Saturday, November 17, 2018

پرڀاتيءَ جي اصطلاحي ٻولي - اعجاز احمد ميمڻ


پرڀاتيءَ جي اصطلاحي ٻولي
اعجاز احمد ميمڻ
سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ”اصطلاح“ عربي ٻوليءَ کان آيل آهي. جيڪو ٻوليءَ جي سونهن، سينگار ۽ سجاوٽ پيدا ڪرڻ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ڇو ته ٻوليءَ اندر استعمال ٿيندڙ جملن ۾ اصطلاح جو استعمال، جملن کي اثرائتو ۽ وڻندڙ بڻائي ٿو. ٻوليءَ ۾ پنهنجي مفهوم کي ظاهر ڪرڻ لاءِ عام لغوي معني رکندڙ لفظن جو استعمال به ڪري سهگجي ٿو پر اصطلاح، ٻوليءَ جو اهم مضبوط جز آهي. جنهن سان ساڳيو مفهوم وڌيڪ اثرائتو ۽ وزندار ٿي سگهي ٿو.


اصطلاح لفظ جي معني ۽ مفهوم جي جائزي وٺڻ کان اڳ، ان لفظ جي اکري نکيڙ ڪرڻ لازمي آهي. اصطلاح جو بنياد ”صَلَحَ“ آهي. جنهن جي مصدري صورت هيٺين ريت ڏجي ٿي:
·       بنياد ”صَلَحَ“ - بر وزن ’فعل‘ =  هن ٺيڪ ڪيو، هن سنواريو، هن اصلاح ڪئي.
·       اصل: ’اِصتَلَح‘- بر وزن ’اِفتَعَلَ‘ = درست رويو اختيار ڪرڻ.
·       مصدر: ”اِصطلاح“ - بر وزن ”افتعال“ = درستگي ڪرڻ، اتفاق ڪرڻ، ٺيڪ ڪرڻ. (۱)
”اصطلاح“ ٻوليءَ جي ڪنهن بيان/ جملي جي اهڙي مصدري لفظ يا لفظن جي مجموعي کي ٿو چئجي. جيڪو ڪنهن جملي ۾ لغوي معني کان ھٽي ڪري رواجي معنيٰ ڏئي. يعني ”اصطلاح“ جو بنياد، بيان جي وزندار جزئيات تي رکيل آهي ۽ مصدري سڃاڻ سان لغوي معني عيوض ٻوليءَ جي رواج پٽاندر مروج معنيٰ ڏئي.
ابڙو عبدالرحيم ارشد ’اصطلاح‘ بابت ڄاڻائي ٿو ته؛ ”اصطلاح“ انهن لفظن جي ميڙ کي چئجي ٿو، جنهن ۾ اڪثر ڪري فعل ڪتب آيل نه هوندو آهي ۽ سندس مفهوم لفظي معنيٰ کان مٽيل هوندو آهي.(۲)
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب اصطلاح بابت وضاحت وري هيئن ڪئي آهي ته: ”اصطلاح معنيٰ صلح ڪرڻ، ڪنهن لفظ جي ٻي معنيٰ مقرر ڪرڻ. مثال؛ ۱) ”پراڻو ٺڪر ڀڳو ته ڀؤ ناهي“ ۲) ”هن مون تي خوامخواه ٺڪر ڀڳو آهي، تنهن جو ڏاڍو ارمان اٿم.“ پهرئين مثال ۾ ’ڀڳو‘ فعل، پنهنجي حقيقي يا اصلي معنيٰ ۾ ورتل آهي. يعني ٺڪر جو ٽڪر ٽڪر ٿيڻ. ٻئي مثال ۾ ”ڀڳو“ فعل، پنهنجي حقيقي يا اصلي معنيٰ ۾ نه پر رواجي معنيٰ ۾ ورتل آهي يعني ڪوڙو الزام! واضح ٿيو ته اصطلاح جون ٻه معنائون ٿيون ”هڪڙي مقرر ٿيل“ جنهن کي لغوي يا اصلي معنيٰ چئجي ٿو ته ٻي رواجي، جنهن کي اصطلاحي معنيٰ چئجي ٿو.(۳)
انجنيئر عبدالوهاب سهتو پنهنجي ڪتاب ’ورجيسون‘ ۾ اصطلاح جي مفهوم بابت لکي ٿو ته: ”اهو فقرو جيڪو مصدر سان گڏ جملي ۾ ٻي معنيٰ ڏيکاري، تنهن کي اصطلاح چئبو آهي. (۴)
مٿين ٽن حوالن ۾ جيڪو تضاد پيدا ٿئي ٿو سو آهي ’فعل يا مصدر‘ جو! حالانڪ مصدر ۽ فعل جو لاڳاپو لازم ملزوم وارو آهي. ابڙو عبدالرحيم صاحب اصطلاح جي حوالي سان فعل کي رد ڪري ٿو. جڏهن ته فعل جو بنياد ئي مصدر آهي ۽ مصدر کان سواءِ اصطلاح جو جڙڻ ان پروليءَ وانگر آهي. جيئن ماءُ ڄائي ناهي، پٽ ڪوٺي تي! البته عبدالوهاب واري وضاحت تز ۽ ٺهڪندڙ آهي. ڇو ته هر اصطلاح جو پير مصدر سان بيهندو. ڊاڪٽر سنديلي صاحب اصطلاح جو ناتو مصدر يا فعل سان باقاعده پيرائتو ۽ واضح ڄاڻايو آهي.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب اصطلاح جي وضاحت بابت ڄاڻايو آهي، اهو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ ڪنهن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنيٰ ڏيندو آهي انهيءَ کي محاورو يا اصطلاح چئبو آهي. (۵)
ڊاڪٽر مرليڌر صاحب جي اصطلاح بابت وضاحت برابر درست آهي، ليڪن سندس راءِ موجب محاورو ۽ اصطلاح ساڳي شيءِ هجڻ، تي اختلاف رکجي ٿو. محاورو ۽ اصطلاح ٻئي معنوي فرق رکندڙ لفظ آھن.
محترم محمد عمر چنڊ صاحب لفظ ”محاوره“ جي وضاحت ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”محاورة: حَوَرَ مان نڪتل هي لفظ، گهڻين معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. پر ان جي پاڙ مان جيئن هي لفظ نڪرن ٿا؛ پٽڪي جي ورَ کي چون حورَ. جيڪڏهن ڪنهن جي قسمت وري/ ڦري وڃي ته چون حورَ. جيڪڏهن ڪو ڌڻي ڏي موٽي وڃي ته به حورَ. اٽي ڳوهڻ، ٿنهڻ يا ورائڻ کي به چون حور. ويلڻ، جنهن سان ماني ٿنھجي يا ورائجي، ان کي چون محور يا محاور، جنهن شيءِ جي چوڌاري ڪا ٻي ڦري تنهن کي چون محور. اهڙيءَ طرح حاور جو اسم مصدر ٿيو محاورة، جنهن جي معنيٰ ٿي ورندي، وراڻي، (جيڪا ڳالهه ورائي چئجي يعني جواب) مڪالمہ يا مباحثہ (محيط المحيط) انهيءَ ڪري هڪڙي ماڻهوءَ ڪا ڳالهه چئي، ان جي ورنديءَ ۾ ڪنهن ٻي ڳالهه چئي، اهڙيءَ طرح ڳالهه ٻولهه جي ڏي وٺ جاري ٿي. اڪثر عربي ڊڪشنرين، جيڪي ”محاورة“ جون معنائون انگريزي ۾ ڄاڻايون آهن سي آھن: ”ڪنورَسيشن، ڊايالاگ، ڊبيٽ، ڪانفرنس، ٽاڪ، آرگيومينٽ. (۶)
مٿين حوالن مان اهو ئي اخذ ٿئي ٿو ته اصطلاح ۽ محاوري ۾ يقيناً فرق آهي. ڇو ته لفظن جي بنياد ۽ ان جي استمعال مان واضح ٿئي ٿو ته اصطلاح ڪنهن لفظ جي حقيقي معنيٰ نه ٿو ڏئي، جڏهن ته محاورو ڳالهه ٻولهه ۾ آيل جملي جي اهڙي جز کي ئي سگهجي ٿو، جيڪو اصطلاح جي گھاڙيٽي جهڙو ته آهي ليڪن اهو جملي جو جز، پنهنجي حقيقي معنيٰ ڏئي ٿو. ان کي آسان ڪرڻ لاءِ هيٺيان مثال ڏئي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهجي ٿي:
·                ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ.     (اصطلاح)
·                ڪلهو ڪلهي سان ملائڻ.           (محاورو)
پهرين مثال ۾ ”ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ“ وارو جملي جو جز پنهنجي حقيقي معنيٰ ان حوالي سان نه ٿو ڏئي سگهجي، جو ڪلهوڪلهي ۾ ڏئي هلڻ ۾ ڪا رواني پيدا ڪا نه ٿيندي، بلڪ اهو عمل تهائين ڏکيو ٿي پوندو؛ اهڙي انداز سان هلڻ ۾ ضرور ڪٿي جهول پوندي يا اٽڪاءَ جي صورت ۾ قط پوندو. ان صورت ۾ ان کي اصطلاح ئي چئي سگهجي ٿو، جنهن جي معنيٰ بيهندي: هڪٻئي جي ڏکن سکن ۾ شامل حال رهڻ.
ٻئي مثال ۾ ”ڪلهو ڪلهي سان ملائڻ“ پنهنجي حقيقي معنيٰ ان صورت ۾ به ڏئي سگهي ٿو جيئن نماز وغيره ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي ملائي بيهبو آهي. يعني هن فقري ۾ جملي جو جز پنهنجي حقيقي معنيٰ سان به سلهاڙيل آهي. ان صورت ۾ مذڪوره جملي جي جز کي محاورو چوڻ روا ٿيندو: ڇو ته اهڙا جملي جا جز اسان جي ڳالهه ٻولهه يا عام ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جو حصو آهن.
لفظ محاورو هونئن ته پنهنجي بنيادي معنيٰ ”ڳالهه ٻولهه“ جي ئي رکي ٿو. پر جڏهن اهو لفظ عربيءَ کان فارسي ۽ ھندي/ اردو ۽ سنڌي ۾ آيو ۽ معنيٰ به اصطلاح واري رکيائين ته ان صورت ۾ ان جي حيثيت کي به رد ڪري نه ٿو سگهجي. تنهن لاءِ لفظ محاروي جو مفھوم اهڙو جملي جو جز هجي جيڪو عام ڳالهه ٻولهه ۾ ڪم ايندڙ گفتي کي چوڻ گهرجي، جيڪو پنهنجي سڌي معنيٰ سان به سلهاڙيل هجي.
ھت صرف اصطلاح تي لکڻ مقصود آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻوليءَ اندر اهڙا لفظ ڇو پيا استعمال ٿين، جن جي لغوي معنيٰ بيان سان ٺهڪندڙ نه آهي. عيوض ۾ عام رواجي معنيٰ ورتي پئي وڃي: يا انهن لفظن جي استعمال جو ڪهڙو سماجي ڪارج آهي!
در اصل ”اصطلاح“ جو استعمال ڳالهه ڳالهائڻ، لکڻي لکڻ، شاعري ڪرڻ ۽ سگهڙائپ کي پر اثر بنائي ٿو. جملي جي ننڍي جز ۾ وسيع مفهوم سمايل آهي جو پڙهڻ پڙهائڻ ۽ ڳالهه ڳالھائڻ ۾ ٻڌندڙ تي ٺهه پهه اثر ٿيو پوي.
اصطلاح جو ڪارج اهو آهي تي ٻوليءَ اندر بيان/ جملي کي وزندار يا اثرائتو ڪيئن بڻائجي! پر ڪنهن جي اصلاح تمثيلي بنيادن تي ڪرڻ به آهي. جيڪا چٽي، واضح ۽ اثرائتي نموني ٿئي، اهڙن لفظ جي ڪارج جو مکيه مقصد اهو ئي آهي ته سماج ( سماجي فرد) جي اصلاح ٿئي ۽ مھذبپڻو وڌي.
معلوم ٿيو ته ”اصطلاح“ جو استعمال مام ۾ ڳالهائڻ/ لکڻ، ڍڪي ڳالهائڻ ۽ سماجي مسئلن جي اصلاح ڪرڻ آهي. ٻوليءَ اندر اصطلاحي لفظ تَز ۽ توريل تڪيل هئڻ ڪري، ٻوليءَ جو سينگار ۽ سونھن ٿيو پون.
اسان جي معاشري ۾ روزمره واري زندگيءَ اندر اٿڻ ويهڻ، ڳالهاءَ ڳالهائڻ وقت عام رواجي معنيٰ رکندڙ لفظن جو استعمال پيو ٿئي جيڪي بغير ڪنهن جهل جهپ جي ۽ لاشعوري طور ڪتب آندا وڃن ٿا، سي ئي ٻوليءَ جو سينگار آهن!
سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ءَ ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاحي ٻولي پنهنجي زيب و زينت برقرار رکيو بيٺي آهي. شاهه صاحب سر پرڀاتيءَ ۾ ڪم آندل اصطلاحي ٻولي/ بيتن جا جز، يقينًا في البديهه چيا هوندا، جيڪي ٻوليءَ جو اٽوٽ حصو آھن. هتي آانهن بيتن جي جزن جا جزا يڪجا ڪري، انهن کي اصطلاح ڄاڻائي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو. (*)
(* مانواري اعجاز ميمڻ اصطلاحن بابت چڱي جاکوڙ ڪئي آهي. ابتدائي اصطلاح ۽ محاوري جي فني سٽاءَ به ڄاڻائي اٿائين، پر اڳتي هلي پاڻ ڪيترن محاورن کي اصطلاح قرار ڏئي معنيٰ ڪڍي اٿائين. معنائن ۾ هڪ-ڪرو معيار رکي نه سگهيو آهي. ان موضوع تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. - ايڊيٽر)

’ڪينر ڪِيري ٽنگڻ‘
لغوي معنيٰ:          ڪينر= سرندو: ڪيري = ڪل: ٽنگڻ= لٽڪائڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    پنهنجي ڪرت واري اوزار کي ڇڏڻ، سستي ڪرڻ، ڪاهلي ڪرڻ.
ڪم آندل:            ”ايءُ نه ڀانن ڀير، جيئن ڪينر ڪيريءَ ٽنگيو.

’سيرانديءَ ساز ڪرڻ‘
لغوي معنيٰ:          سيراندي = مٿن کان؛ ساز= واڄو.
اصطلاحي معنيٰ:    پي اونو ٿيڻ، لاپرواهي ڪرڻ، غفلت ڪرڻ.
ڪم آندل:            ”سيرانديءَ ساز ڪيو، سمهي سري رات.

’رَڃن راه پڇڻ‘
لغوي معنيٰ:          رڃن = بيابانن، ڀٽن وارو رڻ؛ راهه = دڳ.
اصطلاحي معنيٰ:    جاکوڙ ڪرڻ، ڪوشش ڪرڻ، حق جي تلاش ڪرڻ.
ڪم آندل:            ’رڃن رهه پڇڻ، مٿي ڪلهن ڪينرا.

’پير ڊگها ڪرڻ‘
لغوي معنيٰ:          پير= قدم: ڊگها= سڌا.
اصطلاحي معنيٰ:    بي اونو ٿيڻ، ڳڻتي نه هجڻ، سستي ڪرڻ.
ڪم آندل:            ’جيئن ڊگها ڪري پير، ڄيون راتيون سمهين‘

’سپڙ ساڻ سهٽ ڪرڻ‘
لغوي معنيٰ:          سپڙ= سردار؛ ساڻ= گڏ؛ سهٽ = رهاڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    عبادت ڪرڻ، حال اورڻ، مناجات چوڻ.
ڪم آندل:            ’اٿي آڌيءَ نه ڪرئين، سپڙ ساڻ سهٽ‘

’مٽ ميڙڻ‘
لغوي معنيٰ:          مَٽَ= ٺڪڙ جا دلا (مٽي)؛ ميڙڻ= گڏ ڪرڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    ميڙي چونڊي ڪرڻ، سانڍڻ، حَوس ڪرڻ.
ڪم آندل:            ’ميڙي تئان مٽ، چونڊي ڀريا چارڻين‘

’سپڙ در سوال ڪرڻ‘
لغوي معنيٰ:          سپڙ = حاڪم؛ سوال = عرض، التجا.
اصطلاحي معنيٰ:    سائين کي صدا ڪرڻ، ڌڻيءَ در ٻاڏائڻ، التجا ڪرڻ.
ڪم آندل:            ’سپڙ در سوال، ڪر ته قيمت آڻيين‘

’ڌڻيءَ در اگهامجڻ‘
لغوي معنيٰ:          ڌڻي = مالڪ؛ در = ٻنڀو / ڳڙکي؛ اگهامجڻ = قبول پوڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    ساب پوڻ، لايو سجايو ٿيڻ؛ درجو حاصل ڪرڻ.
ڪم آندل:            ’ان در سي اگهيا، جن نه ڀانيو پاڻ‘

’ڏڏن کي ڏيڻ‘
لغوي معنيٰ:          ڏڏن = اڻڄاڻن، اٻوجهن.
اصطلاحي معنيٰ:    اٻوجھن تي ڇايا ڪرڻ، مسڪينن تي مهر ڪرڻ،
منجھيلن تي مھل ڪرڻ، اڙيلن جو آڌار ٿيڻ
ڪم آندل:            جيڪي ڏڏن ڏي، ڳجهيان ئي ڳجهه ۾

’آريون سهڻ‘
لغوي معنيٰ:          آريون = انگل؛ سهڻ = برداشت ڪرڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    انگل کڻڻ، ڪسيون پڪيون سهڻ، مستن کي مايا ڏيڻ.
ڪم آندل:            ’آريون اٻوجهن جون، سپڙ ڄام سهي‘

’طمع جي تنوار ڪرڻ‘
لغوي معنيٰ:          طمع = ضرورت؛ تنوار = پچار، وائي.
اصطلاحي معنيٰ:    اميد رکڻ، بار بار گهرڻ، آسرو هئڻ.
ڪم آندل:            ’طمع جي تنوار، متان ڪرين مڱڻان‘

’ماڻڪ مٺ ۾ ڏيڻ‘
لغوي معنيٰ:          ماڻڪ = قيمتي موتي؛ مٺ = ڀريل هٿ.
اصطلاحي معنيٰ:    محنتاڻو ملڻ، عيوضو ملڻ، بدلو ملڻ، اجورو حاصل ٿيڻ.
ڪم آندل:            ’ڌڪي ڪندءِ ڌار، ماڻڪ ڏئي مٺ ۾‘

’ڌڪي ڌار ڪرڻ‘
لغوي معنيٰ:          ڌڪي = هٽائي؛ ڌار = الڳ.
اصطلاحي معنيٰ:    تڙي ڇڏڻ، وساري ڇڏڻ، معزول ڪرڻ،
دل تان لاھي ڇڏڻ، ناتو ٽوڙڻ.
ڪم آندل:            ’ڌڪي ڪندءِ ڌار، ماڻڪ ڏئي مٺ ۾‘

’ڏڏ ٿي ڏان گهرڻ‘
لغوي معنيٰ:          ڏڏ = موڳو، اڻڄاڻ؛ ڏان = طريقو؛ گهرڻ وٺڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    عاجزيءَ سان حاصل ڪرڻ، هيٺاهين سان گهرڻ،
ايلاز ڪرڻ، نماڻا سوال ڪرڻ.
ڪم آندل:            ڏڏ ٿي ڏان گھريج تون، ڇڏي وڄا جي وائي.

’چائنٺ چپ لائڻ‘
لغوي معنيٰ:          چائنٺ = ٻنڀي/ در جي هيٺين ڪاٺي؛ لائڻ = چُمڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    تعظيم ڪرڻ، نوڙت ڪرڻ، جهڪڻ.
ڪم آندل:            ’لنگها! لاهِ م! لِک سين، مٿان چائنٺ چپ‘

’راءُ ريجهڻ‘
لغوي معنيٰ:          راءُ = سردار؛ ريجھڻ = پرچڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    خوشنصيب ٿيڻ، ڀاڳ نيارا ٿيڻ.
ڪم آندل:            ’جِئن آئين ڪيرت ڪَٽ نه سکيا، تئن پاڻان ريڌو راءُ‘

’ستن سڻائڻ‘
لغوي معنيٰ:          ست = ستلن؛ سڻائڻ = ٻڌائڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    خبردار ڪرڻ، بيدار ڪرڻ، هوشيار ڪرڻ.
ڪم آندل:            ’سڻائي سُتن کي، وهاڻيءَ ويو‘

’تندون تنبي پائڻ‘
لغوي معنيٰ:          تندون = تارون؛ تنبي = دنبوري کي.
اصطلاحي معنيٰ:    تياري ڪرڻ، سمر سنباهڻ، هوشياري وٺڻ.
ڪم آندل:            ’ريهي رُپي سنديون، تندون تنبي پاءِ‘

’ڪيرت جي ڪرڻ‘
لغوي معنيٰ:          ڪيرت = ساراهه.
اصطلاحي معنيٰ:    عبادت ڪرڻ، بندگي ڪرڻ، ٻانهپ ڪرڻ.
ڪم آندل:            ’چارون وس نه ڪا، ته ڪا ڪيرت جي ڪري‘

’ڏکيا ڏوليءَ چاڙهڻ‘
لغوي معنيٰ:          ڏکيا = لانجها؛ ڏولي = کٽ؛ چاڙھڻ = وهارڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    مان ڏيڻ، اٻوجهن کي گلي لائڻ، عزت ڏئي ڀر ۾ وهارڻ.
ڪم آندل:            ’سڀر ڪريو سڏ، ڏکيا چاڙهي ڏولئين‘

’سهاڳ  ماڻڻ‘
لغوي معنيٰ:          سُهاڳ = ڀلو بخت؛ ماڻڻ = حاصل ڪرڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    خوشي ملڻ، انعام حاصل ڪرڻ، پرينءَ جو ديدار ٿيڻ.
ڪم آندل:            ’صبوح جو سهاڳ، مڱڻهارن ماڻيو‘

’وهاڳ ڏيڻ‘
لغوي معنيٰ:          وهاڳ = ڳائڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    ذڪر ڪرڻ، شڪر ڪرڻ، التجا آڏو رکڻ، عرض ڪرڻ.
ڪم آندل:            ’ڏنائون ڏاتار کي، وڏيءَ وير وهاڳ‘

’پهاڳ ٿيڻ‘
لغوي معنيٰ:          پهاڳ = پرچاءُ.
اصطلاحي معنيٰ:    الله جو راضپو حاصل ٿيڻ، رٺل راضي ٿيڻ، ماڙ ٿيڻ.
ڪم آندل:            ’پرين سين پهاڳ، مان تماڻيءَ نصيب ٿئي‘

’در ڇڏڻ‘
لغوي معنيٰ:          در = ٻنڀو؛ ڇڏڻ = پري ٿيڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    حق کان پري ٿيڻ؛ وساري ڇڏڻ، ڀٽڪي وڃڻ، ڌڪا ٿاٻا کائڻ.
ڪم آندل:            ’مون در ڇڏيو، مڱڻا! مڱيين ڪوهه ٻيا‘

’ڏينهڙا پوڻ‘
لغوي معنيٰ:          ڏينهڙا = ڏينهن؛ پوڻ = ٿي وڃڻ واري حالت.
اصطلاحي معنيٰ:    ناغو پوڻ، وٿي پوڻ، ويساهي ڪرڻ.
ڪم آندل:            ’تڏهن تو پيا، وچيان ولها ڏينهڙا‘

’موٽي منهن ۾ ڏيڻ‘
لغوي معنيٰ:          موٽي = ورائي؛ منهن = چهرو.
اصطلاحي معنيٰ:    بي مانو ڪرڻ، تعنا تنڪا ڏيڻ، مهڻا ڏيڻ.
ڪم آندل:            ’صباح توهين کي، موٽي ڏيندا منهن ۾‘

ڪينرا ڪلهي رکڻ‘
لغوي معنيٰ:          ڪينرا = سرندا، ساز؛ ڪلهي = ڳڄيءَ ڀر جسم.
اصطلاحي معنيٰ:    سعيو ڪرڻ، سنڀرڻ، تيار ٿيڻ.
ڪم آندل:            ’وِئڙا وڏيءَ وير، ڪلهي رکي ڪينرا‘

’تنوار سمجڻ‘
لغوي معنيٰ:          تنوار = پچار؛ سجهڻ = ٻجهن، سُڌ پوڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    معرفت حاصل ٿيڻ، حق عيان ٿيڻ، خبر پوڻ
ڪم آندل:            ’اڄ نه سُڄي، اڳئين تنبيرن تنوار‘

’مڙھيون پورڻ‘
لغوي معنيٰ:          مڙهيون = آستان؛ پورڻ = بند ڪرڻ
اصطلاحي معنيٰ:    ڪوچ ڪرڻ، هجرت ڪرڻ، لڏ پلاڻ ڪرڻ، راهي ٿيڻ.
ڪم آندل:            ’مڙهيون منڱڻهار، پوري ڪنهن پار ويا‘

’پڳ پڇڻ‘
لغوي معنيٰ:          پڳ = ڏس؛ پڇڻ = معلوم ڪرڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    خبر وٺڻ، دڳ ڳولهڻ، سڌ لهڻ.
ڪم آندل:            ’پڇي تنهنجو پڳ، ڪلهي پاتم ڪينرو‘

’ڪلهي ڪينرو پائڻ‘
لغوي معنيٰ:          ڪلهو = ٻانهن مٿان وارو انگ؛ ڪينرو = سرندو.
اصطلاحي معنيٰ:    تيار ڪرڻ، ڪنهن منزل ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪرڻ.
ڪم آندل:            ’پڇي تنهنجو پڳ، ڪلهي پاتم ڪينرو‘

’پارس ٿيڻ‘
لغوي معنيٰ:          پارس = لوه کي سون بڻائيندڙ قيمتي پٿر.
اصطلاحي معنيٰ:    هدايت پائڻ، رنگجي وڃڻ، هاديءَ جي صحبت ملڻ.
ڪم آندل:            ’تون پارس آئون لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان‘

’سون ٿيڻ‘
لغوي معنيٰ:          سون = قيمتي ڌاتو.
اصطلاحي معنيٰ:    سرخرو ٿيڻ، املهه ٿيڻ، ڪامياب ٿيڻ.
ڪم آندل:            ’تون پارس آئون لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان‘

’ميريائي مان لهڻ‘
لغوي معنيٰ:          ميريائي = گدلو؛ مان = عزت
اصطلاحي معنيٰ:    گنگهار جي بخشش ٿيڻ، ڇوٽڪارو ٿيڻ، قبول پوڻ.
ڪم آندل:            ’جي گهر اچين مون ته ميريائي مان لهان‘

’تارو اڀرڻ‘
لغوي معنيٰ:          تارو = آسماني گرهه؛ اڀرڻ = نڪرڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    مند اچڻ، وقتائتي مهل اچڻ، وارو اچڻ.
ڪم آندل:            ’اڀريو تارو، اٿي وَرُ وهاڳ ڏي‘

’وهاڳ ڏي ورڻ‘
لغوي معنيٰ:          وهاڳ = ڳائڻ؛ ورڻ = موٽڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    سئين راهه تي اچڻ، هدايت يافته ٿيڻ، فھميدو ٿيڻ.
ڪم آندل:            ’اڀريو تارو، اٿي وَرُ وهاڳ ڏي‘

’چت پرکڻ‘
لغوي معنيٰ:          چت = ذهن، من، دل؛ پرکڻ = جاچڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    ماڻھپ جاچڻ، ٿانءَ جاچڻ، اندر جو منجهه جاچڻ.
ڪم آندل:            ’سپڙ ريسارو، چت پرکي چارڻيين.

’ٻن وجھڻ‘
لغوي معنيٰ:          ٻن = کڏ؛ وجهڻ = اڇلائڻ.
اصطلاحي معنيٰ:    ناس ڪرڻ، چٽ ڪرڻ، برباد ڪرڻ، ٻڏڻ.
ڪم آندل:            ’ٻيائون وجھي ٻن کي، سمو کڻ سوائي.‘

’اھڃ ڏيڻ‘
لغوي معنيٰ:          اھڃ = نشان، علامت.
اصطلاحي معنيٰ:    ذھن نشين ڪرائڻ، بانور ڪرائڻ، اشارو ڏيڻ.
ڪم آندل:            ’اتي عشاقن کي، الفت اھڃ ڏنائين

مددي حوالا:
1.         شبير احمد ڀٽو- اڪمال صرف- مڪتبه سعديه مدرسه تعمليم الهديٰ، الرا، پريالوءِ ۱۴۰ هجري.
2.         ابڙو عبدالرحيم ارشد- رفيق گرامر- انٽرنيشنل اڪيڊمي، هالا ۱۹۸۶ع ص ۶۰
3.         ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو- اصطلاحن جي اصليت- ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اڪيڊمي، لاڙڪاڻو ۱۹۹۳ع، ص :۱۲
4.         انجنئير عبدالوهاب سهتو- ورجيسون- سنڌي ساهت گهر حيدرآباد ۲۰۰۳ع، ص :۱۵
5.         ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي- سنڌي پهاڪا ۽ محاورا- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۲۰۰۴ع، ص :۵۴
6.         الطاف حين جوکيو- اشتقاقن جي اکيڙ (اڻڇپيل).
7.         محمد عمر چنڊ- سنڌي ٻولي، لسانياتي جاگرافي، آراڌايون ۽ لفظي ترتيب- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، ۲۰۰۴ع، ص:۶۲-۶۳.
8.         علامه آءِ آءِ قاضي- شاهه جو رسالو- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ڇاپو ٽيون، ۱۹۹۳ع.
9.         ڪلياڻ آڏواڻي- شاهه جو رسالو- ڪاٺياواڙ اسٽور، بندر روڊ، لاڙڪاڻو، ۱۹۹۹ع.
10.      ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ- جامع سنڌي لغات- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو- پنج ئي جلد.
11.      ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ- روشني- شاهه جي ڪلام جي لغت- سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، ۲۰۰۲ع
12.      فيروز اللغات- عربي اردو- فيروز سننز لميٽيڊ لاهور، ۱۹۷۹ع.





(سر پرڀاتي، مرتب؛ ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڇاپو پھريون ۲۰۱۰ع، ص ۲۳۵)

No comments:

Post a Comment