Thursday, October 25, 2018

پهاڪن پچار - ’پروانو‘ سومرو


پهاڪن پچار
’پروانو‘ سومرو
ٻوليءَ جو خزانو کولجي ٿو ته ڪيترا ئي ھيرا، جواھر ۽ موتي ملن ٿا. اھڙن ھيرن ۽ من موھيندڙ موتين کي ڪي صراف ۽ سالڪ ئي سڃاڻي سگھن ٿا ۽ ملھ ڪٿي سگھن ٿا. جھڙي تھڙي جي جاءِ ڪانھي. پھاڪا، چوڻيون، محاورا، اصطلاح، استعارا، تشبيھون، ٻٽا لفظ، مرڪب لفظ، متضاد لفظ ۽ ٻوليءَ جا اھڙا ٻيا کوڙ سارا جواھري جزا ٻوليءَ جي سکئي ستابي ھجڻ سان گڏ ان جي سھڻائپ جو سبب بنجن ٿا ۽ ٻوليءَ کي ٻھڪايو وجھن ٿا. انھيءَ ڏس ۾ سنڌي ٻولي پنھنجو مٽ پاڻ آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پھاڪن، چوڻين، محاورن ۽ اصطلاحن جو اڻ ميو مواد موجود آھي. ٻوليءَ جي باغيچي ۾ ٽڙيل گلڙن وانگر سموري سماجي وايومنڊل کي سونھن ۽ سرھاڻ سان واسين پيا. اھڙن سندر گلڙن جي بيشمار ھجڻ ڪري ھيءَ ٻولي شاھوڪار ھجڻ سان گڏ سھڻي ۽ سيبتي ٻولي بنجي پئي آھي. جڏھن اھڙي قسم جي ٻولي لکي، پڙھي ۽ ڳالھائي وڃي ٿي ته ان کي ”ورجيسي ٻولي“ چيو وڃي ٿو. ورجيسي ٻوليءَ ۾ پھاڪن ۽ چوڻين کي وڏي اھميت حاصل آھي، جيئن اونداھيءَ ۾ سوجھري کي. ورجيسي ٻوليءَ جي معني ئي آھي ٺھيل ٺڪيل ۽ سينگاريل ٻولي. پھاڪا، چوڻيون، محاورا، اصطلاح، استعارا ۽ تشبيھون، ٻوليءَ جو لباس به آھن ته سينگار باڪس پڻ، جيڪي ٻوليءَ کي گھونگھٽ ۾ سينگاري ويھاريل ڪنوار جھڙو بنائين ٿا. پھاڪي ۽ چوڻيءَ ۾ ڪھڙو فرق آھي ۽ ڪنھن سرجيا آھن؟ اھو به ھڪڙو سوال آھي. پھاڪو ڇا آھي؟ ان بابت ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جي راءِ آھي ته؛ ”پھاڪو لفظ جي لغوي معني آھي؛ پھ ڪري يا سوچي سمجھي اچاريل ٻول. ليڪن اصطلاحي معني ۾ ھڪ عام چوڻيءَ کي پھاڪو چيو ويندو آھي. يعني اھڙو جملو جنھن ۾ ڪنھن ڳالھ يا نتيجي واسطي ھڪ ”مثل“ ڪري دھرائڻ عام ھجي. ان جي مختصر وصف ھيٺينءَ ريت بيان ڪري سگھجي ٿي. عوامي ٻوليءَ جي ھر اھا مقبول، سادي مگر مائيدار ڪھاوت جنھن کي ڳالھ ۾ زور پيدا ڪرڻ يا نقطي کي نروار ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو، تنھن کي پھاڪو چئجي ٿو. اھو ايتريقدر ته دلنشين ۽ عام فھم آھي جو ڳالھائيندڙ ان کي بي ڌڙڪ استعمال ڪري ٿو ۽ مخاطب دماغ کي ڪنھن زور ڏيڻ کان سواءِ ان جو مطلب به سمجھي وٺي ٿو.“ (ڪتاب سنڌي ورجيسي ٻولي صفحو نمبر ۱۶). ڊاڪٽر غلام قادر سومري به پھاڪن ۽ چوڻين کي ھڪ شيءَ ڄاڻايو آھي: (ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ان جي سکيا صفحو نمبر ۱۲۱) جڏھن پھاڪي ۽ چوڻيءَ جي اھڙي وصف پڙھي بس ڪجي ٿي ته پوءِ من ۾ مونجھارو موجود رھي ٿو ته پھاڪو ڇا آھي ۽ چوڻي ڇا آھي؟ ڇو ته پھاڪي سان گڏ لفظ چوڻيءَ کي ”۽“ جي واڌاري سان لکي الڳ ظاھر ڪيو وڃي ٿو، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته اھي ھڪ نهمپر ٻه وٿون آھن. جيڪڏھن اھي ٻه الڳ وٿون نه ھجن ته پوءِ انھن تي مختلف نالا رکڻ جي ضرورت ڪھڙي؟ ورجيسي ٻوليءَ جي ٻين ڪتابن جو مطالعو ڪجي ٿو ته انھن ۾ پھاڪن سان گڏ چوڻيون، محاورا ۽ اصطلاح به ملن ٿا، جن کي جداري صورت ۾ نه لکيو ويو آھي ۽ نيٺ منجھي ٿو پئجي ته پھاڪو ڪھڙو آھي، چوڻي ڪھڙي آھي، محاورو يا فقرو ڪھڙو آھي ۽ اصطلاح ڪھڙو آھي. اھڙي مام صديق منگئي جي ڪتاب ”ڦلواڙيءَ“ ۾ به موجود آھي. جنھن ۾ پھاڪن، چوڻين، محاورن ۽ اصطلاحن کي ملائي ”مڪس پليٽ“ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آھي. عجيب صورتحال اھا آھي جو جڏھن پھاڪن، چوڻين ۽ محاورن بابت مختلف ڏاھن جا ڏنل رايا پڙھجن ٿا ته لٿي پٿي سڀني جزن جي معنيٰ ۽ مفھوم ساڳيو ٿو بيھي ۽ لغتن ۾ به لڳ ڀڳ ساڳي معنيٰ ٿي ملي. منھنجي خيال ۾ پھاڪو ڪنھن ڏاھي ماڻھوءَ جو مشاھدي ماڻڻ ۽ تجربي کان پوءِ سوچي سمجھي چيل ڏاھپ ڀريا ٻول آھن، جن کي سمجھڻ لاءِ ذھن تي ڪو خاص زور ڏيڻو ڪو نه ٿو پوي، جيئن ”اھو ڪي ڪجي، جو مينھن وسندي ڪم اچي.“ چوڻي وري تجربي ۽ مشاھدي جي آڌار تي ڪنھن وينجھار جي واتان اچانڪ نڪتل گفتو يا ڪھاوت آھي، جنھن کي ھو انھن حالتن ۽ ڪيفيتن مان گذرندي بنا ڪنھن رک رکاءَ جي في البديھ چئي ٿو وجھي. اھا چوڻي پوءِ عوامي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيڻ شروع ٿيو وڃي، جنھن ۾ پھاڪي جيترو فلسفو ۽ سگھ ڪانھي. جيئن ”زال جھور ته به اکين جو نور.“ باقي محاوري لاءِ اھو چئي سگھجي ٿو ته اھو به پھاڪي ۽ چوڻيءَ کان الڳ شيءِ آھي، جنھن ۾ خيالن جي آڌار انھن ٻنھيشين کان ھلڪي ھوندي آھي. گرامر موجب اھو ڪڏھن جملي جو جزو به بنجي ٿو. اھو ٻوليءَ جي عام رواج مطابق معنيٰ ڏئي ٿو، جيئن ”زراعت، عبادت“.


پھاڪا يا چوڻيون، ڪنھن جون به ذاتي تخليقون نه پر عوامي لوڪ ورثو آھن. انھن تي ھر ڪنھن جو ھڪجيترو حق آھي. ڇو ته انھن جي سرجڻھار جو ڪو به ڏس پتو ڪو نه ٿو ملي ته اھي ڪھڙن وينجھارن ۽ سالڪن جي خيالن جي کستوري آھن. اھي انمول گفتا ڪنھن جي به واتان نڪتا پر پوءِ به انھن جو قدر ۽ معيار ايترو ته مٿانھون آھي جو پڙھيل توڙي اڻ پڙھيل انھن جو آل جال استعمال ڪن ٿا. سچ پچ ته اھي پھاڪا يا چوڻيون افلاطون جي فلسفي جھڙا ۽ موتي مڻيادار آھن. اھي پھاڪا قافيه دار، استعارائي، تشبيھي، تجنيس حرفيءَ وارا ۽ منظوم آھن ته ڪي وري سوال جواب وارا به آھن. ڪي ننڍين ڪھاڻين، ٻاراڻي راند روند ۽ گھڻ پاساوان آھن ته ڪي وري مطضاد قسم جا به آھن. ڪي مثبت ته ڪي وري منفي سوچ سان سلھاڙيل ۽ غير مھذب ٻولي رکندڙ به آھن. ڪي وري آفاقي نوعيت ۽ اونھي فڪر وارا به آھن. اھڙي نوعيت جا پھاڪا ۽ چوڻيون صديق منگئي جي ڪتاب ”ڦلواڙيءَ“ ۾ آسمان ۾ ٽمڪندڙ ستارن جيان جھرمر لايو بيٺا آھن. حقيقت ۾ اھڙا پھاڪا ۽ چوڻيون ٻوليءَ جو روح رچاءُ ۽ حسانڪيءَ جو اھڃاڻ آھن. منھنجي خيال ۾ اڄ به اھا ضرورت محسوس ٿي رھي آھي ته پھاڪا، چوڻيون، محاورا ۽ اصطلاح سندن الڳ جنس طور ڇنڊي ڇاڻي، جداري صورت ۾ پيش ڪيا وڃن ته جيئن پڙھندڙن جو مونجھارو ختم ٿي وڃي ۽ پڙھندڙن کي جنھن به شيءِ جي ضرورت پيش اچي ته اکيون ٻوٽي ان گھربل مواد ۾ ھٿ وجھي پنھنجي ضرورت پوري ڪري وٺن.
محمد صديق منگئي جو ڪتاب ”ڦلواڙي“ پڙھجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته سندس ٽيھارو کن سالن جو پورھيو اجايو ڪونھي. محمد صديق پھاڪن ۽ چوڻين جي مفھوم ۽ پيغام کي پوريءَ ريت سمجھڻ ۾ صفا سھنجائي ڪري وڌي آھي. سندس سولي ۽ عوامي ٻوليءَ ۾ ڪيل تشريح ته ويتر پڙھندڙن ۾ پھاڪن جي استعمال جي سگھ ۽ سرت پيدا ڪري ڇڏي آھي. محمد صديق پھاڪن جو پوريل خزانو کوٽي ڪڍيو آھي، جن ۾ اسان جي ريتن رسمن، پوکي راھي، وڻج واپار، دعائن، پٽ پاراتن، تاريخي ڪردارن، ياري دوستي، کل ڀوڳ، پيري مريدي، سماجي ۽ اخلاقي قدرن جھڙن موضوعن تي جڙيل پھاڪن ۽ چوڻين کي ميڙي سيڙي ھڪرو گلدستو يا ڦلواڙي بنائي پيش ڪيو آھي ۽ انھن ۾ موجود گلڙن مان واس وٺڻ لاءِ ھرکائي وڌو آھي. جيئن ”ٻني ۽ وني، ڪنھن نه ڏني.“ محمد صديق، ڪتاب ۾ انتھائي سادڙن ۽ سولن، نج عوامي لفظن جو استعامل ڪيو آھي، جيئن علاج لاءِ ”ڏس“، بک لاءِ ”لنگھڻ“، زڪام لاءِ ”ليس“، رفع حاجت لاءِ ”جھنگل جو خيال“ وغيرھ.
صديق منگئي جو ھي ڪتاب ٻوليءَ جو ھڪ بي بھا خزانو آھي. سندس ڪتاب ۾ اھڙا پھاڪا ۽ چوڻيون به آھن، جيڪي ھاڻوڪين حالتن ۽ ڪيفيتن سان ڀچي نٿا اچن، پر پوءِ به عام جام استعمال ٿين ٿا، جن مان اسان کي پنھنجي ماضيءَ جي پروڙ پوي ٿي. اھي ھر ايندڙ نسل لاءِ رھنمائي ۽ ھدايت جو ڀنڊار رھندا. جيئن “ڇورو پڙھيو قسمت جاڳي، ڇوري پڙھي منھن تي دانگي.“، مٽيارين جو موت، ويندي جي ويرم.“، ”آمري آءُ ته مرين، ھونئن نه مرين ته بک مرين.“، ”پلو ويچارو، غريب جو گذارو.“، ”ماڇي نه ماڻھو، ڪتو نه مال.“ وغيرھ.
ھن ڪتاب ۾ اھڙي قسم جي لکيل ٻين ڪتابن ۾ موجود پھاڪن ۽ چوڻين کي مثال طور پيش ڪيو ويو آھي، جيڪي ساڳيو موضوع ۽ مفھوم رکندڙ آھن. سچ پچ ته اھو ھڪ وڏي مرڳ وارو پورھيو آھي، جيئن ”ابي کان ان نه مليو، ڇٽاسين ڪانون کان.“ ان جي مثال لاءِ ٻئي ڪتاب ”پھاڪن جي حڪمت“ مان مثال ڏنو آھيس ته ”مولا مينھن وساءِ ته ڪوڙا ڇٽن ڪم کان.“
محمد صديق ڪتاب ”پھاڪن جي حڪمت“ ۾ موجود ھڪ چوڻي ”ائين اچي جيئن ڍڪي گھوڙي ڦر تي.“ جي تصحيح ڪندي لکي ٿو ته ”ڍڪي نه ويامل گھوڙي ھجي ھا“. منھنجي خيال ۾ ھيءَ عام مروج چوڻي انھيءَ تصحيح ٿيل کان به وڌيڪ سگھاري آھي ته ”ائين اچي جيئن سوئا گڏھ ڦر تي.“ وغيرھ.
ھن ڪتاب ۾ اھڙا پھاڪا ۷ چوڻيون به موجود آھن، جيڪي ٻوليءَ روءِ ٻسا لڳن ٿا ۽ جيڪي عام مروج آھن اھي ڪجھ لفظظن جي ڦير گھير سان وڌيڪ چٽا ۽ ساھ سيباڻا لڳن ٿا. اھڙي لفظي مٽ سٽ جا ڪجھ مثال ڏسو: ۱. ”چريو ڳالھائي، سنھيون پرکي.“، عام مروج آھي ته ”چريو ڳالھائي، سنھيون وھڃائي.“ ۲. ”ٻائي جو ڇا ڀت ۾.“، عام مروج آھي ته ”ٻائي جو ڇا ٻوڙ ۾.“ ۳. ”جنھن کي الله رکي، تنھن کي ڪير چکي.“، عام مروج آھي ته ”جنھن کي رب رکي، تنھن کي ڪير چکي.“ ۴. ”ھڪڙو وکر ڪسو، ٻيو اگھ آڪرو.“، عام مروج آھي ته ”ھڪڙي جنس جڏي، ٻيو اگھ آڪرو.“
ھن ڪتاب ۾ پھاڪا ۽ چوڻيون اھڙيون به موجود آھن جن کي پھاڪو يا چوڻي نٿو چئي سگھجي. اھي فقرا يا اصطلاح آھن. ڪمن اصطلاحن جي فقط مصدري صورت مٽائي چوڻي يا پھاڪو بنايو ويو آھي. ڪجھ مثال پيش آھن. ۱. ”ڍنگھرن تي اٽو ھارڻ.“ ھي پھاڪو نه پر اصطلاح آھي. ۲. ”جھرڪيءَ کي مھري دٻڻ.“ پھاڪو نه پر اصطلاح آھي. ۳. ”ڍنگو ڍيري ٿيڻ.“ پھاڪو نه پر اصطلاح آھي. (ڏسو سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر صفحونمبر ۳۴۶) ۴. ”اڀ ۾ تير اڇلائڻ.“ پھاڪو نه پر اصطلاح آھي. ۵. ”اک سان ڇوڏو ٻڌڻ.“ پھاڪو نه پر اصطلاح آھي. ۶. ”ڏھ ئي آڱريون گيھ ۾ ھئڻ.“ پھاڪو نه پر اصطلاح آھي. ۷. ”ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيڻ.“ پھاڪو نه پر اصطلاح آھي. ۸. ”لک ٿي مٿو ڌوئڻ.“ پھاڪو نه پر اصطلاح آھي. (ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ انگن جو ادبي ڪارج صفحو نمبر ۲۶۸) ۹. ”لک تي ڏيئو ٻرڻ.“ پھاڪو نه پر اصطلاح آھي. (ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ انگن جو ادبي ڪارج صفحو نمبر ۱۷۷) ۱۰. ”ڏھ ئي ڏوڪر لسا ھئڻ.“ پھاڪو نه پر اصطلاح آھي. ۱۱. ”ھٽيءَ سارو ھوڪو ڏيڻ.“ پھاڪو نه پر اصطلاح آھي. (ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر صفحو نمبر ۳۴۸) ۱۲. ”جھڳو ئي جھڻ ڪرڻ.“ پھاڪو نه پر اصطلاح آھي. (ڪتاب سنڌي لازمي نائين ڪلاس لاءِ صفحو نمبر ۹۱ ڇاپو ۲۰۰۲ سال) ۱۳. ”ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيڻ.“ پھاڪو نه پر اصطلاح آھي. ۱۴. ”ھڪڙو آنو، سو به ڪنو ھئڻ.“ پھاڪو نه پر اصطلاح آھي. (سنڌي ٻوليءَ ۾ انگن جو ڪارج صفحو نمبر ۱۲۴) ۱۵. ”آئي گھوڙٽ.“ پھاڪو يا چوڻي نه پر فقرو آھي. ۱۶. ”ھل پنھل.“ پھاڪو يا چوڻي نه پر فقرو آھي. ۱۷. ”ست گڏھ آڪرو.“ پھاڪو يا چوڻي نه پر فقرو آھي. ۱۸. ”نه ھوند نه شڪر.“ پھاڪو يا چوڻي نه پر فقرو آھي. ۱۹ ”نه اس نه ڇانو.“ پھاڪو يا چوڻي نه پر فقرو آھي. ۲۰. ”گھر ته گھرئين.“ پھاڪو يا چوڻي نه پر فقرو آھي. ۲۱. ”تخت يا تختو.“ پھاڪو يا چوڻي نه پر فقرو آھي.
ڪتاب ”ڦلواڙي“ پڙھندي منھنجي ذھن جي اسڪرين تي کوڙ سارا پھاڪا ۽ چوڻيون تري آيا. جيڪي ھن ڪتاب ۾ نه ھئا. تن کي وري پھاڪن ۽ چوڻين جي ٻين ڪتابن ”پھاڪن جي پاڙ“، ”سنڌي ورجيسي ٻولي“، ”اوسر پھاڪاتي لغت“، ”ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت“، ”سنڌي ٻوليءَ ۾ انگن جو ادبي ڪارج“، ”سنڌي ٻولي ۽ ان جي ادبي سکيا“، ”سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر“ ۽ سنڌي گرامر جي ٻين ڪتابن ۾ جاچيم ته انھن مان ڪجھ ملي ويا پر پوءِ به ڪجھ بچيا، سي لکان پيو. جيڪڏھن محمد صديق انھن کي درست ۽ مناسب سمجھي ته ھو انھن کي پنھنجي پھاڪن ۽ چوڻين واري توشه خاني ۾ سانڍي سگھي ٿو ۽ مون کي خوشي ٿيندي.
۱. علوءَ جي آڪھ ئي چري. ۲. چڱائي نالو، ڌيءُ جو به چڱو ناھي. ۳. جن جا ماماڻا مردار، تن جا ڀاڻيجا ڪيئن ڀڙ ٿيندا. ۴. الله راضي ته ڪيا ڪريگا ملان ۽ قاضي. ۵. پيري، گونھن کان به ڪني آھي. ۶. ڪتي اڀرندي به ساڙي، لھندي به ساڙي. ۷. ڏند کائي اچي ڏاٺن کي لڳو آھي. ۸. وٽ کوٽا يا ڦودني ۾ ڦير. ۹. ھجي جوئر جوءِ ۾ ته رھو رانديون ئي نه ڪري.
ڪتاب ”ڦلواڙي“ پھاڪن ۽ چوڻين جي چاشني به آھي ته چسڪيدار چٽڻي پڻ. ڪتاب ۾ پھاڪن ۽ چوڻين جي چاٽ به آھي ته چڻن جي چھر ۽ ليمن جي لھر به آھي. محمد صديق شايد پھاڪن ۽ چوڻين کي ڌار نه ڪري سگھيو آھي، جنھن ڪري ڪتاب جو نالو ئي ”ڦلواڙي“ رکيو اٿس. جيئن ته ڦلواڙيءَ ۾ گلن جا ڪيترا ئي قسم ھوندا آھن، جيڪي ڦلواڙيءَ کي ڦولدار بنائڻ سان گڏ سندس سونھن کي به سوايو ڪندا آھن، تيئن محمد صديق به پنھنجي ڪتاب جو نالو ”ڦلواڙي“ منتخب ڪري پھاڪن، چوڻين، محاورن، اصطلاحن ۽ فقرن کي ھڪ گلدستي ۾ گڏ ڪري رکيو آھي ۽ ائين به چئي سگھجي ٿو ته ھڪ آرٽ گئلري بنائي ڇڏيو آھي. جنھن ۾ پھاڪن، چوڻين، محاورن، اصطلاحن ۽ فقرن جي صورت ۾ کوڙ ساريون تخليقون فن پارن جي صورت ۾ ڏسي سگھجن ٿيون.
آئون پھاڪن ۽ چوڻين کي لوڪ ڏاھپ سمجھان ٿو، جيڪي اسان کي پنھنجي وڏڙن ۽ وينجھارن کان ورثي ۾ مليا آھن ۽ ملندا رھندا. ھن ڪتاب کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران پھاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب بنائي پيش ڪيو ويو آھي پر ڏسجي ٿو ته ھن ۾ سڀئي پھاڪا يا چوڻيون به ڪو نه آھن. ھن ۾ پھاڪن ۽ چوڻين سان گڏ اصطلاح ۽ فقرا به موجود آھن. ان کان سواءِ پھاڪن ۽ چوڻين کي الڳ رکيو وڃي ھا ته پڙھندڙن جي علم ۾ اچي ھا ته پھاڪا ڪھڙا آھن ۽ چوڻيون ڪھڙيون آھن. اسان جو ايندڙ نسل، ھن پوري مواد کي پھاڪا ۽ چوڻيون ئي سمجھندو. ڇو ته ھيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ڇپرايو آھي ۽ ان جي ڇپرايل ھر ڪتاب کي ٻوليءَ لاءِ سند ئي سمجھيو ويندو آھي. ھونئن به پھاڪا ۽ چوڻيون، اڄ جي نوجوان لاءِ ھڪ پرولي يا ڳجھارت کان گھٽ نه آھن. ڇو ته نئين نسل جو ھنن پھاڪن ۽ چوڻين سان پورو سورو واھپو آھي. وري ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ موجود ڏاھن جي لاپرواھي ڏسڻ ۾ اچي ٿي يا کين ايترو وقت به فرصت وارو ڪونھي جو ھن ڪتاب کي ڇپائڻ کان اڳ ۾ ان تي ھڪ نظر وجھن ھا. جيڪڏھن اھي ھن ڪتاب تي نظر وجھن ھا ته ضرور کين ڪتاب ۾ موجود اصطلاح ۽ فقرا وغيرھ ڏسڻ ۾ اچن ھا. ڇاٻوليءَ جو ھيءُ معتبر ادارو، ٻولي ۽ ادب جي حفاطت ۽ خدمت ڪري رھيو آھي؟
جڏھن ڪتاب پڙھي پورو ڪيم ۽ پروفن جون غلطيون ساريم ته پوريون پنجاھ ٿيون ۽ روئڻھارڪو ٿي ويس ۽ سوچيم ته ھن ھڪڙي ڪتاب ۾ ھيتريون غلطيون آھن ته پوءِ پڪ سان اداري پاران ڇپايل ٻين ڪتابن سان به اھڙي ئي ويڌن ٿيل ھوندي. پوءِ وري سوچيم ته نه ٻيلي آئون ڀليل آھيان. ھن اداري ته ڪتاب ۾ پروفن جي غلطين جي گولڊن جوبلي ملھائي آھي!




(ويسر جي ڪٻاڙخاني مان (جديد ادبي تنقيدي اڀياس)؛ ”پروانو سومرو، سنڌي ادبي سنگت، شاخ قاضي احمد، ڇوپو پھريون، آگسٽ ۲۰۱۸ع، صفحو ۵۲ کان صفحو ۵۸ تائين، تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment