Sunday, October 28, 2018

تڏھن ٿي ملير مرڪي، جڏھن مول اٿس ماءُ


تڏھن ٿي ملير مرڪي، جڏھن مول اٿس ماءُ
(مجلس ملير سان مارڪو)
صالح محمد يار محمد سمون
مان پنھنجي مضمون جي عنوان ۽ حقيقت بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ حاضرين بزرگن ۽ ھردلعزيز دوستن جي خذمت ۾ ھي ٻه اکر پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان.
اسان جي خوشقسمتيءَ جو، اڄ ڪھڙو نه سھائو سج اڀريو آھي، جو اڄوڪي ڏينھن جي خوشيءَ کي تصور ڪريون ٿا.
عام چوڻي آھي ته؛ ”موت ۽ ملاقات، اوچتا ٿين ٿا.“، ”لوچين، سي لھن.“ ۽ ”ڏورين سي ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.“ قادر جا وڏا قرب، جنھن ورھن جا وڇڙيل، استاد ۽ شاگرد، دوست ۽ پاڙيسري، ھن نيڪ بخت جاءِ تي ھن محفل ۾ ھڪ ٻئي کي ملايا آھن. ھيءَ اھا پاڪ ۽ مقدس جاءِ آھي، جنھن جي سائي ۾ اڪثر اسين سمورا خصوصا مليرڀائي سڀ پڙھيا ۽ پليا آھيون.


اڄ کان اٺاويھ سال اڳ ھن بندي کي ھن ممتاز مڪتب ۾ تعليم ۽ تربيت وٺڻ جو شرف حاصل ٿيو ھو. سال ۱۹۳۷ع ۾ ابتدائي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ خوش قسمتيءَ سان اڄ ھن ناچيز بندي کي پنھنجي ممتاز ۽ قوم جي معياري معلمن ۽ ھردلعزيز دوستن جي محفل ۾ بحيثيت ھڪ معلم جي پنھنجا چند ناقص خيال ظاھر ڪرڻ جو نادر موقعو نصيب ٿيو آھي. جنھن لاءِ از حد خوشي اٿم. عزيزو منھنجي مضمون جو عنوان آھي؛
”تڏھن ٿي ملير مرڪي، جڏھن مول اٿس ماءُ.“
ائين چوڻ حقيقت کان ھرگز خالي نه ٿيندو ته ڪو ھن ڪائنات جو منڊيل مانڊاڻ، جنھن ۾ سڀڪجھ اچي ٿو وڃي، ھڪ ٻئي جي آڌار، ھمدردي ۽ دستگيريءَ کانسواءِ ھلي ٿو سگھي.
ھر ھڪ شيءِ، وڻ، ٻوٽا، ماڻھو ۽ مرون، زمين ۽ آسمان، سج، چنڊ ۽ تارا، پاڻي ۽ ھوا، پنھنجيءَ پنھنجيءَ جاءِ تي ھڪ ٻئي جا محتاج آھن. ڪو به ھڪ، ٻئي جي ٻيلپڻي کان سواءِ پل به تڳي يا ھلي نه ٿو سگھي.
خود خدا کي پنھنجي وحدانيت جي ثناخوانيءَ لاءِ وحدت مان ڪثرت ڪري ھيءَ ڪائنات قائم ڪرڻي پيئي ۽ حضرت انسان کي اپايو. حضرت ڏاڏي آدم کي بھشت ۾ ھزارھا نعمتن ھوندي به رفيق حيات جي ضرورت محسوس ٿي. اھڙيءَ طرح دنيا جي تختيءَ ۽ ھستيءَ تي اھڙي ڪا به شيءِ ڪانھي جا اڪيلي پاڻ ڀري ھجي. ”ھڪ ھٿ سان تاڙي، ھرگز نٿي وڄي.“
اھڙيءَ طرح اسان جي ملير، جنھن کي اسين شادباد، باغ و بھار، گلشن و گلزار ڏسون ٿا، ان تي پڻ ”نئي مول“ جون نوازشون ۽ انيڪ احسان آھن.
جھڙيءَ طرح ھڪ ٻار ماءُ کان سواءِ يتيم آھي، اھڙيءَ طرح اسان جي ملير کي به مول جھڙي مھربان ماءُ نه ھجي ھا ته ھوند ھيءَ ملير، ملير نه ھجي ھا. پر ھڪ ويران بر بيابان، روٺ ۽ اٺوٺ راڪ نظر اچي ھا.
”نئي مول“ جنھن جا اسان جي ملير تي وڏا وڙ آھن، سا ڪوھستان کان ڪھندي، دادو ضلع جا ڏونگر ڏوريندي، ٺٽي ضلع جي مڪان گھر بان ۾ پنھنجي سڳيءَ ڀيڻ ”نئي کديجيءَ“ سان نياز ۽ نوڙت مان کينڪار ڀليڪار ڪري ڀاڪرين اچي، پاڻ سان پلوھيندي، خوش قسمت ملڪ ملير جا ڪنارا ڪٿيندي، کيس سرسبز و شاداب ڪندي، سپ وانگر سرندي وڃيو عربي سمنڊ جي بي پناھ ھيبتناڪ ڇولين سان بغلگير ٿئي ٿي. اسان جي ملير، احسان فراموش نه ٿي، پنھنجي پيٽ تي ڦيٿا وجھي ماٺ ڪري ويھي نه رھي، ڳڻ چور نه ٿي، بي وفا نه ٿي، مگر باوفا ٿي پاڻ تان پراڻي احسان لاھڻ خاطر ”نئي مول“ کي پنھنجي مبارڪ نالي سان مشرف ڪيو. ”پنھنجو پٽڪو پاڻ لاھي ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.“
ايڏي وڏي قرباني ڪري احسانمنديءَ جو ثبوت پيش ڪياءِ.
اھو ئي سبب آھي جو ”نئي مول“، جتي ”نئي کديجيءَ“ سان گڏجي ٿي، جنھن جاءِ کي ”ميڙا“ سڏيو وڃي ٿو، اتان کان ھيٺ کيس ملير جھڙي مقدس نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
عام چوڻي آھي ته؛ ”جھڙو ملڪ، تھڙا ماڻھو.“، ”جھڙو ديس، تھڙو ويس.“، ”جھڙو راجا، تھڙي پرجا.“ جھڙي طرح اسان جي ملير پاڻ احسان فراموش نه آھي، تھڙيءَ طرح سندس سٻاجھڙا ۽ سڌاتورا، سدا ملوڪ ماڻھو ۽ نھايت نيڪ ۽ ھردلعزيز، مھمان نواز، سخي ۽ سچا، وڏا مھربان ۽ قدردان آھن، ساڻن ڪو ھڪ وک کڻي ٿو ته ھو ان سان سؤ وکون کڻڻ لاءِ تيار رھن ٿا. ھتي مان ھوند ملير جي مھربان ماڻھن بابت سندن تھذيب ۽ تمدن، ادب ۽ اخلاق، رسم و رواج تي روشني وجھان، مگر مضمون جي طوالت سبب اھو احوال ٻيءَ ڪنھن صحبت ۾ پيش ڪبو.
اسان جي ملير، جا پنھنجي خاصيتن ۽ خوبين جي پاڻ مؤجد ۽ مالڪ آھي سا، ڪنھن تعارف جي محتاج نه آھي. سندس گوناگون گلزار باغ، مٺا ميوا، سايون ۽ تازيون ڀاڄيون، آب زم زم جھڙو مٺو ۽ ٿڌو پاڻي، روح کي راحت ڏيندڙ ھوا (جي اگھن لاءِ علاج، مريضن لاءِ معجون آھن) ملڪان ملڪ مشھور آھن. سندس سير و تفريح لاءِ پري پري جا سياح ۽ ملڪ ملڪ جا ماڻھو ڪوڏ مان ڪھي ائين ايندا آھن، جيئن شمع تي پروانو ۽ پتنگ. اھو ئي سبب آھي، جنھن جي بدولت ملير کي، ڪراچيءَ جو بھشت ڪوٺيو وڃي ٿو. سندس فراخدلي ۽ مھربانين کان متاثر ٿيندي ائين کڻي چئجي ته ملير ڪراچيءَ جي ماءُ آھي ته انھيءَ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. اسان جي ملير کي جيڪي ٻين کان پلئه پيو يا جيڪي ھن پاڻ جفاڪشي ڪري اپايو، اھو ھن ڪڏھن به پنھنجي لاءِ ثمر ڪري نه سانڍيو، مگر مليل خداداد ڏات مان ”تِرُ، تيرھن پتيون“ جي مصداق بخوبي ونڊيو ۽ ورھايو. اوڙي پاڙي واري جي پوري پرگھور لڌي ۽ ڪڏھن به سوالي، خالي نه ڇڏيو. پاڻ کي ساڙي ۽ سڪائي ڇڏيائين، مگر ڪڏھن ڪنھن سان ٻاڙو نه ٻوليائين، نڪي ڪنھن کي ڇڙٻڪ ڏنائين. خاص ڪري ڪراچيءَ سان جيڪي قرب جا ڪاڍا اڀريا اٿس، سي ھڪ جيجل ماءُ جيئن آھي:
”ڀاڳئي جي ڀاڻ، ھر ڪنھن جي ڪاڻ،
جنھن جو ھوندو، ان جو ھاربو.“
اسان جي ملير، جيڪڏھن پنھنجي مليل خدادا ڏات مان ڪراچي سان ڪا ونڊ ورڇ نه ڪري ھا ۽ پاڻيءَ لپ پياري سندس اڃ نه اجھائي ھا ته ھوند، ڪراچيءَ جا ڪونڌر جيئن اڳوڻي دور حڪومت ۾ وزير خوراڪ جي ڪرم فرماين ڪري آمريڪا جي ڪڻڪ کائيندي، آنٽي ۽ پيچش سبب سٿڻون ته ٺھيو پر پاجاما پائڻ به ڀلجي ويا ھئا. (حالانڪ اھو ساجن سڄيءَ سنڌ سان ھو) اسان جا پيارا پاڙيسري ڪراچيءَ جا نازڪ مزاج ماڻھو، ھوند حب نديءَ جو دڪڙ جو پاڻي نوش فرمائيندي گوڏيون ٻڌي گھمندا نظر اچن ھا. اسان جي ملير، جنھن تي اسان کي ھيڏو ناز ۽ فخر آھي، تنھن نه رڳو پنھنجي خداداد ڏات مان اڃين جي اڃ اجھائي، ۽ بکين جي بک لاٿي، يا بي گھرن کي گھر ڏنا، مگر ھن پنھنجي پاڪ مٽيءَ پنوڙي مان اھڙا ته ماڻڪ موتي اپايا ۽ اھڙيون ته بزرگ ھستيون پيدا ڪيون جي، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ روشن تاري وانگر چمڪي اٿيا، جن پنھنجي درس تدريس سان سڄي عالم تان اوندھ جو پردو چاڪ ڪري ڇڏيو.
ان جو زندھ مثال، اڄوڪي مليراين جي محبت ڀري محفل ۽ سامھون ڪرسين تي جلونما اسان جي ملير جا موتي، عالم ۽ فاضل، ممتاز معلم ۽ ھردلعزيز دوست موجود آھن.
اسان جي سامھون رونق افروز ڪچھريءَ جي سرمور بزرگن مان، سواءِ چئن پنجن مھربانن، (ھر ھڪ جناب ايم اي ٽالپر اسسٽنٽ ڊپٽي انسپيڪٽر صاحب، جناب محترم محمد عمر بلوچ رٽائرڊ اسسٽنٽ ڊپٽي انسپيڪٽر صاحب، جناب محترم محمد صديق رند صاحب، جناب محترم ماستر محمد حسين لاسي صاحب، جناب محترم محمد اسماعيل بلوچ وڪيل صاحب، جي اسان جا ھردلعزيز، محترم دوست ۽ معزز مھمان آھن ۽ ڪنھن به تعارف جا محتاج نه آھن، جن پنھنجا لک لک لائق ڪري قرب جا قدم ڀري اسان جي اڱڻ اچي اسان جي ھمت افزائي ڪئي آھي، جنھن لاءِ اسين سمورا مليرائي سندن نھايت ئي مشڪور آھيون.) باقي سمورا جي ھن سھائي ساڻيھ جا سرھا گل آھن، جي ڪنھن به تعارف جا محتاج نه آھن. جن ھن ملڪ ملير کي روشن ڪيو، راھ راست ڏيکاري، انڌن کي اکيون ڏنيون ۽ جھالت جو پردو چاڪ ڪري ڇڏيو. ھنن مردن مجاھدن جي مڪتب ۾ ھر وقت درس جاري ھو. ھنن جي ھٽ تي ھر وکر موجود ھو. ھنن جي ھٽ تي شرافت جو شربت سدائين کليل مٽ ۾ موجود ھوندو ھو. ھنن ڪڏھن به ڪنھن کي رکو منھن ڏيئي چڪي پيارڻ کان چوڙو نه ڪيو، وٽن جيڪو آيو سو اگھيو. ھنن کاھوڙين جي کنڀ جو رنگ بلڪل پڪو ھو، ان ۾ ڪا به ملاوٽ ڪا نه ھئي، جنھن کي ٿي چٽو ڏنائون، اھو ٿي رڱجي ريٽو ٿيو. ھنن جي ھٽ جو شراب، موکيءَ جي سنڌيل مٽن جي شراب کان ھرگز گھٽ نه ھو، جنھن ٿي چکيو، تنھن کي ٿي نينھن جي ناوڪ لڳي.
ھنن شمعدانن جي شمع تي ڪيئي پروانه پچي لال ٿي ويا. ھي ڪي اھڙا سست مالھي نه ھئا جو سندن باغ جو ڪو گل ڪومائجي وڃي، جن گلن کي باغ ارم ۾ پوکيو، سي وڌي وڻ ٿيا ۽ انھن گلن پنھنجي سڳنڌ جھڙي سرھاڻ سان تمام ملڪ معطر ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ ھي جواھر پارا موتي، ھرفن مولا ھئا ۽ سندن شربت ۾ شيريني، رنگ ۾ اصليت، شراب ۾ نينھن جو نشو ۽ سندن مڪتب ۾ محبت جون مٺايون به موجود ھيون، مگر بقول شاھ ڀٽائي گھوٽ جي ته:
وکر ڍيرون ڍير، پر وھائو ويسرا،
ڪني وھائي وس ڪيو، وکر وڏيءَ وير،
ڪني گھمندي سير، وکر وڪامي ويو.
 اھڙي دڪان تان، جنھن تي ھر وکر موجود ھو، جيڪڏھن ڪي ھٿين خالي به ھليا ويا ھوندا يا ايڏي وڏي سرچشمه مان اڃايل اڃيا ئي ويا ھوندا ته پوءِ پڪ سمجھڻ گھرجي ته ھو يا ته انڌا ھئا ۽ بنھ نابين ماءُ پيٽان معذور ھئا يا وڏا بدقسمت ۽ بي نصيب ھئا. سو ڳالھ ٿي ڪيم ته، (تڏھن ٿي ملير مرڪي، جڏھن مول اٿس ماءُ) اھڙي طرح اسين مليرائي به تڏھن ٿا مرڪون ۽ موجون ماڻيون، جڏھن خداوند ڪريم پنھنجي فضل ۽ ڪرم سان اسان کي اھڙيون بزرگ ھستيون پيدا ڪري ڏنيون، جن اسان جي رھنمائي ۽ دستگيري ڪئي. اوندھ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آندو ۽ راھ راست ڏيکاري، جن جي طفيل اڄ اسين ھڪ صحيح انسان جي حيثيت ۾ منھن مٿي ڪري اوچي ڳاٽ ھلڻ جوڳا آھيون.
ور نه، اسين به لويون ڪڇن ۾ ٿر ۾ ڪڇ جا پنڌ پڇائيندا ۽ ڪڇيندا رھون ھا، يا ته وري ڪلري ارھ جي ڪڇي سان ڪيراڳن جا ولر ڪوڪاريندا ڀڻون ھا.
اڄ اسان جون ھي محفلون ۽ مجلسون، ڪچھريون ۽ ڪاميٽيون، جماعتون ۽ انجمنون، تعليم ۽ تربيت، علم ۽ ادب جا چرچا، بر سراقتدار ۽ روزگار ۾ رھڻ جا سمورا سھرا، انھن ملير جي جواھر پارن موتين ۽ ھر محفل جي سرمورن جي سر تي سونھن ٿا. جن جو اسان مليراين جي قسمت ۾ وڏو ھٿ پئي رھيو آھي ۽ اڳتي به خدا ڪري سندن نظر شفقت جو ھٿ اسان جي مٿي تي رھي ۽ کين خداوند ڪريم وڏي عمر ۽ صحت بخشي. آمين.

(نئين زندگي، نومبر ۱۹۵۸، صفحو ۱۲ کان صفحو ۱۴ تائين، تان ٿورن سان کنيل)


No comments:

Post a Comment