سنڌي لوڪ ادب
۽ کل ڀوگ
ھڪ سرسري جائزو
علي احمد بروھي
جڏھن به ڪنھن قوم
جي سڀيتا جو اڀياس ڪجي ٿو، ته اسان کي ٻه ڳالھيون چٽيءَ طرح نظر اچن ٿيون. ھڪ ان
قوم جا پنھنجا ڪارناما ۽ ٻيو سندس اباڻو ورثو، جو سرمايو کيس پنھنجي وڏڙن کان
پيڙھي به پيڙھي حاصل ٿيندو رھي ٿو. اسين اھو خاطريءَ سان چئي نه سگھنداسين ته سنڌي
ڪيئن ۽ ڪڏھن تاريخي سطح تي نڪري نروار ٿيا. پر ھيءَ ھام يقين سان ڀري ٿا سگھون ته
اسين ان قديم قوم کان به آڳاٽا آھيون جنھن پاڻ کي پڏائڻ لاءِ آريه ۽ اسان کي
اڻ-آريه سڏيو. ڌارين قومن جو اسان وٽ اوير سوير اچي سھڙڻ، يا ٽانڊي لاءِ اچي پوءِ
بورچياڻي ٿي ويھڻ جو دستور اسان وٽ دائمي ھلندو ٿو اچي. موھن جي دڙي کان وٺي
ورھاڱي تائين اسان جي سموري تاريخ اھڙي مھمان نوازيءَ سان ڀرپور آھي.
