھرجي. جڏھن سوچ ويچار لاءِ موقعو ئي نه ملي اتي اپڪھر
روڪڙو جواب ڦھڪائڻ ڏاڍو اوکو آھي. حاضر جوابي توڻي چرچي گھٻي ۾ اسان جي سانڀر جا
ٽي ماڻھو پنھنجو مٽ پاڻ آھن. پائبند خان پٺاڻ سکر وارو، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ۽
مولوي نذير حسين جتوئي. ٽيئي اڻ گس ۽ اڻ ٽر. پر سھڻا ۽ سيبتا ٻولڻا. پائبند خان ۽ مير
محمد ٽالپر جو کل ڀوڳ بي مقصد آھي. فقط اھو ته ماڻھن کي کلائي سندن غم غلط ڪيو وڃي
يا سندن دل وندرائي وڃي. شايد ان کان وڌيڪ ڪو بھتر مقصد نه ھجي. جيئن حديث ۾ آيل
آھي، ته جي اوھان کيسي جا سخي بڻجي نٿا سگھو ته گھٽ ۾ گھٽ زبان جا سخي ته ٿيو. ھڪ
قلندر آھي ٻيو ڪامريڊ. ٻنھي جا پھرياڻ کيسن کان خالي. باقي زبان جي سخا ڍءَ تي
اٿن. چرچو گھٻو ڪرڻ لاءِ کين ڪنھن ادم ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪا نه پوي. کل ڀوڳ سندن عام
رواجي گفتگو ھئي يا سندن دکي دل جو بادواڻ. کين کل مشڪريءَ لاءِ ڪڏھن ڪنھن خاص
موقعي يا واقعي جي لوڙ به ڪا نه پيئي. ھر ڳالھ کي ڏسڻ وائسڻ جو سندن ڍنگ ئي نرالو
ھيو. جي ڪنھن کٽيءَ کي پٿر تي لٽا سٽيندي ڏٺائون، ته چوندا ته قميص سان پٿر ڀڃڻ جي
ڪوشش ٿي رھي ھئي. جي ڪنھن کي سارنگي وڄائيندي نظر پئجي وين ته عجب جو اظھار ڪندا
ته ٽامي جي تارن کي گھوڙي جي وارن سان ڪيئن ٺوڪيو ٿو وڃي. مولوي نذير حسين مذاق جي
الڳ اسڪول جو استاد ھيو. ھن پنھنجي کل چرچي کي سماجي ۽ سياسي سنوار جو ذريعو ئي
ڄاتو. سندس چرچو اڪثر ٺٺول ھئي. سندس نشانو وڏ وڏيرا ۽ سرمائيدار جن جو ھو ازلي
دشمن ھيو. ڇاڪاڻ ته ھنن غريبن جو رت ٿي چوسيو. ھڪ ڀيري سندس قومي سردار کيس ڪاوڙجي
چيو ته نذير اھا ڪانگريسي ٽوپي پائي مون وٽ نه ايندو ڪر. ڇاڪاڻ ته ان ٽوپيءَ تي
منھنجي نظر پئي ڄڻ ڪتي تي پيئي. نذير حسين وراڻيو ته قبلا آ ڪانگريسي نه آھيان پر
ڪامريڊ آھيان. سردار پڇيو ته اھو وري ڇا ٿيندو آھي. نذير چيو ته ڪامريڊ اھو ماڻھو
آھي، جنھن جي ڪنھن سردار تي نظر پئي ڄڻ جھنگ واري تي پئي.
سنڌ ۾ چرچائي ۽
ڀوڳائي ماڻھن جي اڄ ڪا کوٽ ڪا نه آھي. ھر شھر ۽ ھر واھڻ يا وانڍ ۾ ٺڙي ٺڪاءَ جو
چرچو گھٻو ھلندو اچي. ڪجھ وقت اڳ سنڌ ۾ کل مشڪري ڪرڻ ماڻھن جي پيٽ گذران جو پيشو
پڻ ھيو. اھي ماڻھو اڪثر ناٽڪين يا ناچن جي ٽولين سان شامل رھندا ھوا. يا وري وڏن
ڏڻن تي سانگ وجھندا ھوا جيئن ھوليءَ جا سانگ. سندن ويس وڳو ۽ کل چرچي جو انداز
نرالو ھوندو ھيو. وڏن ماڻھن جي شادين مرادين تي کين ڪانڍيو ويندو ھيو. ھاڻوڪي
سئنيما ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي دور اچڻ کان پوءِ سندن حظ نڪري ويو آھي. سواءِ ميان
محمد فقير جي ٻئي ڪنھن جو نالو ڪو نه ٿو ٻڌجي. ٽيھارو سال اڳ، ڪافي نالا ٻڌا ويندا
ھوا، جيئن ته الله ڏنو ماڇي سنجھوري ۾، حاصل فقير مٺيءَ وارو، قادو شيدي، قادو
مڱڻھار وغيرھ.
ھن مضمون ۾ کل ڀوڳ
جي ھڪ روپ کي شامل ڪرڻ کان ڄاڻي ٻجھي پاسو ڪيو ويو آھي، جنھن کي عيب جوئي ٽوڪ ٽڙي
يا ٺٺولي چيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته ھن قسم جو مذاق فقط ڪنھن جا عيب اگھاڙڻ، ڪنھن جي
عزت ۾ ڍنگھر وجھڻ يا ڪنھنجي ھتڪ ڪرڻ خاطر ڪيو وڃي ٿو. جنھن وسيلي فقط پنھنجي ذاتي
ساڙ، ڪيني ۽ بغض کي سرچايو وڃي ٿي. ھن قسم جو مذاق، معياري ادب ۾ جام آھي، ڇاڪاڻ
ته اديب، ليکڪ ۽ شاعر پنھنجي پيشورانه صلاحيت جي نمائش ۽ پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ ھڪ
ٻئي کي نظم يا نثر ۾ نوازيندا رھن ٿا. معياري ادب ۽ مذاق لاءِ الڳ مضمون جي ضرورت
آھي.
(سچل نيشنل سيمينار، روزاني ھلال پاڪستان، ڪراچي، ۱
مئي ۱۹۸۳، ص ۹ کان ص ۱۴ تائين تان ٿورن سان کنيل)
No comments:
Post a Comment