Showing posts with label تڏھن ٿي ملير مرڪي، جڏھن مول اٿس ماءُ، صالح محمد يار محمد سمون،. Show all posts
Showing posts with label تڏھن ٿي ملير مرڪي، جڏھن مول اٿس ماءُ، صالح محمد يار محمد سمون،. Show all posts

Sunday, October 28, 2018

تڏھن ٿي ملير مرڪي، جڏھن مول اٿس ماءُ


تڏھن ٿي ملير مرڪي، جڏھن مول اٿس ماءُ
(مجلس ملير سان مارڪو)
صالح محمد يار محمد سمون
مان پنھنجي مضمون جي عنوان ۽ حقيقت بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ حاضرين بزرگن ۽ ھردلعزيز دوستن جي خذمت ۾ ھي ٻه اکر پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان.
اسان جي خوشقسمتيءَ جو، اڄ ڪھڙو نه سھائو سج اڀريو آھي، جو اڄوڪي ڏينھن جي خوشيءَ کي تصور ڪريون ٿا.
عام چوڻي آھي ته؛ ”موت ۽ ملاقات، اوچتا ٿين ٿا.“، ”لوچين، سي لھن.“ ۽ ”ڏورين سي ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.“ قادر جا وڏا قرب، جنھن ورھن جا وڇڙيل، استاد ۽ شاگرد، دوست ۽ پاڙيسري، ھن نيڪ بخت جاءِ تي ھن محفل ۾ ھڪ ٻئي کي ملايا آھن. ھيءَ اھا پاڪ ۽ مقدس جاءِ آھي، جنھن جي سائي ۾ اڪثر اسين سمورا خصوصا مليرڀائي سڀ پڙھيا ۽ پليا آھيون.