ڪتي متعلق پھاڪا
ساٿي محمد بچل کيڙو
ڪتو، تاريخ کان اڳ
واري زماني کان ماڻھوءَ جو گھاٽو سنگتي رھيو آھي. انسان ڪتي جي ورتاءَ منجھان جيڪي
تجربا حاصل ڪيا آھن، تن کي اھڃاڻ بنائي، ان جي سٺاين ۽ خرابين کي ماڻھن جي خصلتن
سان به ڀيٽيو آھي. ان حساب سان سنڌي ٻولي، جيڪا پھاڪن ۽ اصطلاحن سان ڀري پئي آھي،
ان ۾ ڪتي متعلق انيڪ چوڻيون ۽ اصطلاح آھن، جن مان ڪجھ ھن ريت آھن.
ڪتي جو پڇ ٻارھن
مھينا نڙ ۾ وجھ ته به اھو ئي ڦڏو.
ڪتو به کاڌوسون، ڪک
به نه ڀري.
ڇتو ڪتو به مالڪ
سڃاڻي.
فلاڻو ڇتي ڪتي
وانگر، لُرَ پئي ويو.
ڇو ڇتي ڪتي وارا چڪ
پيو ھڻين.
